سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 3/ 2002ع

مضمون --

صفحو :6

مرد جڏهن نوڪري تان واپس موٽندو آهي ته ان کي پاڻي جو گلاس به هٿ ۾ ملندو آهي، جو ٿڪجي آيو آهي. جڏهن ته عورت نوڪريءَ کان واپس گهر موٽندي آهي ته گهر جو ڪم ان جو منتظر هوندو آهي، ڄڻ هو عورت نه پر روبوٽ آهي، جنهن کي ٿڪاوٽ ٿئي ٿي ۽ نه ئي وري ڪي جذبا.

سوچڻ جي ڳالهه اِها آهي ته آخر عورت سان اِهو سلوڪ ڇو آهي. جڏهن ته ڏٺو وڃي ته هڪ عورت هڪ گهر جي منتظم آهي، جيڪا بنا ڪنهن غرض جي سڄو ڏينهن پنهنجي گهر کي سڌارڻ سينگارڻ ۾ مصروف رهي ٿي. پنهنجي هنر، سليقي ۽ سگهڙائپ سان پنهنجي ور ۽ گهر جون سڀ ذميواريون نڀائي ٿي ۽ جڏهن هو گهر کان ٻاهر نوڪري لاءِ نڪري ٿي ته ان وقت هو پنهنجي ور جي معاشي ذميوارين  ۾ پڻ ڀائيوار ٿي پاڻ پتوڙي ته پوءِ ان سڄي جدوجهد جي موٽ به کيس ملڻ کپي، ڇو جو نوڪري ڪرڻ جو پگهار نه هن کي ملي ٿو، پر بنا معاوضي جيڪي خدمتون هو پنهنجي گهر، ور ۽ ٻارڙن کي ڏئي رهي آهي، ڇا  اُن جو ڪو به اُجورو ناهي!

تصور عمران عباسي                        مضمون

 

بَدي جي شادين ۾ڪاميابي ۽ ناڪامي

اسان وٽ سنڌ ۾، جتي ڪيترائي ٻيا مسئلا موجود آهن، جن ۾ عام ماڻهو پيڙهجي رهيو آهي، ان کان علاوه ڪن قديم ريتن رسمن به ڪيترين ئي زندگين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. خاص طور تي اسان جي ٻهراڙين ۾ جڏهن بدي جي شاديءَ جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي ته پاڻ  کي پوئتي پيل ۽ جهالت جي ڪُن ۾ ڦاٿل  هجڻ جو احساس ٿئي ٿو.

شادين جي ناڪاميءَ جي حوالي کان ڏٺو وڃي ته اسان وٽ اڪثر ڪري ٻن قسمن جون شاديون ٿين ٿيون. هڪ پسند جي شادي (لوميرج) ۽ ٻي مٽن مائٽن جي طئي ڪيل شادي (ارينج ميرج).

