سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 12/ 1994ع

مضمون --

صفحو :8

هن پرچي ۾ 20 ڪهاڻيون آهن. ثريا ڏيپلائي ”ميراث“ ۾ عورت جو يا ائين کڻي چئجي ته انسان جي رويي جي بدلجڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ”زينو“ ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي، پر سرڪار طرفان سندس مڙس کي اسڪالرشپ تي لنڊن موڪليو ويو. ”زينو“ به اولاد سميت ويئي، واپس اچڻ تي پنهنجي معصوم ڳوٺاڻن مائٽن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيائين، پر سندس ڀاڄائي ”شهر بانو“ کيس احساس ڏياريو ته پنهنجي ثقافت ئي پنهنجي ميراث آهي.

ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي لوڪ ڪهاڻي ”سور، تپ، موت ۽ فيلسوف“ دلچسپ ۽ سبق آموز  تحرير آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته انسان صرف انسان کي ئي اهميت ٿو ڏئي. ٻئي ڪنهن شيءِ کان ڊڄي نٿو. شگفته شاهه جي ”جن کي سور سرير ۾“ اهڙن ماڻهن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي پنهنجا ڳوٺ ڇڏي شهر اچي تعليم يافته ٿيا آهن، پر سندن سوچ بدلي ڪانهي. هو پراڻا اصول، پراڻا رواج ۽ پراڻيون دشمنيون نڀائيندا رهندا آهن.

ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻي ”ڏاهيون ڏک ڏسن“ عورت جي ڪمزور عقيدي جي عڪاسي آهي. عورتون پنهنجو گهر ۽ وَر بچائڻ لاءِ ”تعويذن“ جي چڪر ۾ اچيو پنهنجي لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪريو ڇڏين. ان ڪهاڻيءَ مان اهو تاثر ٿو ملي ته عورت ئي عورت کي مرد هٿان بيعزتو ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

سرتيون! مردن جي معاشري ۾ پنهنجي حق وٺڻ لاءِ، عزت سان جيئڻ لاءِ ضروري آهي ته متحد ٿيو. اڄ کان ئي سوچي ڇڏيو ته ڪنهن به روپ ۾ عورت جو استحصال برداشت نه ڪنديونسين. ٺيڪ آهي نه!

فرزانه شاهين مڱڻيجو ”درد جو درياءُ“ وهائي ڇڏيو آهي. جنهن ۾ بيروزگار نوجوان حالتن کان مايوس ٿي آپگهات ٿو ڪري.

ٻيون ڪهاڻيون به شهري ماحول ۽ سوچ جي عڪاسي ڪندڙ ڪجهه مختصر ۽ طنزيه آهن.

لوڪ گيتن جي راڻي زرينه بلوچ جو تعارف آهي ۽ سندس شاعري به.

پهرين سنڌي مسلمان خاتون، جنهن لنڊن جي ايلمبرگ يونيورسٽيءَ مان شاهه ڀٽائي تي پي- ايڇ – ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.

ڊاڪٽر درِ شهوار جو انٽرويو ناهيد ميمڻ ڪيو آهي. ۽ ڊاڪٽر صاحب سڀني لاءِ قابل احترام شخصيت آهي، پاڻ علم و ادب سان گڏوگڏ سنڌي عورت ۾ سجاڳي آڻن لاءِ سماجي ڀلائي جا ڪم ڪيا اٿس ۽ اسوا نالي تنظيم به قائم ڪئي اٿس. اسوا جو مطلب آهي All Sindh Women's Association - شبانه ساريو، ”اڻٿڪ ۽ آدرشي سرتي حميده ستار ڀٽي“ جو تعارف ڪرايو آهي، جيڪا استاد هئڻ سان گڏوگڏ ”مارئي ٽيچرس ايسوسيئيشن سنڌ“ جي باني پڻ آهي.

فهميده حسين، ”دنيا ۾ عورت بابت مروج مفروضا، وهم ۽ وسوسا“ بيان ڪيا آهن. ان مضمون ۾ مختلف ملڪن ۾ مختلف وقتن تي عورت جي حيثيت جي باري ۾ اهم ڳالهيون ٻڌايل آهن.

