* اي خدا جيئن تو اسان کي ديد ڏني آهي ته
شفق ۾ سج جا پويان پاڇاوان ڏسي سگهون ۽
جيئن اسان کي گل جي خوشبو جو احساس0 ڏنو
آهي، ايئن اسان ۾ چڱائيءَ لاءِ پيار به
پيدا ڪيو آهي، چڱائي جا اسان جي اندر مان
اڀري ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي انڌا
آهن، ڪن جون ناسون ٻُٽجي ويون آهن ۽ ڪن جي
سيني ۾ برائي ڪانڊيرن جي جهنگ وانگر اُڀري
آئي آهي. ائين ڇو آهي اي خدا! جڏهن هر
شيءِ جو خالق تون آهين؟
* اي زندگي! تون موت جي ڌيءَ آهين، اُن
کان ڇو ٿي ڊڄين؟
* اي موت! تو ته پهاڙن کي به نه ڇڏيو آهي؛
مان ته انسان آهيان!
* اي سمنڊ! ڇا تون اُن سمنڊ کان وڌيڪ گهرو
آهين جو مون ۾ آهي؟
* اي سج! تون سمنڊ جي ڪناري منهنجن پيرن
کي چنبڙي پيو آهين، پر مان ڇا ڪيان، لهرون
مون کي سڏي رهيون آهن!
* اي تُڇ جهڙا جِيت! جڏهن تون منهنجي پير
هيٺان اتفاق سان اچي وڃين ٿو ته ساري
ڪائنات لرزي وڃي ٿي.
* اي موت! تون مون تي ڪيترو نه مهربان
آهين! تون دَر جي وٿي کولي ڏسين ٿو ته هي
لکڻ ۾ مصروف آهي ۽ پوءِ دٻي پير موٽي وڃين
ٿو، جيئن منهنجو ڌيان توڏانهن نه ڇڪجي. پر
تون اهو نه ڀُل ته مون کي ياد آهي ته مون
مهمان کي ملاقات لاءِ ڪافي ترسايو آهي. پر
مان ڇا ڪيان، هي صفحو اڃا پورو نه ٿيو
آهي!
* اي خدا! مان تنهنجو هڪ گنهگار ٻانهو
آهيان. تو پاڻَ ئي منهنجا زنجير لاهي ڇڏيا
آهن. هاڻي مان جيتري به ڇلانگ لڳايان مون
تي ميار نه آهي.
* آسمان! تو ۾ غارون آهن، جن ۾ منهنجو
آواز گم ٿي وڃي ٿو ۽ ٻي پار پهچي ايڏي
پڙاڏي سان گونجي ٿو، جو پڙاڏي جي پڙاڏي جو
پڙاڏو ڪنهن کي ننڊ ڪرڻ نه ٿو ڏئي ۽ ڪَروبي
پاسا ورائي سوچي رهيا آهن ته خدا ڪنهن
ڪنهن انسان کي رڳو آواز ڇو بڻايو آهي؟
* اڄ هابيل قابيل کي ڇُرو هڻي، پنهنجو
پراڻو پَلئُه چُڪائي رهيو آهي ۽ بهشت
منتظر آهي آدم جو، جنهن مان هن کي ڪيئي
ارب سال اڳ نيڪالي ملي هئي ۽ حوا هن جي
پاسيريء مان پيدا ٿي احساسِ ڪمتريءَ ۾
مبتلا ٿيڻ نٿي چاهي.
* تنهنجو پٽ ڪنعان کان به بُرو آهي ۽ ان ۾
اُها بُرائي تو مان آئي آهي ڇو ته تون نوح
نه آهين ۽ تو ۾ اها برائي تنهنجي پيءُ،
ڏاڏي، پڙڏاڏي، تڙ ڏاڏي مان آئي آهي ۽ ان
جو سلسلو اکٽ آهي. اها ڪٿان شروع ٿي؟ ڇو
ٿِي؟ ان جو ڪوئي جواب نه آهي.
*
اي ازلي حقيقت! مان غالب جي تير نيم ڪش
وانگر نه آهيان ۽ تنهنجي جگر مان پار هليو
ويو آهيان ۽ تون اهو بخوبي ڄاڻين ٿي!
*
اي برهمڻ! اهو قشقو منهنجيءَ پيشانيءَ تي
لڳائيندين ته سج ۽ چنڊ کان وڌيڪ چمڪندو.
* هيءَ دنيا تنهنجو آئينه خانو آهي پر مون
اُن کي ٽوڙي، ان جا ڪروڙين ٽڪرا ڪري وڌا
آهن ۽ هر ٽڪري ۾ تنهنجو ديدار ٿي رهيو
آهي.
* ڇا هو اجنبي گهوڙي سوار اڃا تائين گهوڙو
جهلي بيٺو آهي؟ اُن کي چَؤُ ته ڪجهه وقت
کان پوءِ موٽي اچي؛ مان اڃا سفر لاءِ تيار
نه آهيان.
* تو ڏٺو ته خدا منهنجيءَ گهٽيءَ ۾ فانوس
جلائي رهيو هو؟
* ازل کان منهنجي درگاهه تي ڌمال وڄي رهي
آهي، رڳو تو نه ٻڌي آهي!
* مون خُدا کي ڄامشوري ۾ انسان جي جامي ۾
ڏٺو هو.
* اي خدا! مون جنهن به انسان اڳيان سر
جهڪايو آهي، هن کي تُنهنجو پاڇو سمجهي،
جهڪايو آهي.
* تون پڇين ٿو ته ”خدا ڇا آهي؟“ ۽ مان
پڇان ٿو ته ”خدا ڇا نه آهي؟“ ٿي سگهي ٿو
ته اسان ٻئي ساڳيا سوال پڇندا هجون، ٿي
سگهي ٿو ته اهي ٻه الڳ سوال هجن.
* تون، تون آهين، هوُ هوُ آهي، جيستائين
تون وحدت الوجودي نه آهين!
* ڪي دارا شڪوهه وانگر پيرا ڇڏي ٿا وڃن ۽
ڪي اورنگزيب وانگر. نيٺ سڀ پيرا طوفان ۾
ڍڪجي وڃن ٿا.
* بايزيد بسطاميءَ ڪنهن کي چيو: ”جي موت
آهي ته تون نه آهين، جي تون آهين ته موت
نه آهي. لطف ته ان ۾ آهي ته تون ۽ موت ٻئي
گڏ هجو.“
* زندگيءَ جو چيچڙو الائي ڪيتريون صديون
ڪنهن بلاول جو انتظار ڪندو آهي!
* حياتي موت کي ختم ڪري سگهي ٿي، موت
حياتيءَ کي ختم نه ٿو ڪري سگهي.
* ڇا ماضي، حال ۽ مستقبل هڪ هنڌ آهن ۽ هي
وقت جي رواني فقط نظر جو فريب آهي؟
* جيئن خلا ۾ وقت بيهجي ويندو آهي، تيئن
مون وٽ وقت بيهجي ويو آهي. مان ڌرتيءَ جي
مدار کان ٻاهر نڪري چُڪو آهيان.
* دانائيءَ جي انتها نادانيءَ جو احساس
آهي.
* شبليءَ منصور حلاج کي گل ڏنا، مون هُن
کي مُرڪي ڏٺو. هُن اهي گلَ پَٿَر سمجهي
لنوائي ڇڏيا ۽ هن جي اکين منهنجيءَ مرڪ
مان گل ڇنا، جي اڃا تائين هن سان آهن ۽
مرجهايا نه آهن.
* اي غالب! جي نمرود جي خدائيءَ ۾ تنهنجو
ئي ڀَلو نه ٿيو، ته مان بندگي ڇا لاءِ
ڪيان؟
* اي ابابيلو! اوهان اڃا ڪنڪر ڪٺا ڪندا ٿا
رهو! اغيار جو لشڪر وڌندو ٿو وڃي ۽ مان
اوهان ڏانهن تاڙي رهيو آهيان.
* بيدل دهلوي! هي تو ڇا چيو هو ته:
”تون آئيني جي دروازي کان ٻاهر آهين!“
* علامه محمود شبستري ”گلشنِ راز“ ۾ چيو
آهي ته ”جيڪڏهن سج کي اکين سان گهوربو ته
اکين ۾ اونده اچي ويندي پر انهيءَ سج جو
پاڇو پاڻيءَ ۾ ڏسبو، ته جيتوڻيڪ اسان سج
کي ڏسي نه سگهنداسين پر ان جي ڪيفيت ذهن ۾
پيدا ٿيندي.“
* فيروز شاهه تغلق! تو جڏهن اباحتي ۽
مهدوي قتل ٿي ڪرايا تڏهن موت تنهنجي پٺيان
جلاد جيئن بيٺو هيو، جيتوڻيڪ هن جو هٿ
مياڻ تائين نه پهتو هو.
