پاڪستان ۾ پڙهيل ماڻهن جو تعداد اڻ پڙهيل ماڻهن جي
ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ آهي. انهن ۾ به اهڙين عورتن جو
تعداد ته اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، جيڪي مردن جيتريون
پڙهيل آهن. پر، جي کڻي پڙهي به پون، ته کين
ريلوائيءَ، روڊ ٽرانسپورٽ ۽ ڪارخانن ته ٺهيو، رڳو
هلڪن سلڪن شعبن ۾ به روزگار ڪمائڻ جا موقعا مردن
وانگر ميسر ڪونهن.
مشرق جي ڀيٽ ۾ مغرب اها دعويٰ ڪري ٿو ته اتي عورت
کي مرد وارا ”تقريباً“ سمورا حق حقوق حاصل آهن.
مغرب ۾ به وري انگلستان کي ”مثالي جمهوري ملڪ“
ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته انگريز عورتَ، هاڻي
مرد جيترا ماڻي ٿي. پر، ان ڳالهه جو ثبوت رڳو اهو
ڪونهي، ته اتي تازو هڪ عورت. مسز مارگريٽ ٿيچر،
وزيراعظم جو عهدو ماڻيو. ائين ته اهڙِي ساڳي دعويٰ
اسان جا ڪي مشرقي ملڪ ۽ خود پاڪستان به ڪري سگهي
ٿو. پر، اصل ڳالهه ملڪي معاشري جي مجموعي ۽ حقيقي
تصوير آهي. مثلاً، سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ سڀ
کان مکيه مسئلو پيئڻ جو پاڻي آهي. غوث بهاوالحق
ملتانيءَ جي سجاده نشين مخدوم سجاده حسين صاحب جا
گهر ۾ گهڻائي مريد آهن. هڪ دفعي مون کي ڏاڍي ڏک
سان ٻڌايائين ته ٿري غريب گهرن جون نينگريون صبح
جو سوير گهڙا يا گهاگهريون کڻي چڱو پري پنڌ ڪري،
پاڻي ڀرڻ وينديون آهن. سج مٿي چڙهي ايندو آهي. تپش
ٿيندي آهي، سو ڏينهنُ چونئري جي ڇانوَ ۾ گذاري.
سانجهيءَ جو وري ساڳيءَ ڪرَت سان لڳنديون آهن.
ائين پاڻي ڀريندي، ڀريندي غريبن جي ڄمار ۾ ڳري
ويندي آهي.
ساڳيو لقاءُ مون ڪوهستان ۾ ڏٺو. هڪ ڏينهن حيدرآباد
کان ڪراچيءَ پئي ويس. روڊ جي پاسي سان، هڪ سڄي
پوٺي مان، ڪراڙين زالن کي، گهڙا مٿن تي کڻي، پاڻي
ڀرڻ لاءِ ڪنهن پري پنڌ تي، پيرين اگهاڙين ويندي
ڏٺم. ڏاڍو ڏکوئيندڙ منظر هو. اها حقيقت ’نوشتهء
ديوار‘
WRITINHG ON THE WALL
وانگر اکين اڳيان آئي ته ملڪ ۾ چار وزيراعظم سنڌي
رهي چڪا آهن. پر غريب سنڌي عورت اها ئي عذاب ۾
آهي. مٿس ڀٽائيءَ جو هي قول، جيئن ٽي سو ورهيه اڳ
صحيح ۽ صادق هو، تيئن اڄ به آهي:
سَرِجِي تان سُورَ، سامائي تان سُکَ ويا،
اهي ٻيئي پوُرَ، نماڻيءَ نصيب ٿيا.
