مون بابا کان پوءِ امان کي وڃائڻ نه پئي چاهيو
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو، ڪراچي سينٽرل جيل ۾
قيد دوران
15
آگسٽ 1981ع تي پنهنجي امڙ بيگم نصرت ڀٽو بابت
لکيل تاثر
سيمينٽ
جون ديوارون، لوهي شيخون ۽ خاموشي، مڪمل خاموشي،
آئون واپس مڪمل تنهائي ۾ پهچي ويئي آهيان. منهنجي
قيد واري وارڊ ۾ منهنجي چوڌاري ٻيا جيل جا ڪمرا
خالي ڪرايا ويا آهن. آئون هڪ انساني آواز کي ٻڌڻ
لاءِ به آتي آهيان. پر هتي ته مڪمل خاموشي آهي.
منهنجو جيل وارو ڪمرو ڪراچي جي گهميل هوا م گرم
آهي ۽ ڇت وارو پکو ڪو آرام نٿو مهيا ڪري. بجلي وري
به غائب آهي. هي روز بجلي ٽن ڪلاڪن لاءِ بعضي ته
ان کان وڌيڪ وقت لاءِ غائب هوندي آهي. جيل اختياري
وارا مون کي ٻڌائين ٿا ته، ”بجلي مکيه پاور
اسٽيشنن ۾، ڪنهن مسئلي سبب غائب ٿيندي رهندي آهي.“
پر مون کي معلوم آهي ته، اهو صحيح جواب ڪونهي. رات
جو آئون ڏسندي هيس ته، جيل جا ٻيا حصا بجليءَ سان
روشن هوندا هئا. پر منهنجي جيل وارو بلاڪ اونداهو
هوندو هو.
اختياريءَ وارن مون کي وڏن سياسي قيدين لاءِ مخصوص
جيل جي اي ڪلاس روم ۾ رکيو آهي، پر هڪ دفعو به مون
کي اي ڪلاس جي قيدين واريون سهولتون نه ڏنيون آهن.
ڪمري جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارا ڪمرا، جيڪي عام طور
تي ويهڪ جي ڪمري ۽ بورچيخاني طور استعمال ٿيندا
آهن. سي خالي ڪرائي بند ڪيا ويا آهن. مون وارو جيل
جو ڪمرو ننڍڙو ۽ گندو آهي، ان جي ٽوائليٽ خراب
آهي. منهنجي ڪمري ۾ رکيل پاڻي جي واحد بالٽي مئل
جيتن سان ڀريل ۽ کليل حالت ۾ آهي.
صبح جو سوير، هر روز آئون چاٻين جي ڇڳي ۽ تالن جي
کلڻ جو آواز ٻڌندي آهيان. جو ان وقت منهنجو ناشتو
آندو ويندو آهي. هن ناشتي جو ٽفن 70 ڪلَفٽن تان
مون لاءِ ايندو آهي. جيڪا جيل جي هڪ ميٽرن مون کي
ڏئي ويندي آهي. هو منهنجي وارڊ جي ٻاهران سمهندي
آهي. اهو ٽفن کلڻ سان منهنجي منهن ۾ پاڻي اچي
ويندو آهي. جو امان وڏي خيال سان ٽفن ۾ مرغي مان
ٺاهيل ٻوڙ، ڪباب ۽ ٻيون شيون تيار ڪرائي موڪليندي
آهي.
آئون امان متعلق پريشان آهيان. جو منهنجي هن جيل
۾، ٻن هفتن کان هن کي مون سان ملڻ جي اجازت نه ملي
هئي. سو، مون کي کيس زنده ڏسڻ تي وڏو اطمينان ٿيو،
پر مون کي هن جي حالت ڏسي ڏاڍو صدمو پهتو هو، هڪ
پيلي ۽ ڪمزور عورت، جنهن جي چرپر ۾ به پريشاني ۽
اعصابي ڪمزوري جهلڪي رهي هئي ۽ جنهن جا وار وچ مان
سينڌ باوجود پنهنجو رنگ وڃائي چڪا هئا، سا منهنجي
ان ماءُ کان مختلف هئي، جيڪا هڪ پروقار ۽ پر
اعتماد خاتون لڳندي هئي. هن جي اکين ۾ مون کي ڏسڻ
سان لڙڪ اچي ويا هئا. آئون سندس ئي هن جيل واري
پراڻي ڪمري ۾ بند هيس، پر اسان ٻنهي پنهنجن چهرن
تي هڪ جرئتمندانه مسڪراهٽ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ۽
اسان انهن جيل آفيسرن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو،
جيڪي اسان ٻنهي جي چوڌاري موجود هئا ۽ انهن به اها
خبر ٻڌڻ گهري ٿي. جيڪا منهنجي ماءُ هٻڪي هٻڪي مون
کي ٻڌائڻ واري هئي.
