سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مارچ، اپريل 2012ع

مضمون--

صفحو :11

سوڀو گيانچنداڻي

بيگم ڀٽو آمريت سان ٽڪر کائيندڙ بهادر اڳواڻ هئي

بيگم نصرت ڀٽو سان منهنجي آخري ملاقات تڏهن ٿي هئي. جڏهن مون کي هڪ تنظيم جي طرفان ڪراچي پريس ڪلب ۾ ايوارڊ ڏنو پئي ويو، ان موقعي تي هن سان گڏ سندس موڀي پٽ مرتضيٰ ڀٽو به گڏ هو. اتي مان هڪ طرف ويٺو هئس ۽ ٻئي پاسي بيگم نصرت ڀٽو ويٺل هئي، ۽ ان جي ساڄي پاسي کان مرتضيٰ ڀٽو ويٺل هو.

ان وقت مرتضيٰ ڀٽي کي ڪا ڳالهه ذهن ۾ آئي ۽ هن پنهنجي ماءُ جي پٺيان ٻانهن ورائي مون سان ڪجهه ڳالهايو، هن ڇا چيو، اهو مون کي هاڻي ياد نٿو اچي. پر ڀانيان ٿو ته هن ڪا راز جي ڳالهه ڪئي هئي.

ان کان پوءِ مان بيگم نصرت ڀٽو سان ملي نه سگهيس. ۽ هوءَ مرتضيٰ ڀٽي جي شهادت کان پوءِ هميشه جي لاءِ پسمنظر ۾ هلي وئي. اڳ لاڙڪاڻي کان مئن جي دڙي تي ايندي ويندي مڙيو ئي مرتضيٰ سان ملاقات ٿي ويندي هئي. ۽ هو جڏهن تڪڙو به هوندو هو، تڏهن به گاڏي مان هٿ ڪڍي منهنجي آءُ ڀڳت ضرور ڪندو هو.

اوچتو ئي اوچتو جڏهن مون هن جي شهادت جي خبر پڙهي ته مون کي پنهنجي پٽ ڊاڪٽر ڪنعيي جي ياد اچي وئي ۽ مان غم ۾ ويڙهجي ويس. هيءُ محترمه بينظير ڀٽو جو دور هو. جنهن ۾ مون ڀانئيو پئي ته ان قتل جو ڪجهه نه ڪجهه ازالو ٿيندو. پر اهو ٻڌي ۽ ڏسي افسوس ٿيو هو ته ان نسوري ناحق جو ڪوبه داد فرياد نه ٿيو ۽ ناحق وارن ان جي قتل کي معمو بڻائي نيٺ پسمنظر جي حوالي ڪري ڇڏيو.

تڏهن ئي مون اندازو لڳايو هو ته، اهو سڀڪجهه بينظير ڀٽو کي هيڻو ڪرڻ جي لاءِ ڪيو پئي ويو، ۽ ٿيو به ائين، جو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ محترمه کي ختم ڪيو ويو ۽ تاثر اهو ڏنو ويو، ڄڻ  محترمه بينظير ڀٽو ئي پس پرده ان ۾  ملوث هئي. ان شديد صدمي مان، محترمه بينظير ڀٽو ته اڳتي هلي. ڪنهن قدر پاڻ تي قابو پائي ورتو. ۽ وڃي دبئي وسايائين، پر ان صدمي جنهن نموني بيگم نصرت ڀٽو کي نهوڙيو، ان مان هوءَ حياتي جي آخري گهڙين تائين نڪري نه سگهي. ۽ شايد تڏهن ئي آصف علي زرداري ان کي ”زنده شهيد“ قرار ڏنو هو.

هيءَ بهادر عورت، جنهن پنهنجي پيار ڪندڙ ور ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي کان پوءِ نه رڳو پنهنجي پارٽي کي مضبوط ڪيو هو، پر ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياء الحق جي ظالماڻي حڪومت سان به وک وک تي ٽڪر کاڌو هو ۽ ان جي نتيجي ۾، کيس جيڪي لٺيون کائڻيون پيون هيون ۽ رتو رت ٿيڻو پيو هو، ان پنهنجي عزم آڏو، ذري برابر به، ان جي پرواه نه ڪئي هئي.