سرچارلس نيپئر 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي. جيڪي شروعاتي
حڪم احڪام جاري ڪيائين، سيSIND
INFORTIES”“ نالي هڪ ڪتاب ۾ ڏنل آهن. هڪ ۾ هيئن چيو اٿس:
”اوهان سنڌ جا ماڻهو، پنهنجين عورتن کي رڍن ۽
ٻڪرين کان وڌيڪ بيدرديءَ سا ڪهو ٿا. اڄ کان پوءِ،
جيڪڏهن ڪا ڪهاڙي سنڌي عورت تي اُڀي ٿي، ته مان
انهيءَ ڪهاڙيءَ واريءَ ٻانهن کي ڪلهي وٽان ڪپي
ڇڏيندس.“
ڪتاب جي مصنف لکيو آهي ته ”نپيئر جي انهيءَ هَڪَلَ
کان پوءِ وڃي گگدام سنڌي عورت کي جيئدان مليو.“
پر، افسوس آهي ته جيئن ئي انگريز ويا، ته سنڌي
عورت جي مٿان ڪهاڙيون اُڀيون ٿي ويون هاڻي
”ڪاروڪاريءَ“ جي اوٽ ۾، ڪيئي بيگناهه سنڌي عورتون،
”مرد جي برتري“ (MALE CHAUVINISM)
واري خيال ڪري، رڍن ۽ ٻڪرين وانگر ڪُسنِ ٿيون
ٿر ۾، انگريزن جي زماني ۾، تَروَٽَ نالي هڪ
عملدارُ آيو، جنهن مسڪين ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا
هئا، سو ٿري ماڻهو کيس ڏاڍا ڀائيندا هئا. سن 1954ع
۾ مان سنڌ جي تڏهوڪي تعليمي وزير، غلام حيدر شاهه
(مرحوم) سان گڏ، اسٽاف ميمبر جي حيثيت ۾ ٿر جي
دوري تي ويس. ننگرپارڪر ۾ هيڊ منشي پنهنجو ميزبان
هو. سو، هڪ ڏينهن مون کي ڪارونجهر گهمائڻ وٺي ويو.
هڪ ٿلهي تي وڃي ويٺاسون، جو سيمينٽ سان راڳيل هو.
ان تي هڪ هنڌ، ڪنهن شخص ڪوڪي يا ڪنهن ٻيءَ لوهيءَ
شيءِ سان سٽ لکي ڇڏي هئي:
تَرَ وَٽَ واڳو وار ڙي،
تَر وَٽَ واڳون وارِ.
هاڻي مان جڏهن سنڌي اخبارن ۾ ”ڪارو- ڪاريءَ“ جي
الزام هيٺ، ’سنڌي عورتن جي ڪوس‘ جون خبرون پڙهندو
آهيان ته منهنجن چپن تي بي اختيار اهي لفظ ايندا
آهن:
تَرِوَٽَ واڳون وارِ ڙي،
تَرِوَٽَ واڳون وارِ.
انگلستان ۾ مردن توڙي عورتن ۾ لڳ ڀڳ سئو سيڪڙو
تعليم آهي. سياسي ۽ سماجي شعورَ جي به ڪا ڪمي
ڪانهي، سو مرد ۽ عورت هڪجهڙا حق ماڻن ٿا. نالي ۾
انگستان ۾ بادشاهي نظام آهي، پر انهيءَ نظام ۾ به
تخت ۽ تاج رڳو مرد لاءِ مخصوص ڪونهي. شاهي خاندان
جو پهريون ٻار مٿي تي تاج پائي ٿو، پوءِ اهو مرد
هجي يا عورت مثلاً، ڪوهنور هيري وارو تاج، هن وقت،
راني ايلزبيٿ جي مٿي تي تجلا ڏيئي رهيو آهي.
شهزادي ڊايانا، راڻي ايلزبيٿ جي نُنهن هئي.
راڻيءَ، ساڻس پنهنجي پٽ چارلس جي شادي ايڏيءَ ته
ڌام ڌوم سان ڪرائي، جو ماڻهن کي الف ليليٰ جا
رنگين داستان ياد اچي ويا. 29- جولاءِ 1981ع تي
لنڊن جي رستن تي، ڇهن لکن مردن ۽ عورتن، گهوٽ
ڪنوار جو شاهي جلسو ڏٺو. تقريباً، پنجهتر ڪروڙ
ماڻهن،ٽيليويزن تي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾، انهيءَ
شاديءَ جا هوشربا منظر ڏٺا. ڏهاڪو سالن جي عرصي
اندر چارلس کي ڊايانا مان ٻه پٽ ڄاوا. وڏي جو نالو
وليم ۽ ننڍي جو هيري رکيائون. پر، انهيءَ جي
باوجود، اها مثالي شادي آهستي آهستي اهڙي ته ناڪام
ٿي ويئي، جو راڻيءَ ايلزبيٿ، 1991ع ۾، پنهنجي پٽ
کي چيو ته ”هاڻي، شاديءَ جي قصي کي کڻي ختم ڪريو.“
چارلس پنهنجي ماءُ جي چوڻ تي ڊايانا کي طلاق ڏني.
