سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مارچ، اپريل 2012ع

مضمون--

صفحو :9

نجمه پنهور

تنهنجي عظمت کي سلام!

پاڪستان جي خاتونِ اول محترمه نصرت ڀُٽو، جنهن کي مادرِ جمهوريت جو لقب پڻ مليل آهي. جنهن جمهوريت لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون، سندس وَرَ کي فوجي حڪومت  ۾ جيل وڌو ويو. اهو ڏک اڃان گهٽ نه ٿيو ته سندس وڏي ڌيءَ بينظير ڀٽو کي به قيد ڪيو ويو. بينظير ڀٽو ۽ پاڻ به انهن ڏينهن ۾ سهالا جيل ۾ رهي ۽ پوءِ مختلف هنڌن تي قيد ڪاٽيائين ۽ پنهنجي گهر 70 ڪلفٽن ڪراچي ۽ المرتضيٰ لاڙڪاڻي واري گهر ۾ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ نظر بندي رهي. پاڻ جڏهن ٻئي هنڌ قيد هوندي هئي ته بينظير ڀٽو کي خط لکندي هئي ته: ”منهنجي ڌيءَ تون ڀاڄيون واپرائيندي ڪر ۽ ماني وقت سِر کائيندي ڪر ۽ پاڻي گهڻي مقدار ۾ واپراءِ جيئن تون صحتمند رهين!“

 ڇا ماءُ ٿيڻ سولو آهي جڏهن سندس وَرُ ذوالفقار علي ڀُٽو جنهن لاءِ پاڪستان جو عوام ديوانو هو ۽ سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪندا هئا. ان سان گڏ گڏ هلندي هن سنڌ جي عورتن کي شعور ڏنو، ان دؤر ۾ جڏهن عورتن جو ٻاهر نڪرڻ عيب سمجهيو ويندو هو. پر ذوالفقار علي ڀُٽي سان گڏ جڏهن محترمه نصرت ڀُٽو کي ڏسندا هئا ته سنڌ جا مرد به اهو چوندا هئا ته اسان جون عورتون به جلسن ۾ وڃن، هُن ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي جمهوريت جي بقا لاءِ ڇا ماءُ ٿيڻ سولو آهي جڏهن سندس وَرُ ذوالفقار علي ڀُٽو جنهن لاءِ پاڪستان جو عوام ديوانو هو ۽ سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪندا هئا. ان سان گڏ گڏ هلندي هن سنڌ جي عورتن کي شعور ڏنو، ان دؤر ۾ جڏهن عورتن جو ٻاهر نڪرڻ عيب سمجهيو ويندو هو. پر ذوالفقار علي ڀُٽي سان گڏ جڏهن محترمه نصرت ڀُٽو کي ڏسندا هئا ته سنڌ جا مرد به اهو چوندا هئا ته اسان جون عورتون به جلسن ۾ وڃن، هُن ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي جمهوريت جي بقا لاءِ جنگ جوٽي.

زاهده تاج ابڙو

 

لُڙڪن هُن کي ڳولي ورتو...!

 

(بيگم نصرت ڀٽو کي ڀيٽا)

هو پنهنجي اڇي رنگ جي ڪار کي کي خود هلائي رهي هئي. گاڏيءَ کي هڪ طرف بيهاري پاڻ لٿي ۽ هڪ وڏي جنرل اسٽور ۾ داخل ٿي وئي، ڪجهه ضروري شيون خريد ڪري واپس ڪار ۾ ويهي گهر رواني ٿي وئي.

هيءَ نصرت آهي سندس وڏا هريري اصفهاني خاندان سان تعلق رکندڙ هئا، هو اصل ۾ ايران جي ڪردستان صوبي جا رهاڪو هئا. پر گذريل ڪيترن سالن کان سندن رهائش ڪراچي شهر ۾ هئي.

نصرت جو والد هڪ مالدار واپاري هو، سندس وسيع ڪاروبار هو، هو اعليٰ تعليم يافته ۽ روشن خيال ماڻهو هئا. نصرت ۽ سندس ڀينرون ڪراچيءَ ۾ بغير نقاب جي پنهنجيون گاڏيون پاڻ هلائينديون هيون. جڏهن ته نقاب جو رواج عام هو.