متفرقه ڪالمن ۾، ڊائري جا ورق، ڪجهه ادبي گڏجاڻين، ڪتابن جي مهورت جون رپورٽون آهن. عيد تي قمر شهباز جو دلچسپ ڪالم آهي. رڌ پچاءَ جون واٽون شامل آهن.

سيد بدرالزمان شاهه                           قسط – 5

اسان جو شمسي نظام

10- پلوٽو (Pluto): اسان جي شمسي نظام ۾ نظر ايندڙ گرهن ۾ هيءُ سڀ کان آخري گرهه آهي، جيڪو نيپچون تي عمل ڪندڙ غير متوازن قوت جي شڪل ۾ دريافت ڪيو ويو. هيءُ گرهه زمين کان گهٽ مايو رکي ٿو ۽ هن جو قطر ڇهه هزار (6000) ميل آهي. سج کان هن جو فاصلو تمام گهڻو آهي. هيءُ سيارو، سج کان ٽي ارب اٺهٺ ڪروڙ ميل پري آهي. ايتري زياده فاصلي جي ڪري، ان جو سج جي چوڌاري ڦرڻ جو مدار به تام گهڻو وسيع آهي. هيءُ سيارو 1930ع ۾ دريافت ٿيو هو. جڏهن کان هيءُ گرهه دريافت ٿيو آهي، تڏهن کان اڄ تائين يعني ٽيهٺ (63) سال گذرڻ کان پوءِ هيءُ سج جي چوگرد هڪ چڪر به مڪمل نه ڪري سگهيو آهي، ان ڪري اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهو سج جي چوڌاري ڪيتري وقت ۾ هڪ چڪر مڪمل ڪندو.

سج کي اگر ٻن فٽن قطر وارو بال سمجهجي ته پلوٽو جي حيثيت ان اڳيان مٽر جي هڪ داڻي کان به گهٽ ٿيندي. هن گرهه تي اڪثر اونداهي رهندي آهي ۽ هن جو گرميءَ جو درجو هميشه تمام گهٽ رهندو آهي. ان ڪري اتي به حياتيءَ جو ڪو امڪان نه آهي. هن سياري کي ست چنڊ آهن.

11- نيبيرو (Nibiru): عراق جي قديم آثارن جي کوٽائيءَ مان ڪجهه دستاويز مليا آهن، جيڪي اڄ کان تيرنهن هزار سال اڳ هڪ قوم سيميرين جي باري ۾ آهن.

هنن دستاويزن موجب هيءَ قوم اسان جي شمسي نظام کان پوريءَ طرح واقف هئي ۽ اڄ  تائين دريافت ٿيل تمام گرهن ۽ انهن جي چنڊن کان ايترو ته واقف هئي، جو اڄ جا سائنسدان به نه آهن. انهن جي دستاويزن موجب اسان جو شمسي نظام (12) ميمبرن تي مشتمل آهي.

1- سج APSU  (اپسو)

2- عطارد MU-MUMMU-MUM (ميومم)

3- زهره LABAMU (لبامو)

4- زمين kI  (ڪي)

5- مريخ LAHTTU (لهٽو)

6- مشتري KISHAR  (ڪسهار)

7- زحل ANSHAR (انهسار)

8- يورينس ANU (انو)

9- نيپچون EA   (اي آ)

10- پلوٽو GAGA (گاگا)

11- نيبيرو KIN (ڪِن)

12- چنڊ GU (گُوا)

باقي يارنهن کان ته اسين واقف آهيون، پر هڪ نيبيرو اسان لاءِ اجنبي آهي، جنهن جي اسان کي خبر نه آهي.

سيميرين قوم جي دستاويزن موجب نيبيرو هڪ اهڙو گرهه آهي، جيڪو پلوٽو کان پوءِ سج جي چوڌاري هڪ اهڙي وسيع مدار تي موجود آهي، جيڪو پوري ڪرڻ لاءِ يعني سج جي چوڌاري هڪ چڪر لڳائڻ لاءِ ٽي هزار، ڇهه سؤ (3.600) زميني سال لڳن ٿا. ان مان ظاهرٿيو ته هيءُ سيارو  تمام گهڻي وسيع مدار تي گردش ڪري رهيو آهي، جو ڪنهن وقت سج جي تمام ويجهو ٿيو وڃي ٿو ۽ پوءِ سفر ڪندو ڪائنات ۾ ايندو ته پري گم ٿيو وڃي ٿو، جو دنيا جي وڏي کان وڏي دوربيني به ان کي ڳولهي نٿي سگهي.