پاڪستان پيپلز پارٽي، جيڪا اڄ به عوام جي دل جي ڌڙڪن بڻيل آهي، ان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي کان پوءِ جنهن شخصيت ساهه وڌو. اها بيگم نصرت ڀٽو ئي هئي. بينظير ڀٽو جي تربيت توڙي جو ذوالفقار علي ڀٽي ڪئي، پر اها به وڏي سچائي آهي ته، بينظير جي همت ۽ حوصلو وڌائڻ ۾ نصرت ڀٽو جو ئي هٿ هو.

هيءَ وڏي شخصيت جيڪا ڪڏهن به جيلن ۽ ڏکن ڏاکڙن کان نه ڊني هئي، سا مرتضيٰ ڀٽي جي شهادت کان پوءِ جڳ جهان کان لاتعلق ٿي وئي ۽ ان جي لاتعلقي جي دوران ئي سندس ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو کي به شهيد ڪيو ويو...

اڄ جڏهن پندرهن سالن جي چپ کان پوءِ بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي 82 سالن جي حياتي کي موت جي  حوالي ڪيو آهي ته، سچ پچ مان هڪ ڀيرو وري وڏي صدمي جو شڪار ٿيو آهيان.

مان بيگم نصرت ڀٽي جي جدوجهد ۽ قربانين عيوض کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ سلام به پيش ڪريان ٿو. ڇو ته هو هڪ عظيم ليڊر جي وني هئڻ سان گڏ پاڻ به عظمت جو اهڃاڻ بڻجي وئي آهي ۽ ان نه رڳو ڀٽي خاندان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ڪيو. پر ان کي هميشه لاءِ عوامي به بڻائي ڇڏيو.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنووڪيشن ۾ بيگم نصرت ڀٽو خاتون

اول پاڪستان جو خطاب

(28-اپريل-1973ع)

محترم چانسيلر صاحبه، محترم وائيس چانسيلر صاحب، شاگردو، ڀائرو ۽ ڀينرون:

آءٌ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٿورائتي آهيان، جنهن مون کي نينڊ ڏيئي، پنهنجن ننڍيءَ ٽهيءَ جي ساٿين سان احوال اورڻ جو وجهه ڏنو آهي. اهي صحيح معنيٰ ۾ اسان جي ايندڙ وقت جا اڏيندڙ، اسان جن سپنن جا سنواريندڙ آهن. منهنجي سامهون تعليمي ماهرن ۽ دانشورن جو به خاصو ميڙ موجود آهي.

سنڌ جي علمي ۽ ثقافتي ورثي شاندار روايتن جي مکيه پاسبان هجڻ جي حيثيت سان هن عظيم اداري جون جيڪي جوابداريون آهن، تن کي مان نٿي ورجايان. ائين چئي سگهجي ٿو ته مان سنڌ جي پاران هڪ تمام اوچي دعوا پيش ڪري رهي آهيان ۽ ان ريت هن اداري تي ذميدارين جو تمام ڳرو بار مڙهي رهي آهيان. پر هيءَ حقيقت آهي ته اها دعوا ڪا غير منصفانه ڪانهي.

    بيگم رعنا لياقت علي خان

هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته اڃا اسان جي اڳيان سنڌ جي ماضيءَ جي مڪمل تصوير ڳولي، صاف ڪري، سنواري، نمايان ڪري نه آندي ويئي آهي. اسين اڃا صدين جي گذريل زندگيءَ جو سڄو روپ ڏسي نه سگهيا آهيون. اسين، ان ڪري، ان جي بناوت، رنگ ۽ چٽساليءَ جي سونهن کي ويچار ۾ آڻي نٿا سگهون. ان ڏس ۾، منهنجو  خيال آهي، اسين ويهين صديءَ جي فني ايجاديت ۽ کوجنا کان ڪم وٺي نه سگهيا آهيون. اسان جي تاريخ جا ڪيترائي خال اڄ تائين ڀرجي نه سگهيا آهن. اسان جي آڳاٽي لپي اڃا تائين سلي نه ويئي آهي. سڄي صوبي ۾ جهونن آثارن وارا ماڳ اڃا ڌرتيءَ هيٺ دٻيا پيا آهن. قديم آثارن جون ڪي ابتدائي کوٽايون برابر ٿيون آهن. اهي معمولي ڪوششون جيڪي اڌ صدي اڳ ڪيون ويون، تن  سان ئي موهن جي دڙي وارن عجب اسرارن جو پتو پيو. پر ماضيءَ جا جيڪي اهي هلڪا اهڃاڻ کوٽي پڌرا ڪيا ويا. سي به تباهيءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن. موهن جو دڙو سم ۽ ڪلر ۾ وٺجي ويو آهي. اهو  املهه تمدني سرمايو فقط تڏهن بچي سگهي ٿو، جڏهن سڄي دنيا ان کي بچائڻ جي مهم ۾ دلچسپي وٺي. اسان جا پنهنجا وسيلا ايڏي ساري ڪم لاءِ اڻهوند جي برابر آهن.

