علم حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ﷺ جو هڪ مشهور قول آهي ته:
علم حاصل ڪريو؛ توڙي جو ان لاءِ چين وڃڻو پئي!
يعني علم اُها وَٿ آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ
فاصلابي معنيٰ بڻجي ويندا آهن.
”اقرا“ پاڻ سڳورن ﷺ تي الله تعاليٰ طرفان موڪليل
اهو پهريون پيغام آهي جو ”اڄ به اوترو ئي اهم آهي،
جيترو اڄ کان پندرنهن سئو سان سال اڳ هو، اسان
سنڌين کي ته پياري پيغمبر ﷺ جي ڏسيل اها ڳالهه ته
پنهنجي ڳنڍ ۾ ٻڌڻ کپي، ڇو ته ان ۾ ئي اسان جي
ڀلائي آهي.
پاڻ سڳورن پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ عمل سڳوري سان
پنهنجي ڪٽر دشمنن کي به زير ڪيو، سندن سيرت طيبه
اسان لاءِ جيڪي سندن اُمت منجهان آهيون- هڪ مثال
جي حيثيت رکي ٿي- اسان جي نجات ۽ ڇوٽڪاري جي راه
سندن پيرويءَ ۾ پنهان آهن:
”احد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق،
آهي مستفرق، عالم انهيءَ ڳالهه ۾.“
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
فوزيه حبيب صديقي
عورت جي آزادي ۽ اُنهي جي حقن متعلق لکندي ۽
ڳالهائيندي ائين لڳندوآهي ته هي بحث تمام گهڻو
پراڻو آهي ۽ هن متعلق تمام گهڻو لکيو ۽ پڙهيو ويو
آهي.پر اها به هڪ حقيقت آهي ته لکبو ۽ ڳالهائبو
اُنهن مسئلن تي آهي، جيڪي اڃا حل ٿي نه سگهيا هجن.
عورت جي مظلوميت سان لاڳاپيل مسئلا ايترا ته قديم
آهن جو ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته اهي مسئلا هوءَ
پنهنجي تخليق سان گڏ کڻي آئي آهي. ڇا، اسان جو
معاشرو فقط مردن جو(male
dpominated) معاشرو آهي؟
ايڪيهين صديءَ ۾ به عورت اوتري ئي لاچار ۽ مجبور
آهي، جيتري عرب جي جهالت واري دؤر ۾ هئي. فرق فقط
ايترو آهي جو تڏهن هُن کي زندهه پوريو ويندو هو ۽
هاڻي هُن جي جذبات، خيالات ۽ اظهار جي آزادي کي
دٻايو ٿو وڃي. سڀ ڪجهه معلوم هوندي به هوءِ
ڏاڍايون برداشت ڪري ٿي. ڇو ته جيڪڏهن ڳوٺاڻي آهي
ته هُن کي پنهنجي حقن متعلق گهڻي معلومات نه آهي.
ڍورن وانگر سڄي ڏينهن جي مشقت کانپوءِ رات جو
پنهنجي مڙس جا موچڙا کائي به خوش رهي ٿي ۽ سمجهي
ٿي ته اها ئي زندگي آهي! ٻئي طرف شهري ۽ پڙهيل
لکيل عورت آهي ته ٻيڻيون، ٽيڻيون ذميداريون پنهنجي
ڪُلهن تي رکي، جيڪڏهن نوڪري ڪري ٿي ته اُها گهر ۽
نوڪري ٻنهي کي بخوبي سرانجام ڏئي ٿي ۽ شڪايت ڪرڻ ۾
پنهنجي گهٽتائي محسوس ٿي ڪري. جو آخر معاشري ۾ به
ته عزت سان هلڻو آهي. نظريات جي اختلافن تي طلاق
جهڙي ناپسنديده قدم کي حل سمجهيو ٿو وڃي. جيڪو
اهڙو ناسور آهي جنهن کانپوءِ معاشرو طلاق يافته
عورت کي آساني سان قبول نٿو ڪري ۽ هوءَ ذهني دٻاءُ
(Mental Stress)
جو شڪار ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن اولاد واري آهي ته اڃا به
گهڻيون تڪليفون ۽ مصيبتون برداشت ٿي ڪري.