جيئن اسين شروع ۾ چئي چُڪا آهيون ته پلوٽو پنهنجي مدار تي غير متوازن آهي، يعني ان تي ڪا ٻاهرين غير متوازن طاقت عمل ڪري رهي آهي، ان ڪري اسان اگر اها قوت نيبيرو گرهه فرض ڪريون ته پوءِ اها ڳالهه بلڪل مناسب ٿيندي، ڇو ته پکيڙ، ڪشش ۽ پنهنجي تمام خاصيتن جي ڪري، هيءُ سيارو يقيناً ان قابل آهي، جو اهو ٻين گرهن تي پوريءَ طرح اثرانداز ٿي سگهي ٿو.

موجوده دور جي ڪجهه سائنسدانن به آخرڪار پنهنجي تلاش جو مرڪز هڪ اهڙي اڻ ڏٺي گرهه کي ٺاهيوآهي، جيڪو دريافت ٿيڻ تي اسان جي نظامِ شمسي جو ڏهون گرهه چوائيندو.

ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريائين 1961ع ۾ ڊاڪٽر ايلن اي نورس چيو ته پلوٽو کان تمام گهڻو پري هڪ سيارو ٿي سگهي ٿو.

ڀُرٽ قادر بخش ”محزون“

سنڌ جي رنگين رلي

سنڌ سونهاريءَ جي سونهن، جيئن سندس نالي مان ظاهر آهي، اهڙيءَ طرح سندس تهذيب، تمدن ۽ ثقافت مان به سندس سونهن ائين چمڪي رهي آهي، جيئن آسمان ۾ ستارا. جيئن سنڌ پيدائشي طور تي قديم ۽ آڳاٽي آهي، تيئن هن جي تهذيب به آڳاٽي آهي.

اسان جي جيجل امڙ کي سندس هنج ۾ هزارين هنر قدرت کان ورثي ۾ مليل آهن،جن جي ذريعي ڪيترائي بيروزگار پنهنجو روزگار حاصل ڪري پنهنجون گهرجون آسانيءَ سان پوريون ڪندا آهن. سنڌ سونهاري پنهنجن فنن ۽ هنرن سان ملڪان ملڪ، جڳان جڳ  ڄاتل سڃاتل آهي. ڏورانهين ڏيهن جا رهواسي سنڌ جي فنن هنرن سان ڏاڍو پيار ڪندا آهن. مارچ 1968ع جي ٻئي هفتي ۾ لنڊن ۾ ماڊل هوم (مثالي گهر) جي نمائش  ٿي هئي، تنهن ۾ پاڪستان جي سفارتخاني طرفان پڻ پاڪستاني اسٽال کوليو ويو هو، جتي ٻين ملڪن جا مصنوعات موجود هئا، اتي سنڌ جا گهرو هنر پڻ موجود هئا، جن اتي جي ماڻهن ۾ خاص اهميت ۽ مقبوليت حاصل ڪئي. وڏي دلچسپيءَ سان سنڌ جي هنرن جي خريداري ٿي. انهيءَ جي تصديق خبرن جي بين القوامي ايجنسي ”اسٽار“ جي رپورٽ مطابق ان اسٽال ۾ سنڌ جي رکيل سامان خريد ڪرڻ لاءِ انگريز عورتن ۽ مردن جو وڏو هجوم لڳل هو. بهرحال آءٌ اهو جذباتي انداز ۾ ظاهر ڪريان ٿو ته سنڌ سونهاريءَ جو جهڙو نالو سهڻو ۽ وڻندڙ آهي، اهڙي سهڻي آهي سنڌ جي ثقافت ۽ هنر.