هن ٻڌايو ته، ”کيس به جيل ۾ ٿڌ لڳي وئي آهي.“ هن
جي خيال ۾ سندس کنگهه، دز ۽ مٽي سبب هئي، پر ان
کان پوءِ هن کي کنگهه ۾ رت اچڻ لڳو هو. جيل جي
ڊاڪٽرن ڪجهه دفعا هن کي چيڪ ڪرڻ بعد انديشو ظاهر
ڪيو هو ته، شايد کيس ٽي بي ٿي پئي آهي. هن انديشي
تي اسان کي ڪو تعجب ڪونه ٿيو، پاڪستان ۾ ڪيترن
ماڻهن کي ٽي بي آهي. جو انهن جو ڦڦڙن ۾ مٽي ۽ دز
پهچندي رهندي آهي ۽ خوراڪ جي ڪمي انهن جي جسمن کي
ڪمزور ڪندي رهندي آهي.
جيل جون ناانصافي واريون حالتون ته قيدين کي ٽي بي
۽ اهڙين ٻين بيمارين جو شڪار ڪنديون رهنديون آهن.
۽ بيمار قيدي پٽ تي ٿڪون اڇلائي ۽ کنگهي کنگهي ٻين
قيدين کي به بيمار ڪندا رهندا آهن. امان مون کي
ٻڌايو ته، ”هن جي پنهنجي ڊاڪٽر کي ته اڃا به برا
انديشا آهن. هن لاءِ برو نڪوانسڪوپي لنگ ڪينسر
يعني ڦڦڙن جي سرطان جي خدشي کي ختم ڪرڻ لاءِ
ضروري هئي. ڦڦڙن جي ڪينسر جي خدشي کي پنهنجي ماءُ
جي واتان ٻڌي، منهنجا پنهنجا وار ڪانڊارجي ويا ۽
مان هن کي ڀاڪر پاتو، جيئن هو منهنجي پريشاني کي
محسوس نه ڪري سگهي.
اسين ٻئي بهادر ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيونسين،
پنهنجي لاءِ ۽ انٽيلجينس جي انهن آفيسرن لاءِ به،
جيڪي اسان جي گفتگو ٻڌي رهيا هئا ۽ جيڪي هو يقينن
جنرل ضياء کي ٻڌائين ها. مون امان کي چيو ته،
”گهڻو ڪري اها ڦڦڙن جي ڪينسر ڪونهي. تون
برونڪوانسڪوپي ڪراءِ. امان چيو ته، ”سندس ڊاڪٽر
جو خيال آهي ته ڦڦڙن جي ڪينسر کي شروعات ۾ علاج
ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته
آئون ٻاهر وڃي ان جو علاج ڪرائي سگهان ٿي.
ان تي مون کيس چيو ته، ”تون جلد از جلد ٻاهر وڃ.“
حالانڪ هن جي پاڪستان مان ٻاهر وڃڻ جي خيال سان ئي
منهنجي دل ٽٽي رهي هئي. ان تي امان چيو ته،
”ڊارلنگ تنهنجو ڇا ٿيندو؟ آئون توکي هن حالت ۾ ڇڏي
پاڪستان مان ٻاهر ڪيئن ٿي وڃي سگهان؟“ مون کيس
خاطري ڏياري ته، ”آئون بلڪل ٺيڪ آهيان. حالانڪ
آئون ٺيڪ ڪانه هيس. ان کان پوءِ ٽن ڏينهن تائين
آئون پنهنجي بستري تي ليٽي دري ۾ ڏسندي رهندي هيس.