ڀائرو ۽ ڀينرو، انهن ڳڻتيءَ ڀريل ويچارن کي ڇڏيندي، اوهان وٽ پنهنجي ماضيءَ جي ذهني تصوير جي جوڙجڪ لاءِ گهڻو ئي ڪجهه موجود آهي. اوهين سنڌ جي زندگيءَ جو شاندار ڏيک ويچار ۾ آڻي سگهو ٿا، ان جي ثقافت جي سگهه کي سمجهي سگهو ٿا، انساني تهذيب ۾ ان جي ڪيل اضافن جو اندازو لڳائي سگهو ٿا، ان جي روحاني ۽ اخلاقي پيغام جي عالمگير اهميت کي پسي ۽ پرکي سگهو ٿا،  ان جي انسانيت آموز اوچي آدرش کي سمجهي سگهو ٿا، ۽ اوهان جي بزرگن جيڪي علم ۽ فن جي ميدانن ۾ زبردست ڪارناما ڪري ڏيکاريا، تن تي فخر ڪري سگهو ٿا. سنڌ جي ’عالم جي آباديءَ واريءَ واحد وصف کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ گهڻو ئي مايو موجود آهي. شخصيت شناسيءَ ۽ تصور جي طاقتن وسيلي، اسين انهيءَ ميٺاج ڀريل ”نانهه“ جي نفسياتي اونهائين تائين پهچي سگهون ٿا، جيڪا سنڌ جي روزمرهه زندگيءَ ۾ نظر اچي ٿي ۽ جيڪا حياتيءَ جي هنگامن کي ماٺو ڪري ٿي.

ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته سنڌ جي تاريخ ڏاڍي گونا گون رهي آهي. بين الاقوامي شاهراهه تي سندس جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري اها ڳالهه اڻٽر هئي، جنهن جي نتيجي ۾ مٿس ٻاهران ڪاهي ايندڙن جي متواتر لتاڙ پوندي رهي. اسين نٿا ڄاڻون ته موهن جو دڙو ڪهڙي ڪارڻ تباهه ٿيو، پر اهو انساني هٿن ڦٽايو ۽ نه ڪنهن قدرتي آفت، سا ڳالهه گمان کان ٻاهر آهي، بيشڪ، اسان کي خبر آهي ته سڪندر جو لشڪر سنڌ مان لنگهيو هو ۽ اهو به ڄاڻون ٿا ته اُهو هتي جي اخلاقي قدرن تي ڪوبه اثر وجهي نه سگهيو. گهڻو اڳ، سنڌ تي ڪاهن پٺيان ڪاهون ٿينديون رهيون آهن، ۽ هرڪا ڪاهه پاڻ سان زبردست تباهي ۽ بربادي آڻيندي رهي آهي. هيءَ ڳالهه بهرحال ڌيان جوڳي آهي ته هر ڪنهن اڳرائيءَ پويان جيڪي به اُگريون مصيبتون هتي آيون آهن، تن کي هن زرخيز زمين جلد ئي پاڻ ۾ سموئي ۽ سمائي ڇڏيو آهي. جڏهن 1843ع ۾ آخري انگريز فاتحن سنڌ ورتي، تڏهن آءٌ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٿورائتي آهيان، جنهن مون کي نينڊ ڏيئي، پنهنجن ننڍيءَ ٽهيءَ جي ساٿين سان احوال اورڻ جو وجهه ڏنو آهي. اهي صحيح معنيٰ ۾ اسان جي ايندڙ وقت جا اڏيندڙ، اسان جن سپنن جا سنواريندڙ آهن. منهنجي سامهون تعليمي ماهرن ۽ دانشورن جو به خاصو ميڙ موجود آهي.

