سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون نومبر 2024ع

باب:

صفحو:5 

امنگ آزادي

گلاب

 

بهار جي مُند جي هڪ رات ۽ ٿڌڙي هوا، دريءَ مان چمڪندڙ چنڊ جو نظارو، دري جيڪا گهر جي پوئين پاسي واري اڱڻ ڏي کُلندي آهي ۽ سامهون تيرهن گلابن جو ڪونڊيون رکيل آهن. چوڏهين ڪونڊيءَ جي جاءِ ٺهي پئي آهي، ڪن ڪونڊين ۾ گُلاب ٽڙيل آهن، ڪن ۾ مکڙين ٽڙڻ جا آثار آهن. هڪڙي مکڙي ته ڄڻ مرجهائجي چڪي آهي، جنهن جو جهڪاءُ پاڙ ڏانهن آهي. ڄڻ وري مٿي ڪنڌ کڻڻ  لاءِ پاڙ تي زور ڏئي، زنده رهڻ جي ڪوشش ڪندي هجي، ڪمري ۾ بيڊ جي پاسي واري ميز تي ڪجهه تازا خريد ٿيل ڪتاب، جن جي خوشبوءِ، پوري ڪمري ۾ پکڙجي چڪي هئي، ۽ بيڊ تي سمڀارا ”سُر مومل راڻو“ جو مطالعو ڪري رهي هئي. هن جا وار کليل هئا، جيڪي هوا جي جهوٽي تي هر هر سندس چھري کي لڪائي رهيا هئا. هوءَ ڳاڙهن ڪپڙن ۾ پاڻ به مومل ٿي لڳي.

مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماس،

نه ڪا عام نه خاص، جي وئا، سي وڍئا.

(شاهه ڀٽائي)

سمڀارا بيت پڙهي، تڪڙ ۾ بيڊ تان لھي، ڊريسنگ ٽيبل تان ڪجل کڻي، اکين ۾ لڳائي، ڪرسيءَ تان پوتي کڻي، چيلھه جي چوڌاري ڦيرائي موبائل تي ڪلاسيڪل موسيقي لڳائي، آئيني اڳيان ڪٿڪ رقص ڪرڻ شروع ڪيو. سمڀارا جي ڦرڻ سان، ڇت وارو بيٺل پکو به ڦرڻ لڳو. دريءَ مان چنڊ پوري ڪوشش ڪرڻ لڳو ته سمڀارا جو ديدار ڪري! سمڀارا کي پسي سگهي. سمڀارا هر ڦيريءَ سان، زمين جي دل ڌڙڪائي رهي هئي، هوءَ اچانڪ بيهي رهي. ڪجهه محسوس ڪرڻ جي لاءِ، آئيني ۾ پاڻ کي ڏسي چيائين: ”نه نه ڪجهه به ناهي، اڄ ته تاريخ به ناهي ۽ هي وقت به ناهي. هن وري ڪٿڪ رقص شروع ڪيو. پر هاڻي ٽنگون، ڄڻ هن جو ساٿ ڇڏڻ لڳيون، هوءَ ڪٿڪ جو آخري چڪر پورو ڪري، سٽ ڏئي، رئو واپس ڪرسيءَ تي رکي، وارن کي ويڙهي واش روم هلي وئي. ڪمري ۾ بيڊ تي موبائيل جي رِنگ وڄي بند ٿي وئي. ۽ دريءَ مان ايندڙ هوا، رسالي جي ورق کي ورايو.

سمڀارا ٻاهر آئي ۽ بيڊ تي پيل رسالي کي ڏسي، ڪجهه سوچي، مسڪرائڻ لڳي ۽ وهاڻي کي ٽيڪ لڳائي، جهوليءَ ۾ شاهه جو رسالو رکي، ڪال ڪيائين. ڪال پهرين ئي رنگ ۾ اٽينڊ ٿي .

سمڀارا : هلو .

ڪبير: هيلو ميڊم .

سمڀارا : جي .

ڪبير: اوهان ليٽ آهيو ڏھ منٽ .

خاموشي...