ڊايانا شاهي محل ۾ ڏاڍي ڪا ڏکي هئي. مهل مان ٻاهر
نڪتي، ته پنهنجا تاثرات بيان ڪندي چيائين ته ”محل
جو ماحول اهڙو هو، جو منهنجو ساهه ٿي گهوٽيو.“
راڻيءَ جي ساڻس پوت پوري ساري هئي، جيئن ئي موقعو
مليس، ته کانئس شاهي لقب کسي ورتائين. ڊايانا مٿس
ٽوڪ ڪندي چيو ته. ”مون کي ڪنهن به شاهي لقب جي
ضرورت ڪانهي. مان عوام جي دلين جي راڻي آهيان.“
راڻيءَ تي طنز ڪندي چيائين ته ”شاهي ماڻهن وٽ هاڻي
باقي وڃي رواج بچيا آهن.“ پنهنجي ناڪام شاديءَ جو
ذڪر ڪندي چيائين ته، ”اها ڪامياب ان ڪري ڪا نه ٿي،
جو منجهس اسين ٻه ڄڻا ڪو نه هئاسين، ٽِي هئاسين.“(WE
WERE THREE PERSONS IN THE MARRIAGE) سندس اشارو پنهنجي مڙس جي سريت، ڪوميلا پارڪر، ڏانهن هو.
مڙسس، چارلس انهيءَ الزام جي صحيح هئڻ کان انڪار
ڪو نه ڪيو. ڇا ٿيو، ته ڊايانا پنهنجي مڙس وٽ هڪ
قيمتي سوني چوڙي ڏٺي، جا مڙسس پنهنجيءَ يارِ،
ڪوميلا پارڪر لاءِ خريد ڪئي هئي. ڊايانا انهيءَ
ڳالهه تي هنگامو ڪيو. مڙسس بڇڙو ٿيو، جو ڳالهه
سچي هئي. مارٽن بڪ پنهنجي ڪتاب ۾ ائين به لکيو آهي
ته اُنهيءَ واقعي کانپوءِ وري زال مڙس جو ٻيو
جهيڙو ٿيو. ان جو سبب اهو هو ته ڪنهن هنڌ چارلس جي
ڊائريءَ مان ڪوميلا پارڪر جا ٻه فوٽو اچي پٽ تي
ڪريا، جن لاءِ هو ڊايانا کي ڪا به سمجهاڻي ڏئي ڪو
نه سگهيو. زال مڙس جي انهن جهيڙن تڏهن هيڪاري زور
ورتو، جڏهن عام پبلڪ جلسن ۾، چارلس جي مقبوليت
ڏينهون ڏينهن ڪرندي ويئي ۽ ڊايانا شهرت جي آسمان
تي چڙهندي ويئي- - نتيجو نيٺ طلاق ۾ نڪتو.
شاهي محل ۾ جو طلاق جو واقعو ٿي پوي، ته اخبارون
ته ان کي کڻنديون! هن معاملي ۾ به ائين ئي
انگلستان جي اها اخبار هٿئون هٿ کڄي ويندي هئي،
جنهن ۾ ڊايانا جي ڪا خبر هجي. انهيءَ سبب ڪري،
ڊايانا، شاهي محل جي پابندين کان ته آجي ٿي، پر،
ٻاهر نڪتي، ته سک جو ساهه پوءِ به کڻي ڪا نه سگهي.