ڪي به ڌاريا اثر نمايان نه رهيا هئا. يوناني اثر، ايراني، عرب توڙي راجپوت ۽ مغل اثرن سميت، اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ملي جلي چڪا هئا جو سنڌ چارلس نيپئر جي وقت ۾ به اهڙي ئي سنڌ هئي، جهڙي سڪندر جي وقت ۾، انگريزن جي اچڻ کان اڳ، سنڌ تي بلوچن جو راڄ هو. سڄيءَ سنڌ ۾ سندن وڏي تعداد ۾ آباد هجڻ ڪري، هو سنڌ جي رڳن ۾ سمايل هئا. تنهن هوندي به هو ان وقت، توڙي هاڻي، سنڌوءَ جي آباد پسگردائيءَ تي حاوي ٿي نه سگهيا. اوهان کي ياد هوندو ته سنڌ جو عظيم سورمو، دولهه دريا خان، هڪٻئي پويان ٿيندڙ ٻاهرين حملن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿيو هو. سندس سورهيائيءَ جي ساک اڄ تائين پئي ڳائجي. تنهن کان پوءِ ٺٽي تي پورچو گيز لٽيرن جي هيبتناڪ هلان ٿي. سنڌ جو هي مرڪزي شهر سڄو ئي باهه جو بک ٿي ويو، مال توڙي ماڻهو رک جو ڍير بنجي ويا. وقت جي انهيءَ  وهڪ ۾، تنهن پڄاڻان نادر شاهه لاڙڪاڻي کان ٿيندو اچي عمرڪوٽ تائين ڪڙڪيو. نيپولئن واري طريقي سان، نادر شاهه سنڌ جو سمورو عظيم قومي سرمايو، اڻلڀ ڪتابي نسخا ۽ املهه فني شهڪار، ٻهاري کڻي ويو. دنيا ۾ اڃا به انهن شين جا ڪي رهجي ويل اهڃاڻ ڪٿي ملي ويندا آهن.

انهيءَ متواتر مانڌاڻ جي ڪري تحريري ڪارنامن ۽ تاريخي دستاويزن جو هڪ عظيم سرمايو نيست ۽ نابود ٿي ويو. تنهن هوندي به، قدرت پاران، اها ڳالهه بدقسمتي ئي ثابت ڪانه ٿي. ماڻهن جي مسلسل اچ-وڃ، دراصل، سنڌ کي مختلف تهذيبن جو ميلاپ- گهر بنائي ڇڏيو. هوءَ اوڀر جي عظيم- عربي، ايراني،
۽ وچ-ايشيائي تهذيبي وهڪرن جو سنگم بنجي ويئي. سنڌ انهن وٽان اهو وکر ورتو، جيڪو وٽن بهترين هو، ۽ موٽ ۾ کين اهو ڪجهه ڏنو، جيڪو وٽس بهترين هو. انهيءَ ئي تاريخي اٿل پٿل جي دوران، اوڀر جي مختلف تهذيبي مرڪزن منجهان علم ۽ فضل جا انيڪ اڪابر سنڌ ۾ ڪهي آيا. کين سنڌ جي سڳنڌ ايترو سوگهو ڪيو جو هو هتي جا ٿي، هتي ئي رهجي ويا، ۽ پاڻ کي سنڌ جي تهذيب کي سنوارڻ ۽ ان جي ٻوليءَ ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ کي زور وٺائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. اڄ اسين ڏسون ٿا ته سموري سنڌو- ماٿر صوفين ۽ درويشن، عالمن ۽ فاضلن جي متبرڪ مزارن ۽ مقبرن سان ڀري پيئي آهي. اهي ڪٿان آيا هئا؟ انهن صاحب دل بزرگن جو وڏو ٻاهران آيو هو. مثال طور، قلندر لال شهباز ايران جي مرند شهر کان، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جا وڏا عربستان کان، معصوم شاهه ۽ سندس والد بزرگوار سبزوار کان، ابوالفضل ۽ فيضيءَ جي والد بزرگوار شيخ مبارڪ جو برک خاندان يمن کان، مير ابوالقاسم ’نمڪين‘ هرات کان، مختلف جيلاني خاندان عراق کان، ۽ بخاري سادات وچ- ايشيا کان هتي آيا. سنڌ انهن فخر لائق شخصيتن جي يادگيريءَ کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ مٿن مقبرا جوڙايا. سنڌ انهن کي ڌاريو ڪري نه ليکيو، بلڪه، ان جي ابتڙ هو کيس وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ جيڪي خدمتون ڪري گذريا، تن کيس هن پنهنجي شڪرادائيءَ کي لافاني صورت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