ڪبير: سڀ خيريت آهي نه؟

سمڀارا: ها، ڪجهه سوچيان پئي.

ڪبير: منهنجي باري ۾؟

سمڀارا: هرگز نه.

ڪبير: پوءِ ڇا ٿيون سوچيو.

سمڀارا: سوچيان ٿي چڱو ٿيو جو ڀٽائي جو رسالو آهي.

ڪبير: توهان ڪتاب به چئي سگهو ٿا، اوهان ڀلي هج رکو لطيف سان.

سمڀارا : هج ئي ته آهي شايد! نه ته سوچ جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن مان ڀٽائيءَ کي نه پڙهي سگهان!؟ سمڀارا ڳالھه کي جاري رکندي چيو، چڱو ٿيو ڪبير پاڻ سيڪيولر آهيون.

ڪبير ڳالھه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي، چيو: مــطــلـب؟

سمڀارا وچ ۾ ڳالھائيندي چيو : گلابن گهرجي!

سڀاڻي ڪونڊي پھچي ويندي ميڊم، ٻيو حڪم؟

سمڀارا : هممم سوچان.

ڪبير: چڱو ٻڌ...

سمڀارا : جلدي ٻڌاءِ، وقت ناهي .

ڪبير : هل ٺيڪ آهي، جڏهن توهان وٽ وقت هجي ته ٻڌائجو.

سمڀارا: خير تون هاڻي به ٻڌائي سگهين ٿو.

ڪبير: ڪھڙو ”سُر“ ٿي پڙهين .

سمڀارا: سُر مومل راڻو .

ڪبير: مومل کي مجاز جا.

سمڀارا درد کي پيئندي، وهاڻن کي ٽيڪ ڏيندي مرڪي.

ڪبير: تون مون کي ڪائنات جي هر شيءِ کان پياري آهين!

سمڀارا : معلوم آهي. ڪجهه نئون ٻڌاءِ؟

ڪبير : ٻڌندينءَ يا آرام ڪندينءَ؟

خاموشي...

ڪبير : ٺيڪ آهي، مان ڪجهه نئون سوچان ٿو، تون ڀلي آرام ڪر..

سمڀارا: ٺيڪ آهي.. چڱو ٻڌ.

ڪبير : جي...

سمڀارا: ٿينڪ يو

ڪبير : ٽيڪ ڪيئر.

سمڀارا فون رکي، سمھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳي، پر ننڊ اکين کان دور ڪٿي آهي. ڪڏهن ڪرسيءَ تي ڪڏهن بيڊ جي کاٻي پاسي ڪڏهن ساڄي پاسي، پاسا ورائيندي رات جي پوئين پھر، هن کي ننڊ اچي وئي. نوان خريد ڪيل ڪتاب، انتظار ۾ هوندا آهن ۽ رسالو، رسالو ته سڄي رات سمڀارا کي همٿ، سگھه جا پيو بيت ٻڌائيندو آهي، سو اهو به هاڻي، هن سان ننڊ هوندو آهي.

سج جي هلڪي روشني ڪمري ۾ پکڙجي چڪي هئي، ڄاريءَ جا اڇا پردا ڦڪا ٿي چڪا هئا. جڏهن سمڀارا جي اک کُلي ته چھري تان وار هٽائي، ڪنڌ مٿي ڪري دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳي ته، تيرهن ڪونڊين جي جاءِ تي چوڏهن ڪونڊيون رکيل هيون. هن جي چهري تي سرهائي جي مرڪ ڦهلجي وئي، ڪجهه منٽ ڪونڊين کي ڏسڻ کان پوءِ واپس سمھي پئي. مرجهايل مکڙيءَ تي پيل ماڪ تي جيئن ئي اُس پوندي آهي ته ڄڻ مکڙيءَ مان گلاب ٽڙندو ويندو آهي!

