سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري، اپريل 2014ع

مضمون--

صفحو :10

شهيد راڻي بينظير ڀٽو/ مراد علي مرزا                        حصو  سورهون                                               

 

 

 

 

 

المرتضيٰ مان آزادي

مارشل لا سان جمهوريت جو مقابلو

هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي انتظامي ڪاميٽي جي ٽيهن ميمبرن جي مخفي گڏجاڻي ڪوٺائي. اسان کي خبر هئي ته اسان هڪ وڏو خطرو پي کنيو، ڇاڪاڻ ته سياسي گڏجاڻين تي بندش پيل هئي. پر اسان جو هٿ هٿ تي رکي ماٺ ڪري ويهڻ حڪومت جي اڳيان جهڪڻ جي برابر سمجهيو وڃي ها. ٻين گڏجاڻين وانگر اها گڏجاڻي به 70 ڪلفٽن تي گهرائي وئي هئي. پارٽيءَ جا اڳواڻ پري پري کان سرحد صوبي ۽ بلوچستان صوبي مان آيا هئا ۽ اڳڪٿيءَ مطابق اهو بحث ڏاڍو اگرو ٿيو هو.

”پاڪستان قومي اتحاد وارا قاتل آهن، قاتل آهن.“ سنڌ جي هڪ ميمبر چيو. ”جيڪڏهن اسين اڄ هنن سان ڏيتي ليتي ڪنداسين ته سڀاڻي سڌو جنرل ضياءَ سان ڏيتي ليتي ڪرڻ ۾ اسان کي ڪهڙو عار ٿيندو؟“

”پر جڏهن جاپان چين تي حملو ڪيو هو تڏهن چيانگ ڪائي شيڪ سان مائوزي تنگ سهڪار ڪيو هو،“ پوڙهي شيخ رشيد جواب ڏنو جيڪو پارٽيءَ ۾ مارڪسي خيالن جو حامي هو، ”جيڪڏهن اهي قومي فائدي لاءِ سهڪار ڪري ٿي سگهيا، ته آئون چوندس ته اسان کي به قومي اتحاد سان سهڪار ڪرڻ گهرجي.“

ان تجويز جي حق ۾، ۽ ان جي خلاف اهو بحث تيز ٿيندو ويو. ”اسين قبول ڪريون ٿا ته اهي مطلبي ۽ خود غرض آهن،“ مون راءِ ڏني. ”پر اسين ڇا ٿا ڪري سگهون؟ اسين  يا ته ويهي انتظار ڪريون ته اهو وجهه اسان جن هٿن مان کسڪي وڃي يا وري اسان کي قومي اتحاد جي اها ڪڙي گولي وٺڻي پوندي ۽ اسان کي پاڻ ان جي شروعات ڪرڻي پوندي. تنهنڪري منهنجي تجويز آهي ته اسين ٺاهه ڪريون ۽ پنهنجي پارٽي شناخت کي ڇڏڻ کانسواءِ هڪ جدا اتحاد قائم ڪريون.“

ستن ڪلاڪن جي بحث مباحثي کان پوءِ آخرڪار حقيقتن کي قبول ڪيو ويو ۽ اسان مان هر هڪ لاچار ان تجويز کي قبول ڪيو ته پاڪستان قومي اتحاد جي پاران صلح جي ڳالهين ڪرڻ جو جواب ڏنو وڃي. اهڙيءَ ريت جمهوريت کي واپس قائم ڪرڻ جو خاڪو تيار ڪيو ويو.

”هاڻي اسان ٻنهي جو هڪ ئي وقت قيد ۾ وڃڻ مناسب ڪونهي. تنهنڪري تون سياست ۾ اڳرائي نه ڪجان،“ منهنجيءَ والده مون کي چيو. ”اهڙيءَ طرح اسان مان ڪابه هڪ پارٽيءَ جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ ٻاهر رهي سگهندي.“

مون لاچار ٿي اها ڳالهه قبول ڪئي. پر ساڳئي وقت مون کي ڪي قدر آرام به محسوس ٿيو هو، جيتوڻيڪ ايم آر ڊي کي قائم ڪرڻ ۾ هڪ سياسي چڱائي هئي، پر ان هوندي به پنهنجي والد جي اڳوڻن دشمنن سان اتحاد کي قبول ڪرڻ ۾ مون کي ڏکيائي ٿي هئي. ساڳيءَ ريت اڳوڻين مخالف جماعتن جي اڳواڻن کي پڻ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان مذاڪرات ڪندي ڏکيائي پي ٿي. مخالف ڌرين جا اڳواڻ تمام گهڻو شڪي ٿيندا آهن ۽ پارلياماني گڏجاڻين ۾ هڪ ٻئي سان سڌو ڳالهائڻ جي بدران فقط قاصدن جي معرفت ڳالهائيندا آهن.