بهار جي موسم هئي 23 مارچ 1929ع تي نصرت پنهنجي جياپي جو پهريون ساهه کڻي هن دنيا ۾ داخل ٿي هئي. سڄو گهر خوش هو گلابي خوبصورت سهڻن نقشن واري نصرت جي آمد تي. هو پوري گهر جي دادلي ٿي پلجي وڏي ٿي هئي. سندس جوانيءَ جو دور ڪراچيءَ جي آزاد هوائن ۾ گذريو.

ان ڏينهن نصرت جي وڏي وسيع گهر ۾ هڪ پررونق دعوت جو اهتمام ڪيو ويو هو. سنڌ جي هڪ وڏي معتبر زميندار ڀٽو قبيلي جي گهر ڀاتين جي اعزاز ۾ ان دعوت جو انتظام ڪيو ويو هو. ڀٽو خاندان کي پوري پاڪستان ۾ هڪ مرڪزي حيثيت حاصل هئي سندن ملڪتيون پوري ملڪ ۾ پکڙيل هيون.

ان دعوت ۾ ڪاري رنگ جو فل سوٽ پاتل هڪ سحر انگيز شخصيت وارو خوبرو نوجوان ذوالفقار به شامل هو. ذوالفقار علي ڀٽو ڪو  معمولي شخصيت نه هو، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو پڙهيل ذهين ترين نوجوان هو.

پوري محفل تي ذوالفقار پنهنجي انفراديت سان ۽ پنهنجي ذهني صلاحيتن جي  آڌار تي گفتگو ڪري حاوي ٿيل هو.

ذوالفقار بظاهر محفل ۾ حاضر هو  پر سندس دل ۽ نظرون اوچتو سامهون ايندڙ ان دوشيزه ۾ کپجي ويون جيڪا سندس سامهون واري صوفي تي ڳاڙهي رنگ جو  شربت گلاس ۾ آهستي آهستي پي رهي هئي.

نصرت کي پنهنجو پاڻ کي ذوالفقار جي نظرن جي اثر ۾ جڪڙندي محسوس ٿي رهيو هو.

اڇي رنگ جو خوبصورت وڳو پاتل، ڊگهي قد گلابي رنگت، سنهري وارن ۽ پرڪشش اکين واري ايراني دوشيزه نصرت، ذوالفقار جي دل ۾ گهر ڪري وئي.

ان رات ذوالفقار دعوت مان واپس ته اچي ويو پر هو  پنهنجي دل نصرت جي گهر ئي ڇڏي آيو. اهو فطرت جو  اصول آهي ته دل کي وڻندڙ چهرا هر وقت اکين آڏو ڦرندا رهندا آهن. سچ پچ ته نصرت به کانئس هڪ پل نه وسري هئي.

ڪجهه جذبا لاشعوري طور تي خوشيون بخشيندڙ هوندا آهن ۽ ڪي انسان دل، دماغ، اکين ۽ حواسن تي دائمي قابض ٿي ويندا آهن. ۽ اهڙي حالات ۾، احساسن ۽ محبت جو اظهار نه ٿئي ته اندر ۾ اُڌما وڌڻ لڳندا آهن ۽ ڏينهن گذرڻ سان وڌيڪ ڇڪ محسوس ٿيڻ لڳي ٿي.

ذوالفقار پنهنجي پسند بابت پنهنجي وڏن کي آگاهه ڪيو. جن وڏي خوشيءَ سان رضامندي ظاهر ڪئي.

جڏهن نصرت لاءِ ڀٽو خاندان مان ذوالفقار علي ڀٽو جو رشتو آيو ته، نصرت جي والد پنهنجي خاندان لاءِ عزت افزائي سمجهي ڪجهه سوچ ويچار کان پوءِ منظور ڪيو.

ان رشتي ۾ وڏن جي رضامندي سان گڏوگڏ نصرت ۽ ذوالفقار جي پسند به شامل هئي.