ڀائرو ۽ ڀينرو، مان ان بعد ٻه نُڪتا وڌيڪ پيش ڪرڻ گهران ٿي. اول هي، ته منهنجي خيال موجب انهن بزرگن سنڌ کي پنهنجو مڙهه مقام انهيءَ ڪري بنايو جو انهن کي هتي اُهو سڀ ڪجهه مليو، جيڪو ٻيو ڪٿي به کين ملي نه سگهي ها- هڪ اهڙو خوشگوار  ماحول، جيڪو انسانيت ۽ رواداريءَ جي هڪ ڊگهيءَ ۽ لڳاتار روايت جو اُپايل ۽ نپايل هو. ٻيو نُڪتو هي آهي ته اهو وڏي تعداد ۾ صلاحيت جي صاحبن جي هتي آمد ۽ سندن فيض جو نتيجو آهي جو سنڌي ٻولي پنهنجي ايڏي اوج کي رسي سگهي آهي.

اها ڳالهه ٻن حقيقتن مان ثابت ٿئي ٿي. پهرين هيءَ، ته سنڌي ئي شايد واحد ٻولي آهي، جنهن ۾ دنيا جي مڙني ٻولين جي اُچارن ۽ آوازن کي اصل جيان لکي ۽ ڳالهائي سگهجي ٿو. ٻيو ته ان ۾ لفظن جو ايڏو ته وڏو ذخيرو آهي جو اها انساني ذهن جي مڙني ڪيفيتن کي آسانيءَ سان بيان ڪري سگهي ٿي، پيار هجي يا پيڙا، روحاني مستي هجي يا اندر جا اُڌما ۽ صدما. دنيا جون سڀئي سڌريل ٻوليون اهڙي دعوا نٿيون ڪري سگهن. جيڪي ٻين ٻولين جي شاعريءَ سان گڏ سنڌي شاعري به پڙهي سگهن ٿا، سي اها ڳالهه سولائيءَ سان سمجهي سگهن ٿا. هن موقعي تي ان جي تفصيلي اُپٽار ڪري نٿي سگهجي. مان لال لطيف جو فقط هڪ بيت پيش ڪريان ٿي، ۽ عالمن ۽ اڪابرن کي دعوت ٿي ڏيان ته ان جي لفظن ۾ سمايل سونهن ۽ تاثر جي جادوءَ کي قائم رکندي، جيڪڏهن هو ان جو ترجمو ڪري سگهن ٿا، ته ڪري ڏيکارين:

ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،

پاند جنين جي پاندسين، لڳو ٿئي لڄ،

سمون ڄام سهڄ، اُڀو ڪري ان سين.

هن شاعريءَ جي امتيازي شان ۾ ڪوبه شڪ نٿو آڻي سگهجي. هي سڪ جو سنيهو آهي، هن ۾ ويڇي جو وجود ئي ڪونهي. هي من کي ماٺو ڪري ٿو، هي ڪلپت ۽ ڪروڌ، ڪاوڙ ۽ ڪدورت کي نٿو اُڀاري. بنيادي طرح، سنڌي شاعري وير يا ويڙهه جي شاعري اصل ڪانهي. سنڌ جو مزاج انهن بڇڙاين سان نٿو ٺهڪي. مغرب جي گهڻي ڀاڱي شاعريءَ جيان، هيءَ شاعري فقط جمالياتي ذوق جي تسڪين تائين محدود ڪانهي، هن جو تاڃي- پيٽو روحاني آهي.

جڏهن اسين سنڌي شاعريءَ جو ذڪر  ڪري رهيا آهيون، تڏهن اسان کي سنڌي موسيقيءَ تي به سرسري نظر وجهڻ کپي. جيئن اوهان کي معلوم آهي، سنڌ کي پنهنجي خاص موسيقي آهي، پنهنجا سُر ۽ پنهنجيون راڳڻيون آهن- جهڙوڪ، مثال طور، سنڌي ڀيروي، سنڌي جوڳ، سنڌي ڪاموڏ، سر سسئي آبري، وغيره. ڪنهن زماني ۾ سنڌي موسيقي پري پري تائين مشهور ۽ مقبول هئي، ۽ گجرات، مهاراشٽر ۽ آگري جي موسيقيءَ جي مڪتبن تي ان جو اثر هو. سندس پڙاڏو اسپين، ايران پار، بغداد ۽ شام تائين غالباً انهن سنڌ ورقين جي وسيلي وڃي پهتو هو، جيڪي امين ۽ عباسين جي دور ۾ اوڏانهن هليا ويا هئا. چيو وڃي ٿو ته تازو ئي اسپين ۾ اُندلسي ڌن تي، موسيقيءَ جي سنڌي مڪتب جي ڪا مهر لڌي اٿن.

