سوچ ويچار
موسمن جو حُسن
انساني زندگي جيئن ته فطرت جو هڪ اٽوٽ حصو آهي،
انڪري فطرت جا سڀ رنگ روپ، اُس، ڇانوَ، اونهارو،
سيارو، خزان ۽ بهار، سنئون سڌو مٿس اثر ڪن ٿا.
قدرت جي خلقيل مخلوق منجهان هڪ انسان ئي آهي، جيڪو
ڪائنات جي رازن ۽ رمزن کي پنهنجي عمل ۽ تدارڪ سان
سمجهي ۽ پروڙي ٿو ۽ پنهنجي تخيل سان ڪائنات جي
حسناڪين کي زندگيءَ ۾ مروج ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح
انساني دماغ ۽ عقل فطرت جي لقائن جي مدد سان،
ڌرتيءَ تي هڪ سهڻي، سکئي ستابي ۽ امن واري سماج جي
اڏاوت ڪري ٿو. صدين کان انسان جي عظمت جو اهو سفر
جاري ۽ ساري آهي، قدرت واري جو قانون به اهو آهي
ته حڪم به: ته انساني معاشرو، عدل ۽ انصاف تي ٻڌل
هجي!
تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته جيڪي
انسان هدايت وٺن ٿا، اهي سڌي رستي تي هلي، دنيا کي
جنت بڻائڻ جي جاکوڙ ۾ لڳل آهن. اهوئي سبب آهي جو
دنيا جو چرخو هلي رهيو آهي. اهو سڀ ڪجهه نيڪوڪار
بندن جي ڪري آهي، جو سماج ۾ سوين ڏکيائين باوجود
هڪ سک سهنج ۽ آسودگي آهي. انسان، جيڪڏهن قدرت جي
ڏسيل راهه تي گامزن ٿئي ته هوند ڌرتي بهشت بڻجي
پوي!
فطري لحاظ کان هي سال جي سرءُ واري مند هلي رهي
آهي، انساني ذهن جي سوچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اهي مندون ۽
موسمون ڪافي آهن، جيئن ڪالهه اونهارو هو، نٽهڻ
اُس، سارنگ جا ساٺ، وِڄون پئي وٺيون، وسڪاري کان
پوءِ، ٿر بر گل و گلزار ٿي پيا، وڻ ٽڻ ڌوپجي ساوا
۽ سهڻا ٿي پيا، مٿان وري هي پن ڇڻ جي رت! جنهن کي
سرءُ يا خزان چئجي ٿو. پاڻ سان گڏ، ڪجهه مصيبتون
به کڻي آئي! وڻن جا پن، ٻوٽن جا گل ڇڻڻ لڳا، ماحول
۾ بيماري ۽ بي چيني پکڙجڻ لڳي، پر ان پن ڇڻ ۾ به
قدرت واه جي سونهن سمائي آهي، انڪري وقتي تڪليفن
کان نه گهٻرائجي، ۽ هر موسمي توڙي سماجي تبديلي کي
پنهنجي سگهه سان منهن ڏجي، بلڪه فطرتي موسمن مان
لطف اندوز ٿجي!
دنيا جهان جي شاعرن، مفڪرن ۽ مدبرن سرءُ يا خزان
کي پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو آهي، هنن پنهنجي
تخيل جي طاقت سان پڙهندڙن جي ذهنن تي اڻمٽ اثر
ڇڏيا آهن، جيئن هي نظم آهي:
There Is a Path to Autumn
There is a path to autumn
Though few have ever been
Away down in the wildwood
In wafts of summer green
It's there you'll find the faefolk
The pixies and the gnomes
Some set out on adventure
Some ambling to their homes
And on the trail they're trekking
When summer's stretched a ways
You'll feel a sweet wind rising
To soothe the sweltry days
The trees extend their great limbs
A twinkling light unfurls
Then sweeps across the woodland
Bringing autumn to the world.
