حر امداد
ڪاري ليڪ
هي شهر
جو کن پل اڳي
وسندل هيو
هن شهر ۾ ڪي ٽهڪڙا
ڪي ٻارڙا
ڪي عورتون
۽ مرد هئا
هن شهر جون سڀ اوچيون
۽ آسمانن کان اُڀيون
ماڙيون هيون سي
کن پل ۾ دونهون ٿي ويون!
آسمانن تي مٿي تارا هئا جي چمڪندا
اُت هاڻ ميزائيل
کنوڻيون جان کنون ٿا
۽ مٿان کان بم وسن ٿا
خوشبوئن ۽ روشنين جي
شهر تي ڪِرندا رهن ٿا!
۽سمورا گهر
۽ بازارون
سموريون اسپتالون، باغ، گرجا گهر
سموريون مسجدون
۽ سڀئي اسڪول، بجلي گهر
ڌماڪن ۽ ٺڪائن سان
دونهين جي بادلن ۾ گم ٿيا
پلهيار ٿي تارا ڇڻيا
باهه جي روشن ڄڀين ۾!
۽ ٻار ههڙي ڌرتتيءَ ڌرتيءَ مٿان
ميڻ جان پگهري رجي ويا
۽ اُفق تي چوطرف
حدِ نظر تائين هئي
بس رڳو هڪ ڪاري ليڪ!
مهرالنساء لاڙڪ
نگاهن سان جڏهين نگاهون مليون،
تڏهن مس ڪي دل کي پناهون مليون.
هُيس آءٌ به عيسيٰ جيان جڳ اندر،
مگر ڪِين مريم جون ٻانهون مليون.
دنيا ڄڻ ۾ دوزخ جو آڙاهه هئي،
رڳو ابنِ آدم جون دانهون مليون.
سدا سنڌڙيءَ جو لٽيو قافلو،
سدا ان جي سيني تي ڪاهون مليون.
اڃا ڏور آ ماڳ پنهنجو مِهِر،
اڃا مس ڪي منزل جون راهون مليون.
قهاري اکيون ۽ قلندر اکيون،
هيون ڄڻ ڪي ويران مندر اکيون.
اهي اجنبي مون کي پنهنجيون لڳيون،
سلي ويون سمورو جي اندر اکيون.
الئه ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ هيون،
صدين کان کليل ڪو لڳيون در اکيون.
مون مُرڪون ۽ ڳوڙها سنڀالي سڀئي،
ڪري هن ڇڏيون ياد جو گهر اکيون.
هئو پيار جو تن تي ڪَتبو لڳل،
پڙهي ڪنهنجون ٿي هون ويون تر اکيون.
زبيده ميتلو
هڪ مهڪ
چنڊ رات جي ويجهو هوندي
ڪيترو پري آ
جيئن ڌرتي ۽ اُڀ هڪٻئي کان
ائين تون ۽ مان دور دور
سالن صدين جو فاصلو!
پوءِ به هڪٻئي جي، مهڪ ۾، ساهه کڻون ٿا
اها مهڪ
انسانيت جو راز ته ناهي
جنهن کي
اڃا ڪنهن پروڙيو ناهي!
قيدي
اَدجڳاد کان قيدي آهيان
قيدي!
ديوار جي پويان ديوارون بي انت
سزا لئه
نه ڪورٽ نه فيصلي گهر
ان لاءِ ته مون کي
ڪڇڻ لاءِ زبان ڪونهي
لکڻ لاءِ هٿ ڪونهن
سواءِ آزاديءَ جي احساسن جي
ڪجهه به ڪونهي مون وٽ
خون جا پياسا گهڻا
هي تحفو، ڪنهن کي ڏيان
ظالمن کي يا جابرن کي
جيڪي پيئڻ به ڄاڻن! جيڪي رت پيئڻ به ڄاڻن!
آزاديءَ لاءِ اهي آتا گهڻا
هي احساسن جو تحفو ڪنهن کي ڏيان
سورهين کي سرويچن کي، سپوتن کي
جيڪي لڙڻ به ڄاڻن، جيڪي مرڻ به ڄاڻن.