انهيءَ عمل ۾ وڌيڪ مونجهارو هڪ اگري بحث جي ڪري به ٿيو ۽ جنهن ان نئين اتحاد کي في الحال لوڏي وڌو هو. اهو خاص ڪري ايم آر ڊي جي تجويز هيٺ چارٽر جي لفظن تي ٿيو ته ڇا 1977ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي به هئي يا نه، ته ڇا منهنجي والد جي موت کي بيان ڪرڻ لاءِ ”سزا“ يا ”قتل“ جو لفظ استعمال ڪجي يا نه: انهيءَ تڪرار کي ختم ڪرڻ ۾ آڪٽوبر 1980ع کان فيبروري 1981ع تائين جو عرصو لڳي ويو ۽ نيٺ انهن ڏهن سياسي جماعتن جي وچ ۾ گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ ڏاڍي مشڪل سان ٺاهه جو هڪ مسودو تيار ٿيو.

محمد خان جوڻيجو جي مسلم ليگ عين وقت تي ڦري وئي ڇاڪاڻ ته جنرل  ضياءَ هن کي وزيراعظم چونڊيو هو. 5 فيبروري 1981ع جي رات جو 70 ڪلفٽن ۾ آخرڪار ٻين جماعتن جي اڳواڻن ۽ نائبن جي پهريون ڀيرو روبرو گڏجاڻي ٿي.

مون پنهنجي والد جي اڳوڻن مخالفن ڏانهن نهاريو جيڪي هن جي بيوه ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سربراهه ۽ هن جي نياڻيءَ سان سياسي ٺاهه ڪرڻ لاءِ ان وقت هن جي گهر ۾ ويٺا هئا. سياست ڪهڙو نه عجب ڌنڌو آهي! پاڪستان جمهوري پارٽي جو اڳواڻ نصرالله خان ترڪي ٽوپي پايو منهنجي والده جي ساڄي پاسي کان ويٺو هو. منهنجي سامهون اصغر خان جي معتدل جماعت تحريڪ استقلال جو نمائندو ۽ ڀريل چهري وارو قصوري ويٺو هو. جمعيت العلماءِ اسلام جا سونهارين سان مذهبي اڳواڻن ڪمري ۾ هڪ طرف ويٺل هئا، ٻئي پاسي کاٻي ڌر جي ننڍي مزور جماعت جو اڳواڻ فتحيات علي ويٺو هو. هن کي ڪلف لڳل اڇو ڪڙتو ۽ تنگ پاجامو پيل هو. اتي اٽڪل ويهارو کن ماڻهو هئا، جن مان گهڻن جو تعلق اڳوڻي پاڪستان قومي اتحاد سان هو. مون کي هر  هر پنهنجو پاڻ کي تاڪيد ڪرڻو ٿي پيو ته اصل ڳالهه اها آهي ته ضياءَ کي لاٿو وڃي، ته جدا جدا خيالن جي هوندي به اصل ڳالهه اها آهي ته هڪ مضبوط سياسي اتحاد ٺاهي ضياءَ کي چونڊن ڪرائڻ تي مجبور ڪيو وڃي. پر اهو هڪ ڏکيو عمل هو.

ملاقات واري ڪمري ۾ مخملي ديوارين ۽ ڇت ۾ ٽنگيل جهاڙن جي وچ ۾ سگريٽن ۽ جوشيلين تقريرن جا دونهان اٿڻ لڳا ۽ ان گڏجاڻيءَ ايڏي ته ڊيگهه ڪئي جو وري صبح جو به اها ڪرڻي پئي هئي. هڪ مرحلي تي اڳوڻي پاڪستان قومي اتحاد جي هڪ اڳواڻ 1977ع جي هنگامن کي جائز ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. آئون پنهنجي ئي گهر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ تي اها اڻ سڌي تنقيد ٻُڌي حيران ٿي وئي هيس.

”اسين هت ان ڪري گڏ ٿيا آهيون ته جمهوريت جي لاءِ اتحاد قائم ڪرڻ جي مسئلي تي ڳالهيون ڪريون ۽ نه ان ڪري ته اوهين اسان جي لاءِ ڇا ٿا سوچيو ۽ اوهان جي لاءِ اسين ڇا ٿا سوچيون،“ مون ٿڌي آواز ۾ چيو.

