پروفيسر رشيده ڀٽي
غذا جا اهم جُزا
ڪجهه ڀاڄيون ۽ ميوا، الله تعاليٰ جي طرفان، اهڙا
ته مُندائتا تحفا آهن، جن کي صحيح طريقي ۽ صحيح
وقت تي واپرائي ڪري، اسان بيشمار فائدا حاصل ڪري
سگهون ٿا. شرط اِهو آهي ته اُن ڀاڄيءَ يا موسمي
”ميوي“ کي صحيح ”مقدار“ ۽ ”متوازن“ طريقي سان
استعمال ڪجي، اچو ته پهريان اسان ڪجهه ”ڀاڄين“ جي
متعلق ڄاڻ حاصل ڪريون ٿا ته انھن جو وقتائتو
استعمال، اسان جي ”صحت“ ۽ ”تندرستيءَ“ لاءِ ڪيترو
نه فائدو رسائيندڙ آهي.
واڱڻ
واڱڻ، هڪ بھترين، اهڙي ڀاڄي آهي، جنھن کي
انگريزيءَ ۾ (ايگ پلانٽ
(Egg Plant)
سڏيو ويندو آهي، ڇو ته واڱڻ،
بنيادي طرح لوهه يعني آئرن سان مڪمل طور ڀريل
هوندو آهي. منجهس آئرن
(Iron)
جي تمام گهڻي مقدار ۾ موجودگي، انتهائي فائدو
رسائيندڙ آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ”کنگهه“ يعني ”بلغم“
جي شڪايت دائمي رهندي هجي ته اُن کي واڱڻ جو ٻوڙ
ضرور کائڻ کپي. واڱڻ، کنگهه کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار
ٿيندو آهي، کنگهه واري ڪيفيت ۾ ڪمي آڻي، دل کي
”سڪون“ ۽ ”تقويت“ بخشيندڙ واڱڻ، ٻين مختلف معدنيات
سان پڻ ڀرپور هوندو آهي.
گوگڙو
گوگڙو کي اُردوءَ ۾ ”شلجم“ سڏيو ويندو آهي، گوگڙو
اندر بيشمار معدني جُزا ۽ وٽامنس موجود هوندا آهن،
جيڪي پڻ کنگهه کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندا آهن، گڏوگڏ،
گوگڙو، جيڪڏهن ڇِلي ڌوئي ”ڪچو“ واپرائجي ته هوند
وزن پڻ گهٽجي ويندو. ڇو ته گوگڙو ۾ فائبر ۽ پاڻيءَ
جو مقدار وافر انداز ۾ موجود آهي، گوگڙوءَ جون
ڦارون ڪري، اُن مٿان ڪارا مرچ ڪُٽيل ۽ ليمي جي رس
مٿان وجهي، ذائقي آهر لوڻ وجهي، نيرن ۾ استعمال
ڪرڻ سان پڻ تمام گهڻا فائدا حاصل ٿين ٿا.
ٿوم
ٿوم کي اردوءَ ۾ ”لهسن“ ۽ انگريزيءَ ۾ گارلڪ
(Gearlic)
سڏيو ويندو آهي. ”ٿوم“ نهايت مفيد ٿئي ٿي. ”گردن“
يعني ”بُڪين“ جي ڪم ڪار کي متوازن ڪرڻ ۾ مدد ڪري
ٿي ۽ جسم اندر موجود ڪوليسٽرول جي ليول کي ڪنٽرول
ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿي.ٿوم کائڻ سان، دل جي
نسن، شريانين وغيره کي کليل رکڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي.
روزانو ڪجهه ٿوم جون ڳڙيون داڻا ٻه ٽي دفعا
واپرائڻ سان پيٽ جي پڻ صفائي ٿيندي رهي ٿي.
معدنيات، وٽامنس وغيره سان ڀرپور ”ٿوم“ جو استعمال
روزمره جي زندگيءَ ۾ نھايت ضروري آهي
پسته
پسته، خشڪ (سڪل“ ميوي ۾ شمار ٿين ٿا، دماغ کي قوت
بخشيندڙ ۽ ”اُڃ“ کي گهٽائيندڙ، پسته، ”معدي“ يعني
(Stomach)
کي پڻ تمام گهڻي طاقت ۽ قوت بخشين ٿا ۽ ڪيترين ئي
معدنيات ۽ وٽامنس سان ڀرپور پسته، نھايت ئي کائڻ ۾
مزيدار ۽ لذيذ ٿين ٿا. اڪيلا پسته به استعمال ڪري
سگهجن ٿا ۽ ٻين ميوه جات سان، ملائي به استعمال
ڪيا ويندا آهن. خاص طور تي مٺاين ۽ حلوه جات وغيره
۾ ڀرپور انداز سان استعمال ڪيا ويندا آهن.