ٻهراڙيءَ جي عورت سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ظلم جو سڀ کان
وڏو مثال ”ڪارو ڪاري“ آهي جنهن ۾ مرد پوءِ ڀاءُ،
مڙس پُٽ يا پيءُ پنهنجي عورت کي قتل ڪري ٿو ڇڏي،
جنهن کي
honors killing)
) جو نالو ڏنو ٿو وڃي ۽ قاتل ڪنهن سزا کان سواءِ
ديده دليريءَ سان گهمندو ڦرندو وتي. ”ڪارو ڪاري“
رسم هيٺ قتل ٿيل مرد جي جنازي نماز پڙهائي ٿي وڃي
۽ اُنهيءَ کي عزت سان دفنايو ٿو وڃي. پر عورت کي
ڪفن کان سواءِ پوريو ٿو وڃي. مرد ۽ عورت سان سلوڪ
۾ ايترو وڏو تضاد سمجهه کان ٻاهر آهي. هن تفريق ۾
ڪجهه هٿ عورت جو پنهنجو به آهي. انهيءَ حقيقت کان
انڪار نٿو ڪري سگهجي، ته تقريباً سڀ مائون، پٽن کي
ڌيئن کان وڌيڪ اهميت ڏين ٿيون ۽ اُنهن جي تعليم ۽
ضرورتن کي اهم سمجهن ٿيون. اسڪول ۾ پڙهندڙ ڇوڪرين
تي گهر جون ڪيتريون ذميواريون ٿين ٿيون. مثال طور
رڌ پچاءُ، گهر جي صفائي ۽ ٻيا به ڪيترائي اهڙا ڪم
۽ ذميداريون سندس مٿان ٿين ٿيون. جڏهن ته ڇوڪرا
اهڙين ذميدارين کان آزاد آهن. ماءُ هميشه پٽن کي
وڏي حياتي ماڻڻ جون دعائون ڏيندي نه ٿڪبي آهي. ڇو
ته هوءَ پُٽ کي خاندان وڌائڻ ۽ نسل قائم رکڻ جو
سبب سمجهي ٿي. جڏهن ته سندن ڏکن سکن جي ساٿياڻي به
گهڻو ڪري ڌيءَ هوندي آهي، جيڪا ماءُ پيءُ جي خدمت
کي عبادت جو درجو ٿي ڏئي.
اخبارن ۾ اهڙيون خبرون جن ۾ عورتن جي خودڪشي يا
گئس جي چُلهن ڦاٽڻ سبب موت واقع ٿيڻ متعلق لکيل
هونديون آهن. اُهي ڪو خاص توجهه حاصل نٿيون ڪن. ڇو
ته اهو هاڻي روزمره جو معمول آهي. ڪڏهن ڪنهن
انهيءَ ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته گئس سلينڊر جي
ڦاٽڻ سان صرف ننهون ئي ڇو ٿيون مرن، ڪنهن سس سان
اهڙو واقعو ڇو نه ٿو پيش اچي؟
جڏهن عورتن جي حقن جي باري ۾ ڳالهايو ويندو آهي ته
انهيءَ کي هڪ انسان جو درجو ڏنو ويندو آهي. پر
بدقسمتيءَ سان جڏهن انساني حقن جي ڳالهه ٿيندي
آهي ته حقيقت بلڪل مختلف هوندي آهي. عورتن سان
ورتاءُ ۽ اُنهن سڀني ڳالهين سان ماهرِ نفسيات،
عورتن جي تنظيمن، سماجي ڪارڪنن، عورتن کي شروع کان
ئي تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي. ڪن سماجي تنظيمن
تمام ڪار آمد قدم به کنيا آهن. جيڪي مفيد ثابت ٿيا
آهن، پر اهڙا عمل به مسئلي جو مڪمل خاتمو ٿابت ٿي
نه سگهيا آهن. ڇو ته اهو هڪ عام خيال آهي ته عورت
جيئن ته مرد کان جسماجي طور ڪمزور آهي. اُنهيءَ
ڪري هُن کي مرد جي ماتحت سمجهيو ٿو وڃي. عورتون قد
۾ مرد کان ننڍيون هونديون آهن ۽ جسماني طور تي
ڪمزور، گهٽ ڪاوڙ ڪندڙ ۽ ٻار ڄڻڻ سبب ۽ اُنهن کي
پالڻ سبب لاچار هونديون آهن. مطلب ته اهو سڀ
انهيءَ ڪري آهي جو، عورتون جسماني طور تي مرد کان
ڪمزور آهن.