جتي سنڌ  جا هزارين هنر جن جي رنگيني ڏسندڙن جي روح کي خوشين جي خزانن سان ڀريو ڇڏي، اتي سنڌ جي رنگن واري رلي پنهنجا نقش و نگار ڏيکاريندي دنيا جي حسين ماڻهن کان پنهنجي حسن جو تصور وسارائي پنهنجي من موهيندڙ سينگار تي موهي مست ڪري وجهندي آهي ۽ وقت جي حاڪمن کي حيرت ۾ وجهي وڏا وڏا انعام حاصل ڪندي آهي.

1965ع جي مارچ مهيني ۾ قومي اتحاد ڪائونسل طرفان ملڪ جي دستڪاري جي اعليٰ  پئماني تي نمائش ڪئي ويئي هئي. جنهن ۾ سنڌ جي هنرن جا پڻ اسٽال لڳايا ويا هئا. ان ۾ سنڌ جي رنگين رليءَ پنهنجي هنر جا  جوهر پيش ڪندي سڄي نمائش ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو. اها رلي بقا جاگير جي سلطان احمد مڱريي نمائش ۾ آندي هئي ۽ انعامن ورهائڻ واري تقريب ۾ کيس ٽيون نمبر انعام مليو.

اهڙيءَ طرح سال 1966ع ۾ سنڌ جي مشهور درسگاهه سٽي آرٽس ڪاليج اندر جيڪا ثقافتي ۽ صنعتي نمائش منعقد ڪئي ويئي هئي، ان ۾ به سنڌ جي ٻين دستڪارين سان گڏ رليءَ کي پڻ دل کولي داد ڏنو ويو هو.

ڀلا ڇو نه، جڏهن سنڌ جي رنگين رليءَ جي قيمت ادا ڪرڻ کان قاصر وڏا وڏا شوقين، شوق جهڙا گهوڙا، اُٺ، ڏاند، مينهون ڳري کان ڳري قيمت واريون هڪ ئي رليءَ جي عيوض ڏيئي ۽ رلي خريد ڪري وڃن ته، پوءِ ضرور داد ملندو.

سنڌ جي رنگين رليءَجا نمونا به عجيب آهن، جيڪي هت آءٌ نالي وار پيش ڪريان ٿو.

(1) چوگلو: هيءَ ٽُڪ گلاب جي گل نموني تي ٽڪي وڃي ٿي. هن جي هڪ ئي چنبي ۾ چار گل برابر ۾ ٽڪيل هوندا آهن ۽ وچ ۾ سنهيءَ ٽاريءَ جو ڏيک به گلن جي مٿان ننڍڙن پوپٽن ۽ ڪارن  ڀونرن جي ٽِڪ ٽڪي گلن سان اهڙو چهٽايو ويندو آهي، جو ڏسندڙ کي ڏندين آڱريون اچي وڃن.

(2) نَوَ گلو: هن چنبي ۾ نون ستارن جي شڪل ۾نو گل رٿائتو ڏيکاريل هوندا آهن ۽ سندس چوڌاري ننڍڙين گڏين جون پٽيون ڦيرايل هونديون آهن. هنن چنبن تي سئيءَ جو پورهيو ڪندڙ سانگياڻي ٽوپو ڏيندي سنهن سريلن آوازن سان جهونگاريندي  هيئن چوندي رهندي آهي:

”منهنجي رليءَ جا نو ستارا

وهه وا تن جا نوري نظارا

شرمائين ٿا چنڊ ستارا“

واقعي نون ستارن واري رلي چانڊوڪي رات ۾ کٽ تي پٿارجي وڃي ٿي ته آسمان جي چمڪندڙ ستارن کي به شهه ڏيئي ڇڏيندي آهي.

(3) اٺ گلو: هن چنبي ۾ اٺن قسمن جا گل ڏيکاريل هوندا آهن، جن ۾ گلاب، موتيو ۽ زنگي گل جي سونهن سوڀيا سڀني کان سرس هوندي آهي.

(4) نوٽڻ: هن چنبي ۾ نوٽڻ راند جي صورت سارين ۽ کيڏارين سميت راند جي محفل تازي ڪيو بيٺا آهن.