”بلڪل، اسان کي مستقبل تي نظر رکڻ گهرجي ۽ نه ماضيءَ تي،“ نصرالله خان اسان ٻنهي کي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.ان هوندي به انهن سياستدانن کي منهنجي والد جي چيني جي ڪوپن ۾ ڪافي پيئندي، هن جي صوفن تي ويهندي ۽ هن جو فون استعمال ڪندي مون کان ڏٺو ڪونه ٿيو هو، جنهن تي هنن سڄي ملڪ ۾ پنهنجن ڪيترن ئي دوستن کي اها ڇيڙيندڙ خبر پي ٻڌائي ته ”آئون 70 ڪلفٽن ۾ آهيان! هائو، سچ، ڀٽو صاحب جي گهر ۾!“

ياسمين، امينه ۽ سميه مون کي ماٺ ڪرڻ تي زور ڀريو. ”اهي تو وٽ آيا آهن. اها پاڪستان پيپلزپارٽي جي قوت جي حمايت آهي،“ سميه چيو.

”تو ئي اهو اتحاد ٺاهڻ گهريو هو،“ امينه وڌيڪ چيو. ”اها سياسي عقلمندي آهي. تنهنڪري انهن تڪليفن کي مِٺَ محبت ۾ منهن ڏي.“

مون پنهنجا اعتراض ظاهر نه ڪيا ۽ نه وري ٻين اڳواڻن پنهنجا اعتراض ظاهر ڪيا، جن نيٺ هڪ هڪ ٿي ٺاهه تي صحيون ڪيون جنهن مطابق سڀئي جماعتون متحد ٿيون ۽ 6 فيبروري 1981ع تي آيم آر ڊي وجود ۾ آئي.

ايم آر ڊي جي ٺاهه تي صحين ٿيڻ جي خبر جيڪا ڪيترن ماڻهن بي بي سي تان ٻُڌي، سڄي ملڪ ۾ هڪ نئون جوش جاڳائي ڇڏيو. ان جي ڪري عوام تي جيڪو نفسياتي اثر ٿيو ان مان ڪيترن ئي سمجهيو ته اهو مارشل لا حڪومت جي بي انصافين جي خلاف احتجاج ڪرڻ جو ڄڻ ته هڪ اشارو آهي. پهرين پهرين سرحد صوبي جا شاگرد ٻاهر نڪري آيا. ضياءَ هڪدم اسان تي بندش وجهڻ جا حڪم جاري ڪيا ته جيئن اسين انهن زخمي شاگردن وٽ وڃي نه سگهون.

جلد ئي اهو ناراضپو سنڌ ۽ پنجاب ۾ به پکڙجي ويو، جتي ان وڌندڙ احتجاجي تحريڪ ۾ پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ وڪيل به شامل ٿي ويا. ملتان، بهاولپور، شيخوپورا، ڪوئٽه ۾ به شاگردن جا احتجاجي مظاهرا ٿيڻ لڳا. ”خدا جو شڪر آهي جو ايم آر ڊي شروع ٿي آهي، ٽئڪسي ڊرائيورن، دڪاندارن ۽ ننڍن واپارين ڀڻڪڻ شروع ڪيو. ”ضياءَ جو وقت نيٺ پورو ٿيو.“ اسان جي بورچي ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ مان واپس اچي ٻڌايو ته، ايم آر ڊي  جي سڏ تي ڪاسائي به هڙتال ڪرڻ لاءِ تيار آهن.“

ضياءَ ڄاتو ٿي ته کيس سوڙهو گهٽيو ويو آهي. هن سڄي پاڪستان ۾ سڀئي يونيورسٽيون بند ڪري ڇڏيون ۽ پنجن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجاڻيءَ تي بندش وجهي ڇڏي. پر مظاهرا ٿيندا رهيا جن کي ٽائيم مخزن ”مخالفت جي هڪ تمام خطرناڪ لهر جنهن سان جنرل ضياءَ کي منهن ڏيڻو پيو آهي،“ لکيو هو.

27 فيبروري تي لاهور ۾ ايم آر دي جي هڪ مخفي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. ضياءَ هڪدم رد عمل ڏيکاريندي 21 فيبروري تي ايم آر ڊي جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ايم آر ڊي ۽ پيپلزپارٽي جي ٻين ميمبرن کي حڪمناما پهچايا ويا ۽ کين پنجاب مان نيڪالي ڏني وئي. ”..... پنجاب ۾ تنهنجي موجودگيءَ جي ڪري عوام جي سلامتي ۽ امن امان ۽ پڻ عوام جي فائدي کي ڇيهو رسڻ جو انديشو آهي،“ پنجاب جي گورنر منهنجي لاءِ پنهنجي حڪم ۾ لکيو.