مون هيستائين سنڌ کي ٻاهران آيل اڪابرن وٽان مليل فيض ۽ فائدي جو ذڪر پئي ڪيو آهي. فيض ۽ فائدي جو وهنوار، بهرحال، ڪڏهن به هڪ طرفو نه ٿيندو آهي. سنڌ کي جيڪي ڪجهه ٻاهران مليو، تنهن جي موٽ ۾ سنڌ به گهڻو ڪي ٻاهر وارن کي ڏنو. جيتريقدر عالمن ۽ فاضلن جو تعلق آهي، خود مڪي ۽ مديني جي معززترين مسندن تي جلوه افروز ٿيڻ جو شرف سنڌ جي اهڙن باڪمال بزرگن کي حاصل ٿيو، جن جا نالا اسلام جي تاريخ جو سينگار آهن. ڪي نالا بروقت ڳڻائي سگهجن ٿا: ابوالحسن ڪبير، ابوالحسن صغير ٺٽوي، محمد حيات سنڌي، محمد قائم ٺٽوي، شيخ عبدالله متقي درٻيلوي ۽ قاضي عبدالله. انهن عالمن عربن کي حديث جي علم جو درس ڏنو. ڪن عالمن جا تصنيف ۽ تاليف ڪيل ڪتاب مصر ۾ ڇپيا آهن، جيڪي اتي جي الازهر يونيورسٽي جي درس ۾ شامل آهن. مخدوم محمد هاشم، ابراهيم ٺٽوي، عبداللطيف ٺٽوي ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ پاران سنڌي عالمن عربي ۾ پنهنجون يادگار تصنيفون ڇڏيون آهن. ابو عطا سنڌي ۽ ابو رجا سنڌيءَ کي عربيءَ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اسلامي دنيا ۾ جيڪو پهريون ڪتاب جُڙيو، سو حديثن جو مجموعو هو. ۽ اهو سونهاريءَ سنڌ ۾ مرتب ٿيو. قرآن شريف جو سڀ کان پهريون ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو. پاڻ سڳورن جي خطن مبارڪن کي يڪجا ڪري، ڪتابي صورت ۾ مرتب ڪرڻ جي اوليت جو سهرو به دبيل جي هڪ سنڌي عالم جي سر تي آهي. تعليم جي اصل اصول بابت پهريون ڪتاب، عربيءَ ۾، هڪ سنڌي عالم لکيو. فارسيءَ ۾ تاريخ جو پهريون ڪتاب، ”طبقات ناصري“، سنڌ ۾ تاليف ٿيو. فارسي شاعرن جو پهريون تذڪرو توڙي فارسيءَ جي شاعرات جو  پهريون تذڪرو به سنڌ ۾ ئي تيار ٿيا. تنهن کان سواءِ، سوين ننڍا وڏا ڪتاب عربيءَ ۾، ۽ هزارين ڪتاب فارسيءَ ۾، سنڌي عالمن لکيا آهن، جن مان گهڻا اڃا اشاعت هيٺ اچي نه سگهيا آهن. مختصر طور، جيئن مون مٿي بيان ڪيو هو، سنڌ هن ڏي- وٺ

 جي وهنوار ۾ عربي ۽ فارسي ٻولين جي علمي سرمايي توڙي ذهني مايي کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ تمام وڏو حصو ورتو آهي. بيشڪ، جيڪڏهن سنڌ جون صلاحيتون ايڏي مٿانهين مرتبي جون نه هجن ها. ته هوند عباسي خليفن کي سنڌ جي شاعرن ۽ موسيقارن، طبيبن ۽ فنڪارن جي لوڙهه ڪانه ٿئي ها. تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته بغداد جي هٿيارن ٺاهيندڙ ڪارخاني ۾ به سنڌ جا بندوقون ۽ تلوارون ٺاهيندڙ ڪاريگر ڪم ڪري رهيا هئا.