سويرا ڪنڀر

 

نئين نسل جا مسئلا ۽ ان جو حل

 

اسان جنھن سماج ۾ رهون ٿا، اتي ڪيترن ئي قسمن جا ماڻھو رهن ٿا، ڪجهه پڙهيل لکيل ته ڪجهه اڻ پڙهيل. ڪجهه پراڻي سوچ جا ته ڪجهه جديد فڪر جا، اهي اسان کي هر معاملي ۾ سھڪار ۽ تعاون ڪرڻ جو درس ڏين ٿا۔ پر اڄ جي جديد دؤر جي نوجوانن جي ڳالھه ڪجي ته جتي ميڊيا ۽ نئين ٽيڪنالاجي، زمين تي پير مضبوطيءَ سان ڄمائي ڇڏيا آهن، اتي اڄ جو پڙهيل لکيل ۽ قابل انسان، ڪيترن ئي مسئلن ۽ مشڪلاتن ۾ جڪڙيل پڻ آهي. ماڻھو جي ڪاميابين تي هر ڪو داد ڏيندو آهي، پر ان جي ناڪامين جو سبب ناهي پڇيو ويندو، ڇا ٿيڻ چاهي ٿو ۽ هو ڇا ٿي ويو آهي؟ مائٽن جي مرضي هوندي آهي ته پڙهائي تي سٺي نموني ڌيان ڌئي نه ته سٺي نوڪري ڪانه ملندي. استادن پاران دٻاءُ هوندو آهي ته سٺي پڙهائي ڪر نه ته فيل ٿيندي. سماج طرفان پريشر هوندو آهي ته سٺي اسٽيڊي سان هڪ سٺو شھري بڻجندي. مطلب ته دٻاءُ ڏئي ڏئي، هن جي سڄي عمر عذاب ٿا بڻائي ڇڏين ۽ هڪ چڱي ڀلي انسان کي روبوٽ ٺاهي ٿا ڇڏين.

جيئن ته 13 سالن کان 22 سالن جي عمر کي گولڊن ايج چئبو آهي. هن عمر ۾ ٻار جي واڌ ويجهه، سيلف ڊولپمينٽ شخصيت ۽ ڪردار ٺھندو آهي، هن عمر  م ٻار پنھنجي لاءِ ڪجهه سوچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته مستقبل م هن کي ڇا ٿيڻو آهي، هو ڪهڙي سبجيڪٽ تي گرفت رکي ٿو ۽ ڪھڙي ۾ نه. هو پنھنجي لاءِ هڪ سٺو فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو،  پر ڪجهه مسئلن جي ڪري، هو پاڻ کي زنجيرن ۾ ٻڌل ڀائين ٿو.

مائٽن جي ناچاڪي: اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جيڪي ٻار يا نوجوان ڳالهائڻ جا تيز، پڙهائي ۾ ڪمزور، ڪاوڙيل ۽ وات ڦاٽوڙا هوندا آهن، انهن جو اصل سبب، ماءُ، پيءُ جو پاڻ ۾ نه ٺھڻ هوندو آهي، اڪثر ڪري والدين ٻارن جي اڳيان جهڳڙو ڪندا آهن، ۽ ان جو سڌو اثر، سندن اولاد تي پوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڳالھه ايڏي وڌي ويندي آهي، جو طلاق جي نوبت اچي ويندي آهي. هن سڄي مرحلي ۾ نقصان صرف ٻارن جو ٿيندو آهي. اهو ٻار جڏهن وڏو ٿيندو آهي ته هو به پنھنجي ڪٽنب سان ائين ڪندو آهي، جيڪو هن ننڍپڻ کان ڏٺو ۽ پرايو. ان سان نه صرف هڪ ڪٽنب، پر پوري نسلن جي تباهي ٿيندي آهي.