پنهنجين سياسي سرگرمين کي مختصر رکڻ لاءِ مون جيڪو امان سان ٺاهه ڪيو هو، ان تي هاڻي هن وڌيڪ زور ڏنو. ”تون في الحلال ڪو به سياسي ڪم نه ڪر. جيڪڏهن آئون گرفتار ٿي وڃان ته توکي اڳواڻي ڪرڻي آهي.“ هن مون کي سختيءَ سان چيو، صورتحال ايتري ته خطرناڪ ٿي وئي هئي جو ذري گهٽ ضياءَ جو تختو اونڌو ٿيڻ وارو هو، پر آئون بندشن هيٺ سڙي کامي رهي هيس. ايتري ۾ منهنجي ماءُ کي لاهور ۾ ايم آر ڊي جي ڳجهي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چيو ويو. ان شهر ڏانهن ويندڙ سڀني رستن کي پوليس بند ڪري ڇڏيو هو. ان هوندي به ايم آر ڊي جا ڪيترائي ارڪان ڳجهن رستن تان سفر ڪري گڏجاڻي ۾ ويا هئا. منهنجي والده برقعو پائي هڪ ڏاڏيءَ جي ويس ۾ پنهنجي پوٽي سان جيڪو اسان جي عملي مان هڪ شخص جو تيرهن ورهين جو پٽ هو، ريل گاڏيءَ ۾ لاهور وئي.

پوليس گڏجاڻي جي هنڌ تي ڇاپو هَڻي ميمبرن کي گرفتار ڪيو جن ۾ منهنجي والده به هئي، جنهن کي واپس ڪراچي اماڻيو ويو. پر ان کان اڳ ئي ايم آر ڊي پنهنجي آخري تنبيهه جاري ڪئي ته مارشل لا ختم ڪيو وڃي ۽ ٽن مهينن اندر چونڊون ڪرايون وڃن. ”اسين مطالبو ڪريون ٿا ته ضياءَ هڪدم اقتدار تان هٿ کڻي، ٻيءَ صورت ۾ عوام جي بي پناهه قوت سان مارشل لا حڪومت جو خاتمو ڪيو ويندو،“ ايم آر ڊي لاهور ۾ اعلان ڪيو.

ايم آر ڊي سڄي پاڪستان ۾ زبردست هڙتالن ۽ مظاهرن ڪرڻ لاءِ 29 مارچ جي تاريخ مقرر ڪئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪن ڪائونسلرن جيڪي 1979ع جي مڪاني چونڊن ۾ منتخب ٿيا هئا، انهن هڙتال جي وقت پاڻ استعفيٰ ڏيڻ ۽ ضياءَ کان استعفيٰ جي گهر ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو هو. هاڻي ضياءَ جي زوال ۽ پاڪستان ۾ جمهوري راڄ جي قائم ٿيڻ جو وقت ويجهو اچڻ شروع ٿي ويو. وقت ضياءَ جي هٿن مان نڪرندو پي ويو.

2، مارچ 1981ع

آئون 70 ڪلفٽن ۾ پنهنجي هڪ ڪمري ۾ ويٺي آهيان. مون سان گڏ پارٽيءَ جا ڪارڪن به آهن. ايتري ۾ فون جي گهنٽي وڄي ٿي. فون تي ابراهيم خان آهي، جيڪو ڪراچي ۾ رائيٽر جو نمائندو آهي.

”ان خبر جي باري ۾ تنهنجو رد عمل ڇا آهي؟“

”ڪهڙي خبر؟“

”پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جو هڪ هوائي جهاز اغوا ڪيو ويو آهي.“

”ڪنهن ڪيو؟“ آئون ڇرڪ ڀريندي پڇان ٿي. پي. آءِ. اي جو جهاز اڳ ڪڏهن به اغوا ڪونه ٿيو هو.

”اڃان ته ڪنهن کي به خبر ڪانهي،“ هو چوي ٿو. ”ڪير به چئي نه ٿو سگهي ته اغوا ڪندڙ ڪير آهن، اهي جهاز ڪهڙي پاسي وٺيو پيا وڃن يا اهي ڇا ٿا گهرن. آئون ڪوشش ڪري اوهان کي تازي خبر کان واقف ڪندس. پر اوهان مون کي پنهنجو رد عمل ٻڌائيندا؟“

”اغوا جي ڪارروائيءَ جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي، پوءِ کڻي اهو جهاز هجي يا قوم ،“ مون خودبخود وراڻيو. جڏهن آئون فون رکان ٿي ته پيپلزپارٽي جا ڪارڪن اميد وچان مون ڏانهن نهارين ٿا.