پسند جي شاديءَ ۾ جڏهن جذبات ۾ اچي ڪو وڏو قدم کنيو ٿو وڃي ته اهو اڳتي هلي ناڪام شاديءَ جو روپ ٿو اپنائي. مٽن مائٽن طرفان طئي ڪيل شاديون بي جوڙ هجڻ، عمر جي فرق سان، مالي ۽ گهرو پريشانين کان علاوه باهمي ذهني هم آهنگي نه هجڻ ڪري اڪثر نتيجي ۾ ناڪام ٿابت ٿيو وڃن، پر انهن ٻنهي پهلوئن جو بنياد جڏهن به بدي(بدلي ۾ پنل سڱ) جي شاديءَ سان طئي ٿيو آهي ته اڪثر اهي ناڪام ئي ڏسڻ ۾ آيون آهن.. جنهن سان ڪيترين ئي دلين  جا ارمان ٽوڙيا وڃن ٿا. پر پوءِ به حقيقت ڪجهه نه ڪجهه ان طرح سان به آهي ته شادي چاهي ڪهڙي به طرح طئي ٿي هجي ٻنهي فردن ۾ جيڪڏهن ايثار  ۽ درگذر جو جذبو آهي ته اها شادي ڪامياب ليکي ٿي وڃي. ڇو ته هر ماڻهوءَ ۾ هڪ ئي وقت خوبين يا خامين جو خزانو نه هجي ٿو ۽ اسان وٽ خوبين کي ساراهيو وڃي ٿو ۽ خامين کي مشڪل سان ئي برداشت ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن خامين کي نظر انداز ڪرڻ جي سگهه ۾ ڪمي هجي ٿي ته رشتن ۾ ڪمزوريون ۽ سماجي مسئلا جنم وٺن ٿا. جيستائين هڪ فرد پنهنجي جيون ساٿيءَ جي خامين کي درگذر ڪرڻ واري نظر سان نه ٿو ڏسي، تيستائين هو هڪ ٻئي جي دلين ۾ جڳهه ٺاهڻ ۾ ناڪام آهن. پوءِ چاهي اهي ڪهڙي به  طريقي جي  شاديءَ  سان هڪ ٻئي جي زندگيءَ ۾ آيا هجن. اصل ۾ ذهني هم آهنگي ئي خوشگوار ازدوا جي زندگيءَ جو بنياد آهي.

 انهن ڪامياب ۽ خوشگوار زندگيءَ  جي اصولن کي جيڪڏهن مد نظر رکي ڏي- وٺ جي شاديءَ طرف اچون ٿا ته ان ۾ اهي اصول گهٽ پيماني تي ملن ٿا جن ۾ هم عمري ۽ برابر حيثيت ٻن فردن وچ ۾ هجي

اسان جي ٻهراڙين ۾ جتي ڪيئي گهراڻا بدي جي شاديءَ  تي فخر محسوس ڪن ٿا ۽ ان پراڻي رسم تي سختيءَ سان عمل ڪن ٿا، اتي اڪثر رشتو نه ٿيڻ تي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي عمر ڀر جي لاءِ ڪنوارو ئي رهڻو پوي ٿو ۽ انهن وٽ اهو به ضروري ناهي ته بدلي ۾ ڏنل سڱ ڀيڻ يا ڀاءُ جو ئي هجي بدلي ۾ چاچن، مامن، ڀائيٽن، ڀاڻيجن، کان علاوه ٻين خاندان مان به سڱَ ڏنو ٿو وڃي ۽ جيڪڏهن ڇوڪريءَ جو سنڱ في الوقت موجود نه آهي ته ڄاول نياڻين کي نالي ڪيو ٿو وڃي يا جيڪي اڃان ڄميون ئي ناهن، انهن کي نالي ڪيو ٿو وڃي، پوءِ ڀلي عمر  ۾ ويهه پنجويهه سالن جو فرق ئي ڇو نه بيهي ۽ ڏهه يا پندرنهن سال انتظار ئي ڇو نه ڪرڻو پوي. انهيءَ قسمن جي شادين ۾ ذهني هم آهنگي نه ٿي رهي ۽ مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ نتيجي ۾ اهي شاديون ناڪام ٿيو وڃن.