۽ آخر ۾، مان اوهان جي اڳيان زندگيءَ بابت سنڌ جي فلسفي تي پنهنجا خيال پيش ڪريان ٿي. سنڌ جي سوچ تي تصوف جو  اونهو اثر رهيو آهي. سنڌي ذهن هميشه خود آگاهيءَ جي مٿانهينءَ منزل کي ماڻڻ جا جتن پئي ڪيا آهن، جنهن بنان انسان لاءِ ابدي حقيقت کي سمجهڻ ناممڪن آهي. هن جو نقطهء نظر اسلامي آهي، ڇاڪاڻ ته هو مادي ۽ روح کي هڪٻئي جو ضد نٿو ڀانئي. نياز ۽ نوڙت سندس مول مقصد آهي. شاهه سائينءَ جي لفظن ۾،

ڍول تنهين جي گس، هيٺانهون هلن جي.

انهيءَ ئي سلسلي ۾ مون اڳهرو سنڌي سوچ جي ڪشادگيءَ ۽ عالمي اوصافن ڏانهن اشارو ڪيو هو. پنهنجي سڀاءَ توڙي روايت جي لحاظ کان، سنڌي ماڻهو فراخدل آهن، هڪ سنڌي سڄيءَ دنيا جو بنيادي باشندو آهي. تنگ نظريءَ ۽ حدبندي ۾ سندس ڪوبه ويساهه ڪونهي. صوفي لاڪوفي ماڻهن لاءِ سڀئي انسان هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي آهن. هڪ سنڌي، ان ڪري، پنهنجي ڪنهن به انسان- ڀاءَ سان نفرت ڪري ئي نٿو سگهي. اها ڳالهه سندس زندگيءَ واري نظريي جي اُبتڙ ٿيندي. مان اوهان جي آڏو وري به شاهه صاحب جون چند آيتون پيش ڪريان ٿي، جيڪي اڪثر ورجايون وڃن ٿيون پر انهن جو مڪمل مقصد خير ڪو سمجهيو وڃي ٿو:

موٽي سمانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار،

وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌار،

ڪي اُٿي ويئيون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار،

ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندين سار،

ڪي رمي ويئيون روم تي، ڪي ڪابل ڪي قندار،

ڪي دهلي ڪي دکن، ڪي گُڙن مٿي گرنار،

جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،

ڪنهين ڀُڄ ڀڄائيو، ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار.

ڪنهين اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولهار،

سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!

انهن سٽن کي ٻيءَ ٻوليءَ ۾ هوبهو ترجمو ڪرڻ ته مشڪل آهي، پر سندن مجموعي مفهوم کي سمجهه ۾ آڻي سگهجي ٿو. سنڌ جو سدا حيات شاعر الاهي رحمت جو طلبگار آهي، ۽ نه رڳو سنڌ لاءِ، بلڪ سموريءَ دنيا لاءِ سُڪار ۽ سڻائيءَ جي دعا گهري رهيو آهي. استنبول، مغرب پار ملڪ، چين، سمرقند، بيڪانير، ڀُڄ، ڍٽ، عمرڪوٽ- انهن مڙني جو ذڪر ڪري، آخر ۾، جيئن ڪابه ڪنڊ رهجي نه وڃي، هو ”سڀ عالم“ جي آباديءَ جي تمنا ظاهر ڪري ٿو. سنڌ جيڪڏهن تنگ نظريءَ جي قائل هجي ها ته پوءِ ان جو هي عظيم شاعر ۽ رهبر رڳو پنهنجيءَ ڀِٽَ لاءِ نه سهي، سنڌ جي معاملن تائين ئي پاڻ کي ڇو نه محدود رکي ها، ۽ سڄي عالم جي آسودگيءَ لاءِ دعا جو بار پنهنجي سر تي ڇو کڻي ها؟ دراصل سنڌي سوچ جو سمورو نظام انسانيت تي ٻڌل هو- ۽ شاهه صاحب سوچ جي انهيءَ نظام جو علمبردار هو.

منهنجا نوجوان ساٿيو، ڀائرو ۽ ڀينرو، مون اوهان جو گهڻو وقت ۽ ڌيان سيڙايو آهي، تنهن لاءِ مون کي معافي ڏيندا. اڄ جهڙي هن موقعي تي اوهان سان خيالن جي ڏي- وٺ ڪرڻ جي خواهش کي آءٌ روڪي نه سگهيس. جيئن حافظ شيرازيءَ چيو آهي.

حديث دوست نه گويم مگر بحضرت دوست،

ڪه آشنا سخنِ آشنا نگه دارد.

(يعني: آءٌ دوست کان سواءِ ڪنهن سان به اندر نه اوريندس، ڇو ته دوست جي ڳالهه جو قدر دوست وٽ ئي ٿي سگهي ٿو.)