هڪ ٻئي نظريي مطابق عورت مرد جي برابر آهي، پر
پوءِ به مختلف آهي جو، اُنهي جو معاشري ۾ ڪردار
مرد کان مختلف آهي.
1990ع جي ورلڊ بئنڪ (World
Bank)
جي (Development Report)
مطابق ڪيترن ئي سببن جي ڪري پاڪساني عورتن کي
پريشانين ۽ مجبورين کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. انهن ۾
هڪ ڇوڪريءَ جو هڪ ڇوڪري کان پنجن سالن جي عمر
تائين پهچڻ کان اڳ مري وڃڻ. ڪيترا دفعا وڌيڪ خطرو
آهي. تمام گهٽ ڇوڪريون، ڇوڪرن جي نسبت پرائمري
تعليم حاصل ڪري ٿيون سگهن. پاڪستان ۾ هڪ روايتي (Stereotyped)
نظريو آهي. جئين ته نياڻي جي پيدائش کي تمام
افسوسناڪ واقعو سمجهيو ويندو آهي، جيڪو اڳتي هلي
خاندان ۾ ڪشيدگيءَ جو سبب بنجي ٿو. هڪ طلاق يافته
عورت لاءِ معاشري ۾ ڪا به جڳهه نه آهي ۽ هُن جو
جائداد ۾ به ڪو حق نه آهي ۽ هڪ عورت کان هر وقت
اها اُميد رکي ٿي وڃي ته اُنهيءَ ۾ صبر هجي ۽ اُها
فرمانبردار هجي ۽ مرد جي مقابلي ۾ پاڻ کي گهٽ
حيثيت جو ظاهر ڪري.
مولوي صاحبان ڪيترو به اسلام جي نالي تي عورت کي
من گهڙت پابندين ۾ جڪڙي پر اسلام جي مڪمل ڄاڻ
رکندڙ بخوبي ڄاڻن ٿا ته الله تبارڪ و تعاليٰ عورت
۽ مرد جي حقن جي حيثيت ۾ ڪو به تفاوت نه رکيو
آهي. جيڪڏهن نالي ماتر عورتن جي آزادي ۽ حقن لاءِ
ٿيندڙ عالمي تحريڪن کي ڇڏي صرف پنهنجي پياري مذهب
اسلام جي پيروي ڪجي ته عورتن جي زندگي ۾ ايتريون
تڪليفون نه اچن، جيڪي هوءَ صبر سان برداشت ٿي ڪري.
مثال طور تعليم جي ڪمي، گهرن ۾ ڪم ڪندڙ مائرون،
جسماني ۽ جنسي بدسلوڪي جو شڪار ٿيڻ، پنهنجي گهر
واري يا گهر جي ٻين مردن کان مار کائڻ، جائداد ۾
حصو نه ملڻ، غير مساوي انساني حق، نياڻيون پيدا
ڪرڻ تي طعنا ۽ بي عزتيون برداشت ڪرڻ، طلاق جو ملڻ.
جيڪڏهن سڀ مذهب اسلام جي پيروي ڪن ته عورتن کي
ڪنهن به تحريڪ هلائڻ جي ۽ پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ
۽ جدوجهد ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه پوي. ڇو ته هُن کي
سڀ حق صديون اڳ ئي اسلام ڏئي ڇڏيا آهن، ۽ اها
انهيءَ وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن عورتن سان تمام
گهڻو خراب سلوڪ ڪيو ويندو هو ۽ هوءَ انهيءَ قابل
به نه هئي جو پنهنجي لاءِ ٻين سان وڙهي سگهي. عورت
تمام گهڻي بيعزتي، بدسلوڪي ۽ اذيت مان گذري رهي
هئي جو پاڪ پروردگار هُن جي مدد لاءِ پاڻ
سندن حياتي مبارڪ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو
ته پاڻ عورت جي ڪيتري عزت ڪندا هئا.
اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ عرفات تي پنهنجي خطبي ۾
جيڪو انساني حقن جي لاءِ هڪ اعليٰ مثال آهي فرمايو
ته:
”اي لوڪو! توهان کي پنهنجي زالن تي حق حاصل
آهن..... پنهنجن زالن سان مهرباني جو ورتاءُ
ڪريو..... يقيناً توهان هنن کي خدا جي طرفان ڏنل
حفاظت (جي ضمانت) هيٺ پنهنجو ڪيو آهي ۽ اُهي الله
جي ڪلام تحت توهان کي جائز ڪري ڏنيون ويون آهن.“
(امير علي، اَ شارٽ هسٽري آف سارا سنيس، مئڪملن
ائنڊ ڪو، لندن 1961ع، ص 17.) ماءُ جي حيثيت بلند
ترين آهي: ”جنت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي.“ (متفق
ڪليه حديث) [الجنة تحت اقدام الامهات].
ٻڌ ڌرم کان مڪمل دين اسلام تائين، عورت جي عزت ۽
حيثيت تي زور ڏنو ويو آهي: ڊاڪٽر حبيب الله صديقي
جي، ڪتاب”انسان جي تاريخ“ مان هيٺ ڏنل افتباس
انهيءَ جي نشاندهي ڪري ٿو. سگال کي خطاب ۾ مهاتما
گوتم ٻڌ رمائي ٿو ته:
”مڙسن کي گهرجي ته پنهنجي زالن جي عزت ڪن ۽ ممڪن
حد تائين انهن جا انگل آرا پورا ڪن. (مڙسن) کي زنا
کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اُنهن کي گهرجي پنهنجي گهر کي
مڪمل طور تي پنهنجي زالن جي حوالي ڪن ۽ جيتريقدر
کيسو اجازت ڏئين اُنهن کي عمدا ڪپڙا ۽ زيورات خريد
ڪري ڏين. زالن کي گهر ۽ ڪاروبار ۾ ڀڙ هجڻ گهرجي.
گهر ڀاتين سان نرمي۽ مهربانيءَ جو ورتاءُ ڪرڻ
گهرجي. گهر هلائڻ ۾ سچائي۽ خبرداري کان ڪم وٺن ۽
پنهنجو ڪم مهارت ۽ اُتساهه سان ڪنديون رهن.“
(پروفيسر شبنم اي ايل، دَ ونڊرائٽ واز انڊيا، سگوڪ
ائنڊ جئڪسن، گريٽ سولائيزيشنس سيريز، لنڊن 1985ع)
مهتاب پٺاڻ
ملازمت پيشه عورتن سان ناانصافي
موجوده دور ۾ عورتون گهر جيان ملڪي معيشت ۾ بهتر
ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ان جي باوجود به اڄ جي
عورت احساس ڪمتري، احساس محرومي ۽ لاتعداد سماجي
مسئلن جو شڪار نظر اچي ٿي، پوءِ کڻي اُها برابري
جي دعويدار مغرب جي عورت هجي يا برابري جي حقن
لاءِ جدوجهد ڪرڻ واري مشرقي عورت. اُها ان احساس
کان ٻاهر نٿي نڪري سگهي ته هوءَ مرد کان ڪمتر آهي.
هالانڪه قدرت پنهنجي هر تخليق کي ان جي جاءِ تي
اهم ٺاهيو آهي. جيڪڏهن عورت کي خدا تخليقي وصف عطا
ڪئي آهي ۽ انساني نسل جي اوسر جي صلاحيت بخشي آهي
ته ٻئي طرف مرد کي جسماني طاقت عطا ڪري عورت کي
صنف نازڪ ٺاهيو آهي. پوءِ ڪمتري يا برتري جو سوال
ڇو؟
ان جي باوجود به عورت ناانصافي ۽ استحصال جو شڪار
نظر اچي ٿي؛ ڪٿي هوءَ تعليمي زيور کان محروم آهي
ته ڪٿي وري تعليم حاصل ڪرڻ جي باوجود به ملازمت
ڪري پنهنجي تعليم مان فائدو وٺڻ جي اجازت حاصل نٿي
ڪري سگهي ته ڪٿي وري باصلاحيت هوندي به مردن جي
مقابلي ۾ ان کي پوئتي ڌڪيو وڃي ٿو. ان جي حقن کان
هن کي محروم ڪيو وڃي ٿو.