جيڪڏهن هڪ ئي وقت بدلي ۾ سڱ ڏنو ٿو وڃي ۽ اڳتي هلي هڪ جوڙي ۾ ڪا باهمي اڻبڻت ٿئي ٿي ته ان جو  اثر ازخود ٻئي جوڙي تي پئجي وڃي ٿو. چاهي انهن ۾ باهمي هم آهنگي هجي به. انهن تي زور رکيو ٿو وڃي، اڪثر ڇوڪريءَ کي واپس پيڪن ڏي گهرايو ٿو وڃي يا ڇوڪري کان نياڻي کي تڪيلف ڏياري ٿي وڃي. نوبتون طلاق تائين به پهچن ٿيون ۽ هڪ ئي وقت چار زندگيون تباهه ٿيو وڃن ٿيون، بدي جي شادين جو بنياد جيڪڏهن انهن ڳالهين تي رکيو ٿو وڃي، جيڪي مٿي ذڪر ڪيل آهن ته ڪيترائي سماجي مسئلا سامهون اچن ٿا، جن جو نتيجو ڏسي ڪري هڪ تعليم يافته ۽ باشعور ماڻهوءَ جو ذهن ان جاهلانه رسم جي مخالفت ڪري ٿو، پر پوءِ انهن ٻهراڙين سان واسطو رکندڙ تعليم يافته ماڻهو به انهيءِ رسم تحت هلن ٿا، جيڪو انهن جي ابن ڏاڏن جو هڪ  قسم جو قانون مڙهيل آهي ڪيترا گهريلو ۽ چاهي ان جي اثر هيٺ چار زندگيون تباهه ٿين يا سماجي مسئلا جنم وٺن..

هاڻي اسان پاڻ انصاف ڪريون ته ان قديم ۽ فرسوده رسم سان ڪيتريون زندگيون تباهه ٿين ٿيون، ۽ ڪيترين ئي دلين جو ارمان ٽٽي  ٿو، پر پوءِ به ان رسم کي ٽوڙڻ جو تصور گهٽ منظر عام تي اچي ٿو ۽ وڏي ئي بغاوت ۽ مشڪلاتن سان ئي اچي ٿو،. ڇو ته اسان جي سنڌي قوم جي وڏي ۾ وڏي سڃاڻپ ئي ضد ۽ انا آهي، جنهن ڪري اها رسم اسان جي هر ٻهراڙيءَ ۾ عروج تي آهي. پر جيڪڏهن اها ئي رسم عقل ۽ شعور جي بنياد سان انجام ڏني وڃي ته سماجي مسئلا هوند گهٽ ٿين ۽ هڪ جوڙي جي باهمي اڻ بڻت جو اثر ٻئي تي بلڪل نه پوي. جيڪڏهن اهي ئي شاديون  ۽ بنا ڪنهن شرط ۽ ضابطي جي خلوص ۽ ايمانداريءَ سان انجام ڏنيون وڃن ته به سماجي مسئلا گهٽ ٿيندا ۽ شاديون بي جوڙ نه ثابت ٿينديون.

ادلي بدلي جي شادين ۾ ان ڳالهه کي مرڪز بڻايو وڃي ته اسان ڏني آهي، ته وٺڻي به آهي، يا ڏئي رهيا  آهيون ۽ وٺي به رهيا آهيون، ته رنجشيون گهٽ ئي ٿينديون. ان سان گڏوگڏ هڪ جوڙي جي خوبين خامين جو اثر ٻئي ته نه پوي ته  به ٻنهي جوڙن جي شاديءَ ۾ ناڪامي نه ايندي.

تنهن ڪري انهن ڳالهين کي ڏسي ڪري اول ته بدي جي رسم مطابق شادين جو بنياد ئي رکيو  وڃي، پر جيڪڏهن ان ئي رسم سان شاديون جنم وٺن ٿيون ته پوءِ جوڙ ۽ حيثيت مدي نظر رکجي ۽ نه ئي ڪي شرط ۽ باضابطا. ڇو ته شادي هڪ مقدس ٻنڌڻ آهي ۽ ٻن دلين جو ميلاپ آهي ۽ ان ۾ جيڪڏهن ايثار، اخلاق ۽ در گذر وارو رويو رکيو وڃي ته انهن جذبن سان شاديون ڪامياب ۽ گهر جنت بنيو وڃن ٿا ۽ سماجي مسئلا نه ٿا ٿين.
 

