سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري، اپريل 2014ع

مضمون--

صفحو :7

ڊاڪٽر رافعه افغان

سچو ۽ کرو ماڻهو

 

هو هڪ پرائمري اسڪول ماستر قادر داد افغان جي گهر ”قاضي واهڻ“ تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ 22 جولاءِ 1926ع تي ڄائو هو. سندس نالو عبدالقدير افغان رکيائون. شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾ ئي پرايائين ۽ جيئن ئي سندس خاندان تعليم خاطر شڪارپور منتقل ٿيو، ته هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم شڪارپور مان مڪمل ڪيائين ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ NED يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جي ڊگري وٺي، سنڌ ۾ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ سان منسلڪ ٿي ويو. کيس جلد ئي اسڪالرشپ ملي ۽ اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ روانو ٿي ويو. 1958ع ۾ ڊاڪٽر افغان پي.ايڇ.ڊي (ڊاڪٽريٽ) جي ڊگري وٺي واپس وطن وريو ۽ ٻيهر پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ دخلڪار ٿيو. اها قدرت جي مٿانئس آزمائش هئي يا خاص عنايت هئي، جو هو هڪ اهڙي شخصيت ۽ طبيعت جي جوڙجڪ کڻي هن جهان جي پاتال ۾ لٿو هو، جنهن ۾ حالتن سان ٺاهه ڪرڻ جي کوٽ هئي. هن جي مٽيءَ ۾ ’سچ‘ ڪجهه اهڙي انداز ۾ شامل هو، جو هو عام طرح پنهنجون مشڪل راهون ڳولهي وٺندو هو. اهڙي ئي طبيعت هن کي هر قدم تي آزمائش، ڏکيائين ۽ مشڪلاتن جي منهن ۾ رکيو هو. هڪ رحمدل، دردمند ۽ بي انتها مٺو ماڻهو هوندي به، بظاهر سخت، بيحد اصول پسند ۽ حالتن سان هر وقت Confrontation ۾ رهيو. سندس اهڙي ئي طبيعت کيس هڪ دفعو ٻيهر ملڪ ڇڏي، ڏيساور وڃڻ تي مجبور ڪيو. آخرڪار، هو انگلينڊ هليو ويو.

هڪ درد وچان هڪ ڏک سان هو پنهنجي لياقتن ۽ قابليتن سان پنهنجي ڌرتيءَ جو قرض ۽ فرض لاهي نه سگهيو. شايد، اهو ئي قدرت جو ڏکوئيندڙ قانون آهي ۽ ائين ئي ڏٺو ويو آهي ته هر سچائي پنهنجي راهن کي پيچيده ڏسندي ۽ محسوس ڪندي آئي.

مجموعي طرح، هن ملڪ جي تقدير ڪجهه اهڙيءَ طرح لکيل آهي، ته هتي هر سچو ماڻهو، جيڪو عام ڀلائيءَ جي ڳالهه ڪندو هجي، جيڪو سڌو رستو وٺي بلنديءَ ڏانهن سفر ڪندڙ هجي، ان جي رستن کي ڪجهه اهڙو پيچيده ڪيو ويندو آهي ته پوري حياتي سفر ۾ رهڻ کان پوءِ به ائين محسوس ٿئي، ڄڻ سفر ته اڃان شروع ئي نه ٿيو هجي.

ڊاڪٽر افغان کي گهڻن سالن کان پوءِ، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ کيس خدمت جو موقعو ڏنو ويو، ته هو سڀ ڪجهه ڇڏي، پنهنجو بهتر مستقبل، پنهنجين قابليتن لاءِ قدر ۽ پنهنجو سک وساري، پنهنجي ڌرتيءَ جي سڏ تي لبيڪ چئي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ استاد جي حيثيت سان خدمت لاءِ اچي حاضر ٿيو.