ڪيلا
تازن ميون جو ذڪر ڪجي ته هر موسم ۾ مختلف قسم جا
ميوا، قدرت طرفان عطا ڪيا وڃن ٿا، جن منجهان ڪيلا
پڻ هڪ اهم ”ميوي“ منجهه شمار ڪيا وڃن ٿا، هنن کي
انگريزيءَ ۾ بنانا
(Banana)
سڏيو وڃي ٿو. ڪاربوهائيڊريش سان ڀرپور ڪيلا پڻ
گردن يعني بُڪين جي لاءِ نھايت ڪارآمد ثابت ٿين
ٿا. ڪيلن کي کائڻ سان ”بُڪين“ جو ڪم ڪار بھتر ٿئي
ٿو. رت اندر پيدا ٿيندڙ زهريلين مادن کي ڪيلا،
تمام سٺي نموني سان بُڪين تائين پھچائڻ ۾ مددگار
ثابت ٿين ٿا. هي بُڪين جي ”سوزش“ کي گهٽائڻ ۾ پڻ
مددگار ثابت ٿين ٿا.
تخم بالنگا
تخم بالنگا (تخم ريحان) نازبوءَ جو ٻج (50 گرام،
ڇنڊي، ڦوڪي صاف ڪري پيھي رکجي، نڪھير جي صورت ۾
صبح، شام ننڍڙي اڌ چمچي (چانھه واري) کائجي،
پاڻيءَ سان، انشاءَالله شرطيه فائدو ملندو. صبح جو
نيراني ۽ شام جو مانيءَ کان پوءِ هفتو کن کائڻ سان
/ڦڪڻ سان انشاءَالله تعاليٰ نڪھير کان آرام اچي
ويندو.
سونف
جنھن کي عرف علم ۾ گهڻا ماڻھو وڏف به سڏيندا آهن،
بيحد فائديمند آهن. سيني جي ساڙي ۽ تيزابيت کي دور
ڪرڻ ۾ سونف وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. هونئن ته سڌي
سادي طريقي سان مانيءَ کائڻ بعد جيڪڏهن ٿورڙا سونف
کائي ڇڏجن ته بي انتها سُٺو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن
ماڻھوءَ کي کاڌي کائڻ بعد تمام گهڻي تيزابيت محسوس
ٿيندي هجي ته پوءِ هيٺين ترڪيب زير استعمال رکجي.
اُٻرندڙ پاڻيءَ ۾ سونفن جا ٻه ننڍڙا چمچا چانھه
وارا وجهي، ڏهن منٽن تائين ڪوپ/گلاس ۾ رکو ۽ پوءِ
ڏهن منٽن بعد ڇاڻيءَ سان ڇاڻي پي ڇڏيو. سونفن جي
عرق پيئڻ سان سيني جي جلن/تيزابيت دور ٿي ويندي.
ڦودنو، سڪل ڏاڙهونءَ جا داڻا، ادرڪ سُنڍ هم وزن
مقدار کڻي، گڏائي پيھي ڪري سوڪيو ۽ ٺھيل پيسٽ کي
ڪنھن خشڪ شيشي جي مرتبان يعني بوتل ۾ وجھي رکو.
جيڪڏهن توهان کي گهڻي مرغن غذا کائڻ ڪري، گئس ۽
معدي ۾ تڪليف رهي ٿي ته روزانو صبح و شام هڪ ننڍڙو
چمچو پاڻيءَ سان کائو. انشاءَالله تعاليٰ فائدو
حاصل ٿيندو. ڦودنو کائڻ سلاد وغيره سان گڏ، توڙي
اڪيلو تمام گهڻو فائديمند آهي، روزمره جي زندگيءَ
۾ کائڻ جي دسترخوان تي ڦودني کي ضرور شامل رکو.
معدي جي خرابي ۽ تيزابيت کي دور ڪرڻ ۾ لاجواب
ڪردار ادا ڪري ٿو.
دالچيني: مئگنيز ۽ هڏين لاءِ بھترين ۽ خوشبودار،
ڪيميائي جُزن سان ڀرپور هوندي آهي.
ميٿي: داڻن يا پائوڊر جي شڪل ۾ استعمال ڪئي ويندي
آهي.
سونف: ڪيڪ ٺاهڻ وقت يا ماني پچائڻ وقت پھرين کان
وجهڻ کپن.
جيرو: رت ۾ پيدا ٿيندڙ بيمارين کان بچاءُ لاءِ ڪم
اچي ٿو.
هيڊ: هڏين جي سوڄ ۽ ڪينسر لاءِ هيڊ جو استعمال
مفيد آهي، کاڌن جو رنگ مٽائڻ لاءِ بھترين ۽ وٽامن
(c)
سي سان ڀرپور هوندي آهي.