Laura Jaworski
ماهوار رسالو ”سرتيون“ نومبر 2024ع جو شمارو اوهان
جي هٿن ۾ آهي، پرچو ڪيئن آهي؟ پنهنجي راءِ کان
ضرور آگاهه ڪندا. اوهان لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي تعاون
۽ سهڪار جو نتيجو آهي، جو رسالو گذريل 35 سالن کان
لڳاتار ڇپجندو رهيو آهي، اميد ته اهو سهڪار هميشه
جاري و ساري رهندو. اوهان جي صلاحن، تجويزن ۽
تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي.
واضح رهي ته جڏهن کان اداري جي سرپرستي موجوده
چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب ڪئي
آهي، تڏهن کان اداري جي ترقيءَ ۾ هڪ واضح فرق ڏسڻ
۾ آيو آهي ۽ سندن هدايتن تي بورڊ مان نڪرندڙ
رسالا، باقاعدگيءَ سان ڇپجي رهيا آهن. سندن
ايامڪاريءَ ۾ تمام گهڻا ڪتاب شايع ٿيا آهن. ڪتاب ۽
رسالا ڊجيٽلائيز ٿيا آهن، قلمي مخطوطن کي
ڊجيٽلائيز ڪرائڻ تي غور و فڪر ٿي رهيو آهي.
اسڪالرز ريسرچ هاسٽل جو بنياد پئجي چڪو آهي، ريسرچ
لئبرري قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهن. ان کان
علاوه هن وقت تائين ڪتابي ادبي ميلا، سيمينار،
ڪانفرنسون، ادبي ريفرنسن، ٽنهي رسالن تي مطالعاتي
ويهڪون ۽ جشن سرتيون جهڙا پروگرام ٿيا آهن، جن ۾
پوري سنڌ جا قلمڪار شريڪ ٿيندا رهيا آهن، ڪيترائي
ادبي ۽ تاريخي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن ۽ انيڪ ڪتاب
ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهن. اهڙي نموني ادارو قديم ۽
جديد ادب کي سانڍي سنواري ڇاپيندو رهي ٿو.
گلبدن جاويد
ريحانه فتح خان کوسو
حمل دوران ٿيندڙ تڪليفون ۽ انهن جو علاج
عورت،
الله رب العزت جي
پيدا
ڪيل اھا سھڻي مخلوق آھي،
جنھن کي محبت،
اطاعت،
وفاداري ۽ تابعداري جھڙا لقب ڏات ۾ مليا آھن،
اھا ھمشيره
جي ڪردار ۾ ھڪ ھمدرد،
ماءُ جي ڪردار ۾ خالق جو ٻيو روپ،
زال جي ڪردار ۾ ھمسفر ۽ اولاد جي روپ ۾ رحمت بڻجي
آئي آھي.
۽ سندس پيرن ھيٺ، مالڪ ڪائنات، جنت رکي ٻڌايو آھي ته عورت جو ھر روپ مرد لاءِ ھڪ نعمت آھي.
عورت ۾ اھي جذبا،
فطري طور تي موجود ھوندا آھن،
جيڪي سندس دائمي خاصيتن ۾ شامل آھن.
ھونئن ته عورت جا سڀئي روپ خوبصورت آھن، پر جيڪي محبتون،
ھوءَ
ماءُ
بڻجڻ کان
پوءِ پنھنجي اولاد تي نڇاور ڪندي آھي،
سي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آھن.
عورت، پنھنجي زندگيءَ ۾ ٻن رشتن سان بالغ ٿيڻ کان اڳ ئي ڳنڍيل ھوندي آھي،
يعني پيءُ ۽ ڀاءُ سان، ھوءَ جذباتي طور،
لاشعوري واري عمر کان ئي ڀيڻ ۽ ڌيءَ جو ڪردار ادا
ڪندي آھي، پر بطور زال يا ماءُ جو پنھنجو سفر مڪمل سمجهداريءَ
سان
طئي ڪندي آھي،
اھو ئي سبب آھي،
جيڪڏھن اھي ٻئي
رشتا،
سندس
اميدن
تي پورو نه لھي سگھن ته عورت مسلسل پريشانيءَ ۾ مبتلا رھي ٿي.