اهو سال 1951ع وارو هو وڏي ڌام ڌوم سان ٻنهي جي شادي ٿي وئي. ٻنهي جي پاڻ ۾ بيپناهه محبت هئي. محبت ڏيندي به محبت آ ۽ محبت وٺندي به محبت آ. هو  نه پاڻ ڪنهن جي ٿيندي آ نه ڪنهن کي پنهنجو ڪندي آ، محبت صرف محبت جي هوندي آ. ٻنهي هڪ ٻئي سان محبت جو ڪاروبار ڪيو هو.

ذوالفقار ۽ نصرت جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار هو. ذوالفقار نصرت کي جيئن چوندو هو، نصرت سندس هر خواهش حڪم سمجهي مڃڻ لڳي.

ذوالفقار علي ڀٽو جو اباڻو ڳوٺ لاڙڪاڻو هو سندس خاندان جون عورتون پردو ڪنديون هيون. نصرت کي به خاندان جي ٻين عورتن وانگي پردو ڪرايو ويو، هو ڪارو برقعو پائڻ لڳي.

نصرت هفتي ۾ هڪ ڀيرو والدين ۽ ڀينرن سان ملڻ لاءِ لاڙڪاڻي کان ڪراچي به ويندي هئي.

ڪراچي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو بهترين آسائش ۽ آرائش وارو محل نما گهر ”70 ڪلفٽن“ به موجود هو.

نه رڳو ذوالفقار نصرت سان پيار ڪندو هو. ذوالفقار جي والده کي به پنهنجي ننهن ڏاڍي پياري هئي. ڪڏهن ڪڏهن هو به ننهن سان ڪراچي ويندي هئي ۽ اڪثر کيس کلندي چوندي هئي.....

”نصرت مان چاهيندي آهيان ڪراچيءَ ۾ گاڏي تون هلاءِ ڊرائيور نه، ڇو ته مون کي سٺو لڳندو آ تنهنجي گاڏي هلائڻ.“

اها شايد نصرت جي سيرت هئي. جو کيس سندس سس ايترو پيار ڪرڻ لڳي هئي. نصرت جهڙي ڏسڻ ۾ من موهڻي هئي تهڙو ئي سندس اخلاق ۽ ڪردار هو. ڇو ته دنيا فقط ظاهري ڏيک ويک سان ٻڌل نه آهي. باطن مان ئي هر شي جي قدر و قيمت معلوم ڪري سگهجي ٿي.

شادي جي ٻن سالن بعد نصرت کي هڪ گلاب جي گل جهڙي خوبصورت ڌيءَ پيدا ٿي جنهن جو نالو بينظير رکيائون. نصرت کي بعد ۾ ٽي ٻار ٻيا به پيدا ٿيا جن جا نالا مير مرتضيٰ، صنم ۽ مير شاهنواز آهن.

اسان جي مرداڻي ڪلچر ۾ هميشه ڇوڪرن کي ڇوڪريءَ تي ترجيح ڏني ويندي آهي. پر ذوالفقار اهو فرق نه رکيو هو. هن پٽن ۽ ڌيئرن جي ساڳئي تعليم و تربيت ڪئي ان کان علاوه، ذوالفقار پنهنجين نياڻين ۽ گهرواريءَ مٿان برقعو پائڻ جي پابندي ختم ڪري کين جديد دنيا ۾  آندو.

1953ع کان ذوالفقار علي ڀٽو وڪالت شروع ڪئي کيس سياست سان پڻ دلچسپي هئي. آهستي آهستي هو سياست ۾ پنهنجا قدم وڌائيندو رهيو. هن وزير تجارت وزير توانائي ۽ وزير خارجه جي عهدي تي پنهنجا فرض سرانجام ڏنا.

ذوالفقار علي ڀٽو بي انتها ذهين محنتي ۽ قابل ماڻهو هو. هن پنهنجي الڳ سياسي جماعت ”پاڪستان پيپلز پارٽيءَ“ جي نالي سان ٺاهي.

جنهن 1970ع ۾ اڪثريت سان اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي اقتدار حاصل ڪيو. پوري جدوجهد ۾ نصرت مڙس سان ٻانهن ٻيلي ٿي رهي.

هاڻي نصرت هڪ وزيراعظم جي گهرواري هئي. هن هميشه ملڪي معاملات ۾ ملڪ ۽ مڙس جو ساٿ ڏنو، سندس گهڻو وقت غير ملڪي دورن ۽ عوام سان گذرڻ لڳو.