سندس مثال انهيءَ ڊنل هرڻيءَ وارو ٿي پيو، جيڪا
عجائب گهر جي پڃري مان نڪري، ڪنهن جهنگل ۾ اچي
ؤاٿي هجي. سدائين شڪارين جي اک ۾ هجي. سندس
ساهيڙيءَ، روزا مانڪٽن، ”ڊايانا، منهنجي دوست“
نالي سان هڪ مضمون لکيو آهي، جنهن جا شروعاتي اکر
هي آهن:
”روزا، هيءُ شڪار آهي، شڪارُ! تون مون تي مضمون لکي، خلق کي
ٻڌائيندينءَ ته شڪاري مون اڀاڳيءَ کي ڪيئن ماري رهيا آهن!؟
روزا لکيو آهي ته اِهي (ڏکويل) لفظ، منهنجيءَ
پياريءَ دوست، ليڊي ڊايانا جا هئا، جيڪا انگلستان
جي ولي عهد جي ماءُ ۽ ويلس جي شهزادي هئڻ جي
باوجود سڄيءَ دنيا جي اکين اڳيان، هڪ ڊنل هرڻيءَ
وانگر شڪارين کان لڪي رهي هئي. پر، شڪارين کي جهلڻ
پلڻ وارو ڪير ڪو نه هو. مغرب ۾ هڪڙا فوٽو گرافر
آهن، جن کي انگريزيءَ ۾ ”PAPARAZZI“
(پاپارازي) ڪوٺن ٿا. ڊايانا اُنهن جو شڪار هئي- -
انگلستان جي جمهوريت ۾ به عورت ۽ مرد جي برابريءَ
وارن حقن جي حقيقت ڪل ايتري هئي!
پاپارازي فوٽوگرافرن جو ڪم اهو آهي، ته نالي وارن
مردن ۽ عورتن جون خاص خاص تصويرون ڪڍي، اخبارون ۽
رسالن کي وڏي ملهه تي وڪڻڻ. ماڻهو ڪڏهن ڪيئن ويٺو
آهي، ته ڪڏهن ڪيئن! ڪڏهن مناسب لباس ۾ آهي، ته
ڪڏهن بي خياليءَ ۾ ويٺو آهي. هاڻي جي ڪو فوٽو
گرافر هميشه موقعي جي تلاش ۾ هجي ۽ گاه بيگاه ڪنهن
عورت جون اهڙيون تصويرون ڪڍندو رهي، جيڪي
زيبائتيون نه هجن، ته انهن جي ڇپجڻ سان مسئلو پيدا
ٿي ويندو! ڀلا جي اها عورت وڏ گهراڻ هجي، ۽ حسين
هجي، ته هيڪاري وڏو مسئلو ٿيندو. پر، جي اها عورت
ماڳهين شهزادي هجي ۽ ڪنهن ملڪ جي ولي عهد جي والده
هجي، ته پوءِ ته اهڙي تصوير انهيءَ عورت لاءِ
باهه ٻاري وجهندي!- - پاپارازي فوٽو گرافرن به
ڊايانا لاءِ باهه ٻاري وڌي. هوءَ جتي به ويندي
هئي، اتي پاپارازي فوٽو گرافر، شڪارين وانگر نوس
نوس ڪندا، کانئس اڳيئي پهچي ويندا هئا. سَفَرُ
ڪارن رستي، ريلن رستي، هوائي جهازن ۽ هيليڪاپٽرن
رستي به ڪندا هئا. ڊايانا ڪنهن باغ ۾ سهيلين سان
گڏ گهمڻ ويندي هئي، ته باغ جي وڻن جي پنن ۾ لڪي،
پنهنجون ڪئميرائون بندوقن وانگر سڌيون جهليو ويٺا
هوندا هئا. ڪلجن ۽ هوٽلن ۾، ڀتين جي اوٽ ۾ ڇُپيا
پيا هوندا هئا. سمنڊ جي ڪناري تي ويندي هئي، ته
ڀرپاسي سان ٻيڙين ۾ لڪا ويٺا هوندا هئا. جنن ۽
ڀوتن وانگر هر هنڌ موجود رهندا هئا. رڳو سندس اچڻ
جا منتظر هوندا هئا. هوءَ ڪار مان نڪري اڃا پٽ تي
پير مس رکندي هئي، ته ڪئميرائن جي ڪِلڪِ- ڪِلڪِ