اهي سال، جيڪي هن انجنيئرنگ ڪاليج کي ڏنا هئا يا انجنيئرنگ ڪاليج هن کي ڏنا هئا اهي ئي سال هن جي زندگيءَ جا سونهري سال هئا. اهي ئي سال هن جي حياتي جو ڪل سرمايو هئا. هن ڪاليج کي نه صرف هڪ پرخلوص استاد ڏنو هو، پر هن پنهنجن شاگردن کي هڪ بااصول ۽ شفيق پيءُ به ڏنو هو. هن پوريءَ ايمانداريءَ سان پنهنجي ڌرتيءَ جي اولاد کي پنهنجو اولاد سمجهي، ان کي بهتر کان بهتر تعليم، تربيت ۽ حياتيءَ ۾ اصولن لاءِ جاکوڙ جو درس ڏنو. موٽ ۾ هن کي جيڪو مانُ، جيڪا عزت ۽ جيڪو پيار پنهنجي اولاد کان مليو، اها ئي سندس ڪل ميراث هئي. هو جيترو عرصو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان رهيو، مسلسل مشڪلاتن جي منهن ۾ رهيو. هو پنهنجن اصولن جي دفاع لاءِ تعليم جي بلند معيارن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش لاءِ، پنهنجن شاگردن جي اعليٰ لياقتن ۽ سندن ٻين سان مقابلي ۾ صلاحيتن لاءِ هر مرحلي تي هڪ مسلسل جنگ ڪندو رهيو. اها هڪ ڏکوئيندڙ حقيقت صحيح، پر هڪ اٽل ۽ مڃيل حقيقت ضرور آهي ته هر اهڙي شخصيت، جيڪا پنهنجي اندر حالتن سان ٺاهه ڪرڻ جي اڻاٺ ٿي رکي، هر اها سچائي جيڪا مشڪل حد تائين ناقابل برداشت هجي، اها هن معاشري جي آسان پسنديءَ، آرام طلبيءَ ۽ ڪوڙ جي اڳيان گهڻي دير تائين Survive ڪري نه ٿي سگهي ۽ اهو ئي ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هن کي گهڻو برداشت نه ڪيو ويو. هن کي اسلام آباد گهرايو ويو، ته جيئن ان دور جا حڪمران پنهنجا مقصد آزاديءَ سان پورا ڪري سگهن. 1973ع ۾ هن کي اسلام آباد ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شعبي ۾ سيڪريٽريءَ جو عهدو ڏنو ويو. ڪجهه سال ان عهدي تي رهيو، پر وري پنهنجي پراڻي رويي جي ڪري، پنهنجي کري طبيعت جي ڪري، هڪ ٽيڪنوڪريٽ جي حيثيت سان پاڻ کي بيورو ڪريسيءَ جي ماحول ۾ هڪ دفعو ٻيهر اڻ جائيتو Misfit محسوس ڪرڻ لڳو. هن پنهنجي رستن کي ۽ پنهنجي مقصدن جي حصول کي وري ڏکيائين جي منهن ۾ محسوس ڪيو.