* چڱو به مرڻو آهي جيئن برو مرڻو آهي ۽
نيٺ قاتل جي هٿ مان خنجر ڪري پوڻو آهي.
هيءَ حوا پنهنجا وار ڇو پَٽي رهي آهي؟ اهو
ڇو نه ٿي سمجهي ته موت جهڙو معاون ٻيو
ڪوبه نه آهي ۽ هو ڪيتري صبر سان انتظار
ڪري ٿو، مظلوم کان وڌيڪ ظالم لاءِ!
* ماڻهو ڪيڏو نه نِرڄو آهي! هو چنگيز ۽
هلاڪوءَ جي موت کان پوءِ به نه سمجهي
سگهيو آهي ته هر ڪنهن جو انت ساڳي کَڏ
آهي! جڏهن هو اَنڌ جي گهوڙي تي سوار آهي
ته هُن جون اکيون ڌرتيءَ ڏانهن هيٺ نه
ٿيون ڏسن!
* موت نه حلاليءَ کي ڇڏي ٿو، نه حراميءَ
کي، موت جو خود نه حلالي آهي نه حرامي ۽
جنهن جو پيءُ اڃا تائين لاپته آهي!
* هي منهنجو هٿ مستقبل جو هٿ آهي، تقدير
جو هٿ آهي، مشيتِ ايزديءَ جو هٿ آهي،
ٻارڙا تون ان جي چيچ کي پڪڙي ٿو سگهين!
* منصور حلاج! جي تون منهنجو همعصر هجين
ها ته تون به مون کي پٿر هڻين ها.
* سرمد! هٽي وڃ! ڇڏ ته مان تنهنجيءَ
اَڏيءَ تي سِرُ رکان! تولاءِ ته هڪ
اورنگزيب هو، مون لاءِ سَوين آهن.
* شاهه عنايت هر شهيد مقتول ٿيندو آهي، هر
مقتول شهيد نه ٿيندو آهي.
* زندگي تير جيان هڪ هنڌ بيٺي به آهي،
اُڏامي به رهي آهي!
* هان هي خدا جو ثبوت! هي پوپٽ، جنهنکي
مون ٽانگر جي گل تان پڪڙيو آهي!
* سمنڊ تي سج لهندي چيو: ”مان غروب ٿي
رهيو آهيان. مون سان گڏ هلندين“ مون جواب
ڏنو: ”مون ۾ هڪ ٻيو به سج آهي جو اڃا نصف
النهار تي آهي. مان انهيءَ سان گڏ آهيان“.
* مون جمنا جي ڇولين کان پڇيو: ”رام تيرٿ
اوهان ۾ ڇا ڏٺو هو جو اوهان ۾ ٽپو ڏنو
هئائين؟“ ڇولين مون ڏانهن ڪنڌ ورائي نه
ڏٺو ۽ وينديون رهيون!
* درياه! جي چنڊ توکان رُسي ويندو ته
تنهنجي وهڪري ۾ ڇا ڪوئي ڦيرو اچي ويندو؟
* ڇا نوح جي ٻيڙي ۾ ڪوئي شاعر به هو؟ جي
نه هجي ها ته پکي ايترو وقت انسان سان گڏ
گذر ڪيئن ڪري سگهن ها؟
* ”من عرف نفسہ فقہ عرف ربہ“ يعني جو
خودشناس آهي سو حقيقت شناس آهي.
* تون ته هن سَراءِ تي ئي قبضو ڪري ويٺو
آهين! ڇا توکان وسري ويو آهي ته توکي فقط
رين بسيري جي اجازت آهي؟
* هرڻ کي ڀريل واٽهڙيءَ تي ڏسي توکي
آواگوَن جي ايرکا نه ٿي آهي؟
* پاڻي تي لهندي سج چيو، ”مان توکي ابدي
زندگي عطا ڪيان؟“ ندي مرڪندي وهندي رهي.
* ڀٽائيءَ تهجد جو سجدو ڪيو. هن کي اهو سج
نظر نه آيو، جو هُن جي نرڙ ۾ ٻري رهيو هو؟
* تون دهريو آهين، توکي ان تي غصو ٿو اچي
ته مان وحدانيت ۾ اعتبار ڇو ٿو ڪيان! مان
ته رڳو اهو سوچي رهيو آهيان ته ڪاٺ ڪُٽي
کي، جنهن جا رنگ شفق کان سهڻا آهن، خدا
کان سواءِ ٻيو ڪير بڻائي ٿو سگهي؟
* ڇا تو پاڻ ڏٺو هو ته توکي فلاڻيءَ ماءُ
ڄڻيو هو؟ جي نه، ته پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين
ته تون فلاڻيءَ ماءُ جو پُٽ آهين؟ هيءَ
ڪائنات به خدا ائين خلقي آهي پر اُن جي
اکين ڏٺي ثابتي ناممڪن آهي.
* تون ڄاڻڻ ٿو چاهين ته زندگي ڇا آهي ۽
مان ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته موت ڇا آهي؟ ڇا
اسان ٻئي ساڳي تلاش نه ڪري رهيا آهيون؟
* خدا جي دڳ تي ڪيڏا نه ڪنڊا آهن ۽ مون کي
جُتي به نه آهي!
* اي ڪاش! مان تنهنجي جُتي هجان ها! تون
ڪهڙيءَ گهٽيءَ مان گهمي آيو آهين جو
تنهنجا پير ائين کڄي رهيا آهن، ڄڻ وک وک
تي گلاب جا گل ڦُٽي رهيا آهن!
* تون جنهن سفر ۾ آهين، جي منهنجيءَ کل
مان جُتي ٺاهي سگهين ته مان تنهنجو
احسانمند رهندس.
* سرمد مسجد جي مينارن کي چيو: ”جاڳو
اوهان گهڻي ننڊ ڪئي آهي ۽ چنڊ اوهان جو
انتظار ڪري موٽي رهيو آهي.“
* ڇا منهنجو رمضان سڄي عمر رهيو آهي؟ ڇا
هيءَ پهرين عيد آهي ۽ تون هلال وانگر نظر
اچي رهيو آهين؟
* اچ! سومهياڻيءَ جي بانگ اچي رهي آهي ۽
تو اڃا منصور وانگر پنهنجي رت سان وضو نه
ڪيو آهي.
* هر شام جو هيءَ ڪنهنجي صداءِ ناقوس اچي
رهي آهي؟ مان ڪيستائين پنهنجو ڪوچُ ملتوي
ڪندو رهندس؟
* مون ڪارڊيو وئسڪيولر انسٽي ٽيوٽ ۾ هڪ
دوست ڊاڪٽر سان سرگوشي ڪندي، پڇيو ”ڊاڪٽر!
ٻڌاءِ ته هتان جا گهڻا ڊاڪٽر دل جي
بيماريءَ ۾ مُئا آهن.“
چيائين ته ”اهو رڳو توکي ٿو ٻڌايان، پنج
ڊاڪٽر مري چڪا آهن. انهن مان هڪڙي ته
اينجو گرافي ڪرائي سرٽيفڪيٽ ورتو هو ته
هُن کي ڪجهه به نه آهي. هتان اڃا فريئر
هال تائين مس پهتو ته هن کي دل جو دؤرو
پيو ۽ مَري ويو.“
* تون لوح و قلم کي نه ٿو مڃين؟ تنهن جو
علاج به تڏهن ڪامياب ٿيندو، جڏهن اُن جي
ڪاميابي لوح محفوظ ۾ هوندي. جي تون مون کي
وهمي ٿو سمجهين ته تنهنجي اها سمجهه به اڳ
ئي لوح محفوظ ۾ آهي.
* ڇا بنياد پرست بلهي شاهه ۽ باهوءَ، سچل
سرمست ۽ شاهه لطيف کي مٽائي سگهندا يا
بُلهي شاهه ۽ ٻيا بنياد پرستن جا بيناد
ڪڍي وجهندا؟
* جي-ايم
سيد انهيءَ ۾ بلڪل صحيح آهي ته پاڪستان جي
بهترين سياست تصوف آهي.
* هي ڪفن ۾ ڍڪي ڪنهن کي کڻي ويا آهن؟ مان
ته پنهنجي جنازي نماز ۾ نمازين جي پهرين
صف ۾ بيٺو آهيان.
* اي خدا! تون هن جيت ۾ ڪيترو ننڍو نظر
اچي رهيو آهين!