(5) ڪٽاهه: هن جا وري ڇهه قسم آهن ۽ هر هڪ قسم  پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

(6) سوورهن گلو: هن چنبي ۾ گلاب جي گل جي سٽا سٽيل هوندي آهي، هن رليءَ جي زيب ۽ زينت به لاجواب آهي.

(7) ٽڪنڊي: اٺڪنڊيءَ جو چنڊ 9- جهومر: هيءَ رلي سنهين گڏين جي  پٽاپٽي چنبن مان ٺهي ٿي، جنهن تي ڀرت سان ڪاون جي جڙاوت ۽ چوڌاري ڪنارن سان موتين جون من موهيندڙ قطارون هونديون آهن. اهڙيون رليون گهڻو ڪري گهوٽ ڪنوار جي سيجن کي سينگارينديون آهن. هنن کي خوشبودار بنائڻ لاءِ رليءَ جي هيٺين ڪنارين تي ڦوٽن ۽ لونگن جي جڙاوت ڪئي ويندي آهي.

(1) سنڌ جوغاليچو: هي ٽُڪ ايراني غاليچن جي رنگدار ٻوٽن  جو نمونو پيش ڪندي آهي. سچ پچ ته جيڪڏهن هيءَ رلي ايراني غاليچن جي مقابلي ۾ آڻي برابر ۾ پٿارجي ته يقيناً ايراني غاليچي کان ٻه لڱا سونهن ۾ سرس بيهندي.

رليءَ جي بناوٽ پراڻن، ڦاٽلن ٽٽلن، ٽڪرن مان تيار ڪئي وڃي ٿي. ان هوندي به سيجن، پلنگن، اٺن جي گاشن ۽ ڏاندن جي جهلن ۾ ڪم ايندي آهي ۽ پلاڻن، پاکڙن جي مٿان به ڪم ايندي آهي. اڄ ڪلهه شوقين ۽ دولتمند ماڻهو رليءَ جي رنگت تي موهجي پنهنجي ڪوچن ۽ ٽيبلن تي پوش به لڳائي ڇڏيندا آهن.

رليءَ جي عظمت: رلي اهڙي ته دل کي وڻندڙ شيءِ آهي، جو امير غريب، گداگر گودڙيا کيس ڪلهي تي کنيو وتن، مطلب ته ڪو به گهر گهاٽ، اوطاق، بنگلو يا ماڙي يا جهانگين جا جهوپا خالي نه آهن، جتي رلين جي روز نمائش نه ٿيندي هجي. بس مهمان آيو ته اڳئي اڳ ۾ ٽڪ جي ڀلي رلي ڪڍي اچي بسترو وڇائيندا ۽ مٿن کان وهاڻو رکندا. مهمان به خوشيءَ مان ٻهڪي اچي مٿس براجمان ٿيندو.

رلي جهڙي آهي رنگين تهڙي آهي دل جي ڪشادي، هيءَ پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي درويشن کي پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏئي سمائي ڇڏيندي آهي. بقول سعدي: ده درويش درديڪ گليم بخشند. يعني ڏهه فقير هڪ ئي رليءَ ۾ آرامي ٿي سگهن. ڏسو ته ڪيڏي نه منزل آهي، منهنجي سنڌ سونهاريءَ جي رنگن واريءَ رليءَ جي. ڀٽائي عليہ رحمة رليءَ جي عظمت کي بچائڻ خاطر فرمائي ٿو   ته، ”جي ڀائين جوڳي ٿيان ته رلي کڻي مَ رل“ ان بيت ۾ ڀٽائي گهوٽ جوڳيءَ جي عظمت ۽ رليءَ جي عظمت کي ورجايو آهي ۽ رلي کي رلائڻ کان منع ڪئي آهي ۽ فرمائي ٿو ته، جوڳي (الله وارو) ٿيڻ لاءِ اها ڳالهه ڪافي آهي جو رليءَ جي عظمت رکي کيس در در رلائجي نه ۽ پنڻ جو هٿيار نه ٺاهجي. سنڌ ۾ هنري اسڪول ته برابر قائم آهن پر اتي رليءَ جي سکيا نامڪمل ۽ اڻ پوري آهي. سنڌ سرڪار اهڙا اسڪول يا اسڪولن ۾ ڪلاس کولي جنهن ۾ رليءَ جي سکيا کي اهميت حاصل هجي ته اهو طريقو ڏاڍو ڪامياب ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو.