مجموعي طرح، هن ملڪ جي تقدير ڪجهه اهڙيءَ طرح لکيل آهي، ته هتي هر سچو ماڻهو، جيڪو عام ڀلائيءَ جي ڳالهه ڪندو هجي، جيڪو سڌو رستو وٺي بلنديءَ ڏانهن سفر ڪندڙ هجي، ان جي رستن کي ڪجهه اهڙو پيچيده ڪيو ويندو آهي ته پوري حياتي سفر ۾ رهڻ کان پوءِ به ائين محسوس ٿئي، ڄڻ سفر ته اڃان شروع ئي نه ٿيو هجي. ان جو ثبوت اهو آهي ته اڄ پنجاهه سال گذرڻ کان پوءِ به هن ملڪ ۾ اهي ڳالهيون پيون هلن، ڄڻ اڄ آزاد ٿيا هجون. سو، ڊاڪٽر افغان کي OSD طور مقرر ڪري، کيس ڪجهه سالن تائين براه راست معاملن کان پاسيرو رکيو ويو. 1978ع ۾ کيس فيڊرل سروس ٽربيونل ۾ ميمبر جو عهدو مليو، جيڪو هن لاءِ نئين سر هڪ چئلينج هو. ان تقرريءَ ۾ هن کي اهڙي ذميداري ملي هئي، جيڪا هن لاءِ آزمائش هئي. هو جيڪو پنهنجي تعليمي قابليت جي لحاظ کان انجنيئر هو ۽ استاد جي ذميداري نڀائي چڪو هو. هو جنهن کي هن نوڪر شاهيءَ جي دور ۾ ذميداري ڏني وئي ۽ واپس به ورتي وئي هئي. هاڻي، هن کي هڪ منصب، هڪ جج جو عهدو ڏنو ويو هو. هن کان اميد ڪئي وئي هئي ته هو قانون دان جا فرض نڀائي. اها ئي ته هن ملڪ جي نرالي ۽ معصوم ريت آ شايد. سو، هن ان فرض کي به ڪجهه حد کان وڌيڪ سچائيءَ سان نڀائڻ گهريو هو ۽ هڪ دفعو وري وقت جي حڪمرانن جي نظرن ۾ ناپسنديده ۽ ناقابل برداشت ٿي ويو ۽ آخر اهو ٿي ويو، جيڪو ڪافي عرصي کان نه پئي ٿيو، يا ڪافي وقت کان رڪيل فيصلو هو. آخر، سيپٽمبر 1980ع ۾ صدر جي فيصلي تحت هن کي نوڪريءَ کان برخواست ڪيو ويو.

اهڙيءَ ريت، هن ڌرتيءَ جو هڪ اهڙو سپوت، جنهن کي قدرت ذهانت ۽ علم و فراست، ايمانداري ۽ خدمت جي بي انتها جذبي سان نوازيو هو، اهو واندو ٿي ويو. هن جي قابليت مان فائدو نه ورتو ويو، هن جو قدر نه سڃاتو ويو. هن جي علمي ۽ ٽيڪنيڪي صلاحيتن کي اظهار نه ملي سگهيو. هو اڪيلو حياتيءَ جي اهڙن روين جو شڪار ناهي ٿيو. اهڙا مثال هن ڌرتيءَ تي آسانيءَ سان ڳولي سگهجن ٿا.

هن جا رستا مشڪل گذر گاهن جي حوالي رهيا ۽ هو اهو ڪجهه پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن لاءِ هن حياتيءَ جو گهڻو حصو جدوجهد ڪئي هئي. هو جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ خدمت جو جيڪو اٿاهه جذبو کڻي مسلسل جهد ۾ رهيو، سو پنهنجي ماڻهن جو قرض لاهڻ ۾ ناڪام رهيو. آخر، نائين اپريل 1991ع تي رات جو ٽين وڳي هُو هيءُ جهان ڇڏي ويو. اڄ وري اسان کيس آلين اکين ۽ هڪ نه وسرندڙ ڏک وچان ياد ڪيو آهي.

(نوٽ: ڊاڪٽر رافعه افغان/ ڊاڪٽر عبدالقدير افغان جي نياڻي آهي)

سارجئانا انس ڊي لاڪروز

ڊاڪٽر فهميده حسين

 

ڏوهاري ڪير؟

اڻ ڄاڻ مَردو! ڇڏي ٿا ڏيو

عورتن کي بي عقل ڄاڻي

ڇا اوهين بلڪل نٿا ڄاڻو

ته ان جو ڪارڻ اوهين پاڻ ئي آهيو

هنن کي حقير ڄاڻي پيرن ۾ لتاڙيو

۽ پوءِ به هنن مان چڱائي ٿا چاهيو

سندن شرم جهڙي حالت جو

اصل ڪارڻ اوهين پاڻ ئي آهيو!

ان کان وڌ ڪهڙو ڀوڳ آهي

جو لاپرواهيءَ جي ڌنڌ سان

آئينو ڌنڌلائي، پوءِ ڪو چوي

ته اهو صاف ئي ناهي!