*
هُن نرس جو نالو ائگنيس هو ۽ هوءَ گفتگو ۾
ايترو نرم هئي جو جڏهن مون هن کي چتائي
ڏٺو ته رڍ جي بَج ۾ ڍڪجي وئي. ڄڻ هو بهو
ڪرست ٿي لڳي!
* مان بپتسمي وارو جان نه آهيان. مان هن
کان گهڻو اڳ ۾ ڄايو هوس جيتوڻيڪ پاڻيءَ تي
سج کي ڏسي مان اڃا تائين اُن جي حمد و ثنا
ڪيان ٿو.
* ڪيڏي نه خوش نصيب آهي صليب، جنهن تي
تون مسيح کي چاڙهي رهيو آهين؟
* ڇا تو اهو ڏِٺو ته ميري ماجدلين جي هر
ڳوڙهي ۾ شام جو سج ٽپڪي رهيو هو؟
* جنهن کي شهادت جو شوق هوندو آهي، اُن کي
شهادت لنوائيندي اهي. ها خودڪشيءَ جي ٻي
ڳالهه آهي.
* ڇا مان ڪارونجهر تي بيهي ”رب اَرني“ ٻڌي
نه ٿو سگهان؟ ڇا آهي لفظ رڳو ڪنهن خاص
پهاڙ تي ٻُڌي سگهجن ٿا؟
* هو ڇو ٿا ڏسڻ چاهن اُهي گهٽ ڳاڙها شعاع،
گاما شعاع ۽ تابڪاري ڪرڻا جي (ڪائنات) ۾
پيهي وڃن ٿا؟ مشتري ۽ زهره تائين ڇو ٿا
وڃڻ چاهن؟ هو اهي پراسرار شيون ڪُئاسر،
پُلسر ۽ ڪارا سوراخ ڇو ٿا ڏسڻ چاهن؟ هو ڇو
ڄاڻڻ چاهن ٿا ته ڪائنات ڪڏهن شروع ٿي؟ اها
ڪيتري جهوني آهي؟ ٻئي ڪنهن هنڌ به زندگي
آهي ڇا؟؟
انسان جي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ! ڇا انسان سڀ
ڪجهه ڄاڻي سگهندو؟ هو اِن تي اَرب ڊالر ڇو
وڃائي رهيا آهن؟ انسان سڀ ڪجهه ڄاڻي به ته
ڇا، نه ڄاڻي به ته ڇا؟ ڇا هو رابيل جو گل
ٺاهي سگهندو؟ هي سنسار ڪيترو نه اکٽ آهي،
اٿاهه آهي، اَسَنڀو آهي؟ پهرين ته اهو
حاصل ڪيون ته ڪنهن به اک مان ڳوڙها نه وهن
۽ هر ڪنهن چپ تي مُرڪ هجي.
پيار سڀ کان وڏي ڳالهه آهي. جي تون
ڪنهن جي موت تي سڏڪا نه ڀَري سگهين، جي
تُنهنجي دل وڇوڙي جي اَتِي دُک سان نه
ڀرجي اَچي ته تو سڀ ڄاڻي به ڪجهه نه پاتو.
موت کان فرار ناممڪن آهي ۽ زندگي جو وڏي ۾
وڏو سهارو پيار آهي.
* موت کي خوف سان نه ڏس، محبت سان ڏِس!
* تون زندگيءَ کي ته خوف سان ڏسي سگهين
ٿو، پر موت کي خوف سان ڏسڻ لاءِ ڪوئي سبب
نه آهي.
* اي خدا! مون سڄي عمر تنهنجي وجود تي غور
ڪيو آهي. هاڻي جي مان چوان ٿو ته تون آهين
ته تون ضرور هوندين! هي ليار جا ڳاڙها گل،
تُنهنجا اکين ڏٺا شاهد آهن، بسنت جي هير
توکي ڇُهي ڏٺو آهي ۽ اُهي نرم رخسار جي
آسمان ۾ ڪڪر ٿي وڃن ٿا، تنهنجا ئي آهن،
توکي ڪا ئي شڪل صورت نه آهي ۽ پوءِ به
هيءَ ڪائنات تنهنجو آئينو آهي، آئينو جو
ٽُٽي نه ٿو ٽٽي ۽ جنهن تي ڪنهن به دهرئي
جا پٿر پهچي نه ٿا پهچن!
* شڪارپور ۾ ايتريون سنهيون گهٽيون نه
هيون، جيترا خُدا ڏانهن رستا آهن ۽ نه وري
ٺٽي ۾ ايترا محلا هيا جيترا هُن ڏانهن
رَستا ڊهي چُڪا آهن.
* رمضان جو مهينو آهي. جهونجهڪڙي ۾ رجنيش
جو آڊيوڪيسٽ به هلائي نه ٿو سگهان ته
پاڙيسري هندي ٻولي ٻڌي ڇرڪي نه وڃن ۽ ائين
نه چون ته تون ههڙي رحمت جي مهيني ۾ هڪ
ڪافر کي ٻُڌي رهيو آهين، جيتوڻيڪ هن جهڙا
مومن ورلي ٿيا آهن.
* خدا ڏانهن سڀ کان سڌو رستو بيماريءَ جو
بسترو آهي جي انسان اُن کي صحتياب ٿي ڇڏي
ٿو.
* 4 اپريل 92 (30 رمضان المبارڪ)
اڄ ناشتو کائي، معمول موجب سمهي پيس.
جاڳڻ کان اڳ مون هڪ عجيب خواب ڏٺو. هوءَ
منهنجي کٽ تي جيئري جاڳندي ويٺي هئي. مون
کي ان وقت اهو خيال نه آيو ته هن کي ڪيئي
سال مُئي ٿيا آهن. هوءَ مونکي پُٺ ڏئي
ويٺي هئي ۽ زرينا سان حال احوال ڏئي رهي
هئي. مون هن جي وارن، پُٺن ۽ ڪرنگهي تي هٿ
گهمايو ته هوءَ زرينا جي موجودگيءَ جو
لحاظ رکي ڪجهه سُري، ويٺي. پوءِ مون هن
کان پڇيو ”ايترا سال تون ڪٿي هئينءَ؟“ هن
ڪنهن ڏور ڏيهه جو نالو ٻڌايو جو ياد نه ٿو
اچي. وري ٻي ڏينهن مون کي ٻي جاءِ ۾ نظر
آئي. اُتي ٻيو ڪوبه ڪونه هو. ڪجهه ڳالهيون
ڪيائين جي ياد نٿيون اچن. پوءِ چيائين ته
”هلون“. مون جواب ڏنو ”ڀلي“
ايتري ۾ منهنجي اک کُلي وئي. مان ڏاڍو
خوش هوس ڄڻ هوءَ اڃا پلنگ تي ويٺي هئي.
مون هن کي پنج سال اڳ سکر ۾ ننڊ ۾ ڏٺو هو.
هو سُسي، هڪ روشنيءَ جي پاڇي ۾ سمائجي وئي
هئي ۽ اهو پاڇو مون سان رقص ڪري رهيو هو،
جيستائين جاڳ ٿي وئي هلي هئي. تڏهن به
جاڳي مان ڪافي خوش هوس. اهو رات جو پويون
پهر هو ۽ مون کي ننڊ نه آئي هئي؟
اِهي پنج سال هوءَ ڪٿي هئي؟ يا پنج سال
هن اننت ياترا ۾ پل به نه آهن يا اهو وهم
۽ دماغ جي توڙ جوڙ آهي، پر جي ائين آهي ته
دماغ اِها توڙ جوڙ ڪيئن ٿو ڪري؟ فرائڊ ۽
ائڊلر ته ان جو جواب ڏئي نٿا سگهن! ها
جُنگ ڪجهه ڌُڪا هنيا آهن. جي جُنگ صحيح
آهي ته مون کي ترت وڃڻو آهي. ڪيڏانهن؟
ڪيئن چئجي!
ڇا اهو سُک جو سنسار آهي جئن ننڊ ۾ نظر
پئي آيو؟ ڇا ان خواب جي سمجهاڻي دهريا ڏئي
سگهن ٿا، دهريا جن کي اهو مسلسل خوف هوندو
آهي. ته ڪٿي مماتيءَ کان پوءِ حياتي نڪري
نه پوي!
* ”دم ماڻ لي رنگ رليان ڪوئي“
(ماڌو لال حسين)
* شاهه حسين جو مٿيون ڪئسيٽ هلي رهيو آهي
۽ مان پنهنجي عمر تي سوچي رهيو آهيان جو
وير وانگر لهي چُڪي آهي. ڪيتريون نه رنگ
رَليون ماڻيون آهن مون! هاڻي ته رڳو انهن
جي سار رهجي وئي آهي!