ماءُ
بڻجڻ، ھر عورت جي خواهش ھوندي آھي،
اھو نو مھينن جو خوبصورت سفر ۽ تجربو آھي،
جنھن مان تقريبن ھر عورت گذري ٿي.
عورت،
جڏھن حمل سان ٿئي ٿي ته ان دوران عورت کي مختلف
جسماني،
طبعي ۽ ذھني تبديلين کي منھن ڏيڻو پوندو آھي،
ڇاڪاڻ جو پھريون دفعو ماءُ بڻجن جو سفر جيترو
خوبصورت نظر ايندو آھي،
اوترو ئي پيچيده سفر پڻ آھي،
جيئن
حمل دوران، وزن وڌي وڃڻ،
ھارمونز جي عدم توازن سبب، پيدا ٿيندڙ مزاجي تبديليون،کاڌ خوراڪ جي ذائقي
۾ فرق واضح ٿيڻ،
ننڊ جو
وقت
تبديل ٿي وڃڻ شامل آھي،
انڪري عورت مختلف قسم جا ردعمل ڏيڻ شروع ڪندي آھي.
جيڪي سندس آسپاس جي ماحول تي دارومدار
رکن ٿا، يعني عورت بيشڪ
گڏيل ڪٽنب ۾ رھي يا عليحده ٻنھي صورتن ۾ عورت جو پھريون دفعو ماءُ بڻجڻ، ڪنھن آزمائش کان گھٽ ناھي ھوندو.
حمل دوران، عورت کي مختلف
ڪيفيتن مان گذرڻو پوي ٿو،
پر ان جو اظھار پوريءَ
طرح ناھي ڪري سگھندي،
جنھن ۾ عورت تي سماجي دٻاءُ يعني ساھرن يا ساڻس گڏ
رھندڙ ماڻھن جو رويو ۽ آس پاس جو ماحول وڌيڪ
اثرانداز ٿئي ٿو. انتھا پسند سوچ، عورت کي احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪرڻ ۾
اھم ڪردار ادا ڪري ٿي،
ڇاڪاڻ جو اڪثر ڪري عورت پھريون دفعو ماءُ بڻجڻ کان
پوءِ جي تبديلين کي سمجھڻ،
قبول ڪرڻ بيان ڪرڻ کان قاصر ھوندي آھي،جنھن جا مختلف سبب
آھن.پر کيس ماءُ
بڻجڻ جون اھڙيون ته فضيلتون ٻڌايون وينديون آھن، جو ڪنھن به قسم جي تنقيد کان بچڻ لاءِ ھُوءَ پنھنجي وجود کي
ئي خطرناڪ بيمارين جي حوالي ڪري وجھي ٿي. جنھن جي
بروقت تشخيص، ھو پاڻ به ناھي
ڪري سگھندي،
پر
مجموعي طور تي سندس جذباتي ڪيفيت،
ھڪ اڻڄاتل خوف ۾ مبتلا رھي ٿي،
جنھن جي نفسياتي ردعمل سبب،
عورت جو ورتاءُ تبديل ٿي ويندو آھي.
اھڙيءَ
طرح عورت پنهنجي زندگي جي حسين لمحن ۾ پرسڪون رھڻ
بجاءِ، ذھني
ڪشمڪش ۽ اداسيءَ جو شڪار ٿي پوي ٿي،
جنھن کي پوسٽ پارٽم ڊپريشن چئجي ٿو.
ويم کان
پوءِ جيتري جسماني صحت جي بحالي ضروري آھي،
اوتري ذھني صحت به
اھم آھي،
ھڪ اندازي موجب %13
فيصد
عورتن ۾ ويم کان
پوءِ اداسيءَ جا آثار نظر اچڻ شروع ٿيندا آھن،
جيڪي پوسٽ پارٽم ڊپريشن جو سبب بڻجي سگھن ٿا،
جنھن جا اثرات تقريباً ھڪ سال تائين جاري رھي سگھن ٿا.