شروع ٿي ويندي هئي. يورپ جي اهم اخباري ذريعن، هڪ
تحقيقاتي رپورٽ شايع ڪئي ته:
”اڄ سڄيءَ دنيا ۾ ڪنهن به عورت جون ايتريون
تصويرون ڪو نه ٿيون ورتيون وڃن، جيتريون ڊايانا
جون.“
عام پبلڪ، ڊايانا جون تازيون تصويرون ڏسي اخبار
خريد ڪندي هئي. رڳو انگلستان ۾ نه پر دنيا جي
سمورن ملڪن ۾ ڊايانا جي حُسنَ جي هاڪ هئي! سو،
اخبارن جا ايڊيٽر ۽ مالڪ، پاپارازي فوٽو گرافرن کي
سوين پائونڊ ڏيئي، ڊايانا جون نيون نيون تصويرون
خريد ڪندا هئا. انهيءَ پس منظر ۾، پاپارازي فوٽو
گرافر، رات ڏينهن، ڊايانا جي پٺيان، پاڇي وانگر
پيا ڦرندا هئا. ڊايانا جي خانگي زندگي ختم ٿي چڪي
هئي. ڊنل هرڻيءَ وانگر فوٽوگرافرن کان لڪندي وتندي
هئي. جڏهن لڪي، لڪي، هيڻي ٿي پوندي هئي، ته کين
ليلائي چوندي هئي: ”مون تي رحم ڪريو. مون کي ڪا
گهڙي ته اڪيلي ڇڏيو. مان انسان آهيان. مون کي به
جيئري رهڻ جو حق آهي.“- - پر، شڪاريءَ به ڪڏهن
’شڪار‘ تي رحم ڪيو آهي؟
لنڊن جي ڪنهن مارڪيٽ ۾، هڪ
فوٽو گرافر، ڊايانا، جون تصويرون ڪڍي آرام سان وڃي
رهيو آهي. ٻيا فوٽو گرافر ڏانهس بندوقن وانگر
ڪئميرائون سڌيون ڪيون بيٺا آهن. ڊايانا کين ليلائي
رهي آهي:”Give
me a break.“
مون کي ساهه پٽڻ ڏيو.“
-------
هڪ دردناڪ صورتحال تي تبصرو ڪندي، ائنڊرويمارٽن
پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي:
As she stood on the brink of a new life, her
past caugh up with her in the shape of trailing
Paparazzi. She may have flown the cage of
Buckingham Palace and liberated herself as a
woman in her own right, but the world would
never let her break out from her abididing image
as a glamorious woman. Her life came a, tragic
full circle: the camera loved her to death!
[جيئن ئي هن نئين حياتيءَ جي ڪنڌيءَ تي پير رکيو،
ته سندس ماضي کيس پيڇو ڪندڙ پاپارازي فوٽو گرافرن
جي صورت ۾ (ڍنگهريءَ وانگر) چنبڙي پيو. هوءَ
بڪنگهام محلات جي پڃري مان نڪري اڏامي وڃي ها ۽
جيڪر هڪ آزاد انسان وانگر زندگي گذاري ها. پر،
دنيا کيس پر ڪشش عورت جي سدا بهار عڪس مان آجو ڪرڻ
لاءِ تيار نه هئي. هن جي زندگي هڪ پورو الميه چڪر
ڪاٽي آئي: ڪئميرا ساڻس موت تائين پيار ڪيو.]
شهزادي ڊايانا، 30- آگسٽ 1997ع تي، پئرس ۾،
پاپارازي فوٽو گرافرن کان لڪندي، ڪار جي هڪ حادثي
۾، موت جو جام پيتو.