اي نقادو! توهان کان سچ ته

ڪا عورت کٽي ئي نٿي سگهي

ڪو وٽس وڃي نه سگهي ته چئو

”ڏاڍي سخت ۽ سرد آهي.“

۽ جي ڪو وٽس سولائيءَ سان هليو وڃي

ته چئو ته ”هوءَ چالو، بي شرم

هر ڪنهن لاءِ نرم گرم آهي!“

آءٌ توکي روڪي به نه ٿي سگهان

۽ توکي ڇڏي به نه ٿي سگهان

توکي روڪڻ لاءِ ڇا ڪريان؟

۽ توکي ڇڏڻ لاءِ ڇا چوان؟

مون کي توسان پيار به آهي

پر ڪڏهن ڪڏهن ڇو الائي

دل چوي ٿي آخر تو ۾ ڇاهي؟

 

تون پاڻ کي ڪجهه بدلائي

نه ته پوءِ مون کي ڪجهه نه چئجان

جي ويس توکان پاڻ ڇڏائي

منهنجي دل توکان باغي آهي

اڌ دل ڏڪاري ٿي توکي

اڌ دل کي توسان پيار به آهي!

ائين ئي وڙهندي جهڙندي

رسندي ٺهندي پيار اسان جو

پلبو رهندو، جيئندو رهندو.

ڀل تون ڪجهه ڏيڻ نه چاهين

۽ آءٌ ڪجهه وٺڻ نه چاهيان

پر تنهنجي ٺلهي ارادي تي ئي

اعتبار ڪرڻ ٿي چاهيان!’

 

گيبريلا مسٽرال

ستار پيرزادو

چليءَ جي ڪهاڻي

نرسل

 

جهڙوڪر ٻوٽن جي پرسڪون دنيا ۾ به سماجي انقلاب جنم ورتو. چيو ويندو آهي ته ان معاملي ۾ ڪمزور ’نرسل‘ اڳواڻي ڪري رهيا هئا. باغن جي سردار هوا ان ڳالهه جو اهڙيءَ طرح چؤطرف پرچار ڪيو، جو ٻوٽن جي دنيا ۾ صرف ان ڳالهه جوئي چؤٻول هو. اڻ ڄاڻ جهنگل ڀائيچاري جي ڳانڍاپي جي ڪري سادڙا باغن سان برابريءَ جي گڏيل جدوجهد ۾ شامل ٿي ويا. ڪهڙي برابري؟ ٿڙن جي ٿولهه... گلن جي برتري.... صاف پاڻيءَ لاءِ هنن جي حق جي؟

پر نه فقط ڊيگهه جي هڪجهڙائيءَ خاطر.... نظريو هي هو ته سڀني کي هڪڙي ئي انداز ۾ پنهنجا ڪنڌ مٿي ڪري بيهڻ گهرجي. مڪائيءَ جي ٻوٽي کي شاهه بلوط جيان مضبوط ٿيڻ جو ڪو شوق نه هو. بس ان جي خواهش ته اها هئي ته هن جا سنگ بَڙِ بَڙِ جي اونچائيءَ تائين لڏن لمن. گلاب جي اهڙي خواهش بنهه نه هئي ته هو رٻڙ جيان ڪارائتو بڻجي پوي، پر هو ته ان جي اوچائيءَ تائين پهچڻ پيو گهري ته جيئن ان بُلندي جي وهاڻي تي پنهنجي گلن کي لولي ڏئي سمهاري سگهي.

خواب..... خواب! نشان ۽ وڏائيءَ جو وهم... جيڪڏهن هو فطرت جي مخالفت ۾ ويا ته اها هڪ ٺٺولي ڪندڙ صورتحال بڻجي ڪجهه متوازن سوچ رکندڙ گل مثال جي طور: شرمائيندڙ بنفشه ۽ چينائي نڪ جهڙو سوسن. مقدس قانون ۽ آزاديءَ جي فخر بابت گهڻو ڪجهه ڪيو پر بي سود. هنن جو چوڻ ڪنهن بند پڃري ۾ طوطي جو آواز ٿي ويو. هڪ پوڙهي شاعر، جنهن جي ڏاڙهي درياهه جي ديوتا جهڙي هئي. ان سڄي منصوبي جي انڪري مذمت ڪئي ته ان ۾ قدرتي سونهن لڪل هئي ۽ اها ڳالهه هن لاءِ هر لحاظ کان نفرت لائق هئي، ها برابريءَ لاءِ هن وٽ چند تجويزون آهن.