نتيجن عورت ذھني طور تي پرسڪون ناھي رھندي،
نه ئي وري پنھنجي تازي ڄاول ٻار سان انسيت پيدا ڪري سگھندي
آھي.
پوسٽ پارٽم ڊپريشن جو شڪار، ھر
حمل واري عورت
ناھي ٿيندي، جيڪڏهن ٿي پوي ته ان جي شدت ٻئي کان مختلف ھوندي.
پوسٽ پارٽم ڊپريشن
ڪنھن
لاءِ
گھٽ ته ڪنھن لاءِ وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿيندو آھي،
اھڙي صورتحال جنھن ۾ عورت،
ذهني
پريشانيءَ ۽ ڊپريشن مان گذري ٿي،
ان لاءِ عورت کي ڪابه آگاھي نٿي ڏني وڃي نه ئي وري
ڪا آٿت ملي ٿي، ان جي برعڪس آسپاس جي ماڻھن جا رويا برداشت ڪندي، ويتر مايوسيءَ
جو شڪار ٿي
ويندي آھي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي ته اھي عورتون، جن کي ننڍپڻ ۾ اھميت
نٿي ڏني وڃي،
شادي کان
پوءِ مڙس يا ساھرن طرفان به نظرانداز ٿيڻ،
شاديءَ ۾ پسنديدگي شامل نه ھجڻ،
حمل دوران انھن جو مناسب خيال نه رکيو وڃي يا وري
مڙس سان وابسته توقعات پوريون
نه
ٿين ته اھڙين عورتن ۾ پوسٽ پارٽم ڊپريشن ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ
ھوندو
آهي.
اھڙين عورتن ۾ ماءُ
ٿيڻ
جي ذميواريءَ
جو احساس ختم ٿيڻ شروع ٿي ويندو آھي، جنھن جي ڏوھاري، ھوءَ
پنھنجو پاڻ کي سمجهڻ لڳندي آھي ته ھن پنھنجي زندگيءَ
جا سڀئي رشتا ناتا بخوبي نڀايا، سواءِ ھڪ ماءُ
جي
۽ شايد ھوءَ سٺي ماءُ
جو ڪردار نٿي نڀائي سگھي يا وري ته شايد آئون،
ان قابل ئي ناھيان،
جو بھترين ماءُ
جو ڪردار نڀائي سگھان.
ماھرين
جي چوڻ
مطابق: اھڙي عورت پاڻ سان گڏ، ٻار کي به نقصان پھچائي سگھي ٿي.پر اسان وٽ انھيءَ مرض کي مرض ئي نٿو سمجھيو وڃي جو بروقت تشخيص ڪري، علاج ڪرايو وڃي،
جنھن سبب، عورت پنھنجي زندگيءَ
جي حسين ترين لمحن کي بدترين صورتحال جي نظر ڪيو
ڇڏي ٿي،
جنھن جو سڌو سنئون اثر،
ٻار ۽ ماءُ تي پوي ٿو. عورت جي رويي ۾ چڙچڙي پن ۽
ڪاوڙ جو عنصر نمايان ٿي ايندو
آھي ته اسين
به
ان کي پنھنجي پنھنجي نظريي مطابق ڏسندا آھيون.
جھڙوڪ: اھا ته چاھي ئي نٿي اولاد،
اھا ان ٻار مان خوش ئي ڪونھي،
يا مڙس جي ڪاوڙ،
ٻار مان پئي ٿي ڪڍي، ڇو ته شادي پسند جي ڪونه ھئي يا ويم
کان
پوءِ ٻار جو مٿو ئي سولو ڪونھي ويھاريو،
مائٽن ڪجھه سيکاري ئي ناھي موڪليو،
الائي ڇو مائٽ
هن کي
سمجھائن ئي نٿا ته ٻار ڪيئن پالجي؟!! وغيره وغيره...(ڀلا
مائٽن جي گھر ۾ پھرين ٻار کي پالڻ جو تجربو ڪيئن
ٿيندو آھي؟!!)