مون کي اميد بلڪه يقين آهي ته اوهين منهنجن انهن ويچارن کي غور هيٺ آڻيندا، ۽ جيڪڏهن ممڪن ٿي سگهي ته سنڌ جي تاريخ کي نئين سر اُجاگر ڪرڻ ۽ ان جي ثقافت ۽ سوچ کي نئين سر واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. منهنجي خيال ۾، اها نه رڳو سنڌ جي بلڪه سڄي پاڪستان جي وڏي خدمت ٿيندي. سنڌ پاڪستان جوئي هڪ حصو آهي. هيءَ ڳالهه وسارڻ نه کپي ته حب الوطني سنڌ جي ثقافت ۽ روايت جو بنياد، بلڪه سڀ کان مضبوط جذبو رهي آهي. ڪير آهي، جنهن کي مارئيءَ جو داستان ۽ ان ۾ سمايل سبق معلوم نه آهي؟

آءٌ پنهنجي تقرير هيئن چئي ختم ڪنديس:

آءٌ اصل ڪرمانشاهه جي ايراني ڪُرد آهيان. پاڪستان ۾، سنڌ صوبي منهنجي خاندان جي پنهنجائپ واري آجيان ڪئي ۽ اَجهو ڏنو. اسان جي قسمت، جسماني ۽ روحاني طرح هن ڌرتيءَ سان جڪڙيل آهي- انهيءَ پرجوش ۽ ٻاجهاريءَ ڌرتيءَ سان، جتان تاريخ ٿڌي هير جيان لنگهي ٿي ۽ جنهن جو ڪردار ۽ ثقافت، حملن پٺيان حملا، صدمن پٺيان صدما سهندي به، پنهنجي آب ۽ تاب کي برقرار رکندا آيا آهن. ڪهڙيءَ ريت ڪو انهن نظارن تي موهت نه ٿيندو؟ ڪيئن ڪو مڪمل وفاداريءَ کي محسوس نه ڪندو؟ جڏهن منهنجي زندگيءَ جو پيمانو ڀرجي ايندو. تڏهن، مان ڄاڻان ٿي، منهنجي اولاد ۽ انهن  جي به اولاف جيان، منهنجو به آخري آرامگاهه شاهه لطيف جي ڀلاريءَ ڀونءَ تي هل سانتيڪي ڳوٺڙي، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ٿيندو. اتي اچي اسان جي مٽي سنڌ جي خاڪ سان ملي هڪ ٿي ويندي. اها ڪا فقط جذباتي ڳالهه ڪانهي. اهو خالص اظهار آهي انهيءَ فخر جو، جيڪو  پنهنجي ههڙي ورثي تي هرڪو محسوس ڪري سگهي ٿو.

بيشڪ، منهنجيءَ دل ۾ ايران جي ٻوليءَ ۽ ان جي شاندار تهذيب لاءِ ازحد عقيدت آهي. بيشڪ اسين غالب جي ٻوليءَ سان وابستگي رکون ٿا. پر اهي وابستگيون، ڪنهن به ريت اسان جي دلين ۾ شاهه لطيف جي ٻوليءَ توڙي اسان کي سلامتيءَ جو ساحل ۽ مقصد ۽ موقعن سان ڀريل زندگي بخشڻ واريءَ هن سر زمين جي تهذيب لاءِ سمايل اُنس ۽ عقيدت کي نٿيون گهٽائين، ۽ نه وري گهٽائي سگهن ٿيون. قدرتي طرح، آءُ ايران ۾ پنهنجن بزرگن جي حسب نسب تي فخر ڪريان ٿي، پر منهنجو پنهنجو ماڳ هي آهي، ۽ فقط هن لاءِ ئي آءٌ پاڻ کي وقف ۽ قربان ڪنديس. پنجويهن سالن کان وڌيڪ وقت هتي رهڻ کان پوءِ، چئن ٻارن کي لاڙڪاڻي ۾ جنم ڏيڻ کان پوءِ، مون کي ڪو ايراني يا مهاجر ڪيئن ٿو ڪوٺي سگهي؟ آءٌ فخر سان چوان ٿي ته آءٌ پاڪستان جي  اسلامي جمهوريت جي هڪ معمولي سنڌي شهري هجڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪين آهيان. مون کي يقين آهي ته ائين چوڻ سان آءٌ ٻين لکين ماڻهن جي جذبات کي ورجائي رهي آهيان.

(اصل تقرير انگريزي زبان ۾- سنڌي ترجمو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شڪريي سان)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com