معياري تعليم: اڄ جي دور ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان  سٺي تعليم حاصل ڪرڻ سولو ٿي پيو آهي، پر هتي اڄ جو نوجوان اڃان به معياري تعليم کان محروم آهي. پاڪستان ۾ گهڻي ڀاڱي آبادي ڳوٺن ۾ رهي ٿي، پر اڄ به ڪجهه اهڙا ڳوٺ آهن، جيڪي تعليم کان ناواقف آهن، جنهن سان گهڻو نقصان ڇوڪرين کي ٿئي ٿو، ڇوڪرا ته ٻاهر وڃي به پڙهي سگهن ٿا، پر ڇوڪريون ڪٿي وڃن! ٻاهر وڃڻ لاءِ پھرين ته محفوظ جڳھه کپي، پوءِ اچ وڃ جي سھولت، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جو ماحول ڏسڻو ٿو پوي، پوءِ وڃي دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ اطمينان حاصل ٿو ٿئي، پر اهو به ڪي مائٽ آهن، جيڪي همت ڪري، نياڻين کي پڙهائين ٿا، باقي مائٽ ته روز روز جون ڇرڪائيندڙ خبرون ٻڌي ڊپ ۾ ڇوڪرين کي گهر کان ٻاهر قدم به نٿا کڻڻ ڏين. اهڙن مسئلن جي ڪري، ڪيتريون ئي نياڻيون اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي وڃن ٿيون، ۽ پوءِ اڻ پڙهيل هئڻ جي ڪري، سندن مستقبل تي خراب اثر پوي ٿو.

بيروزگاري ۽ ڪيريئر: بي روزگاري اهڙي بيماري آهي، جيڪا وقت بوقت وڌندي وڃي  پئي، اڄ جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ  پريشاني آهي به روزگار نه هئڻ جي. هڪ پڙهيل لکيل  نوجوان، جڏهن يونيورسٽيءَ مان ڊگري وٺي اچي ٿو ته هن کي پھريون چتاءُ سٺي نوڪري ڳولڻ هوندو آهي. پر هو جنهن نوڪريءَ جي قابل آهي، هن کي ان معيار جي نوڪري نٿي ملي، پوءِ هو ننڍي سطح جي نوڪري ڪري، پنھنجي ضرورتن جو پورائو ڪري ٿو، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ڏٺو ويو آهي ته جيڪي نوجوان ڪا سٺي نوڪري ڳولڻ ۾ لڳل هوندا آهن ته کين گهروارن، دوستن ۽ سماج کان مختلف قسم جا طعنا ملڻ شروع ٿي ويندا آهن، جيئن ته ڇا پڙهي آيو آهين، جو تو کي نوڪري ڪانه ٿي ملي،  فلاڻي جو پٽ ڪيتري نه وڏي عهدي تي آهي وغيره وغيره، اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته گهڻا نوجوان، غربت ۽ سفارش نه هئڻ جي ڪري، سٺي نوڪري حاصل ڪري نه سگهندا آهن،  پوءِ هو 9 بجي کان 5 بجي تائين جي نوڪري، ڪنهن  انسان وانگر نه پر مشين وانگر ڪندو آهي،  ڇو ته هنن کي پنھنجو مستقبل ٺاهڻو آهي، ڪيريئر ٺاهڻ جي چڪر ۾ هنن جي پوري عمر گذري ٿي وڃي، هن جا خواب، هن جون صلاحيتون، ڪنھن اُڏامندڙ پکيءَ وانگر اڏامي وڃن ٿيون،  ڪيريئر ڪاؤنسلنگ تي ڪير به کيس آماده نٿو ڪري، بس سرڪاري نوڪري جو چئي چئي هن جي منهن تان مسڪراهٽ به  کسيو ڇڏين.

انھن سڀني مسئلن ۾ نقصان صرف هنن جو ٿئي ٿو، جن کي هروڀرو ٻڌڻو ٿو پوي. اهو نوجوان روز بروز بيمارين ۾ جڪڙيل رهي ٿو، خاص طور سان نفسياتي بيمارين“ ۾، جيڪا هن کي هڪ باغي انسان بڻائي ڇڏي ٿي، مثلاً احساس ڪمتري جو شڪار، حسد، تعصب، ذهني ٿڪاوٽ ۽ اڪيلو رهڻ شروع ڪري ٿو، پوءِ هو غلط ڪم ڪرڻ لڳي ٿو، جيئن نشو ڪرڻ، چوري ڪرڻ، دوکو ڏيڻ، ٻين کي نقصان ڏيڻ، گهروارن کي وقت نه ڏيڻ، زال ۽ ٻارن تي هٿ کڻڻ،  سوشل سرڪل ۾ گهٽ وڃڻ، ڪڏهن ته اهڙا نوجوان پنھنجي آسپاس جي ماحول کان ايڏا ته تنگ ٿي ويندا آهن، جو خودڪشي ڪري ڇڏيندا آهن.