هونئن به اها انسان جي فطري خواهش هوندي آهي ته هو
پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جي خواهش رکندو آهي، پوءِ
اهو مرد هجي يا عورت تعليم حاصل ڪري ان جو استعمال
نه ڪرڻ وڏي زيادتي آهي، اسان جون ڀينرون جيڪي
ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي گهرن ۾ ويهي رهن ٿيون، اُهي نه
رڳو تعليم جي مذاق اُڏائين ٿيون، بلڪ ٻين
ضرورتمندن جي حق تلفي پڻ ڪن ٿيون. عجب جهڙي ڳالهه
اها آهي ته تعليم يافته هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ ماڻهو
به اڃا تائين ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن
ته عورت جو نوڪري ڪرڻ ان جو شوق يا مجبوري کان
وڌيڪ حالتن جي تقاضا آهي.
ظاهر آهي ته ملڪي آبادي جو اڌ کان وڌيڪ حصو معاشي
جدوجهد ۾ حصو وٺڻ بجاءِ هٿ تي هٿ رکي ويهي رهندو
ته ڇا اُهو ملڪ ترقي ڪري سگهندو؟ پر ان سان گڏوگڏ
اها ڳالهه به غور طلب آهي ته جڏهن ڪا عورت نوڪري
جي ارادي سان گهر مان نڪري ٿي ته ان کي مشڪوڪ نظرن
سان ڏٺو وڃي ٿو. حالانڪه اهو سوچڻ گهرجي ته هوءَ
عورت هجڻ سان گڏوگڏ باصلاحيت ۽ دنيا ۾ ڪجهه ڪري
ڏيکارڻ جي جذبي تحت ٻاهر نڪري ٿي.
مرد پنهنجي گهر جي عورتن کي ته قابل عزت سمجهن ٿا،
پر ٻاهر نڪرڻ واري عورت کي قابل احترام نٿا سمجهن.
هونئن ته دنيا هر لحاظ کان ترقي ڪري رهي آهي، پر
اسان جي سماج ۾ مردن جي ذهنيت پٺتي پيل آهي. ان جو
هڪ ننڍڙو مثال پيش ڪندس ته دفتري ڪم جي سلسلي ۾
جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن مرد سان ڳالهائي ٿي ته ان کي
ماڻهو غلط رنگ ڏين ٿا. مرد کڻي ڪنهن به طبقي جو ڇو
نه هجي، پر هر عورت کي پاڻ کان بهتر حيثيت ۾ قبول
نٿو ڪري.
ملازمت ڪرڻ واري عورت تي اهو به الزام عائد ڪيو ٿو
وڃي ته هو نوڪري لاءِ نه، پر تفريح لاءِ گهر کان
نڪري ٿي. گڏ ڪم ڪرڻ وارا گڏ هلڻ وارا اُن عورت تي
غلط نظر وجهڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن.
ان جي اُبتڙ هڪ مرد جڏهن نوڪري ڪرڻ لاءِ گهر کان
ٻاهر نڪري ٿو ته ماءُ ۽ زال ڊوڙي ڊُڪي هن جي تياري
۾ مدد ڪنديون آهن، ناشتو تيار ڪرڻ، ڪپڙا استري ڪري
باٿ روم تائين رکڻ ايتريقدر جو بوٽ ۾ جوراب رکڻ ۽
کيسي ۾ رومال سجائڻ به عورت جي ذميداري هوندي آهي.
پر ان جي برعڪس عورت جيڪڏهن نوڪري ٿي ڪري ته ان کي
سوير اُٿي مڙس جا فرائض به پورا ڪرڻا آهن ته ٻارن
کي پڻ ناشتو ڪرائي اسڪول روانو ڪرڻو آهي. ان کان
پوءِ هوءَ پاڻ تيار ٿي نوڪري تي رواني ٿئي ٿي. |