”اسان جو هڪڙو هوائي جهاز اغوا ڪيو ويو آهي،“ آئون چوان ٿي، ”مون کي فقط ايتري خبر پئي آهي.“

قيد تنهائي، سکر جيل ۾

سکر سينٽرل جيل، 13 مارچ، 1981ع

آئون هت ڇو آهيان؟ مون کي ڪي به سمجهه ۾ نه ٿو اچي. وري قيد خانو! سنڌ جي صحرا ۾ هڪ پرانهون جيل. ڏاڍي ٿڌ آهي. قيد خاني جي گهڙيال مان ٺڪاءُ ٿين ٿا، رات جوهڪ، رات جا ٻه. آئون سمهي نه ٿي سگهان. منهنجي ڪوٺڙيءَ جون چار ئي ڀتيون سيخن جون آهن، جن جي وچ ۾ صحرا جي برفاني هوا ڌوڪيندي اندر پئي اچي. اها ڪوٺڙي هڪ وڏي پڃري مثل ۽ تمام گهڻي ڪشادي آهي جنهن ۾ رڳو هڪ واڻيل کٽ پئي آهي.

آئون کٽ تي ڪرونڊڙي ٿيان ٿي ۽ پاسا واريان ٿي. منهنجي ڏند پيا کڙڪن. مون وٽ نه سئيٽر آهي نه بلينڪيٽ، ڪي به ڪونهي. مون کي رڳو اها شلوار قميص پيل آهي جيڪا پنج ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ گرفتار ٿيڻ وقت پاتل هئي. هڪ جيلر مون تي رحم کائي مون کي جورابن جي هڪ جوڙي موڪلي هئي، پر پوءِ هن کي پنهنجي ان سخاوت جي جهلجي پوڻ جو ايڏو ته خوف ٿيو هو جو هن پنهنجا اهي جوراب اڄ صبح جو واپس ورتا آهن. منهنجن هڏن مان سور جون سٽون اُڀرن ٿيون. آئون جيڪر ڏسي سگهان، جيڪر رڳو هيڏانهن هوڏانهن هلي ڦري سگهان. پر رات جو منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ بجليءَ جو بلب گل ڪيو وڃي ٿو. شام جو 00-7 بجي کان پوءِ هت ٿڌيءَ اوندهه کانسواءِ ڪي به ڪونهي.

7- مارچ تي پوليس مون کي ڪلفٽن مان وٺڻ لاءِ آئي هئي. پر آئون اتي ڪونه هيس مون رات سميه وٽ گذاري هئي ته جيئن آئون ان گڏجاڻي کان پري رهي سگهان جيڪا منهنجي والده ايم آر ڊي جي اڳواڻن سان 70 ڪلفٽن تي ڪري رهي هئي. ظاهر آهي ته پوليس مون کي ڳولڻ لاءِ پنهنجي ڪوشش ۾ ڇتي ٿي پئي هئي ۽ هنن منهنجي سؤٽ فخريءَ جي گهر تي ۽ 70 ڪلفٽن تي ڇاپا هنيان جتي پهرين هنن منهنجيءَ والده کي گرفتار ڪيو هو ۽ منهنجيءَ ڳولا ۾ سڄي گهر کي ڊانوانڊول ڪري ڇڏيو هو. ”اوهين هن کي ڇا ٿا سمجهو، هوءَ ڪا ٽنڊڻ آهي ڇا؟“ منهنجيءَ ڀيڻ صنيءَ پوليس وارن کان پڇيو هو جڏهن هنن منهنجي ڳولڻ لاءِ ماچيسن جا کوکا خالي ڪري ڏٺا.

پوليس سڄي ڪراچي شهر ۾ پکڙجي وئي هئي ۽ هنن منهنجي اسڪول جي پراڻين سهيلين جي گهرن تي به ڇاپا هنيان. انهن ۾ هڪ پارسي خاندان پنٿاڪي جو به گهر هو. هنن جي 25 ورهين جي ڄمار جي ڌيءَ پاري کي پوليس ٿاڻي تي وٺي وئي جتي هن کي ستن ڪلاڪن تائين پڇاڻو ٿيندو رهيو. پاري ۽ هن جو خاندان هڪ مذهبي اقليت مان هو ۽ ملڪ کي مذهبي ويس پارائڻ واري ضياءَ جي نيتيءَ هيٺ جيڪو به مسلمان ڪونه هو اهو هاڻي خاص ڪري سزا جي لائق هو.  ”اسان کي خبر آهي ته هن ملڪ ۾ مذهبي اقليتن سان ڪئين پيش اچجي،“ پوليس پاريءَ جي مائٽن کي تنبيهه ڪئي جڏهن هنن اختياري وارن وٽ هن جي نظربنديءَ جي خلاف احتجاج ڪيو. ”هن ملڪ جي سياست ۾ اوهان جي لاءِ ڪابه جاءِ ڪانهي. اوهين ان ۾ دخل نه ڏيو.“