شبنم گل

”ويٽنگ لسٽ“

جيون ويٽنگ لسٽ لاءِ

نو ويڪنسيءَ جو ڪو

اڻ وڻندڙبورڊ آهي ڄڻ.

ڪيڏن خوابن، ڪيڏين تمنائن

جون درخواستون،

روز نراشا جي ڊسٽ بن ۾

اڇلايون وڃن ٿيون.

خواب ڪلارڪن جي

آفيسن جي اداس ماحول جيان

ساڪن آهن،

جتي پروموشن جي،

ڪا اميد نه آهي،

جنهن کي مقدر فارورڊ ڪري.

اُميد پوين تاريخن ۾

کيسن جيان خالي آهي،

جنهن ۾ خواهشون،

شوڪيس پويان رکيل،

قيمتي شين وانگر

اختيار جي حدن کان

ٻاهر هونديون آهن.

زندگي وڌندڙ مهنگائيءَ وانگر

بي زار ڪندڙ آهي.

خوابن جي اُها ويٽنگ لسٽ آهي،

جنهن جي ڪا تعبير ناهي شايد!

نسرين نوري

غزل

مري مري پيو جيئڻو آهي،

خبر نه هئي ائين ٿيڻو آهي.

 

وِهه جي وٽي کي امرت ڄاڻي،

زهر حيات جو پيڻو آهي.

 

دل کي ڏيئي ڪوڙا دلاسا،

جڳ ۾ جئن تئن جيڻو آهي.

 

رُڃن پويان ڊوڙون پائي،

پنهنجو پاڻ کي پيڻو آهي.

 

رئڻ پٽڻ سڀ آهي اجايو،

ٿيندو اهو جو ٿيڻو آهي.

 

ڪا ته گهڙي گڏ خوش ٿي گهاريون،

ڌار پوءِ ڀل ٿيڻو آهي.

 

ڪا ته ڀلائي ”نوري“ ڪري وڃ،

جڳ کي جيوَن ڏيڻو آهي.

حبيب الله صديقي

محدود زندگي

وقت ڇا هي، ڇا حياتي واقعي محدود آ؟

زندگيءَ جي معاملي ۾، وقت ڀي محدود آ.

روز روشن جي پڄاڻِي، مُنهن اُونداهيءَ ۾ ٿئي،

رات ڪارِي آ ضروري، روشني محدود آ.

وقت پنهنجي بي ثباتيءَ جي ڪري بدليو وڃي.

بي وفائيءَ ۾ مگر، هڪ آدمي محدود آ.

غرض وارِي دوستي، ڪم لٿي  ڪافور ٿِي،

مادِيت جي دور ۾ ٿِي، دوستي محدود آ.

ماڪ جي هڪ بوند لاءِ، سڪندو رهيو اونچو پهاڙ

پست وادين جي اندر ئي، ماڪَ ٿِي محدود آ.

جسم جي نابود ٿيندو، روح رهندو برقرار،

هي فنا جو سلسلو ڀي، دائمي محدود آ.

چاههُ لامحدود آهي، ڏينهن ٿورا اي حبيب!

هن فنا جي ڏيهه  ۾، ٿي، زندگي محدود آ.

اڪبر جسڪاڻي نثراڻو نظم

پناهه گاهه

توکي به اهو حق آهي

جو تون پنهنجي لاءِ،

پنهنجي ساٿيءَ کي ڳولي لهين،

پر جڏهن،

ان تلاش ۾،

تون مايوس ٿي وڃين

۽ سڄي دنيا مان،

تنهنجو موهه کسجي وڃي

هي دنيا تنهنجي لاءِ،

رڃ بنجي وڃي

تڏهن بنا ڪنهن حجاب جي،

تون مون وٽ هلي اچجان.

منهنجي دل جا دروازا،

تنهنجي لاءِ کليل هوندا

۽ منهنجو گهر –

تنهنجي لاءِ آخري پناهه گاهه هوندو.