• خانپور مهر: ڳوٺ پڍاڻ مهر ۾ نورمحمد مهر پنهنجي هڪ ساٿي اصغر مهر سان گڏ پنهنجي گهر واري 20 ساله مسمات وزيران ڌيءَ علي مراد مهر تي ڪارنهن جو الزام هڻي سندس پيءُ جي گهر ۾ فائرنگ ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. پوليس ٻنهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.

• ڪراچي: شير شاهه محمدي روڊ واري علائقي ۾ پنج ڏينهن اڳ جيل مان آزاد ٿي آيل لياقت علي لغاري ڌيءَ جي رشتي تان پنهنجي زال  42 سالن جي زرينه ۽ ڌيءَ 24 ساله روبينا کي ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. زال ڌيءَ جو سڱَ پنهنجي ڀائٽي کي ڏيڻ چاهيو ٿي جنهن تي جوابدار کي اعتراض هو.

• ٺل: ميرپور ٻرڙو ٿاڻي تي 40 سالن جي عورت مسمات مومل زال منٺار  پهوڙ ٿاڻي تي پهچي اُتي دانهيو ته مون کي مڙس ۽ ڏير ڪارنهن جي الزام ۾ ماريندا، پوليس هن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو بعد ۾ ڪورٽ جي حڪم تي دارالامان لاڙڪاڻي  موڪليو ويو. عورت موجب 5 سال الڳ هن جي پيءُ جلال ٻرڙي پئسن تي منٺار سان پرڻو ڪرايو هو.

• سانگهڙ: سانگهڙ ٿاڻي جي سپاهي ڪرشن ميگهواڙ سرڪاري رائيفل سان پنهنجي بيواهه ڀيڻ شريمتي حُري کي ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار موجب هن جي ڀيڻ جا پريم وائٽي سان ناجائز تعلقات هئا. پوليس ڪيس داخل ڪيو آهي.

• ٺل: هڪ شادي شده عورت  مسمات ”س“ کي سول اسپتال ٺل ۾ آندو ويو، جنهن کي پستول جي گولي لڳل هئي، عورت جو نه پوسٽ مارٽم ٿيو نه وري ڪو ڪيس داخل ٿيو، جنهنڪري ڪارنهن جي الزام ۾ قتل جا چوٻول هلندڙ.

• نوان جتوئي: ڳوٺ لهڻو فقير پرو ۾ 24 ساله جوابدار شريف عرف يار محمد پرو پنهنجي 18 ساله زال شريفان پرو کي ڪاتيءَ سان ڪهي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي. عورت 5 مهينن جي ڳوهاري هئي.مقتول عورت ۽ جوابدار پاڻ ۾ سڳا سئوٽ هئا  ۽ جوابدار ٻي شادي ڪرڻ لاءِ زال کي ماري ڇڏيو، پوليس وٽ ڪيس داخل آهي، جڏهن ته جوابدار فرار آهي.

• جعفر آباد: ڳوٺ وزير علي ۾ عبدالغفار ڪارنهن جو الزام هڻي پنهنجي ڀاڄائي مسمات زينب ۽ نوجوان محمد علي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويو.

• لاڙڪاڻو: تعلقي کهاڙو واهه سان لانگاهه ڳوٺ لڳ پنهنجي گهر ۾، مسمات شبيران کي سندس مڙس محمد  ملوڪ عمراڻي بندوق جا ڪنداڪ هڻي قتل ۽ پنهنجي ماءُ مسمات رحمت خاتون کي لٺيون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويو جوابدار نشي جو عادي هو.

• او ستاد محمد: ڳوٺ مٺل خان عمراڻي ۾ پٽ ڪارنهن جو الزام هڻي پنهنجي ماءُ ۽ هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب جوابدار غلام سرور پٽ افغار کوکر پنهنجي ماٽيليءَ ماءُ 25 سالن جي مسمات شهزادي ۽ پنهنجي مائٽ 25 سالن جي خالق داد کي بندوق جا فائر ڪري ماري ڇڏيو. پوليس جوابدار کي بندوق سميت پڪڙي ورتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com