ٻين ٻن سهيلين پچي ۽ همو جي گهرن جي تلاشي وٺڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن پوليس نيٺ مون کي ڊاڪٽر اشرف عباسيءَ جي گهر ۾ اچي جهليو، جيڪا قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ۽ ڪراچي ۾ منهنجي والده جي ڊاڪٽر هئي. ”هت پوليس آئي آهي ۽ گهر جي تلاشي وٺڻ گهري ٿي،“ مون اڃان اسلام آباد ۾ پنهنجين ڪن سهيلين سان فون تي ڳالهائڻ جي لاءِ ويچار پي ڪيو ته ڊاڪٽر عباسيءَ جي پٽ صفدر اسان کي اچي ٻڌايو هو. جيئن ته مون کي ڇاپن هڻڻ بابت ڪابه ڄاڻ ڪين هئي ۽ ايم آر ڊي جي سياسي سرگرميءَ ۾ پوڻ کان مون پوريءَ طرح پاڻ پاسو ڪيو هو، تنهنڪري اهو ٻڌي اسين هن ڏانهن حيرت وچان ڏسڻ لڳيون سين. مون سمجهيو ته پوليس ڊاڪٽر عباسي يا هن جي پٽ منور کي وٺڻ آئي هوندي. ”هنن کي چئو ته گهر جي تلاشي وٺڻ جي ضرورت ڪانهي،“ مون صفدر کي چيو. ”هنن کان پڇ ته کين ڪير گهرجي،“ ويرم کن ۾ هو موٽي آيو. ”پوليس اوهان لاءِ آئي آهي،“ هن ٻڌايو.

ان گرفتاري ۾ هڪ نئين ۽ ڀوائتي ڳالهه ٿي هئي. اها مون کي ان وقت محسوس ٿي جڏهن مون کي کليل جيپ ۾ پٺيان ان هنڌ ويهڻ لاءِ چيو ويو هو جتي ڪيترائي سپاهي ويٺل هئا. اڳي پوليس مون کي ڪار ۾ وٺي ويندي هئي. مون جيپ ۾ ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هنن نيٺ مون کي اڳيان ويهڻ جي اجازت ڏني. جيپ جي پويان ۽ خالي گهٽين مان فوج جو جيڪو قافلو پي آيو اهو به تمام ڊگهو هو ۽ اسان جي منزل نحس هئي يعني، ٿاڻو. اڳي مون کي ڪڏهن به ٿاڻي تي ڪونه وٺي ويا هئا. ڇا ٿيڻ وارو هو؟ آئون ان خالي ڪوٺيءَ ۾ پنج ڪلاڪ ويٺي هيس ۽ مون کي ڪنهن به ڪي ڪين ٻڌايو. مون کي رڳو پوليس وارا پي نظر آيا. جيڪي سگريٽن مٿان سگريٽ ڦوڪي رهيا هئا ۽ اڳ ۾ ئي پان جي پڪن سان ڳاڙهين ديوارن تي هنن پان جون ٿڪون پي اڇلايون. هن ڀيري مون کي جلد ئي معلوم ٿيڻو هو ته ضياءَ پنهنجي سختيءَ ۽ ظلم جون اڳوڻيون حدون به اورانگهي ويندو.

مون کي خبر ڪين هئي، پر اختياريءَ وارن کي ڄاڻ هئي ته سڄي پاڪستان ۾ هزارين ماڻهو گرفتار ٿي رهيا هئا. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڪٿ مطابق رڳو مارچ 1981ع ۾ ڇهه هزار کان مٿي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو. 2 مارچ تي پي آءِ اي جي هوائي جهاز جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ پنجن ڏينهن اندر ضياءَ اغوا جو بهانو ڪري ايم آر ڊي جي وڌندڙ حمايت کي چيپاٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو. جنهن به ماڻهو جو ايم آر ڊي يا پيپلزپارٽيءَ سان ٿورو به تعلق هو ان کي گرفتار ڪيو پي ويو.