سخت ڊپريشن ۾ هيس. مون ۾ وهنجڻ يا ڪپڙا بدلائڻ جي
به خواهش نه رهي هئي. آئون کائڻ پيئڻ کان به لاچار
ٿي پئي هيس. مون سوچيو ته، ”اي منهنجا خدا مون
پنهنجو پيءُ ته وڃائي ڇڏيو، پر هاڻي مان پنهنجي
ماءُ به وڃائي رهي آهيان.“ مون کي احساس هو ته
مون پاڻ کي قابل رحم حالت ۾ وجهي ڇڏيو هو، پر آئون
پنهنجي انهي مايوسيءَ واري حالت مان نجات حاصل ڪرڻ
جي پوزيشن ۾ نه رهي هيس. ايستائين جو امان جي ڏنل
اها سٺي خبر به، مون کي منهنجي پريشاني مان ٻاهر
نه ڪڍ ي سگهي ته، صنم ۽ شاهه جلد پنهنجن مڱڻن
مطابق سيپٽمبر ۾ شاديون ڪرڻ وارا آهن.
(شهيد بينظير ڀٽو جي ڪتاب: ”ڊاٽر آف دي ايسٽ“ جي
صفحي نمبر 203-202 تان ورتل)
ترجمو: زين
دين محمد ڪلهوڙو
مادرِ
جمهوريت
مادرِ جمهوريت محترمه نصرت ڀٽو 23- آڪٽوبر 2011ع
تي دبئي جي هڪ مقامي اسپتال ۾ ڊگهي بيماريءَ بعد
82 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويئي. بيگم ڀٽو
گذريل 20 ورهين کان مسلسل ناچاڪ هئي. بيماريءَ
دوران هن گهڻو عرصو دبئي ۾ گذاريو. بيگم ڀٽو جو
مڙهه دبئيءَ مان هڪ خاص اڏام ذريعي سنڌ پهچايو
ويو. مڙهه سان گڏ صنم ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو پڻ هئا.
بيگم ڀٽو جي جنازي نماز ۾ ملڪ جي نامور شخصيتن
شرڪت ڪئي. مڙهه کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اباڻي
شهر ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ سندن اباڻي قبرستان ۾
مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جتي شهيد ڀٽو سميت،
بيگم ڀٽو جا ٻارڙا، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد
شاهنواز ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ابدي ننڊ
ستل آهن. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو اصل ۾ شهيدن جو شهر
آهي، جتي شهيد ڀٽي خاندان سميت ٻين ڪيترن ئي قبيلن
جي اهم شخصيتن جا ابدي آستان قائم آهن. بيگم ڀٽو
جي تدفين 24- آڪٽوبر 2011ع تي ٿي. هن موقعي تي
بيگم ڀٽو کي ايوان صدر طرفان ملڪ جي اعليٰ سول
اوارڊ ’نشانِ امتياز‘ ۽ ’مادرِ جهموريت‘ جي لقب جو
اعلان ڪيو ويو.
بيگم ڀٽو جو تعلق ايران سان هو، ايران جو شهر
اصفهان بيگم ڀٽو جو جنم ڀومي هو. سندن خاندان
خوشحال گهراڻي سان تعلق رکندو هو. سندس وڏا ورهاڱي
کان اڳ ڪراچي ۾ آباد ٿيا. بيگم ڀٽو 23- مارچ 1929ع
تي اصفهان ۾ ئي جنم ورتو. بيگم ڀٽو ۽ ذوالفقار علي
ڀٽو جي خاندان ۾ پهرين ملاقات کنڊالا ۾ ٿي، جيڪو
تفريحي ماڳ ممبئي جي قريب واقع آهي.
ان وقت بيگم ڀٽو جي عمر تقريباً 13-12 سال هئي.