بهرحال
اھڙي قسم جا مختلف طعنا
برداشت ڪندي، عورت،
جنھن ڪرب ۽ اذيتناڪ گهڙين مان گذري ٿي، سا ذھني اذيتن جي شدت کي وڌائي، ڊپريشن ۾ تبديل ڪري،
فقط ڪاوڙ ظاھر ڪندي آھي.اسين ان ڪيفيت کي سمجھڻ جي
ڪوشش ئي ناھيون ڪندا
يا سمجهڻ ئي نٿا چاهيون، جن
تڪليفن
منجھان اڪيلي عورت ئي پئي گذرندي آھي.
ڇو ته اسان ڪنھن کي تڪليف
۾ ڏسي بجاءِ آٿت يا حوصلو ڏيڻ جي طنز و مزاح ڪرڻ کي وڌيڪ
ترجيح ڏيندا آھيون. اسان وٽ خاندان ۾ يا ان کان ٻاهر به
اھڙيون رشتيدار عورتون موجود آھن،
جيڪي اھڙيءَ پريشاني جي وقت ۾ به بجاءِ تسلي بخش يا آٿت ڀريا لفظ
استعمال ڪرڻ جي طنزيه جملن ۾ عورت کي پوڻيٺي جو پٽ
پيدا ڪرڻ جي تاڪيد ڪندي، فقط پنھنجا
مثال پيون ڏينديون آھن ته اسان جي زماني ۾ ته ايئن
ڪونه ٿيندو ھو،
اسان ته ڏھه ڏھه
ٻار ڄڻياسين،تون ڪھڙي انوکي ٻار
کي جنم ڏيڻ پئي وڃين؟! ته ڪير سمجھائي، انھن کي ته پھرين وارو دؤر ئي ٻيو ھو. اڄڪلهه
جون حالتون
۽ مسئلا، انھي نوعيت جا ئي ناھن،
پھرين ته ٻار ۽ ماءُ ٻنھي جو خيال رکيو ويندو ھو،
انھن جي مالش،
خالص غذا،
کاڌ خوراڪ، جيڪا مختلف ڪيميڪلز کان پاڪ ھوندي ھئي
۽ ماڻھو ھڪٻئي سان مالي تعاون به ڪندا ھئا،
ھاڻي حالتون، ان جي اُبتڙ آھن.
ھن مھانگائيءَ
۽
بيروزگاريءَ
جي راڪاس، مردن کي به معاشي مسئلن ۾ منجھائي رکيو آھي،
جنھن جو اثر، گھر جي ماحول تي پوي ٿو،
انھيءَ ڪري به ھن وقت اھو مرض وڌيڪَ ڦھلجڻ لڳو آھي، جنھن ۾ عورت ۽ مرد ٻئي متاثر ٿين ٿا.
۽ اھڙي ۾ جيڪڏهن نارمل ڊليوري نه ٿئي ته عورت لاءِ
ڄڻ ماءُ
ھجڻ جو اعزاز ئي خطري ۾ پئجيو وڃي،
(سي سيڪشن ڄڻ عورت لاءِ طعنو ھجي) حالانڪ سي سيڪشن
وارين عورتن
۾
صحت جا مسئلا وڌيڪ ھوندا آھن،
ڪنھن
عورت
کي وٽامن جي کوٽ ته ڪنھن کي ڪيلشم جي ڪمي، ڪنھن ۾ آئرن جي کوٽ ته ڪا عورت،
رت جي کوٽ يا ھڏين جي ڪمزوريءَ
کي منھن ڏيئي به اولاد پيدا ڪري ٿي. ۽ جيڪڏهن عورت
ورڪنگ وومين به ھجي ته
اڃا
وڌيڪَ پريشانيءَ
کي منھن ڏيندي آھي.