ڇا مون عمر اجائي وڃائي آهي يا اهي
رَنگ رليون ضروري هيون ۽ انهن کانسواءِ
منهنجي شاعريءَ جي تڪميل نه ٿي سگهي ها؟
پر ڇا منهنجي شاعريءَ جي تڪميل منهنجي
زندگيءَ جي تڪميل آهي؟ ائين ته نه آهي ته
شاعريءَ جي تڪميل به انهن رنگ رلين جو حصو
آهي؟ شاهه حسين شايد شاعر جي حيثيت ۾
منهنجي ڀيٽ ۾ ننڍو هو پر انسان ته مون کان
وڏو هو! يا...! هائو، هائو هوُ انسان وڏو
هو، مان پنهنجي پاڻ ۾ جهاتي پائي ٿو ڏسان
۽ ندامت کان ڪَنڌ جهُڪي ٿو وڃي.
* چون ٿا ته توکي خدا جي تلاش آهي. ائين
ته نه آهي ته اها تلاش خدا جو ٻيو نالو
آهي؟
* مون ڪاهوءَ جي دڙي تي هڪ پراڻي سڪي کي
ڏسي سوچيو ته اُهو ڪنهن ڪنهن جي هٿ ۾ رهيو
هو؟
*
غالب! ڇا واقعي موت قيد – حيات ۽ بند – غم
مان نجات آهي يا اُن قيد ۽ بَند جي ٻي
شروعات آهي؟
* اي موت! تو ڪيئي ڀيرا مون کي پريان سلام
ڪيو آهي. مون سان هٿ ڪڏهن ملائيندين؟
* اي موت! ڇا تون ٻج جو موت آڻي ٿو سگهين؟
ٻج جو موت ته وڻ جي پيدائش ٿيندو آهي؟
* ڪنهن جي موت تي خوش نه ٿيءُ! تنهنجو
وارو به اچڻو آهي.
* سازشي! ڇا توکي خبر آهي ته موت سڀ کان
وڏو سازشي آهي؟
* ڇا توکي خبر آهي ته ڪريملن ۾ اسٽالن جو
لاش هن جي قبر مان ڪڍي ٻي هنڌ ڦٽي ڪري آيا
ها ۽ هاڻي شايد لينن جو وارو آهي.
* جي تون موت جي حقيقت نه سمجهي سگهيو
آهين ته زندگيءَ جي حقيقت ڪيئن سمجهي
سگهندين؟
* قبر لُڇي رهي هئي ته ”ههڙي غليظ انسان
کي مون ۾ ڇا لاءِ پوريو ويو آهي؟ مون ڪهڙو
ڏوهه ڪيو آهي؟“
* توکي اعتراض آهي ته مان موت کي ڇو ٿو
ياد ڪريان. ڇا تنهنجي اِئين نه ڪرڻ سان
موت تو تان ٽري ويندو!
* ڪوئي جهرڪيءَ جو آکيرو ڊاهيندو آهي ته
عرشِ معليٰ لُڏي ويندو آهي. تون ته
ماڻهوءَ جو گهر ڊاهي رهيو آهين!
* ماڻهو ڄمي ته فرشتي وانگر ٿو، پر ڪڏهن
ڪڏهن هو وڏو ٿي بگهڙ ڇو ٿو ٿئي؟ اڃا چئين
ٿو ته اڳيون جنم نه آهي!
* مان هن جي ڪُک مان ٻيهر جنم وٺندس، مان
اڳيئي پنهنجي ماءُ چونڊي ڇڏي آهي؟
* مان ڏسي رهيو آهيان ته ڪوئي چيٿاڙجي
ويو. اڳتي وڃي ڏسان ته هوُ ڪير آهي؟ اڙي
هي لاش ته انهيءَ شخص جو آهي، جنهنجو چهرو
مون کي اڃا تائين حسد سان گهوُري رهيو
آهي.
* توکي منهنجي چهري کان نفرت هئي، مون کي
تُنهنجي چهري کان نفرت هئي. آخر ائين ڇو؟
اسان هڪٻئي سان ڪڏهن اٽڪيا به نه هُياسين؟
* اڳتي ته نيٺ ڪٿي گڏباسين پر هاڻي ته
هِتان هلُ!
* ميان! تون ته مرحوم ٿي چڪو آهين! پنهنجي
ايصال و ثواب لاءِ ته ڪجهه ڪَر!
* توکي موت ٻِلي وانگر گهوري رهيو آهي ۽
تون ڪبوتر وانگر اکيون ٻوٽي ويٺو آهين!
* وَڃ، وَڃ! هاڻي ڇو آيو آهين؟ هاڻي ته
مينهَن وَسِي تنهنجا پيرا به مِٽائي ڇڏيا
آهن!
* مون جڏهن به ڪُتي کي مانيءَ ٽڪر ڦٽي ڪيو
آهي تڏهن هن جي اکين ۾ به احسان جي لهر
ڏٺي آهي. اي اشرف المخلوقات جا پُٽ! تون
ڪُتي کان به پري آهين!
* ڪيڏو نه کوٽ، ڪپت ۽ دولاب آهي تو ۾!
بارَ اَباس! ڪيڏي نه ٺڳي ڪئي آهي تو ڪرست
سان! چنڊ صليب تان هن جا لٽڪندڙ پير چمي
رهيو آهي ۽ ميري ماجدلين کي ٿڪجي ننڊ اچي
وئي آهي. تون ڪيستائين ڀڄندين بار اَباس،
موت تولاءِ صليب ۾ ڪوڪا ٺوڪي رهيو آهي،
ڪوڪا ٺوڪي چڪو آهي!
* مان تنهنجي موت جو عيني شاهد آهيان. اڃا
ته قبر به نه کوٽي اٿائون، منڪر نڪير کي
به سُڌ نه آهي.
* چُرٽا! تون ايڏو چُپ آهين جو تنهنجي سُڌ
ڪراماً ڪاتبين کي به نه آهي.
* تون ته اڃا ٻار وانگر واريءَ تي بانبڙا
پائي هيو آهين! اڳتي ڪيڏو نه گهرو سمنڊ
گجي رهيو آهي؟
* جي عقل ۾ اعتبار ڪندا ها، سي تالان
والان ٿي ويا! ڇا توکي ٽين اک آهي؟ ٻِن
اکين وارا ته پنهنجي هار مڃي چڪا آهن؟
* هي تنهنجيءَ پيشانيءَ تي ڇا آهي؟ ڇا هي
ڪائي ڪشتي آهي، جنهن تي ڪوئي آفتاب اُڀري
رهيو آهي؟
* ڇا پنهنجي همسفر جو موت نه ڏٺئه؟ پنڌ
گهڻو نه آهي. توکي به ٻيءَ اسٽيشن تي لهڻو
آهي.
* خدا جو ثبوت گهُرجيئي؟ آءُ هن جي صورت
ڏس! ڇا خدا کان سواءِ ڪوئي هِن کي ٺاهي
سگهي ها!
* جنهن کي ڪافر واري جذبات آهي، اُهو ان
کان بُرو آهي، جنهن کي ڪافر وارا خيالات
آهن.
* تون خدا کان ته نه ٿو ڊڄين. اُنهيءَ
جهنم کان ته ڊڄ جو تو ۾ ٻري رهيو آهي!
*
تون حضرت يونس نه آهين ته وِيسَر مڇي توکي
وات مان اوڳاڇي ڪڍي ۽ تون بچي وڃين! تون
ته ائين چٻاڙجي ويندين جو تنهنجي هَڏي به
نه بچندي.
* تو بهشت جي دروازي ۾ ايترا سَل ڪيا آهن
جو اُهو دروازو دروازو نه رهيو آهي.
* اڄ! پوئين سج سان گڏ تلاءَ ۾ ٽُٻي ڏي!
شايد تون رات جي اِسرار کي پائي سگهين!
* تو کي نمرود جي خدائي ته آهي پر مون کي
يقين آهي ته بندگيءَ ۾ منهنجو ڀلو ٿيندو.
* صوفيءَ هڪ ٽنگ تي بيهي سڄي رات عبادت
ڪئي، موهن جي دڙي واري نچڻي ساري رات هڪ
ٽنگ تي نچي. ٻنهي مان ڪير چڱو هو؟
* راوڻ رام کي چيو: ”اهو مَت – هِيڻ ۽
مورک تون ئي هئين جو سيتا کي جهنگ ۾
جٽائوءَ جي سهاري اڪيلو ڇڏي وئين!
ڳَهيلاجنهن به توکي بنواس ڏنو آهي، ٺيڪ
ئي ڪيو اهي. اهو پُنيه آتما آهي.