مٿيان بيان ڪيل گرام مصالحا، جيڪڏهن هڪ خاص مخصوص
مقدار ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا ته اُنھن جو استعمال
تمام بھترين ثابت ٿيندو آهي.
ليمون
بُڪين اندر پٿريءَ جو علاج: ليمون عام طور روزمره
جي غذا ۾ شامل هڪ نھايت اهم جُز طور شامل رهندو
اچي ٿو. ليمي جي رَس (جوس)، زيتون جي تيل ۽ ماکي،
جنھن کي اردوءَ ۾ ”شهد“ ۽ انگريزي ۾
(Honey)
سڏيو ويندو آهي، هڪ ڀريل چانهه وارو چمچو، هڪ گلاس
پاڻيءَ منجهه ملائي پندرهن کان هڪ مھيني تائين
پيئڻ سان، پٿري ذرا ذرا ٿي پيشاب ذريعي خارج ٿي
ويندي.
ماکي
(Honey)
جيڪڏهن روزانو صبح جو ماکي، هڪ گلاس نيم گرم
پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ شروع ڪجي ته ڪجهه عرصي بعد
واضح طور تي فرق نظر ايندو ۽ جسم تي مٿان جيڪا
وڌيڪ اضافي چرٻي نظر ايندي آهي، سا آهستي آهستي
گهٽجي ويندي، يعني ته وزن گهٽائڻ لاءِ نهايت مفيد
ٽانڪ طور ڪم ڪندي آهي.
ڳاڙها لوبيا
ڳاڙها لوبيا، اُٻاري کائڻ سان، نھايت بيشمار فائدا
حاصل ٿين ٿا، آئرن جي گهٽتائيءَ کي تيزي سان
وڌائيندڙ لوبيا، ننڍن ٻارن لاءِ به بيحد مفيد ثابت
ٿين ٿا. ذائقيدار لوبيا اڪيلا يا وري نوڊلز ۽
پاسته وغيره ۾ به شامل ڪري سگهجن ٿا، جسماني طور،
قد کي وڌائڻ ۽ هڏين ۾ مضبوطي پيدا ڪن ٿا.
چقندر
چقندر، سلاد ۾ ڪچا ٽڪر ٽڪر ڪري يا وري اُٻاري
استعمال ڪجن، ٻنھي صورتن ۾ فائديمند آهن، هڏن ۽
سَنڌن جي سور ۾ پڻ مفيد هوندا آهن. جيرو مضبوط ڪن
ٿا ۽ تازي خون (رت) کي ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿا. چقندر کي
بلينڊر ۾ وجهي رسُ (جوس) ڪڍي گلاس ڀري پيئڻ سان بي
پناهه فائدا حاصل ٿين ٿا. گڏوگڏ جوس ڪڍڻ مھل ڪجهه
پن ڦودني جا ڌوئي صاف ڪري ملائجن ته اڃان وڌيڪ
فائدو حاصل ٿيندو.
جاڻ
جاڻ جا ٻج، نھايت بيمثال ۽ بيشمار فائدو ڏيندڙ
”ٻج“ آهن، روزانو 6 گرام ”جاڻ“ پاڻيءَ سان ڦڪيءَ
وانگر واپرائڻ سان، بُڪين ۽ مثاني جي ڪارڪردگيءَ
کي بھتر ڪرڻ ۾ مدد ثابت ٿين ٿا ۽ پٿريءَ جي اخراج
۾ پڻ مددگار ٿين ٿا.
ننڍا ڦوٽا
هنن کي اردوءَ ۾ ”الائچي“ سڏيو وڃي ٿو، انگريزيءَ
۾
(Cardamom)
ڪري سڏجي ٿو. بيشمار فائدن جي حامل ننڍن ڦوٽن کي
جيڪڏهن روزمره جي زندگيءَ ۾ شامل رکجي ته نھايت
عمده فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا. ٻه ڪوپ پاڻيءَ ۾ ٽي
چار ننڍا ڦوٽا وجهي اُٻاريو، هڪ ڪوپ پاڻي باقي بچي
ته ڇاڻي نيم گرم چانھه وانگر استعمال ڪيو، نڪ جي
وڌيل ”غدود
Glaud“
کي يڪسر فائدو رسائيندا.
وڏا ڦوٽا
جيڪڏهن اوچتو اُلٽي، مونجهه، چَڪر ۽ پيٽ ۾ سور
پئجي وڃي ته وات ۾ وڏو ڦوٽو وجهي چٻاڙيو ۽ مٿان
پاڻي پي ڇڏيو، انشاءَالله جلدي فائدو رسندو.