وِمي سدارنگاڻي
بادل منهنجا دوست آهن
بادل منهنجا دوست آهن
ضرورت پويم جڏهن
مڙي ايندا آهن منهنجي آسپاس
اڪيلي ٿيان ته ويڙهي ويندا آهن
منهنجي اڪيلائپ جي هرڪُنڊ کي
ٺوٺ ٿيڻ لڳندي آهيان
ته پاڻ کي خالي ڪري ويندا آهن
مون مٿان
آلي هجان ته مون کي ڇُهي
ڪجهه آلاڻ وٺي ويندا آهن
ڪنهن کي آلو ڪرڻ لاءِ.
منهنجو هٿ واپس موٽي
وئڪيشن جا گهڻائي ڏينهن
ٻاهر
گذارڻ کان پوءِ
موٽيس پنهنجي گهر
ياد آيم پنهنجا ڪتاب
تڪڙا قدم
۽ سامهون ڪتابن جو شيلف
بي ترتيب ڪتاب!
شڪل تي اڻ وڻندڙ اظهار جاڳيو
پڪ ئي آهي اها ڪوُئن جي شرارت....
ڪتابن جو پهريون ٿهو جهڪيل هو
ٽئين ٿهي مٿان
وچين ٿهي تي پيا هئا
ڪک پن، ڪي اڳڙيون
صفائيءَ لاءِ هٿ وڌايم
ڪنن تي ڪنهن جي ننڍڙي چيخ پيئي
اوهه! ڪاري جهرڪيءَ جو ٻچو!
منهنجو هٿ واپس موٽي آيو...
ٻچو ته وڏو به ٿيو....
اُڏامي به ويو....
پر
هٿ اڃان به اڳتي وڃڻ کان ناڪاري ٿو
ڪتابن جي وچ ۾
اڃان به محفوظ آهن
ڪک، پن ۽ اڳڙيون
امر
سنڌو
آدرشي عورت
چيائون
جيڪڏهن سماج سان هلڻو اٿئي ته
پنهنجا
سمورا سپنا، آدرش ۽ جيئڻ جو احساس
گند ڪچري ۽ فالتو سامان جيان
ٻاهر ڦٽا ڪري اچ
نه ته- ڏاڍي ڏکي ٿيندينءَ
اڄ سماج
گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي
۽ سماج جي ڇڏيل ڌوڙ ۾
مان پنهنجي
سپنن، آدرشن ۽ جيئڻ جي احساسن سان
اڪيلي بيٺي آهيان.
سپنن جي اڪيلائپ
جسم مان روح
وجود کان ساهه
آهستي آهستي ڄڻ
ڇڻندا پيا وڃن سڀ
ڪائنات ساري مان
ٽٽندو، کٽندو پيو وڃي ڪجهه
آواز وجود، روح، جسم ۽ (شايد!) ساهه به
روح کان اکين تائين
اکين کان نهارن تائين
رڳي خال ۽ خاليپڻو
وجود جا منظر سڀ ويران
پهرين اکيون ۽ نيٺ پوءِ ساهه ڀي
۽ نيٺ
موت ئي سڀني جي
آخري حد آهي.
رخسانه
سومرو
طلسم
ٻڌو اٿم ته!
قدرت انسان جي اکين ۾
عجيب طلسم رکيو آ
۽ جن سان محبت هوندي آ
تن جون اکيون پڙهي سگهبيون هن
اکيون روح جون ڳڙکيون هن
جڏهن محب جون اکيون
محبوب جي اکين ۾ ڏسنديون هن
ته روح هڪٻئي سان ملندا هن
۽ ٻڙهه جي
ٻوليءَ ۾
ڪجهه راز رمزون سليندا هن
جن کي دنيا جا ڪن ٻڌي نه سگهندا هن
۽ محبت اکين وسيلي
روح جي وجد واري ٻولي ۽ لات آ
محبت تصوف، عرفان ۽ معرفت آ
مان اڄ به محبت جي
اهڙي تشريح تي حيران آن
ڪير آ جيڪو منهنجو ڀِرم ڀوري؟
ڪير آ جيڪو مون کي سمجهائي
۽ منهنجي هن سوال جو جواب ڏئي ته
ڇا واقعي محبت روحن جو آڪاسي ٻڌل ٻول آ؟
|