اتي ئي بيگم ڀٽو جي ذوالفقار علي ڀٽي جي ڀيڻ
منورالسلام سان سنگت ٿي. اتي ڀٽو صاحب به موجود
هو، انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سينٽ جوزف
ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هو. ڀٽي صاحب سان ٻي
ملاقات منورالسلام جي مڱڻي تي 1949ع ۾ ٿي. ان وقت
بيگم ڀٽو نيشنل گارڊ ۾ ڪئپٽن جا فرض سرانجام ڏيندي
هئي. ذوالفقار علي ڀٽي بيگم ڀٽو کي 1951ع ۾ شاديءَ
جو پيغام اماڻيو، ان وقت ڀٽو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ
۾ پڙهي رهيو هو. ڀٽو صاحب ان وقت پرڻيل هو.
ڀٽي صاحب جي پهرين شادي اباڻي ريتن رسمن مطابق
ننڍي هوندي ئي پنهنجي مائٽن مان ٿي چڪي هئي، پر
کيس ان مان اولاد نه ٿيو هو. اها شادي 16 سالن ۾
ٿي هئي. شادي شده هئڻ سبب بيگم ڀٽو انهيءَ پروپوزل
کي رد ڪيو.
پر پوءِ ستت ئي بيگم ڀٽو جي والد مرزا محمد نحيف
سان ڀٽي صاحب جي ملاقات ٿي. جتي ڀٽي صاحب، واعدو
ڪيو ته هو نصرت کي بيحد خوش رکندو. پيءُ جي
رضامنديءَ کان پوءِ 8- سيپٽمبر 1951ع تي بيگم ڀٽو
جي ڀُٽي صاحب سان شادي ٿي. صاحب ڀٽو جي پهرين شريڪ
حيات جو نالو اميرزادي (اميران) هو. هن جو بيگم
ڀٽو سان ورتاء نهايت ئي سهڻو رهيو. بيگم ڀٽو کي
1953ع ۾ پهريون ٻار يعني محترمه بينظير ڀٽو صاحبه
تولد ٿي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ناهيد مرزا ذريعي
جنرل اسڪندر مرزا سان ملاقات ٿي، جتان ڀٽي صاحب جي
سياسي ڪيريئر جو آغاز ٿيو. محترمه ناهيد بيگم،
بيگم نصرت جي سڳي سؤٽ هئي، ۽ اسڪندر مرزا جي گهر ۾
هئي. بيگم ڀٽو پنهنجي ور جي شهادت کان پوءِ نهايت
ڪٺن ۽ امتحان وارين گهڙين مان گذري. 6- فيبروري
1981ع ۾ بيگم ڀٽو پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحاليءَ
لاءِ تحريڪ جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ خصوصاً ملڪ جي
ٻين به جمهوري قوتن ساٿ ڏنو ۽ هڪ ڀرپور تحريڪ پيدا
ٿي. آمريت هن تحريڪ کان بوکلائجي وئي ۽ بيگم ڀٽو
سميت ڪيترن ئي سرڪرده اڳواڻن کي جيل پيڙو ڪري
ڇڏيو. 1982ع ۾ بيگم ڀٽو کي جيل ۾ ڪينسر جهڙو موذي
مرض لاحق ٿي پيو. 1988ع جمهوريت جي بحاليءَ کان
پوءِ بيگم ڀٽو ٻه ڀيرا يعني 1988ع ۽ 1993ع ۾ قومي
اسيمبلي جي ميمبر چونڊي وئي.