ان کي ته پنھنجي صحت جو خيال رکڻ جو به ٽائيم ناھي
ملي سگھندو،
آفيس جي ڪم ڪار سان گڏوگڏ،
گھر جون ذميواريون، ٻارن جي پرورش
۽ سماجي تنقيد کي منھن ڏيڻو پوندو آھي.
جتي ساھرن جا اھڙا زھر ڀريا طعنا ۽ تلخ رويا عورت لاءِ برداشت ڪرڻ مشڪل ھجن، اتي ڪٿي ڪٿي اھڙا مرد به موجود آھن، جيڪي عورت کان سوال ڪندا آھن ته تو ڪھڙو احسان ڪيو آھي، ٻار پيدا ڪري؟ يا وري پٽ جي پيدائش نه ٿيڻ تي عورت کي ڏوھي
قرار ڏيندي، ذھني طور تي عورت جي پريشانيءَ ۾ اضافو ڪن ٿا،حقيقت ۾ جيڪڏهن مرد، عورت جي جاءِ تي پاڻ کي رکي سوچي ته جيڪا عورت فقط اوھان جي خاطر پنھنجو
نالو،گھر تبديل ڪندي آھي،
پنھنجو خاندان ڇڏي، اوھان سان گڏجي گھر ٺاھيندي آھي،
اوھان
جي همسفر بڻجي، سموري حياتي اوھان کي ارپي ٿي فقط
اوھان جي نسل وڌائڻ خاطر،
نَوَ
مھينا پيٽ ۾ وزن کڻي ٿي،
ليبر روم ۾ ناقابل برداشت تڪليف،
جيڪا 20 ھڏيون گڏ ٽٽڻ جي برابر ھجي ٿي يعني موت
جي منھن مان نڪري،
اوھان کي پيءُ ٿيڻ جي اعزاز سان نوازي ٿي،
راتين جو جاڳي اوھان جي ٻارن جي پالنا
۽
پرورش ڪري ٿي، اوھان جي والدين جي به
خدمت ڪري ٿي، جيڪڏهن اوھين عورت کي ھڪ پل لاءِ به
ٻار جي پيدائش وقت ٿيندڙ تڪليف ۾ ڏسي وٺو ته شايد
اوھين مرد کانئس
ڪڏھن به پٽ نه ٿيڻ جي شڪايت نه ڪيو،
نه ئي وري کيس گھر مان بي دخل يا طلاق ڏيڻ جي ڌمڪي ڏيئي سگھو.
عورت چاھي گھريلو خاتون ھجي يا ورڪنگ
وومين، حمل دوران،
ويم کان
پوءِ ۽ پھرين ٻار جي پرورش ڪرڻ وقت،
جن روين کي منھن ڏيندي آھي، سي زندگي ڀر ياد رھندا اٿس،
اھڙي وقت ۾ ڪو جيڪڏهن ٿورڙو ئي
سندس
خيال ڪري
۽
ٻه لفظ آٿت جا چئي ڇڏي ته سندن خوشي ڏسڻ وٽان ھوندي
آهي.
انڪري ڪوشش ڪيو ته اھڙيءَ صورتحال
۾
عورت جا ڀرجھلو
ٿي بيھي رھو، ڇاڪاڻ جو ننڍڙي ٻار جون ذميواريون وڌيڪ ھونديون آھن ۽
گھڻي
دٻاءَ سبب،
ماءُ ۾ ننڊ جي ڪمي ٿيڻ لڳي ٿي.
گھر جي ڪم ڪار ۾ نئين ماءُ
جو ھٿ ونڊائڻ گھرجي،
کيس گھر جي ٻين ذميوارين کان ڪجھه وقت لاءِ آجو ڪري ڇڏجي ته جيئن ھوءَ پنھنجي نئين ڄاول ٻار جي پرورش لاءِ پاڻ کي ذهني طور تيار
ڪري سگھي.
جيڪڏھن گھر ڀاتي ايئن تعاون ڪن ته ڪنھن
حد تائين پريشاني ختم ٿي سگھي ٿي.