فياض مهر

نظم

آهن رنگ رتل، ڳاڙها گل ٽڙيل،

تن ۾ خوشبو تنهنجي-

ڪو به نه ڄاڻي، ڪو به نه ڄاڻي.

 

هينئين کاڌي اُڇل، سيني ۾ جل ٿل،

پريت پراڻا پيچ، دل ۾ درد دٻيل

ڪو به نه ڄاڻي، ڪو به نه ڄاڻي.

 

پل پل پرين، پيارا پيارا پل

چپ،سِبيل، نيڻن ڳالهه چيل –

ڪو به نه ڄاڻي، ڪو به نه ڄاڻي.

زيب النساءِ وينگس سومرو

                  ڪلام

ڪريان هار سينگار ڇاڪاڻ سرتيون،

ڇڏي ويو  ڇوري کي، پنهل پاڻ سرتيون.

 

ڪجل سُرما سرخيون، ورائي وڃو سڀ،

مڃي منٿ منهنجي موٽائي وڃو سڀ،

اهي تيل خوشبو ۽ سرهاڻ سرتيون.

 

وڃان شال تاڏي، جانب آهي جاڏي،

جانب ريءَ جيڻ کي، ڪنديس آءٌ ڪاڏي؟

سونهين ٿو مرڻ ڀي، سڄڻ ساڻ سرتيون.

 

پرين ياد وينگس کي، جيئن جيئن اچن ٿا،

پورن جي مٿان پُور، پلپل پون ٿا،

سُڪي ٿي اکين جي، نه آلاڻ سرتيون.

افروز ڪنول جروار

غزل

لـــڙڪ لـــڪـــائـــي ويـــنـــداسين،

مرڪ سجائي وينداسين.

 

کــلــنــدي کــلــنــدي او ســهــڻــا!

ســــاک پُـــڄـــائـــي ويــنــداســيــن.

 

تنهنجيءَ دل جي تختيءَ تي،

نـــانءُ لــکائي ويــنــداســيــن.

 

مـــن انـــدر ۾ مـــوهـــن واري،

بـــيـــن وڄـــائـــي ويـــنـــداســـيــن.

 

تـــنـــهـنـجـي مــحـبـت ۾ پــيــارا!

جــــــان جـــــلائـــي ويـــنـــداسـيــن.

 

دنـيـا ڪـري ڀـل ڌار،”ڪـنـول“،

ســــاٿ نـــڀــــائــــي ويــنــداســيـن.

شازيه عارب منگي

  فارگيٽ مي

(Forget me)

اُها اُداسيءَ جي ئي ڪا موسم هئي،

جڏهن مون توکي الوداع پئي ڪيو.

دور ڪٿي، ٽاريءَ تي،

ڪا ڪوئل هئي اُداس:

سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾،

ڪائي مَستي، ڪائي لهر:

ڪِٿي،

منهنجي سيني اندر،

ڪوئي طوفان:

ٺوٺ اکين ۾، ڪوئي بيابان،

ڪنهن وارياسي ٿر جيان:

ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ۾،

لب خاموش ئي رهيا. . . .

اوچتو، ٽاريءَ ويٺل ڪوئل اُداس ڪُوڪ، ڪئي،

مون ڇرڪي،

اُداس نيڻ کڻي،

توڏانهن ڏٺو،

۽ آهستي آهستي،

هٿ مان هٿ ڇڏائجي ويو!

ها،

اُها اداسيءَ جي ئي ته موسم هئي،

جڏهن مون الوداع پئي ڪيو توکي،

۽ تو چيو هو، وڃڻ سمي:

”پليز، فار گيٽ مي!“

نسيم صديق

منهنجن سپنن جي محل ۾،

ڪير ناهي، ڪير ناهي

دل جي ويجهو،

ڪير ناهي، ڪير ناهي.

ڪا به خوشبوءَ، ڪائي صورت،

ڪا اميد ۽ ڪا به آس،

ڪوئي غم يا ڪو يقين –

ڪير ناهي، ڪير ناهي.

ڪنهن به ويلي منهنجي ويجهو،

ڪير ناهي، ڪير ناهي.