انگلستان ۾ توڙي سڄيءَ دنيا ۾ ڊايانا جي وفات جي
خبر، غَمَ۽ ڏُکَ جي هڪ اهڙي ته زوردار لهر اڀاري،
جنهن سڄيءَ انسان ذات کي پنهنجي آغوش ۾ ويڙهي
ورتو. هر ملڪ ۾، هزارين لکين اکيون سندس ياد ۾
ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. ماهرن جو رايو آهي، ته ويجهي
دور ۾، ڪنهن به وڏيءَ شخصيت جي موت، دنيا کي ائين
ڪو نه لوڏيو آهي. جيئن ڊايانا جي موت. آفريقا جي
هاڪاري اڳواڻ، نيلس منڊيلا، انهيءَ غير معمولي
ماجرا جو تعبيرُ، سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو. هڪ پبلڪ
جلسي ۾ تقرير ڪندي، ڊايانا کي خراج عقيدت پيش ڪندي
چيائين ته:
SHE WAS CITIZEN OF THE WHOLE WORLD
ڊايانا کي سڄيءَ دنيا جي شهرت جا حق هئا
ڪنگسٽن محلات، جتي ڊايانا جو جنازو آڻي رکيائون،
جلد ئي انهن رنگبرنگي گلن جي ڍيرن ۾ گهيرجي ويو،
جيڪي برطانيه جا عام ماڻهو، سندس سڪ ۾ کڻي آيا
هئا! سيٽ جيمس محلات جي ٻاهران ۽ دنيا جي سمورن
کنڊن ۾، سمورن برطانوي سفارتخانن جي ٻاهران،
هزارين ماڻهو ”تعزيت جي ڪتاب“ ”CONDOLENCE
BOOk“
۾ پنهنجا تاثرات لکڻ لاءِ قطارن ڪيون بيٺا هئا.
ڊايانا جي وفات ڌرتيءَ تي زلزلو آڻي ڇڏيو.
ماڻهن جي ڊايانا سان انهيءَ ”بي پناهه عقيدت“ جي
گهڻن ئي تشريح ڪئي. روزنامہ”ڊان“ ڪراچيءَ ۾ اقبال
جعفر نالي هڪ ڪالم نويس، ”ڊايانا جو اسرار،عنوان
هيٺ پنهنجي مضمون ۾ لکيو، ته هزارين اخباري مبصرن
۽ ڪالم نويس- - سڄيءَ دنيا ۾- - انهيءَ ماجرا جي
سمجهڻ لاءِ ڪروڙين لفظ لکيا آهن، اڄ دنيا جي ڪا به
زبان ڪا نه ملندي، جنهن ۾ ڊايانا جي موت تي ڏک جا
ڪالم نه ڇپيا هجن، ڪن ۾ سندس رهائشگاهه جي ٻاهران
گلن جي انبارن ۽ جهرمر ٻرندڙ موم بتين جو ذڪر آهي،
جيڪي سندس غير معمولي شهرت جون ثابتيون آهن ته ڪن
۾ عام ماڻهن جي اکين مان وسندڙ اڻکٽ ڳوڙهن جو ذڪر
آهي، جن ۾ سندس بي پناهه تعريف ڪئي ويئي آهي. جنهن
سڄيءَ دنيا کي اداس ڪري ڇڏيو آهي. ڪن چيو آهي ته
ماڻهن کي انڪري به ڊايانا سان عقيدت هئي، جو هوءَ
خيرات جي ڪمن ۾ دل کولي حصو وٺندي هئي. ڪن جو چوڻ
آهي ته ڊايانا کي ماڻهن جي شعور تي مسلط ڪرڻ ۾
پريس جو هٿ آهي، جنهن سندس شخصيت کي ”طلسم جي هڪ
شهزادي“ بنائي ڇڏيو، جنهن جي حُسُنَ ماڻهن جو عقل
چرخ ڪري ڇڏيو. پر، اڪثر مغربي مبصرن جو خيال آهي
ته سڀني راين جو تجزيو ڪرڻ کانپوءِ، ڊايانا جي
جيڪا شخصيت اڀري ٿي، سا هيءَ آهي ته هوءَ ”غير
معمولي“ هئي. ايڏي ته پر ڪشش هئي. جو سندس هڪڙي ئي
مُرڪَ ماڻهوءَ کي ڊاهي وجهندي هئي.“
|