* هي ٻار جو تنهنجيءَ جهوليءَ ۾ ڪُڏڪيون
کائي رهيو آهي، ان کان وڌيڪ خدا جي ثابتي
توکي ڪهڙي گهرجي؟
* هو پوڙهو ائين مَري ويو جيئن ڀت تان
ڪِرڙي ڪري پوندي آهي ته ساڻي ٿي مري ويندي
آهي.
* خدا ته ٿر کان گهڻو وشال آهي، پوءِ به
واريءَ جي هر ڪَڻي ۾ آهي!
* واريءَ جي ڪَڻي ۾ پيهي ڏس ته توتي ساري
سنسار جو راز پڌرو ٿي پوي!
* علم؟ ڪهڙو علم؟ ڇا توکي معلوم آهي ته
ڇيلڙي ۽ ماڻهوءَ جي ٻار ۾ ساڳيو ساهه آهي؟
ڇا تون ڄاڻين ٿو ته نِم جا پن ستارن سان
ڇا ڳالهائيندا آهن؟
* اَزل کان اَبد تائين سڀ ڪُجهه روان دوان
آهي؟ يا سڀ ڪجهه بيٺو آهي؟ هي وڻ، هي پکي
جي اُنهن ۾ ٻولي رهيا آهن ۽ اُن ۾ ميوو
ٽُڪي رهيا آهن، هي جَر جو وهي رهيو آهي،
هي استري جا نيسر هيٺان وِهنجِي رهي آهي،
سڀ صدين کان اِتيئي آهن، اِتي ئي رهندا ۽
رڳو منهنجي نظر دوکو کائي، اِهي سڀ وِڃائي
وِهندي؟
* ڇا زمان ۽ مڪان حقيقت آهن؟ ته پوءِ باقي
ڪوڙ ڇا آهي؟
* جيڪو آهي به ڪونه، اُن کي نه مڃرائڻ
لاءِ تون ايڏي محنت ڇو ٿو ڪرين؟
* ميان! تون ته مري چڪو آهين. رڳو توکي
خبر نه آهي ۽ نه ڪڏهن پوندي!
* اي خدا دُشمن رهزن! تنهنجيءَ زندگيءَ جي
مشاهدي ته مون ۾ خُدا دوستي پيدا ڪئي! مان
تنهنجو ٿورائتو آهيان!
* موت! تون حرير ۽ ديبا وانگر آهين. تون
مون درويش ڏانهن ايندين؟
* موت! مان توکي هٿ لائي ڏسان؟
* ون ڌرتيءَ تان پکين جا ڪيترا نه پَرَ
ڪَٺا ڪيا آهن ۽ هاڻي اِهي ٻولڙيون ڳولي
رهيو آهيان، جن سان انهن پَرن ساٿ ڏنو هو.
* اي خدا! هي ڪِئلي جا ٻِرَ ڏانهن ڊوڙي
رهي آهي، اِن کي ڪيئن خبر پئي ته بادل وسڻ
وارا آهن؟
* اي خدا! ڇا تون مون کي پنهنجي زندگي
موٽائي ڏيندين! مون دل ۾ ٻيو ڪجهه سٽيو
آهي.
* اي شمس تبريزي! سج کي ايڏو به نه گهور
ته پنهنجي بينائي وڃائي ويهين!
* اي ”بيدل“! اچ ته عشق جي پوئينءَ
چاڙهيءَ تي چڙهون ۽ ڏسون ته اڳتي ڇا آهي!
اکر ته پهرين چاڙهيءَ کان اڳتي چڙهي نه ٿا
سگهن!
* اي گل! جيترو ٽِڙندين، اوترو فنا جي
وڌيڪ ويجهو ويندين.
* هي ساري ڪائنات فنا جي مُٺ ۾ ئي ته آهي!
تو ڪڏهن اها مُٺ کولي ڏٺي آهي؟
* اي کنوڻ! تون مون تي کِلي رهين آهين!
پنهنجيءَ حياتيءَ جو پتو اَٿي ته ڪيتري
آهي؟
* اي بيچئن من! توکي ڇا ٿيو آهي؟ تون ساري
ساري رات ٿو جاڳين ۽ توکي وهم ٿي پيو آهي
ته جي توکي اک لڳي وئي ته اُها نه پٽبي!
* اي صحراءِ سنڌ جي خاموشي! تنهنجو هر
لمحو عصر جي اذان وانگر آهي!
* نانڪ! ڇا ڪنهنجي ڪڻاهه پرساد ۾ هو چنڊ ۽
ستارا به شريڪ آهن!
* شڪي شرمندو ٿي موٽي آيو آهين، فقط اَرَڙ
جو زوڪاٽ ٻُڌي! مون ته توکي جهليو ٿي ته
اڳتي نه وڃِ، تقدير توکي ڇڪي رهي آهي!
* ”تمر!“ ڀٽائيءَ چيو: ”تون ڪهڙي ڀِٽَ
لنوائي ڪهڙي لنوائيندين، موت ته هر هنڌ
لِڪو ويٺو آهي“؟
* ڊاڪوءَ کان ڊڄين ٿو؟ وڏي ۾ وڏو ڊاڪو ته
تنهنجي اندر آهي جو توکان هر وقت هڪ گهڙي
کسي رهيو آهي.
* لوهر جي ڪارائي، واهولو، روات، پٽاس،
هَٿوڙو، بَرمون وغيره سڀ پَٽ تي پيا آهن.
ڌنوڻي ڦوڪجي رهي آهي ۽ ٽانڊا ٻري رهيا
آهن. اوچتو هو ٽانڊن ڀرسان ڪري پوي ٿو.
هُن جي دل بيهجي وڃي ٿي. ڌنوڻيءَ مان هوا
آهستي آهستي نڪري رهي آهي، ڄڻ زندگي موت
تي ٿڌا ساهه ڀري رهي آهي.
ڪير چئي ته اِها ڌنوڻي ٻيهر ڪير
ڦوڪيندو؟ ڄڻ ته اهي اوزار اوسي پاسي ڪنهن
هَٿ لاءِ نهاري رهيا آهن ۽ سوچي رهيا آهن:
”ڇا ڪوئي اسان کي ٻيهر ڇُهندو يا هي ٽانڊا
وسامي رک ٿي ويندا؟ ڪيئن چئجي؟“
* هي پُتليون ناٽڪ گهرجي رنگ ڀوميءَ ۾
رهيون پيون آهن. ڏوري مداريءَ جي هٿ ۾
آهي. اوچتو هڪ پتلي جي هٿ ۾ جا ڪاٺ جي
ڪٽاري آهي اها ڪٽاري ٻيءَ جي ڪنڌ تي زور
سان لڳي ٿي ۽ اُن جو ڪنڌ ٽُٽي پوي ٿو.
مداري جيستائين اهو ڪنڌ ٽٽل پتليءَ جي
ڪلهن تي ڳنڍي تيستائين تماشو بند ڪري ڇڏي
ٿو. ائين اڳي به ٿيو هو. ڪنهن وقت به ٿي
سگهي ٿو. تماشو هلندو رهندو. پُتليون،
ناٽڪ، گهر، رنگ ڀومي کِڻ ڀَنگ به آهن ته
جٽائون به آهن.
تماشو مهمليءَ کان پوءِ وري شروع ٿي
وڃي ٿو پر ڪيستائين؟ نيٺ ته مداري ٿڪجي
پوندو. ڪڪ ٿي پوندو!
* موتَ سان مذاق ڪري رهيو آهين! موت جو
صبر پرکين ٿو؟
* توکي اها خبر آهي ته مُئا جيئرن کان
وڌيڪ جيئرا آهن.
* اي مرڻ وارا! ڄاڻين ٿو ڪيڏانهن وڃي رهيو
آهين ۽ اُتي ڪيرُ ڪيرُ تنهنجو ڪيتري وقت
کان انتظارُ ڪري رهيو آهي؟
* خدا جو شڪر ڪر ته توکي مال منال ۾ نه،
مِٽيءَ ۾ پوريو ويو آهي.
* ڪجهه لوڀ لالچ کي گهٽاءِ! جيترو گهٽ
هوندو اوترو اُهو ڇڏڻ توکي آسان لڳندو ۽
ان تي توکي افسوس گهٽ ٿيندو.
* تو ڇا سمجهيو آهي؟ موت توکي ملاقات لاءِ
وزٽنگ ڪارڊ موڪليندو!
* ڍانڍيئڙي جي آکيري ۾ ڪهڙي ازلي حقيقت
لُڏي رهي آهي؟
* توکي اها خبر آهي ته زندگي موت جي ننڍي
ڀيڻ آهي؟
*
مان شعلهءَ مستعجل آهيان، منهنجي روشني ۾
جيڪي ڏسڻو اٿي ڏسي وٺ!