هوءَ پنهنجي غير موجودگيءَ ۾ پنهنجي ٻارن جي سنڀال خاندان جي بزرگن ۽ وفادار ملازمن جي حوالي ڪري ويندي هئي. سندس وڏي نياڻي بينظير گهڻي سمجهدار هئي جيڪا والدين جي غير موجودگي ۾ ننڍن ڀائرن ۽ ڀيڻ جو خيال رکندي هئي.

بيگم نصرت ڀٽو پارليامينٽ جي ميمبر پڻ هئي ملڪي معاملات ۾ مصروف رهڻ باوجود سندس ڌيان ٻارن ۽ گهر ۾ به رهندو هو. ٽيلي فون تي هر وقت ٻارن سان رابطي ۾ هوندي هئي کيس ٻارن جي پڙهائي جي گهڻي اونَ رهندي هئي.

بيگم صاحبه جو ٻارن جي ديني تعليم ڏانهن گهڻو ڌيان رهندو هو. ٻارن کي قرآن ۽ نماز پڙهڻ جي سختي ڪندي هئي.

پاڻ به ديني ڪمن ۾ پابندي ڪندڙ هئي. بيگم صاحبه ڀلي دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ هجي پر پنج ئي وقت نماز ضرور ادا ڪندي هئي. بيگم صاحبه جي اها تمام سٺي عادت هئي ته گهر ۾ جڏهن هوندي هئي ته ٻارن سان گڏ بيهي نماز پڙهندي هئي.

هن خوبصورت خاندان کي خبر ناهي ڪڏهن ڪنهن جي نظر لڳي وئي جو  5 جولاءِ 1977ع تي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو جنرل ضياء الحق تختو اونڌو ڪري، ملڪ ۾ مارشل لا  لڳائي صدارت جي ڪرسيءَ تي قابض ٿي ويٺو.

هن فوجي آمر بيگم صاحبه ۽ سندس معصوم ٻارن کي نظربند ڪرائي، ذوالفقار علي ڀٽي کي قيد ڪرائي ڇڏيو.

پر چوندا آهن ته ”جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا“ سو هن خاندان تي به مصيبتن جا پربت ڪرندا رهيا. ان مشڪل دور ۾ به بيگم صاحبه پنهنجا حوصله بلند رکيا. جڏهن جيل ۾ پنهنجي وَرَ سان ملڻ ويندي هئي ته کيس آزادي جي تسلي ڏيڻ لڳي ۽ جڏهن گهر ۾ داخل ٿئي ته منهن تان هر پريشاني ۽ ڳوڙها لڪائي مُک تي مرڪ سجائي اولاد کي همت ۽ حوصلو رکڻ جي آٿت ڏيندي رهي.

فوجي حڪومت بيگم صاحبه ۽ سندس وڏي ڌيءَ بينظير تي سختين جي انتها ڪري ڇڏي، سندن مٿان تشدد ڪيو ويو.

هنن ٻنهي ماءُ ڌيءَ ٻاهرين ملڪن جي سربراهن سان رابطه  ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ذوالفقار علي ڀٽو کي آزاد ڪرائي سگهجي پر صدر ضياء الحق سندن هر رستو بند ڪري ٻاهرين دنيا سان تعلقات روڪي ڇڏيا. بيگم صاحبه مڙس جي رهائي لاءِ فڪرمند رهڻ لڳي.

زال جو مڙس سان رشتو ئي نرالو آهي جنهن ۾ قرب ۽ قربت قدر تي طور پيدا ٿئي ٿي، کانئس مڙس تي ٿيندڙ، بيواجبي، ظلم، عذاب، دل کي جهٻو ۽ ساهه کي سٽ پيو ڏئي، سندس من ڪڙهندو رهيو.

فوجي حڪومت وقت جو بي جا فائدو وٺي، نصرت تي هڪ ٻيو ڪاري وار ڪيو 1979ع ۾ سندس سر تاج ذوالفقار علي ڀٽي کي  ڦاهي ڏني وئي بيگم صاحبه جي اکين آڏو اوندهه جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا.