بيگم ڀٽو صاحبه بلند حوصلي ۽ مضبوط ارادن جي مشرقي
عورت هئي، جا آمريت جي خلاف زندگيءَ جي آخرين
گهڙين تائين جهيڙيندي رهي، ايستائين جو سندس بهادر
ور جي شهادت کان پوءِ سندس ننڍو فرزند شاهنواز
ڀٽو، پوءِ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ آخر ۾ سندس وڏ ور
نياڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه هڪٻئي پٺيان شهادت
واري مسند تي سرفراز ٿيا، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي
قرباني هوندي جا بيگم ڀٽو صاحبه نه ڏني هجي! ايڏين
قربانين ڏيڻ کان پوءِ به مضبوط ارادن واري مشرقي
عورت آمريت جي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪيا ۽ ملڪ ۾
جمهوريت جي بحالي ۽ ملڪ جي استحڪام لاءِ جدوجهد
جاري رکي. پاڪستان نه پر پوري دنيا ۾ اهڙي حوصلي
واري خاتون شايد ئي پيدا ٿي هجي، جنهن ايڏين حالتن
جو ڄمي مقابلو ڪيو هجي. بيگم ڀٽو، پنهنجي مزاج ۽
طبعيت ۾ هڪ متحرڪ ۽ اڏول عورت هئي، هڪ اهڙي اڏول ۽
آدرشي خاتون، جيڪا ڪڏهن به آمريت جي اڳيان نه
جهڪي، نه وڪي ۽ نه ئي اڪثر ليڊرن وانگر مصلحت جو
شڪار بڻجي ڳجهه ڳوهه ۾ آمر ۽ جابر قوتن سان ٺاهه
ڪيو. 1973ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان پيپلز
پارٽي جي ليڊيز ونگ ٺاهي ته بيگم ڀٽو ان جي صدر
مقرر ٿي، هن عهدي تي اچڻ کان پوءِ بيگم ڀٽو
باقاعده سياست جي شروعات ڪئي. 1977ع ۾ جڏهن سندس
ور کي گرفتار ڪيو ويو ته اهڙين حالتن ۾
پيپلزپارٽيءَ جي ڪمان بيگم ڀٽو جي هٿن ۾ آئي، هن
چيئرپرسن جي حيثيت ۾ نهايت دانائي ۽ دوراندشيءَ
سان پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي پارٽيءَ کي منظم ۽
متحرڪ ڪيو. حالانڪ ڪنهن به اداري کي مضبوط ڪري
هلائڻ آسان ڳالهه نه آهي پر هتي ته پوري ملڪ جي
نمائينده پارٽي هئي، جنهن سان سموري ملڪ جي عوام
جون اميدون سلهاڙيل هيون.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽيءَ کي منظم ۽ متحرڪ
ڪرڻ ۾ جيڪو ڪردار بيگم ڀٽي جو آهي، اهو شايد سندس
ور ذوالفقار علي ڀٽي جو به نه آهي. ڇو ته ڀٽو صاحب
کي قيد ڪري جڏهن مٿس عدالتي ڪاروائي ٿي هلي، تڏهن
سندس اڪثر ويجها دوست ۽ رفيق ۽ مائٽ به ساٿ ڇڏي
ويا هئا ان وقت فقط بيگم ڀٽو ئي واحد سياستدان
هئي، جنهن همٿ ڪري پارٽيءَ کي سنڀالي ورتو ۽
پارٽيءَ کي نه رڳو ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ کان بچائي ورتو
پر ان کي هڪ نئين جوت بخشي. مادرِ جمهوريت بيگم
ڀٽو اڄ اسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس جرئت، بهادري
۽ ڏنل قرباني اسان جي آڏو آهن.
انور ابڙو
هوءَ جمهوريت پسندن جي امڙ، چپ چاپ هلي ويئي
خاموشيءَ کان پوءِ جڏهن آچر ڏينهن، 23 آڪٽوبر
2011ع تي 82 سالن جي عمر ۾ پنهنجي وطن کان پري
دبئي ۾ گذاري، لکين ماڻهن جي درد کي اوڇنگارن جي
زبان ڏيئي ويئي ته، ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڀٽو دور جو
عروج دفن ٿيو.)
پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن عورت سسئي
جو حقيقي روپ ڌاريو ته، اها بيگم نصرت ڀٽو هئي. هن
پنهنجي وزيراعظم ور جي شهادت کان پوءِ جيڪي ڪارا
ڪپڙا ڪيا. سي هن پنهنجي ٻن بهادر پٽن جي شهادت وقت
به پاتا ته، پاڻ به ”جيئري شهادت ماڻي“، ٻين
هزارين لکين ماڻهن کي ڪارا ڪپڙا پارائي ويئي.
پنهنجي مذهبي سوچ ۾ شيعه منسلڪ سان تعلق رکندڙ،
اصفهان جي امير گهراڻي جي هيءَ ٻڍڙي ماءُ پنهنجي
15 سالن جي مڪمل خاموشي کان پوءِ جڏهن آچر ڏينهن،
23- آڪٽوبر 2011ع تي 82 سالن جي عمر ۾ پنهنجي وطن
کان پري دبئي ۾ گذاري، لکين ماڻهن جي درد کي
اوڇنگارن جي زبان ڏيئي ويئي ته، ائين محسوس ٿيو،
ڄڻ ڀٽو دور جو عروج دفن ٿيو.