* مان شمس تبريزي ته نه آهيان جو سج کي
چوان ته هيٺ لهي آءُ! پر جي لهي ايندو ته
گهاٽي ۾ نه ويندو.
* شمس تبريزي! قونيہ ۾ تنهنجي قبر ته ضرور
آهي پر تون اُن ۾ ڪيئن سمهي سگهندين ۽
ٿوري دير اڳ ته مون سان گڏ ويٺو هئين!
* شمس تبريزي! حديثِ خواب اَکُٽ آهي ۽ هر
ڪوئي نه ٻڌائي سگهندو.
* گُلِ لالا جو ڪنڌ ٿو ڪپين! پنهنجي گردن
جو خير گهُر!
* اچ ته هن جي قبر تي گل وجهون! هو شاعر
هو ۽ هن دنيا کي ايترا گل ڏنا ها، جيترا
دنيا جي ڪنهن لالہ زار ۾ نه آهن.
* نور جهان، جهانگير جي قبر تي انارڪليءَ
جي خون مان اڃا چراغ جلي رهيو آهي. ها،
تنهنجي قبر اونداهي آهي.
* امان، تو مون کي جنم ڏنو هو! تون
مهامايا کان ڇا ۾ گهٽ هُئينءَ؟
* اي ٻڌ! ڇا يشوڌرا سان چنڊ هيٺان ڪجهه
راتيون گذارڻ کان وڌيڪ ٻي ڪا مُڪتي آهي؟
* مون موت کي ڏِسي ٽهڪ ڏئي چيو: ”اڙي مون
تنهنجو ڪوڙ پڪڙيو آهي. دراصل تون مُجسمِ
ڪوڙ آهين!“
* موت کي ترساءِ! ايڏي تڪڙ ڇو اٿس!
ڏسي نه ٿو ته مان ڪيڏو رُڌل ويٺو آهيان!
* اي بِک – مڱان! اي موت، هاڻي موٽي وڃ!
ٻي ڀيري مان توکي ساري زندگي بيک ۾
ڏيندس،
* جيت جَڻئي کي نه مار! متان ڀُل ۾ پاڻ کي
ماري وجهين! آپگهات چڱو نه ٿيندو آهي!
* شمع ٿيءُ! آهستي ڳَرُ! باک جو اجهامي
وڃ! پروانو ته جَلي، گهڙيءَ ۾ جان ڇڏائي
ٿو وڃي.
* روحل! ڪَنڊڙيءَ جون سڀ ڪُنڊون جاچي
ڏِسُ! متان ڪٿي توکي آنءُ به ملي وَڃان؟
* ڇا ماٿيلي جي ماڙيءَ تي، مومَل اڃا ڦِري
رهي آهي ۽ رڳو تون نه ٿو ڏسي سگهين!
* راڻا! ڇا اهي ڪَرها جي چَندن چرندا ها،
رُڳو ڪاڪ جو سپنو ها!
* ڇا هن اڪ – مَڪڙِ جا گوناگون رنگ ڏسي،
توکي ڪوئي رنگي ياد نه ٿو اچي!
* فنا بقا جي شروعات آهي.
* هي بئنڪ بئلنسون، هي زندگيءَ جا عيش
آرام هُن جي اندر کي مُردو ڪري ڇڏن ٿا، جو
ٻاهران ته چُست چالاڪ هجڻ جي ڏِکَ ڏئي ٿو
پر اندر ۾ اَچُر آهي، ناس ٿي ويو آهي،
مَئِٿ جهڙو آهي.
* ڪنهن جو ڪيتو ڪير ٿو ڏئي! اي خدا! مان
تنهنجي مصلحت تي ڇا ٿو چئي سگهان؟
* يا خدا! ڪُپڙِي ته خالي ٿي وئي آهي.
ڪجهه ڪَڻا ٻيا به ڏي!
*
ڇا حافظ کي خبر هُئي ته بهشت ملندوئي ان
کي آهي، جو غرقِ گناهه هوندو آهي؟
* جي بهشت دلاسو ۽ دوزخ دَڙڪو آهي ته پوءِ
چڱائي عبث آهي.
* سيزر کي پنهنجو حصو ڏي، هُن لاءِ اڍائي
گز زمين ڇڏي ڏي، تو لاءِ ساري ڌرتي پئي
آهي.
* موت اِن تي منحصر نه آهي ته تون زندگي
ڇا کي ٿو سمجهين! تون سوچيندو ئي رهندين
ته هُو اچي توکي ڳچيءَ کان جهليندو!
* آءُ ته هُن سان ملي ڏسون! ڇا؟ ڪوئي گهر
۾ ٻوڌي وڻ پوکي سگهندو آهي؟
* ڇا منهنجي ڪمري کان هي ڪائنات وڏي آهي؟
ڀُليو آهين.
* اَبا! مان اچان ٿو. اورين آسمان تي
انتظار ڪجانءِ!
* متان هي ٻٽاڪ سمجهين! مون هن کي تَلُور
۾ ٽلندو ڏٺو آهي، جنهن کي تون خدا ٿو
چئين!
* هي سڀ گِدَڙ اٿي جي بگهڙ ڏِيکَ ڏين ٿا.
اهي سڀ موت جي اوناڙ ٻُڌي ڪَن کڙا ڪَن ٿا
۽ پُڇ ٽنگن ۾ چُپائين ٿا.
* هي ڪائنات پاڻ مان پاڻ اُڀري آهي، سمجهه
۾ ته نٿو اچي!
* خدا کي ڪڍي وڃ ته ڪائنات ۾ معنيٰ ئي
ڪهڙي ٿي رهي؟
*
”سورين ڪيرڪي گارڊ“! تون جڏهن طفلِ مڪتب
هُئين تڏهن مان تنهنجو استاد هوس. مون کي
اڃا تائين تنهنجو نالو ياد آهي ۽ اهو به
ياد آهي ته تون منهنجي ذهين ترين شاگردن
مان هُئين!
* نِٽشي مري ويو، خدا اتيئي آهي.
* جَهدالبقا سان توکي آشنا ڪنهن ڪيو؟
* زندگي! هاڻي ڏوليءَ مان مُنهن ڪَڍُ!
تنهنجو گهر اچي ويو آهي.
* هي سڀ ڪُهَار تُنهنجو نه، پنهنجن ڪُلهن
جي سور جو سوچي رهيا آهن!
* متان منهنجي موت تي روئين! ڳوڙها
زندگيءَ جي امانت آهن.
* اي موت! خدا توکان ڪيتري پنڌ تي آهي؟
* چولو بدلائڻ، سنڌيءَ ۾ محاورو ڪيئن
ٺهيو؟ ڇا جسم چولي وانگر آهي. ڇا بدلي ۾
چولو ملندو؟ ڇا ان تي ايترو بَرٿُ هوندو
جيترو مون هن چولي تي ڀريو آهي، جيڪو لاهي
رهيو آهيان؟
* ڊَپُ؟ چانئٺ جي ٻي پاسي جو؟ ڇو ۽
ڇالاءِ؟
* موت جو ذڪر ڪري زندگيءَ کي رسائي ڇڏيو
اٿي. هل ته ان سان ٺاهه ڪيون.
* اچڻو آهين ته آءُ! مان تنهجي آجيان لاءِ
تيار بيٺو آهيان.
موت! تون منهنجي چانئٺ وٽ هٻڪين ڇو ٿو؟
* هي ڊڄڻا گدڙ موت کان ڊڄن ٿا. موت مون
کان ڊڄي ٿو، پر هوُ پنهنجي ڪُوڙي مڙسي
ڏيکارڻ لاءِ مون کي ڊڄڻو ڪوٺن ٿا.
* مون ڪيتري وقت کان ٻي جهان لاءِ ويزا
وٺي ڇڏي آهي پر اڃا سفر جو خيال نه آهي.
* ايڏي اَنا؟ اَناالحق کان به زياده.
* جيڪو راهه نه ڄاڻي، ان جي ساراهه تي
ڌيان نه ڏي!
* جي تون به دهريو آهين ته دهريت ضرور غلط
هوندي ۽ مون کي خدا ۾ اعتبار ضرور ڪرڻو
پوندو.