ذوالفقار علي ڀٽو جو هڪ دلپسند ليڊر هو. سندس ڦاهي واري موت تي بيگم صاحبه ۽ اولاد سميت پوري عوام به ماتم ڪيو. بيگم صاحبه جي طبعيت ناساز رهڻ لڳي هو مڙس جي وڇوڙي کي ذهني طور قبولي نه سگهي هئي، ٻنهي جي پاڻ ۾ بي انتها محبت جو هئي.

ذوالفقار جي موت جي ڪجهه مهينا اڳ بيگم صاحبه هڪ مظاهرو ڪيو هو مڙس جي آزادي لاءِ جتي پوليس مٿس لٺيون وسايون هيون جنهن جي ڪري سندس مٿو ڦاٽي پيو هو ڪيترو وقت منهن ۽ مٿي مان رت وهندو رهيو هو. ان زخم اڳتي هلي ناسور پيدا ڪري ڇڏيو ان حادثي سندس ياداشت تي اثر وڌو آهستي آهستي ياداشت ختم ٿيڻ لڳي. قذافي اسٽيڊيم ۾ لڳل مٿي جي گهاءُ اڳتي هلي ڪينسر جهڙو موذي مرض تحفو ڪري ڏنو.

پر اڃا به ڪي امتحان اڃا قدرت کي نصرت کان وٺڻا هئا. فوجي آمر ضياء الحق جي دور ۾ ئي سندس نوجوان ننڍي پٽ شاهنواز جو لاش پراسرار  نموني فرانس جي هڪڙي فليٽ مان مليو، وري ڪجهه عرصي بعد سندس خوبصورت دلير وڏي پٽ مرتضيٰ کي به شهيد ڪيو ويو...

هڪ ماءُ لاءِ نوجوان پٽن جا لاش وصول ڪرڻ ڪو معمولي ڪم نه هو، سندس دل جا ٽڪرا ڳڀرو نوجوان ڀرپور جوانيءَ ۾ کانئس ڌار ٿي ويا. عورت جي ڇپر ڇانو ان جو ور هوندو آهي ۽ ٽيڪ نوجوان پٽ هوندا آهن پر... نصرت ڪيڏي نه بدنصيت هئي جو ان ٿنڀ وانگي بيٺي هئي جنهن کي نه ڇانو هئي نه ٽيڪ!!!

شايد اها سندس قسمت جي ڪوتاهي چئبي جو هو اهڙن رشتن کان محروم ٿي وئي.

مرتضيٰ جي ٽيجهي تي بيگم نصرت جي حالت خراب ٿي وئي.

ان ڏينهن بينظير ۽ صنم کيس مرتضيٰ جي قبر تي هلي دعا گهرڻ لاءِ چيو:

”مما اڄ مرتضيٰ ڏي هلڻو آهي.“

”مرتضيٰ ڏي“...؟ هو ڪيڏانهن ويل آهي ڇا! مون سان ته مرتضيٰ اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي هلڻ جي، ڪيڏانهن ويو آهي؟؟؟

 بيگم نصرت عجيب بي يقيني جي ڪيفيت ۾ چيو:

بينظير هڪ لمحي لاءِ صنم کي ڏٺو ۽ پوءِ ماءَ جي ويجهو ويهي سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهلي چيو:

”مما مرتضيٰ هاڻ اسان ۾ نه رهيو آهي هو اسان کان ڏور پپا ڏي هليو ويو آهي.

”ها! هو ته پنهنجي پپا ڏي هليو ويو آهي، ها! پنڪي هو هليو ويو آهي.

اف منهنجو مرتضيٰ! پنڪي مون کي وٺي هل مرتضيٰ ڏي هو ڏاڍي تڪليف ۾ آهي، تون ڏٺو هو نه منهنجي شينهن جهڙي پٽ کي هنن ڪيڏي نه بيدرديءَ سان گوليون هڻي روڊ تي لاوارث ڪري ماري ڇڏيو هو، هن جا اڇا ڪپڙا رت ۾ ڳاڙها ٿي ويا هئا.پنڪي منهنجي هٿن کي اڃا به مرتضيٰ جي وجود جو احساس محسوس ٿي رهيو آهي. هن کي ڏاڍي تڪليف ڏني وئي هئي!!!