ماھرين نفسيات مطابق پوسٽ پارٽم ڊپريشن
جو شڪار عورت جي زندگيءَ
۾ سندس مڙس، ساھرن،
مائٽن
۽ دوستن جو
اهم ڪردار ھوندو آھي،
جن جي تعاون سان، عورت کي اھڙي مرض کان بچائي،
ماءُ ۽ ٻار کي صحتمند ۽ خوشگوار زندگي مھيا ڪرڻ ۾
مدد ڪري سگھجي ٿي.
پوسٽ پارٽم ڊپريشن جا مختلف ڪارڻ يا سبب
* ماضي ۾ پيدا ٿيل نفسياتي مسئلا
* معاشرتي دٻاءُ يا فڪر معاش
* حمل جي دوران،
جذباتي صدما
* مالي مشڪلاتون
* ماضيءَ
۾ ڊپريشن جي موجودگي
* ويم دوران پيچيدگيون
*
مائٽن
۽
مڙس پاران مسلسل نظرانداز ٿيڻ
جي
سبب
* حمل دوران مختلف دوائن جا سائيڊ افيڪٽس
پوسٽ پارٽم ڊپريشن جون علامتون
* اداسي/بيچيني يا خالي پن جو احساس
* مزاج ۾ تبديلي،
چڙچڙو رھڻ يا ڪاوڙ وڌيڪ ڪرڻ
* بک يا وزن ۾ اوچتو گھٽتائي يا اوچتو وڌڻ
* شديد ٿڪاوٽ يا بيزار رھڻ
* پنھنجي تازي ڄاول ٻار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ
* ٻار سان پيار نه ڪرڻ يا ان جو خيال نه رکڻ جي ڪري احساس ندامت وچان مسلسل
روئڻ
* خودڪشي جا خيال اچڻ يا ٻار کي مارڻ
جھڙا خطرناڪ خيال اچڻ
* ننڊ نه اچڻ
* ھر وقت ڪاوڙ ۾ رھڻ
پوسٽ پارٽم ڊپريشن کان بچڻ لاءِ ڪجھه مشورا
پوسٽ پارٽم ڊپريشن کان بچاءَ
لاءِ سڀ کان پھرين عورت کي پاڻ ئي پنھنجو خيال
رکڻو پوندو،جنھن لاءِ ضروري آھي ته عورت ڪنھن به
قسم جي پريشانيءَ کي پاڻ تي سوار نه ڪري، جنھن جا خراب اثر،
ان جي ايندڙ ٻار جي زندگيءَ
تي پون، ياد رکو
ڪابه پريشاني اولاد کان مٿي ناھي ھوندي.
* حمل دوران گھڻيون دوائون واپرائڻ کان پرھيز ڪيو
* ھلڪي ورزش، چھل قدمي،
مناسب غذا، اوھان جي مزاج کي بھتر بڻائي سگھي ٿي.جسماني
سرگرمين کي ويم کان
پوءِ به پنھنجو معمول بڻائي ڇڏيو.
* مناسب ننڊ ڪيو،
ڪوشش ڪيو ته جنھن وقت ٻار ستل ھجي اوھين به پاڻ کي
آرام ڏيو،
جيڪڏھن ايئن ممڪن نه ھجي ته ڪنھن جي مدد وٺي،
ننڊ پوري
ڪيو،
ائين ڪرڻ
سان، ٻار لاءِ کير به ٿيندو
۽
اوھين به پُرسڪون رھنديون.
* پنھنجي ڪنھن به
قابل اعتبار مٽ مائٽ
سھيلي يا مڙس سان پنھنجو حال احوال بيان ڪيو،پنھنجي جذباتي ڪيفيت
جي شدت گھٽائڻ لاءِ انھن جي رھنمائي وٺو.
*
ڊپريشن ٿيڻ جي صورت ۾ هڪدم ڊاڪٽر
يا ٿيراپسٽ جي مدد وٺو ته جيئن بروقت علاج ٿي
سگھي،
ياد رھي ته ڊپريشن قابل علاج مرض آھي.
|