* تون ان ۾ ڇو پيو آهين ته خدا آهي يا نه
آهي! ڇا ان ۾ تنهنجو ويساهه ڪافي نه آهي؟
* ”موت کان پوءِ ڪوئي موٽي آيو آهي ڇا جو
ٻُڌائي سگهي ته اڳتي ڇا آهي.“
* ”اهو تون ڪيئن ٿو چوين؟ مان ته چوان ٿو
ته موت کانپوءِ سڀئي موٽي آيا آهن. رڳو هو
اڳيون سڀ ڪجهه وساري ويٺا آهن.“
* مون موت کان پنهنجو شناختي ڪارڊ ٺهرايو
آهي؟
* ”اڙي تون موت آهين؟ ڪارا، ڪلوٽا، ڪَوا!
مان توکي ستن پيڙهين کان سڃاڻان! تون مون
کي ڇا ماري سگهندين.“
* ڪينئَري زيتون وانگر نه ڪِرُ! طوفان ۾
ڪچوئي ڇَڻي وَڃُ!
* رَٿُ به تون، رَٿِوان به تون، منهنجا
تير به تون، ته ”مان“ ڇا آهيان؟
* ازل به تون، ابد به تون. ڇا جيڪي وچ تي
آهي، سو به تون آهين يا فقط منهنجيءَ نظر
جو فريب آهي!
* اڃا ته موت مون سان چوپڙ کيڏي رهيو آهي
۽ مان ”پَنءُ ڇَڪا“ چئي هُن تي کِلي رهيو
آهيان.
* مان هڪ دِل مان نڪري ٻيءَ دل ۾ دڪ دڪ
ڪندس، منهنجو الڪو نه ڪَر!
* ڪيترائي ماڻهو موت جي بستري تي مئا ڇو
ٿا ڏسن؟
* جي خدا توسان گڏ آهي ته توکي ڪهڙي ڪَسُ
آهي؟
* جي تون موت کي سمجهي سگهين ته جيڪر تو
لاءِ ڪوئي مسئلو نه رهي.
* پنهنجي جنم جي ڏينهن تي، پنهنجي مرڻ جو
ڏينهن ملهاءِ، ڇو ته تنهنجيءَ زندگيءَ مان
هڪ سال ٻيو به گهٽيو.
* چون ٿا ته تون موت کان نه ٿو ڊڄين ۽ جو
ڪوئي ان جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اُن تي
کِلين ٿو. ڄاڻين ٿو ته موت تنهنجي پٺيان
بيٺو آهي ۽ توتي کِلي رهيو آهي.
* موت تنهنجي پٺيان سڄي زندگي پاڇي وانگر
آيو آهي. ڇا تو ڪڏهن اُن کي ڪنڌ ورائي ڏٺو
آهي؟
* ڇا تون موت کي وساري، اهو ٿو سمجهين ته
موت به توکي وساري ڇڏيو آهي؟
* ڇا زندگي موت جي آغوش ۾ هڪ ڇڻيل گل
وانگر آهي؟ پر گل ته بار بار ڦٽندا آهن،
رڳو ٻي موسم جو انتظار ڪر!
* ڇا تون موت آهين؟ پر تون ته خوبصورت
آهين، مون توکي ڪيڏو نه خوفناڪ سمجهيو هو!
* ڀٽائي جي مرڻ کان اڳ ۾ بند ڪمري ۾ ساز
پاڻ ئَي پيا هلن. فرق اِهو آهي ته مان
سمهڻ کان اڳ ڪئسيٽ پليئر تي ڪوئي ڪلاسيڪي
گيت هلائي ڇڏيندو آهيان ۽ ٻڌندي ننڍي موت
۾ ٻُڏي ويندو آهيان – صبح تائين.
* مون کي گستاخ توئي ته بڻايو آهي نه ته
منهنجي ڇا مجال، مان جو مٽيءَ جي مُٺ
آهيان!
* مقدر مُنهن تي ڌڪ هڻندو آهي، ڌوڪو نه
ڏيندو آهي.
* تون جڏهن سمجهين ٿو ته خدا ڪونه آهي، ته
هُن جي ايڏي مخالفت ڇو ٿو ڪرين!
* انسان خدا جو عڪس به آهن، شيطان جو به.
ڇا تو اهڙو گل ڪڏهن ڏٺو آهي جو شيطان جو
عڪس هجي؟
* منهنجو هڪڙو اهڙو دوست به آهي، جنهن کي
حيات بعد ازممات اکين سان ڏيکارجي ته به
هو چوندو، ”آخر حياتي ختم ڇو نه ٿئي؟ ممات
بعد از حيات هميشه لاءِ ڇو نه ٿي اچي؟“
* اي خدا! تُنهنجي صراحي منهنجي اڳيان
سارو ڏينهن ڀريل رکي رهي پر مون اُن مان
ڍُڪ به نه پيتو! هاڻي جڏهن سج لهي رهيو
آهي، مون کي ڪيڏي نه اُڃ لڳي آهي؟
* زندگي ته اونهي ساگر وانگر آهي! مون ته
اڃا تانگهي ۾ ٿاڦوڙا هنيا آهن.
* اي خدا پيريءَ ۾ ته ماڻهو انڌا ٿي ويندا
آهن! تو پيريءَ ۾ مون کي شمس تبريزيءَ
واري نظر بخشي آهي، جنهن جي پوڻ سان ڪتابن
جي ڍير ۾ باهه لڳي ٿي وڃي!
* مون موت کي ڌڪي ته ڪڍيو آهي، پر موت به
نِرڄو بِکاري آهي، ساهه وٺڻ کان سوا ڪٿي
ويندو!
* سڀ کان وڏو ڪوڙُ موت آهي، دراصل زندگي
اَکٽ آهي، دُهرائي وڃي ٿي، وَري وَري اچي
ٿي. اڃا به ائين چئجي ته زندگي هميشه آهي
۽ اُن جو سلسلو نه ٽٽڻو آهي.
* وڃ، وَڃ! هاڻي تنهنجو وارو آهي ۽ موت
جهڙو بي صبرو ڪوئي نه آهي. هن جا پير
اڳيئي رڪاب ۾ آهن، ڇڙو توکي ٻيلهه چڙهڻو
آهي.
* چون ٿا ته موت واريءَ ۾ توڏي وانگر تيز
ويندو آهي.
* هاڻي تُنهنجي منهنجي دوستي ايتري وڃي
رهي آهي جو تون منهنجي موت جي انتظار ۾
آهين ۽ مان تنهنجي موت جي انتظار ۾ آهيان
۽ موت ٻنهي جي انتظار ۾ آهي.
* ماڻهوءَ جي ڄم کان اول هُن جي موت جو
ڏينهن طئي ٿيل آهي.
* مان پنهنجي سج گرهڻ جي انتظار ۾ آهيان.
موت! ڪڏهن ٿو تون اچين؟
* توڙي زندگي ڪؤڙي ٽوهه وانگر هجي ۽ موت
مِٺيءَ ڇانهينءَ جي ڦار وانگر هجي،
زندگيءَ کي موت تي ترجيح ڏي!
* جڏهن به اچين آءُ، مان تنهنجي آجيان
لاءِ ٻاهر اچي رهيو آهيان.
* موت! تون مهمان آهين. متان نِرهه موٽي
وڃين!
* موت اُهو مهمان آهي، جنهن جو وڏو لقمو
ته هن جو ميزبان هوندو آهي!
* ڀلي رَنگ رَليون ڪر! ڀَلي شاهه حسين کي
نه ٻُڌ! اهو ڄاڻين ٿو ته ڪفن جي دسترخوان
تي ويٺو آهين؟
* تون موت کي وساري ڇڏيندين ته ڇا تون
ڀائين ٿو ته موت به توکي وساري ڇڏيندو!
موت ايڏو بي مروت ڪٿي آهي!
* موت جي ياد پيغمبريءَ جي صفت آهي.
* تون ڪير جو اسرارِ اِلاهي ڄاڻڻ چاهين
ٿو؟ تون ته هن ڪئليءَ کي به پوري طرح
سمجهي نه سگهيو آهين؟
* اڄ ته ننڊ موت وانگر اچي رهي آهي.
* ٻي جي موت تي نه کِل! موت تُنهنجي پٺيان
به بيٺو آهي ۽ کِلي رهيو آهي.
* موت جو گهرو شعور ئي زندگيءَ سان گهري
محبت پيدا ڪري ٿو.
* زندگيءَ سان محبت، موت جي شعور جي مانع
نه آهي.
* موت اهو سيسار آهي، جنهن کي هر ڪنهن جي
سسي وات ۾ آهي.
* ازل جي پوتا ميل ۾ هاڻي تُنهنجو موت
مٿان مٿان آهي.
* هي ٻه واٽو آهي ۽ تو زندگيءَ جي راهه
ڇڏي، موت جي راهه ورتي آهي.
* موت! توکي ايڏي تڪڙ ڇو آهي؟ مان جڏهن
ٿڪجي پيس ته توکي سڏي وٺندس!