ڳڙهي خدا بخش ۾، پنهنجي ور جي کاٻي پاسي کان
آرامي ٿيندڙ بيگم نصرت ڀٽو ڳڙهي خدا بخش ۾ وڃي
پنهنجي ور، پٽن ۽ پياري ڌيءَ سان ملي. هاڻي هوءَ
ڪڏهن به اڪيلي نه رهندي. هن پنهنجي ۽ پنهنجي
خاندان ۾ آيل وڇوڙو ختم ڪري ڇڏيو.
هن عظيم عورت ۽ عظيم ماءُ جي درد جي ڪهاڻي جيڪا 5
جولاءِ 1977ع تي سندس حسين ور ذوالفقار علي ڀٽي جي
حڪومت جي خاتمي سان شروع ٿي هئي ۽ جنهن 4 اپريل تي
ان جي شهادت سان ٽريجڪ رخ ورتو، سا 2011ع تائين
(34 سالن تائين) هلي پوري ٿي. هاڻي ڀٽي صاحب جو
گهر خالي ٿي ويو. فاطمه ڀٽو شايد تڏهن ئي بيگم
صاحبه جي لاڏاڻي جو ٻڌي 23 آڪٽوبر
تي روئندي چيو
هو، ”ڏسو هي گهر (70 ڪلفٽن) خالي آهي. هاڻي ڀٽو
صاحب ۽ بيگم ڀٽو صاحبه جو پوٽاڻ ۽ ڏوهٽاڻ وڃي
پوئتي رهيو، جنهن جي وچ ۾ به ايترا ئي فاصلا آهن.
جيترا سنڌوءَ جي ٻن ڪنارن جي وچ ۾ آهن.
اڄ سڀڪو هن عظيم عورت بابت پنهنجون پنهنجون
يادگيريون بيان ڪري ٿو، ۽ جيڪي لازمي طور تي بيان
ڪرڻ گهرجن. ته جيئن هن ٻڍڙي ماءُ جي زندگي جي سنڌي
ناول ”ماءُ“ جا سمورا باب ترتيب سان لکجي سگهن.
راولپنڊي جا پ پ جا پراڻا ڪارڪن چون ٿا ته ”بيگم
نصرت ڀٽو روزانو ٽي چار ڪلاڪ اچي پارٽي آفيس ۾
ويهندي هئي ۽ سندن مسئلا ٻڌندي هئي.
لاڙڪاڻي جي المرتضيٰ هائوس جا پراڻا ملازم چون ٿا
ته، ”بيگم صاحبه پنهنجي وجود ۾ هڪ ٻاجهاري ماءُ
هئي.“ ڪراچي جا پراڻا سياسي ڪارڪن چون ٿا ته ”
هوءَ ضياء دور ۾ ڪنهن پوليس آفيسر جي زيادتي کان
تنگ ٿيندي هئي ته، ايس پي يا ان کان مٿي عهدي واري
پوليس آفيسر کي ٿڦ هڻي ڪڍندي هئي. پر هو ڪنهن
سپاهي تي هٿ نه کڻندي هئي.“ ۽ لاڙڪاڻي جا ماڻهو
چون ٿا ته، ”هن 1993ع واري اليڪشن ۾ پنهنجي پٽ
مرتضيٰ لاءِ، جهڙي طرح پيرين اگهاڙي، گهر گهر وڃي.
ووٽ جي خيرات گهري هئي. اهو سندس عظيم ماءُ جي
ڪردار جو هڪ اعليٰ روپ هيو.“ ۽ بينظير ڀٽو صاحبه
جو ڪتاب ”ڊاٽر آف ايسٽ“ ته رڳو شهيد بينظير ڀٽو جي
جدوجهد جي ڪهاڻي ناهي، پر ان ۾ بيگم صاحبه به هن
سان گڏوگڏ هلي ٿي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان 3 اپريل 1979ع تي ٿيل
سندن (بيگم صاحبه ۽ بينظير صاحبه) جي آخري ملاقات
کان وٺي پنهنجي شادي تائين بينظير صاحبه پنهنجي
”ممي“ جي ، جنهن حوصلي، بهادري ۽ همٿ کي بيان ڪيو
آهي، سي خوبيون تمام ٿورڙين عورتن ۾ ٿي سگهن ٿيون.