”مما توهان هن لاءِ دعا ڪريو. هو شهيد آهي هو جنت ۾ آهي. بينظير کيس پنهنجي  ڇاتيءَ سان لڳائيندي ڪنهن ٻار جيان پرچائيندي چيو.

”پر پنڪي آخر سڀ تڪليفون اسان لاءِ ڇو!

تنهنجي پپا کي به تڪليف ڏني وئي هئي، شاهنواز به ته تڪليف مان گذريو!“

پنڪي ٻڌاءِ سڀ ڏک مون لاءِ ئي ڇو! لڙڪن مون کي ئي ڇو ڳولهي ورتو آهي!

مان هاڻ نه ٿي برداشت ڪري سگهان، ها! نه ٿي برداشت ڪري سگهان! خدا ڪنهن ماءُ کان ايڏو امتحان ڪيئن ٿو وٺي سگهي ته سندس نوجوان پٽ سندس اکين اڳيان تڙپي تڙپي مرندا رهن ۽ ماءُ هنن جا لاش کڻندي رهي!

”پنڪي ڇا خدا کي مون مٿان رحم ڪونه ٿو اچي!؟“

”مما خدا جي توهان تي خاص رحمت آهي توهان ٻن شهيدن جي ماءُ آهيو.“

بينظير کيس نرڙ تي چمي ڏيندي چيو:

”هاڻ اٿو مرتضيٰ سان ملڻ هلو. هن لاءِ قرآن خواني ڪرائي دعا گهرنداسين“.

صنم ۽ بينظير کيس سهارو ڏئي ان هال ڏانهن وٺي آيون جتي مرتضيٰ جي ايصال ثواب لاءِ قرآن خواني ٿي رهي هئي.

نصرت، بينظير ۽ صنم جي ان وقت عجيب ڪيفيت هئي، انسان ڪڏهن به حالات سان گڏ پنهنجي جذبن ۽ ڪيفيتن تي شعوري يا لاشعوري طور تي قابو پائي نه سگهندو آهي، حالانڪ انسان حالات تي قابو پائڻ چاهيندو به آهي، ۽ ناڪام به ٿيندو رهندو آهي. خوشي، ڏک، محبت، نفرت، صبر، جهيڙو، بربرسيت، وحشت، چڱائي، مُٺا ئي، زندگي ۾ ڪنهن ڪنهن سان نڀاءُ ڪجي آخر!!

ڪيئن نه ماڻهو رشتن جي پيچيدگين ۾ ڦاسي ٿو پوي نه چاهيندي به هر جذبي ۽ احساس سان رشتن جي نالي تي نباهه ڪرڻو ٿو پوي. خبر نه ٿي پوي ته اسان ٻين سان پاڻ کي ڳنڍيون ٿا يا ٻيا اسان سان پاڻ کي ڳنڍين ٿا!

غمن نصرت کي صفا جهوري وڌو، هو هڪ زنده لاش بنجي وئي. ڪيترا ڪيترا ڪلاڪ اڪيلائي ۾ ڇت کي گهوريندي رهندي هئي.

ان دوران بينظير سياست ۾ پيءُ جي نقش قدم تي هلندي اڳتي وڌي آئي ۽ هو تمام  وڏي ليڊر ثابت ٿي ٻه ڀيرا وزيراعظم به منتخب ٿي پر نصرت کي هاڻ حڪومت يا ماڻهن سان ڪابه دلچسپي نه رهي هئي هن ايتريون ته مصيبتون ۽ آفتون ڏٺيون هيون جو هاڻ کيس خوشيون به بي معنيٰ ٿي لڳيون.

جڏهن ڏکن جي انتها اچي ويندي آهي ته ان وقت  ته وڏي کان وڏي خوشي به پنهنجي اهميت وڃائي ويهي ٿي.

بيگم نصرت کي اڪثر مٿي ۾ سور رهڻ لڳو. ڊاڪٽر سان بينظير صلاح ڪري کيس آمريڪا کڻائي وئي، جتي ڊاڪٽرن بيگم نصرت ڀٽو کي ڪينسر جو مريض ڄاڻايو.