اسلام آباد ۾ نيازين کي گرفتار ڪيو ويو هو. پوليس امينه کي به جهلڻ لاءِ وئي هئي پر جڏهن هنن ڏٺو ته هوءَ نون مهينن جي پيٽ سان آهي، تڏهن هن جي بدران سنديس خاوند سليم کي وٺي ويا هئا. ان اوچتي صدمي جي ڪري هن کي چرڻ پرڻ ۾ سخت تڪليف ٿي هئي. بلوچستان مان يحيٰ بختيار کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو منهنجي والد جي وڪيلن جو اڳواڻ ۽ پاڪستان جو اڳوڻو اٽارني جنرل هو. لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر خالد احمد جنهن کي جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو هو، ان جي ڀاڻيجي ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر فيصل حيات کي لاهور ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ساڳيءَ ريت ڪيترين عورتن کي به گرفتار ڪيو ويو هو. راولپنڊي ۾ فليش مئن هوٽل جي اسسٽنٽ مئنيجر قاضي سلطان محمود کي ٽيون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو هو. ”مساوات“ ڪراچي جي ايڊيٽر ارشاد راؤ ۽ سنڌ پيپلزپارٽي جي مکيه رڪن پرويز علي شاهه سان به اهو ئي ٿيو. اها فهرست ڊگهي ٿيندي پي وئي ۽ اسان سان ٿيندڙ ورتاءَ وحشي پڻي جون نيون اوچايون پي ڇهيون.

”منهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟“ ٿاڻي تي مون پوليس وارن کان پڇا ڪئي.“

”ڪراچي سينٽرل جيل ۾،“ هنن ٻڌايو.

”ريسٽ هائوس ۾؟“ مون پڇيو، جيل جا عملدار ريسٽ هائوس ۾ ان ڪري ويندا هئا جو اهو هنڌ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسودو هوندو ۽ اتي ئي منهنجي والد کي پهرين رهايو ويو هو.

”ڪوٺڙيءَ ۾،“ هنن ٻڌايو.

منهنجو ساهه گهٽجڻ لڳو. منهنجي والده، اڳوڻي وزير اعظم جي بيوه سي ڪلاس جي ڪوٺڙيءَ ۾، جتي نه پاڻي آهي نه بسترو نه هوا!

”مون کي ڪيڏانهن ٿا وٺي هلو؟“ مون پوليس وارن کان پڇيو.

”تنهنجيءَ والده وٽ،“ هنن ٻڌايو.

هنن ڪوڙ ڳالهايو هو.

آئون ڪراچي سينٽرل جيل جي ريسٽ هائوس ۾ ڪنهن سان به ملاقات ڪرڻ کانسواءِ پنجن ڏينهن تائين پئي هيس، جتي پورو فرنيچر به پيل ڪونه هو. اتي جي عملي ٻڌايو ته کين منهنجي والده جي باري ۾ ڪابه خبر ڪانهي. هنن ان کان به انڪار ڪيو ته هوءَ ڪراچي ۾ آهي. مون کي پنهنجن وڪيلن سان ملاقات ڪرڻ کان به روڪيو ويو هو. مون وٽ ڪپڙا به ڪونه هئا، رڳو اهي جيڪي گرفتاريءَ وقت مون کي پيل هئا. مون وٽ نه وارن جو برش هو نه ڦڻي، نه ڏندڻ هو نه پيسٽ، ڪابه شيءِ ڪين هئي. گهڻي فڪر ۽ ڳڻتي جي ڪري مون کي زناني تڪليف ٿي پئي هئي جنهن لاءِ منهنجو علاج هلندڙ هو. مون کي دوائن جي ضرورت هئي، پر اتي نه ڪو ڊاڪٽر هو نه وري ڪا عورت هئي، جنهن کان آئون صلاح وٺي سگهان ها.

”توکي رات جو 2:30 بجي هتان روانو  ٿيڻو آهي.“ سپرينٽينڊنٽ مون کي ٻڌايو، جيڪو 12 تاريخ جي رات جو منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ آيو هو. هن جي منهن مان خوف پي ظاهر ٿيو. ”تون تياري ڪر.“

”اوهين مون کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃو؟“ مون پڇيو. ان جو ڪوبه جواب ڪونه مليو.

”منهنجي والده ڪٿي آهي؟“ مون وري پڇيو. وري به ڪو جواب نه مليو.