* ڳوڙها روڪ! ڳوڙها اُنهن کي روڪي نه
سگهندا ڇو ته انهن کي هر حالت ۾ وڃڻو آهي.
گهوڙا ڇِرڪي رهيا آهن، شايد اُهو رستو
ڏِسي رهيا آهن، جنهن تي انهن کي وڃڻو آهي.
هوائون دم روڪي سوچي رهيون آهن ته طوفان
ڪهڙي مهل ٿو اچي، ڇو ته اُنهن کي وڃڻو
آهي. هي، جن گهَڙا ڀَري کوههَ خالي ڪري
ڇڏيا، انهن کي وڃڻو آهي.
هي، جن کي مئخاني جا دريون ۽ دروازا
روئي رهيا آهن، اُنهن کي وڃڻو آهي!
ڪلال! خالي وَٽيون اونڌيون ڪري رَکُ!
هوُ پوئينءَ ڦُڙيءَ تائين پي ويا آهن ۽
مَٽ سُڪي ٺوٺ ٿي چُڪا آهن، انهن کي وڃڻو
آهي! ڏس، سِجُ لَيارن ۾ ڇُپي ويو آهي ۽ ان
جا ڪرڻا اُهي رَسيوُن وَٽي رهيا آهن جي
آسمان مان لڙڪن ٿيون، انهن کي وڃڻو آهي!
پکين کي انهن جي ارادي تي حيرت نه ٿي
اچي، ڇو ته اهي دُور دُور تائين اڏامندا
آهن، انهن کي وڃڻو آهي. ها، رڳو هي درخت،
جن جون جڙون ڌرتيءَ کي چنبڙي پيون آهن،
هوا ۾ پنهنجون ٽاريون ٻانهن وانگر هَلائي
هنن کي الوداع ڪري رهيا آهن، انهن کي وڃڻو
آهي.
ها، هي مِٽِي ڇاتِي ڪُٽي رهي آهي ته هي
منهنجا ڄَڻيا هاڻي مون مان ڪَڪ ٿي پيا
آهن، انهن کي وڃڻو آهي.
نه روڪ انهن کي، اهي اَروڪ مسافر آهن،
انهن جي منزل دور هوندي به نهايت ويجهي
آهي، انهن کي وڃڻو آهي.
انهن جو پيڇو نه ڪر! اڃا تائين وارو نه
آيو آهي پر انهن کي وڃڻو آهي.
تون به جُتي پيرن مان نه لاهجانءِ!
تولاءِ به رستو ساڳيو آهي، ها پر هن وقت
انهن کي وڃڻو آهي.
هي اُنهيءَ رستي جا راهي آهن، جو ڪٿي
نه کٽڻو آهي ۽ جو هر ڪنهن کي پنهنجي واري
تي سَڏي ٿو. پر هاڻي رڳو انهن کي وڃڻو
آهي. اِن رستي تي ريت ڏاڍي نرم آهي،
ڪابه سج جي تيز تپت نه آهي، جهڙالا
ڏينهن ۽ راتيون جيءُ کولي وَسن ٿا، پوءِ
به ان رستي تي ڪنهن جا پير تِرڪن نه ٿا ۽
ويندڙ بنا ڪنهن ٿيڙ يا ٿاٻي جي وڃن ٿا.
تون روئين ڇو ٿو؟ ڳوڙها روڪ! اِنهن کي
وڃڻو آهي.
*
ڇا مون تنهنجي پيار جي باري ۾ ڪجهه به چيو
آهي؟
واءُ کان پُڇ!
ڇا مون تنهنجي گهِٽيءَ ۾ توکي ڳوليو آهي؟
چَنڊَ کان پُڇ!
تون ته سُڳنڌ جو جهوٽو آهين رات جي راڻيءَ
وانگر،
پکڙجي وڃين ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان!
چَنڊ پاڻ تنهنجو چاري آهي
اُ هو پنهنجي مُکڙي کي
تُنهنجي مُکڙي سان
تشبيهه ڏي،
ته مان هن کي روڪي سگهان ٿو؟
مون تنهنجي پيار کي
پاڻ ۾ ائين سانڀي رکيو آهي،
جيئن هاري
کيت – کلياڻ ۾
اَن سانڀي رکندا آهن
جنهن تي مينهن جو اثر نه ٿيندو آهي،
۽ بادل وسندا به آهن
ته اُن جو
ڪجهه بگاڙي نه سگهندا آهن!
*
ڇا تو
مون سان
پيار ڪيو هو؟
ڇا ماڪَ
رابيل جي گُل سان
پيار ڪندي آهي؟
اها ته اُن کي چُمي
رَمندي رهندي آهي؟
ڇا سانوڻ جو مِينهُن
ٿوهر جي ڳاڙهن گلن سان
پيار ڪندو آهي؟
اهو ته رڳو
اُنهن کي ڇهندو آهي
۽ ريت ۾ جذب ٿي ويندو آهي،
۽ بادل آسمان ۾
رمندا رهندا آهن
۽ ڪنهن جا سنگتي ساٿي
نه ٿيندا آهن؛
۽ نه چنڊ
لهر ۾ ترسندو آهي،
جي لهر ان سان
لَنوَ لڳائي
ته اها چنڊ جي اَٻوجهائي چئبي
يا لهر جي
اُٻهرائي چئبي.
پيار رڳو کن لاءِ ٿيندو آهي
ان جي امرتا لاءِ
اَجائي
پٽ کوهه نه ڪَر!
*
تون ڇا ٿي سمجهين
مان توکي وساري سگهان ٿو!
مان پنهنجو سڀ کان خوبصورت شعر
وساري سگهان ٿو،
پر توکي وساري نه ٿو سگهان،
ڇو ته تنهنجا لب ۽ رخسار
به اُنهيءَ شاعريءَ جو
حصو آهن،
جنهن هيءَ ساري ڪائنات تخليق ڪئي آهي،
محبت پايندگي کان وڌيڪ پياري آهي.
مان ڄاڻان ٿو
ته ڪنهن وقت تون نه هوندينءَ
۽ بسنت جي هير توکي ڳوليندي وَتندي،
۽ چَنڊُ آسمان ۾
سرگردان هوندو
ته ڪنهن بادل کان
تنهنجو پتو پُڇي،
پر تون جا مٽيءَ جي امانت آهين،
ان ۾ خيانت ته مٽي به نه ٿي ڪري سگهي،
ها منهنجي شاعري
سُس پُس ڪري چنڊ کي چَوندِي،
”تون جنهن کي ڳولين ٿو
”سا مون ۾ آهي
”اها ٻي ڳالهه آهي ته تون
”هُن کي ڏسي نه ٿو سگهين.“
تون تيستائين زنده رهندينءَ
جيستائين منهنجي شاعري زنده آهي،
۽ تون اطمينان ڪَر،
ته منهنجي شاعري نه مَرندي،
۽ تون اُن ۾ زنده رهندينءَ.
منهنجي شاعري
تنهنجو آئينو آهي،
جنهن ۾ تنهنجي صورت
سدائين رهندي.
*
نه ڄاڻان
جرمنيءَ جو عظيم شاعر
گوئٽي
پاڻ کي هُد هُد ڇو چوندو هو؟
شايد هُن جو توريت ۽ اِن اسرائيلي روايت ۾
اعتبار هو
ته هد هد سليمان جا پيغام سبا کي
پهچائيندو هو؛
هُد هُد جو
ان سلسلي ۾ ذڪر
ته اسان جي صحيفي ۾ به آهي،
پر مون کي اها تشبيهه ادب ۾ ڏيڻي هجي ها
ته اها
پنهنجيءَ شاعريءَ سان ڏيان ها
جنهن جون ڪيئي سبائون هيون،
۽ جن لاءِ
ملاقات کان اڳ
منهنجي تصور
نوان نوان تخت گهرايا ها
جيئن سليمان سبا لئه
هُن وٽان گهرايو هو!
*
ڇا گوشه نشيني
اِن کي چئبو آهي
جا مون اختيار ڪئي آهي؟
ڇا هيءَ ئي منهنجي جنت الارضي آهي؟
پو هتي جيڪا به حوا جي پوٽي اچي ٿي
پنهنجو پاڻُ پَن سان ڇو نه ڍڪي اچي ٿي؟
تو جنهن ميوي جي منع ڪئي هئي
توڙي مون اُن مان ڍؤ ڪيو آهي،
تڏهن به اڃا منهنجا هٿ اُن ڏانهن وڌن ٿا،
مان اُهي
پنهنجي جد – امجد وانگر
روڪي نٿو سگهان!
يا الاهي!
مان اڃا تائين اهي روڪي نٿو سگهان!