بينظير ڏاڍي پريشان هئي، والده کي دبئيءَ جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو. بينظير جون مصروفتيون به وڌي ويون هيون. بينظير پاڪستان جي وزير اعظم ٿي چڪي هئي. پر ان هوندي به هن ماءُ ڏانهن پورو ڌيان ڏنو، سندس پورو توجهه بيگم نصرت جي صحت ڏانهن هئو. پر هن جي صحت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي هئي کيس مسلسل بي هوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا ۽ نيٺ ڪوما ۾ هلي وئي.

وقت گذرندو رهيو 15 سال گذري ويا پر بيگم نصرت ڪوما مان نه نڪري سگهي.

هن جو وجود دنيا ۾ رهندي به اڪيلو ٿي ويو، هو سڀني جي وچ ۾ هوندي به تنها هئي 15 سالن تائين هو هڪ زنده لاش بنجي وئي. سندس نظرون، خواهشون ۽ ساهه جون تندون خبر ناهي ڪنهن کي ڳولهينديون رهيون پر هن جي هر احساس ۽ جذبات اڳيان صرف ۽ صرف ڌنڌ هئو، هو خاردار سفر تي اڪيلي هئي.

قسمت نصرت کان سڀ ڪجهه کسيندي رهي ۽ هو... ڏسندي رهي ڪا شڪايت ڪو شڪوه چپن تي نه آندائين. هو پٿر جي مورت ٿي وئي هئي نه ڪنهن موسم هن جو حال ونڊيو نه ڪنهن جي وجود جي احساس دل کي اٿلايو...

هن جي من جي مانڌاڻ الائي ڇو ماٺ ٿي وئي هئي.

نصرت مٿان وري هڪ ٻيو ڪاري وار ٿيو، پنڪي (بينظير) دبئي مان پاڪستان آيل هئي هڪ شام راولپنڊي ۾ جلسي کان پوءِ دهشتگردي جو شڪار ٿي وئي. نصرت جي ڪونج جهڙي بينظير کي ڪنهن ظالم جي انڌي گولي پنهنجو کاڄ بنائي ڇڏيو بينظير شهيد ٿي وئي.

پر نصرت کي ڪٿي هوش هو جو پاڻ بينظير جي موت جو ماتم ڪري. ها رڳو سندس دل جون اکيون پنهنجن وڃايل دل جي ٽڪرن کي ضرور ڳولهينديون رهيون هونديون.

نصرت جي گلستان جا ته سڀ پوپٽ ئي اڏي ويا جڏهن باغ ۾ ڪا خوشبو نه رهي گل سُڪي وڃن، پوپٽ اڏامي وڃن ته پوءِ باغبان رهي ڇا ڪندو؟؟؟

آچر ڏينهن 23 آڪٽوبر 2011ع تي بيگم نصرت ڀٽو سڀني کي الوداع چئي هڪ نئون گلستان وسايو. سندس وفات ته دبئي ۾ ٿي پر مڙهه پاڪستان آندو ويو. کيس پنهنجي ور ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ڌيءَ بينظير جي ڀر ۾ ڳڙهي خدا بخش دفن ڪيو ويو. جتي مرتضيٰ ۽ شاهنواز اڳ ۾ ئي آرامي هئا.

نصرت وري پنهنجي گلستان ۾ موٽي آئي جتي سڀ ساڻس گڏ هئا. مڻ مٽي جي هيٺان....

نصرت هلي وئي هميشه لاءِ هن بيوفا دنيا کي ڇڏي جنهن سندس وجود کي وکيري پرزا پرزا ڪري ڇڏيو هو.

هو هڪ ڏينهن ڪو نئون روپ ڌاري هن ڌرتيءَ تي لهندي. وري ڪنهن جي سار جو سڏ بڻجي،

هوءَ شهيدن جي ماءُ

هوءَ شهيد جي وني

جنهن جون حسرتون اڌوريون رهيل آهن.

هن جو ساهه هيڪاندن لڙڪن سڪائي ڇڏيو هو. هوءَ وري ڪنهن ٿڌي هير جيان ڪنهن حسين وادي ۾ لهندي. خوشيون ماڻڻ لاءِ سڀئي اوجاڳا مٽائڻ لاءِ هو وري هڪ نئون رنگين خوشين ڀريو جهان ماڻيندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com