کارڪون
کارڪون
ٽي چار داڻا روزانو کائڻ گهرجن، خاص طور تي جيڪڏهن
قد کي وڌائڻ جي لاءِ سوچ ڪجي ته پوءِ ٽي چار
کارڪون کڻو، کير جي هڪ گلاس ۾ وجهي ڪري اُٻاري خوب
گهاٽو ڪيو، پوءِ بلينڊ ڪري ڇاڻي، صبح جو پي ڇڏيو،
ائين ننڍن توڙي وڏن لاءِ فائديمند آهي.
اسپغول
خوني بواسير (موڪا) ۽ بادي وغيره ٿي پوي ته اسپغول
جا ٻه کائڻ وارا چمچا، رات جو سمھڻ وقت پاڻيءَ سان
کائي سمھڻ گهرجي، اڪسير ثابت ٿيندا.
انجير
انجير پڻ سُڪي يعني خشڪ ميوجات طور استعمال ڪيو
ويندو آهي، هن جا بيشمار فائدا آهن، خاص طور تي
ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ انجير جو استعمال فائديمند
آهي. دل جي تڪليف کان پري رکن ٿا. انجير کائيندو
رهڻ سان، بيمارين کان پڻ بچي سگهجي ٿو. ڪوليسٽرول
ليول کي گهٽائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. ڪوليسٽرول کي
گهٽائي، دل کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڪن ٿا، هاءِ
بلڊپريشر کي گهٽائڻ ۾ پڻ اهم رول ادا ڪن ٿا، هڏن
لاءِ مفيد ۽ شگر کي پڻ روڪڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
بادام
بادام پڻ هڪ اهم خشڪ ميوي جي حيثيت رکن ٿا. شگر کي
ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ خراب ڪوليسٽرول
(LDL)
کي گهٽائڻ ۾ پڻ مدد ڪن ٿا. نھايت مقوي غذا آهي.
بادام خاص طور تي مٺاين ۽ حلوه جات ۾ استعمال ڪيا
ويندا آهن. رات جو بادام پاڻيءَ ۾ پسائي رکجن، پنج
داڻا، صبح جو کلون لاهي، کائي مٿان ساڳيو پاڻي پي
ڇڏجي.
سڪل ڪشمڪش ۽ ڪارا مرچ:
هنن ٻنهي جو گڏيل استعمال سيني اندر ڄميل کنگهه
(بلغم) کي گهٽائڻ لاءِ نھايت بهترين نسخو آهي،
کنگهه گهڻو ڪري ڦڦڙن اندر رطوبت گڏ ٿيڻ جي صورت ۾
پيدا ٿي پوندي آهي، جيڪا آهستي آهستي گڏ ٿيڻ جي
صورت ۾، جيوڙا پيدا ٿي پوندا آهن ۽ کنگهه جي شدت ۾
اضافو اچي ويندو آهي، ڪارا مرچ ۽ ڪشمڪش ٻنھي کي
اوٻاري نيم گرم پاڻي قھوه وانگر واپرائڻ گهرجي.
ائين چار پنج ڪارا مرچ ۽ ڪجهه داڻا ڪشمڪش جا گڏي
چٻاڙڻ سان به فائدو ملندو آهي ۽ کنگهه جي شدت ۾
ڪمي اچي ويندي آهي.
صرف اڪيلي ڪشمڪش جا ڪجهه داڻا ”نيرانو“ صبح جو
روزانو کائڻ سان به فائدو ٿي ويندو آهي. ٻن هفتن
جي استعمال سان سيني تان بوجهه ۽ کنگهه جي شدت ۾
ڪمي اچي ويندي آهي.
کنگهه کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ هميشه خشڪ ميوه
جات کي گڏي ڪُٽي، سنهو ڪري، استعمال ڪرڻ جا بيحد
فائدا آهن.
مصري
جنھن کي ڪوزي مصري ڪري به سڏيو ويندو آهي. 125
گرام کڻو ۽ تمام سٺي نموني سان ڪُٽي سنھو ڪري وٺو،
ڪوشش ڪري ململ جي سنھي ڪپڙي ۾ ڇاڻيو ته تمام بھتر
نتيجا ملندا. منقه به ساڳي نموني هم وزن يعني 125
گرام کڻو، اُنھن کي به آهستگيءَ سان ڪُٽي سنھو ڪري
ملايو، جيئن ته اُهي آلاڻ مائل هونديون آهن، اِن
ڪري احتياط سان ڪُٽبو، 50 گرام بادامين کي به تمام
سنھو ڪري ڪُٽي وٺو، هاڻي سڀني شين کي پاڻ ۾ ملائي،
چڱي ريت گڏايو ۽ ننڍڙيون ننڍڙيون گوليون ٺاهي وٺو.
جنھن وقت کنگهه اُڀري ته اُهي گوليون هڪ يا ٻه وات
۾ رکي چوسيو، ڪجهه ڏينهن جي استعمال بعد نمايان
فائدو حاصل ٿيندو، انشاءَالله تعاليٰ.
|