2. هي سڀ ڪجهه ٿيو ڪيئن؟ ماڻهو ڪم ڪار ڪندي عجيب و غريب اثرن جو ذڪر ڪندا آهن. هنن جي خيال ۾ زمين جا روح پنهنجي جناتي ۽ شيطاني طاقت سان ٻوٽن تي حمله آور ٿيا آهن، انڪري هي مڪروهه واقعو پيش آيو آهي.

هڪ رات ٻوٽن جي نباتاتي دنيا ڪيئي فوٽ بلند ٿي وئي. ڄڻ هنن آسمان جي ڪنهن آمراڻي حڪم جي بجا آوري ڪئي هجي. ٻئي ڏينهن ماڻهو جڏهن پنهنجي گهرن مان نڪتا ته هنن ترڦل کي گرجي جي اوچائي تائين ۽ ڪڻڪ جي فصل کي دولت جي ڄار ۾ ڌڪجندي ڏسي خوفزده ٿي ويا.

اها ته چريو ڪرڻ واري ڳالهه هئي، جانور پنهنجي چراگاهن ۾ گم، حراسان ٿي ۽ رنڀي رهيا هئا. پکي جن جا آکيرا ناقابل اوچائين تي پهچي ويا هئا، مايوسيءَ جي حالت ۾ چُون چُون ڪري رهيا هئا. هو ٻچن جي ڳولا لاءِ هيٺ لهڻ کان قاصر هئا. سج جي گرمي ۽ روشنيءَ ۾ ٺاهيل زمين ۽ نرم گاهه جو قالين هنن جي نگاهن کان پري هو.

گدڙ پنهنجي ڏرن جي ڀرسان اونداهن چراگاهن جي ويجهو پيا هئا. اتي رڍون اهڙي گهري اوندهه ۾ داخل ٿيڻ کان گهٻرائي رهيون هيون، ڇو ته کين اها اوندهه ڳهي نه وڃي. ان حالت ۾ فاتح ’نرسل‘ پنهنجي بي مست پنن کي يوڪلپٽس جي نيري ڦڻ تي ٽهڪن جا ڪوڙا وسائي رهيا هئا.

3.  چيو وڃي ٿو ته ان حالت کي ٽي مهينا گذري ويا. تڏهن زوال جي شروعات ٿي.

۽ اهو سڀ ڪجهه هڪڙي انداز سان ٿيو. بنفشه جا گل جيڪي ڇانو ۾ وڌندا ويجهندا آهن، سُڪڻ لڳي ويا ڇو ته هاڻ هنن جي رستي جو شهنشاهي سربراهه سج جي تکي روشنيءَ جي آور ۾ هو.

”ڪا ڳالهه ناهي؟“ نرسل تڪڙ کان ڪم وٺندي چيو، ”انهن جي ڪا خاص اهميت ناهي.“ (پردو جوان جي دنيا ۾ ان لاءِ ماتم ڪيو ويو)

سوسن، جيڪي پنجاهه فوٽن جي اونچائي ءَ کان هيٺ ٿيا هئا. ٻن حصن ۾ ٿي ڪري پيا. راڻين جي مٿن جيان هنن جا سفيد مرمرين ڪنڌ ڀڳا پيا هئا.

نرسل اڳ جيان جواز پيش ڪيو، (پر سڄي دنيا جي حُسن ۽ خوبصورتيءَ ان حالت تي ماتم ڪيو).

ليمن جي وڻن پنهنجي انتهائي اونچائيءَ تي پهچي، سرڪش هوائن جي هٿان پنهنجي زندگي وڃائي ڇڏي. افسوسناڪ انجام!