اسان کي به ياد آهي ته، جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو کي 20
سيپٽمبر 1996ع تي سندس اباڻي گهر 70 ڪلفٽن ويجهو
پوليس بي رحمي سان مٿس گوليون هلائي شهيد ڪيو هو
ته، ٻئي ڏينهن، 21 سيپٽمبر تي منهنجو دوست قاضي
آصف ۽ مان صبح جو ڏهين وڳي ڌاران 70 ڪلفٽن ويا
هئاسين. ان وقت شهيد مرتضيٰ کي غسل ڏنو پئي ويو.
بعد ۾ جڏهن هن تاريخي گهر جي اندرئين دروازي واري
پورچ ڀرسان ننڍڙي صحن تي سوين سوڳوار گڏ ٿيا هئا ۽
پوءِ جڏهن اتي اچي بيٺل ايمبولنس ۾ شهيد جو خاموش
ٿي ويل جسم رکيو ويو هو ته، ان ۾ غنويٰ ڀٽو، ننڍڙي
فاطمه ۽ ننڍڙي ذوالفقار سان گڏ هڪ ٻڍڙي ماءُ به
ويٺي هئي. جنهن جي اکين جي ندين ۾ رڃ هئي ۽ جنهن
جو اگهاڙو مٿو، ماتم جي تصوير بڻيل هيو، ان وقت هن
عظيم ماءُ جي اڳيان سندس اڪيلي پُٽ جو لاش پيو هو
۽ هو سڪتي ۾ خاموش هئي. ۽ پوءِ ان ڏينهن کان هن
جيڪا خاموشي اختيار ڪئي. سا سندس زندگيءَ جي آخري
ڏهاڙي، 23 آڪٽوبر تائين بدستور قائم رهي. هاڻي
اها خاموشي ڪڏهن به نه ٽٽندي، ۽ نه وري هاڻي ڏاڏي
نصرت پنهنجي پوٽي ذوالفقار (جونيئر) ۽ پوٽين فاطمه
۽ سسئي کي پنهنجي شهزادي ڌيءَ بينظير جون ديون ۽
پرين جهڙيون آکاڻيون ٻڌائي سگهندي، ۽ نه وري ناني
نصرت پنهنجي ڏوهٽي بلاول ۽ ڏوهٽن بختاور ۽ آصفه کي
ڪي پنهنجي اباڻي شهر اصفهان ۽ سندن شهيد ناني جا
قصا ٻڌائي سگهندي.
پر هو، جيڪا پاڪستان جي جمهوري جدوجهد جو هڪ عظيم
ڪردار هئي. جنهن جي موجودگي مان ائين محسوس ٿيندو
هو ته، ”اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي.“ باوجود ان جي جو
سندن زبان بند هئي. پر هاڻي اها آٿت به نه رهي
ذوالفقار علي ڀٽي، جي ڪٽنب جو وڇوڙو (صنم ڀٽو الڳ
آهي) بيگم صاحبه جي لاڏاڻي سان مڪمل ٿيو. بيگم
نصرت ڀٽو پنهنجي 82 سالن جي زندگي جو سفر باوقار
انداز سان پورو ڪري سڀني جمهوريت پسندن، آزادي
پسندن ۽ ترقي پسندن کي الوداع چوندي اهو چئي ويئي
ته، ”هن هڪ وني جي حيثيت ۾، هڪ ماءُ جي حيثيت ۾،
هڪ سس جي حيثيت ۾، هڪ ڏاڏي جي حيثيت ۾، هڪ ناني جي
حيثيت ۾ ۽ ”مادر جمهوريت“ جي حيثيت ۾ پنهنجو فرض
نڀايو.
اسان وٽ اهڙا ڪردار ڏاڍو ڏکيو پيدا ٿيا آهن. هو
جمهوريت پسندن جي امڙ، چپ چاپ هلي ويئي. |