اهڙن مسئلن جو حل اهو آهي ته زندگيءَ ۾ اهو ڪريو، جنهن کي ڪرڻ سان، توهان کي نه صرف ذهني سڪون ملي بلڪ جسماني طور به صحتمند رهو. اهو ڪِريو، جنھن سان توهان خوش هجو، نه ڪي ٻين کي خوش ڪرڻ لاءِ پنھنجي زندگي ۽ شخصيت داءَ تي لڳايو. پنھنجي پاڻ تي يقين رکو ۽ جيڪو به ننڍو وڏو روزگار ڪيو ٿا، ته اهو نه سوچيو ته دنيا ڇا چوندي! بلڪ اهو سوچيو ته توهان ڪيڏا سڪون ۾ آهيو، ان ڪم ڪرڻ سان.  توهان پڙهائي م ڪمزور آهيو، ته ڪا ڳالھه ناهي، توهان ٻي ڪنھن ڪِرت ۾ ماهر هوندا، پنھنجو پاڻ کي سڃاڻو.  رڳو پنھنجين خامين  تي غور نه ڪريو. خوبين جي طرف به ڌيان ڏيو۔ ڇو ته توهان، توهان آهيو، توهان جهڙو ٻيو ڪير به ڪونھي! خوش رهو ۽ ڪامياب به.

 

روبينه ابڙو

 

 

 

غزل

ڪا ازل جي پاڻياري آهِه مون ۾،

ڇو اُڃاري پو به واري آهِه مون ۾؟

مان ته ماضيءَ جي اُجاڙيل ڍنڍ آهيان،

ڪنھن وري هي ناوَ تاري آهِه مون ۾.

امن جا اُجرا ڪبوتر نيڻ منھنجا،

پر اندر ڪا جنگ جاري آهِه مون ۾.

هر گهڙي ٿي سار تنھنجي پئي پِگهاري،

هر گهڙي ڪا برف باري آهِه مون ۾.

دل اڃان ڀي گهاٽ تي تُڙڳي رهي آ،

مون ۾ ڪائي ڪَماري آهِه مون ۾.

گونج ڀي توئي ڪئي هئي قيد منھنجي،

ڪونج ڀي تو اُڏاري آهِه مون ۾.

تارَ ڪا وڄندي رهي ٿي تَنَ اندر ئي،

رات ڪا ميران گذاري آهِه مون ۾.

مان بظاهر خوش رهڻ جو ڏيک ڏيان ڀل،

پر ڳُجهي ڪا بيقراري آهِه مون ۾.

مون ۾ ٻيجل، مون ۾ ئي آ ڏياچ ڪو،

ڪنڌ ڪورڻ لئه ڪٽاري آهِه مون ۾.

لاڙڪاڻو ڀي ڪڏهن من ۾ نه ماپي،

۽ ڪڏهن هيءَ سنڌ ساري آهِه مون ۾.

 

رخسانه ”رخ“ سومرو

 

 

 

جڏهن....

جڏهن رُت ساڳي نه رهي رنگ بدلائي،

جڏهن فضا پھراڻ مٽائي منڊل مھڪائي،

جڏهن جُهڙ انڊلٺ چني پائي اچي،

جڏهن سانوڻ جلڪي ڌارا سان نچي،

تڏهن تون مون وٽ هليو اچجانءِ.

 

جڏهن تو سڳنڌ صبح سفير بڻجي اچي،

جڏهن هوا ماڪ کي مھڪي آجيان ڪري،

جڏهن کير ڌارا سڄڻ ديدار لئه ڌرتيءَ تي لھي،

جڏهن ستارا وايومنڊل کي واڌايون ڏين،

تڏهن تون مون وٽ هليو اچجانءِ.