”ڪا ڳالهه ناهي.“ نرسلن وري چيو. ”هنن جو ميوو انتهائي کٽو هو.“

ترڦل سُڪي ويا. هن جون ڏانڊيون باهه ۾ سڙيل ڌاڳي جيان پاڻ ۾ ملي ويون.

مڪائي جي نرم جهالرن تي افسردگي ڇانئجي وئي- پر ان جو سبب عام ٿڪ نه هو. هو پنهنجي غير معمولي اوچائيءَ جي ڪري ڳورين شيخن جيان زمين تي ڪري پيا.

پٽاٽن پنهنجي ڳنڍين جي ذريعي جيڪي رسيءَ کان ٿوريون ئي ڊگهيون هيون. پنهنجي ٻوٽن کي مضبوط رکڻ جي لاءِ پورو زور لڳايو. هن ڀيري ’نرسل‘ نه کليا. نيٺ هو سنجيده ٿي ويا.

گاهه ۽ ٻوڙن هاڻ اُسرڻ ڇڏي ڏنو هو. جيت جڻيا پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي سج جي تپش ۾ ساڙڻ بنا هن جي اوچائيءَ تائين پهچي نه ٿي سگهيا.

ان کان سواءِ اهو به چيو ويو ته انسانن وٽ کاڌي جي لاءِ ماني ۽ ميوو ۽ سندن جانورن لاءِ گاهه بنهه نه هو. زمين تي هر طرف ڏک ۽ بک جو راڄ هو!

اهڙين خراب حالتن ۾ صرف ڊگهي قد جا وڻ ئي صحيح حالت ۾ رهيا. هنن جا ٿُڙ اهڙي ئي مضبوطيءَ سان بيٺا رهيا جو اهي لالچ جي ڄار ۾ نه ڦاٿا هئا.

سڀني کان پوءِ ’نرسل‘ پنهنجي ٻوڙن جي هڪجهڙي ڊگهائيءَ جي نظرئي کي مڪمل ناڪاميءَ جي اعلان سان زمين تي ڪري پيا. هنن جون پاڙون بيحد آلاڻ جي ڪري پٽجي پيون. ان حد تائين جو سندن پن به کين سُڪڻ کان بچائي نه سگهيا.

تڏهن اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته هو پنهنجي گذريل محور جي مقابلي ۾ اڃان به وڌيڪ کوکلا ٿي ويا آهن. هنن ڪافي اوچائي ته طئه ڪري ورتي پر جيئن ته اهي اندران رانديڪن ۽ ڪٽ پُتِلين جيان خالي هئا، انڪري هو پنهنجو پاڻ تي کلڻ هاب هئا.

فطرت... جيڪا سدائين مهربان رهي آهي، اهو ڏسندي ته پاڻ ڦُٽندڙ ٻوٽا پنهنجي فطري انداز ۾ ٻيهر ڦُٽي پوندا آهن ان ساري نقصان کي ڇهن مهينن ۾ پورو ڪري ورتو. درياءِ جي ديوتا جي ڏاڙهيءَ جهڙو شاعر، ڊگهي عرصي تائين گم رهڻ کان پوءِ ظاهر ٿيو ۽ هن نئين زماني جا گيت ڳاتا.

”پيارا انسانو! ائين ئي ٿيڻ گهرجي! بنفشه جو گل ننڍڙو هئڻ جي ڪري ئي خوبصورت آهي. ۽ ليمي جو وڻ پنهنجي نازڪ شڪل ۽ شباهت جي ڪري.... سڀ شيون خوبصورت آهن. جيئن الله تعاليٰ جوڙيون آهن. وڏو شاهه بلوط ۽ باقي ننڍا!“

زمين هڪ ڀيرو ٻيهر گل و گلزار بڻي، جانورن جا پيٽ ڀريا، ۽ انسان وري گهمڻ ڦرڻ لڳا.

پر ’نرسل‘ جيڪي ان بغاوت جا اڳواڻ هئا...... هميشه جي لاءِ ذليل ٿي ويا..... هو کوکلا ٿي ويا کوکلا......!.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com