پهريون ڀيرو آئون  خوف ۾ وڪوڙجي ويس. مون اهي افواهه ٻُڌا هئا ته ڪڏهن ڪڏهن جيل جو عمل ڪن قيدين کي  رات جي وقت ريگستان ۾  وٺي ويندو آهي ۽ هنن کي قتل ڪري ڇڏيندو آهي. پوءِ هنن جون ميتون دفن ڪري هنن جي مائٽن کي اطلاع ڏنو ويندو آهي ته يا ته سندن عزيز جيل مان ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪندي مارجي ويا آهن يا وري اوچتو دل جو دورو پوڻ جي ڪري مري ويا آهن. آئون جڏهن پهرين ريسٽ هائوس ۾  پهتي هيس تڏهن مون منهنجي گرفتاريءَ جي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ کي خط لکي چيو هو ته  يا مون کي اجازت ڏني وڃي ته آئون پاڻ عدالت ۾ پنهنجي ڪيس جي پيروي ڪريان يا وري مون ڏانهن ڪو وڪيل موڪليو وڃي. هاڻي آئون ڏاڍي مايوس هيس ته اهو خط منزل تي پهچڻ گهرجي.

”تون هيءُ خط ضرور عدالت ڏانهن موڪل،“ هڪڙيءَ صبح جو جڏهن مون حڪومت جي عملدارن جو انتظار پي ڪيو تڏهن مون اهو هڪڙي جيلر جي حوالي ڪندي چيو. هن ماٺڙي ڪري اهو خط وٺي پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيو. مون الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو. جيڪڏهن هن اهو خط پهچايو ته گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه لکيت ۾ موجود هوندي ته آئون ڪٿي هيس ۽ اتان مون کي ڪيڏانهن وٺي ويا هئا.

رات جو 2:30 بجي پوليس جي عورتن سان ڀريل هڪ لاري آئي. ان سان گڏ پوليس ۽ فوج سان ڀريل ٽرڪون پهتيون. اسين ڪارين شيشن واري ڪار ۾ چڙهياسين جيڪا خالي رستن تان اهڙي ته تيز رفتاريءَ سان ڀڳي ڄڻ ته اسان تي حملو ٿيڻ وارو هو. اوچتو اها ڪار هڪ جهٽڪي سان بيهي رهي ۽ ٻطرفي ريڊيو تي ڪيترائي ڀڻڪا ٿيا ۽ ڳالهيون ٿيون.

”هن کي رنوي تي اڪيلو ڇڏي ڏيو.“ مون اهي هدايتون ملندي ٻڌيون. مون کي اطمينان ٿيو. گهٽ ۾ گهٽ آئون هوائي اڏي تي ته آهيان. پر هو مون کي ڪهڙي طرف وٺي ٿي ويا؟ ان وقت تائين مون کي هوائي جهاز جي اچڻ وڃڻ جو وقت بر زبان ٿي ويو هو ۽ اها مهل پاڪستان جي ڪنهن به حصي ڏانهن ڪنهن به هوائي جهاز جي اڏام جي ڪين هئي. شايد لاڙڪاڻي ڏانهن وڃبو، مون پاڻ کي دلاسو ڏنو. شايد هنن پنهنجي ان مخفي ڪارروائيءَ کي ڌيان ۾ رکي خاص جهاز جو بندوبست ڪيو هو. آئون ان جي لهڻ جي انتظام ۾ ويٺي رهيس. پر ڪوبه جهاز ڪونه لٿو. اهڙي ريت اتي ويٺي ويٺي مون کي چار ڪلاڪ ٿي ويا تان جو مون پرهه کي باکون ڪڍندي ڏٺو.

صبح جو 6:30 بجي رنوي تي مسافرن جو هڪ معمولي جهاز ظاهر ٿيو. مون کي جهاز ۾ چاڙهيو ويو. منهنجي سيٽ جي ڀرسان هڪ پوليس واري ويٺي، ٻه منهنجي پٺيان ۽ ٻه وچ واري رستي جي هن طرف ويٺيون. ”اسين ڪنهن طرف پيون وڃون؟“ مون ايئر هوسٽيس کان پڇيو. پوليس وارين هن جي جواب جي وچ ۾ ڳالهايو. ”تون گرفتار آهين ۽ ڪنهن سان به ڳالهائي نه ٿي سگهين.“

ڇا ٿي رهيو هو؟ ڪراچي جيل جي پنجن ڏينهن ۾ مون ڪابه اخبار ڪين ڏٺي  هئي ۽ مون کي سمجهه ۾ ئي ڪونه پي آيو ته منهنجي والده ۽ مون سان ايتري سختي ڇو ڪئي پئي وڃي. پر مون کي پڪ هئي ته ايم آر ڊي جي ٺاهڻ ۽ ضياءَ سان اسان جي مقابلي ڪرڻ جي خواهش جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿيون هيون. پر اهو ڪهڙو سبب هو جو  حڪومت اسان تي ايتري سختي پي ڪئي؟ ۽ جهاز جي ٻين مسافرن توڙي پوليس وارين جي چهرن تي اهو خوف ڇو پي نظر آيو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com