 

جڏهن رات جو سحر ۽  طلسم توکي اڪيلو ڪري،

جڏهن دک تو پيڙ ۽ اذيت کي وڌائي وڃن،

جڏهن تنھنجا لفظ اکين آرسين جي پيرن هيٺ اچن،

جڏهن تنھنجي محبت جو سڏڪو ٻوڙا نه ٻڌن،

تڏهن تون مون وٽ هليو اچجانءِ.

 

جڏهن کِلندي کِلندي تنھنجا لڙڪ لڙي پون،

جڏهن تون ڪو ساٿي ڪو همراز نه لھين،

جڏهن تو آڏو رڳو واريءَ جو پنڌ هجي،

جڏهن اکين ۾ ويندڙ ڪاروان جي ڌڌڙ هجي،

تڏهن تون مون وٽ هليو اچجانءِ.

 

جڏهن اکين جون پتليون لڦن سما ڀرجي وڃن،

جڏهن سندر سپنن تي وارياسو وسي پون،

جڏهن يادون ٽُوهه ڪنڊن وانگي ڦٽي پون،

جڏهن شام جو سرمئي دونھون منڊل ۾ ڦهلجي وڃي،

تڏهن تون مون وٽ هليو اچجانءِ.

 

پونم بلواڻي

 

 

 

مڪئي جا ڪوفتا:

 

گهربل شيون:

10 کان 12 وڏا مڪئي جا سنگ، هڪ پيالي بيسڻ، 2 چمچا ڏهي، پاءُ تيل، ساوا مرچ، ساوا ڌاڻا، ادرڪ، لوڻ، هيڊ، ڳاڙها مرچ، جيرو.

ٺاهڻ جو طريقو:

مڪئيءَ جا داڻا سنھا پيسيو، پوءِ ان ۾ ڏهي ۽ بيسڻ ملائي 10-15 منٽن تائين رکو. ان ۾ پيٺل ادرڪ، ڳاڙها مرچ، هيڊ، جيرو، ساون مرچن جا ٽڪر ۽ ساوا ڌاڻا ڪتري وجهي ملايو. ان کان پوءِ آلي ڪپڙي کي هٿ تي رکي ان ڳوهيل (ملايل) شين جا گولا رکي، گول يا ڊگهي شڪل ۾ پيڙا ٺاهي، تيل ۾ ترندا وڃو. مڪئي جا ڪوفتا تيز باهه تي ترڻ نه گهرجن.

مڪئي جا پڪوڙا

گهربل شيون:

مڪئي جا داڻا ٻه پياليون، هڪ انڊو(بيضو)، مکڻ هڪ چمچو، ميدو هڪ پيالي، بيڪنگ پائوڊر هڪ چمچو، لوڻ ۽ ڳاڙها مرچ.

ٺاهڻ جو طريقو:

مڪئي جي داڻن کي چڱيءَ طرح ڪُڪَر ۾ اوٻاري ٿلھو ڪري پيسيو، پوءِ ميدو ڇاڻي، ان ۾ بيڪنگ پائوڊر ۽ مکڻ ملايو، ان بعد بيضو ڀڃي چڱيءَ طرح لوڻ ۽ ڳاڙهن مرچن سان ملايو، پوءِ ان ۾ پيٺل مڪئي ملايو. پوءِ ان مڪسچر مان ٿورو ٿورو کڻي گرم گيھه ۾ پڪوڙن وانگر تريو.

کٽا ڪچالو

 

گهربل شيون:

500 گرام ڪچالو، ٻه ليما، ڳاڙها پيٺل مرچ، لوڻ، جيرو ۽ مصالحا گهرج مطابق.

ٺاهڻ جو طريقو:

ڪچالو ڌوئي ڪري اوٻاريو ۽ انھن جون کلون لاهيو، پوءِ هڪ سائيز جا ٽڪر ڪٽيو، مٿان ليمي جي رس ۽ ان بعد مصالحا وجهي کائو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org