محل اڻڄاتل خوشين ۽ خواهشن جو،

ٽڪرا ٽڪرا، ريزا ريزا.

روبينه ابڙو

وائي

چانڊوڪي مَڌم،

تنهنجي ياد ڏياري ڇو؟

اَسر ويلي جهومندڙ،

گلڙن تي شبنم،

تنهنجي ياد ڏياري ڇو؟

سارنگيءَ جي ساز ۾،

سُڏڪن جو سرگم.

تنهنجي ياد ڏياري ڇو؟

سانوڻي رُت ۾ سانورا،

رات سڄي رم جهم،

تنهنجي ياد ڏياري ڇو؟

مون کي جو تو ارپيو،

سوئي هڪ نظم،

تنهنجي ياد ڏياري ڇو؟

پروين شاڪر/ ساگر ڀٽي

ضد

آءٌ ڇو هن کي فون ڪريان!

هن کي به خبر هوندي

ڪلهه رات

موسم جي پهرين برسات هُئي.

شهزادو سليم مصراڻي

ٽه سٽو

تارن جي جهرمر کي ڏسي، نه ڏيئا وسايو،

هر ڪنهن جي قسمت آهي الڳ الڳ-

پراوا محل ڏسي، نه پنهنجا جهوپا ڊاهيو.

صوفيا سنڌو

نظم

امان لڙڪ پنهنجا ئي، مون کي ڏنا ٿئي،

زبان تي ئي تالو ته، ڄمندي هنيو ٿئي.

اکين کي جهڪائڻ جي، عادت ڏني تو،

سڀئي سسڪيون تو، هن مون کي ڏنيون.

هجي ظلم ڪيڏو به سهندي رهان ٿي،

اندر ئي اندر ۾، بس! ڊهندي رهان ٿي.

چوڻ ۽ ڪڇڻ جي، نه طاقت آ مون کي،

اندر ۾ سمائڻ جي، عادت آ مون کي،

ڪيو پيار جو، نه اظهار مون آ،

دفن دلڪشيءَ جون، ڪٿائون ڪيون مون.

ڪڏهن واڪ، منهنجي مٿان هليو آ،

ڪڏهن منهنجو مقدر ڪهاڙي بڻي آ.

دنيا ۾ڪنهنجي، ڀيڻ، ڌيءُ نه آهيان،

لنگهان ٿي ته رستي تي، نگاهون کڻي هو-

گهڙيءَ ۾ ئي پنهنجي حياتي ٿو ارپي.

نياڻي نماڻي آهيان، پنهنجي ابي جي،

امان ڄمندي مون کي، گهٽو تون ڏين ها.

عذابن کان تون به، شايد ئي بچين ها،

امان لڙڪ پنهنجا ئي، مون کي ڏنا ٿئي،

زبان تي ئي تالو، ته ڄمندي هنيو  ٿئي.

خليل لاکير

هائيڪا

کڙڪيو دل جو در

ساروڻيءَ ڪر کنيو-

هاڻ ته پرين ور!

*

ٻاري نيڻ ڏيا،

باک ڦٽيءَ تائين-

پاتم لک ليئا.

*

الفت – انگ اٽوٽ،

ليئا پرينءَ جا ڄڻ-

کنوڻ جي اک- ٻوٽ.

اِرم محبوب

ان کان اڳ جو. . .. .

ان کان اڳ جو پاڻ وساريون . . . . 

ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!

جدا جدا جيون راهن تان لنگهندي،

ان کان اڳ جو سريون يادون.

باقي جيون رک بڻائين،

ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!

ڪومل ڪومل پنهنجون يادون،

پوپٽ رنگ جهڙيون يادون.

ان کان اڳ جو رنگ وڃائين

ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!

ان کان اڳ جو گذريل منظر

ايندڙ هر پل زهر بڻائين

هڪ وار ئي گڏجي ڇو نه ڀوڳيون

ڇو نه  گڏجي يادون ٻاريون!

دل کان روحن تائين جو . . . .

گهاريل گهاريل امر سفر . . . .

ڇو نفرتن ۾ بدلائي،

پنهنجو پاڻ جلايون،

ان کان اڳ جو پاڻ وساريون

ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com