سونيتي ۽ سائين ڏنو، ان وقت ميرن جي پناهه ۾ هئا.
فتح کان پوءِ سائين ڏنو خوش ٿيو ۽ پنهنجي ڀيڻ کي
چيائين: ”هاڻي هلي پنهنجا اباڻا پَٽ وسايون!“ پر
سونيتي، جنهن هيتري خون ريزي ڏٺي هئي ۽ پاڻ کي
بدبخت تصور ڪرڻ لڳي هئي، تنهن خيال ڪيو ته موٽي
هلڻ سان وري الائي ڪهڙو ٻارڻ ٻري، تنهن ڪري ڀاءُ
کي چيائين ته ”ادا! مون لاءِ هن ڪوٽ مان ٻاهر نڪرڻ
نٿو جڳائي. منهنجو سڱ، مير صاحبن جي حوالي ڪر،
پوءِ جيئن منهنجو بخت هوندو، تيئن ٿيندو!“
ڀيڻ جي ڳالهه، سائين ڏني کي دل سان لڳي آئي. سڄي
حقيقت اچي مير فتح علي خان سان ڪيائين. مير باگو
خان اڳيئي سونيتيءَ تي مفتون هو، تنهن ڪوشش ڪئي ته
”سنڌ راڻي“ کيس ملي. ڪن جو خيال هو ته مير فتح علي
خان سنڌ جو فاتح آهي، ”سنڌ راڻيءَ“ جو سڱ ان کي ئي
سونهي، بلوچن سردارن ڏٺو ته هاڻي ڳالهه مان
ڳالهوڙو ٿيندو، وري ٿو سونيتيءَ تان ڦيٽاڙو پوي،
سو ڪچهري ڪوٺايائون.
(10)
مير فتح علي خان، بادشاهي تخت تي ويٺل هو. ٻيا
امير به پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويٺا هئا، هڪڙي مير
اُٿي چيو.
”ڀائرو! ”سنڌ راڻي“ جو قدم ڳرو آهي. هن کان اڳ
جنهن جي نالي به هيءُ سڱ ٿيو، سو سلامت نه رهيو:
سرفراز مارجي ويو، ڪلهوڙن کان اميري ويئي، هاڻي
اسان ۾ ٿو ڏڦير پوي؛ انهيءَ ڪري اسين هڪڙو شرط ٿا
وجهون، جيڪو اهو قبوليندو، ”سنڌ راڻي“ ماڻيندو!“
”ڪهڙو شرط؟“
”جيڪو ”سنڌ راڻي“ پرڻبو، اهو ملڪ ۽ ملڪيت تان هٿ
کڻندو!“
سڀئي ٽالپر امير ويچار ۾ پئجي ويا. ٻيا ڪُڇن ئي
ڪُڇن، تنهن کان اڳي مير باگو خان اٿي بيٺو ۽
چيائين: ”مون کي شرط قبول آهي!“ سڀني اميرن يڪمشت
ٿي چيو: ”بس، فيصلو ٿي چڪو، پر جڏهين ته ميان
عبدالنبي ”سنڌ راڻي“ جو پيءُ مارائي ڇڏيو هو ۽
مير فتح علي خان سڀني ۾ وڏو آهي، تنهن ڪري اهو
پيءُ ٿئي، ”سنڌ راڻي“ مير باگي خان کي پرڻائي
ڏئي!“
(11)
سنڌ جو فاتح، مير فتح علي خان، سخت پريشان نظر
پئي آيو. سندس من ۾ آنڌ – مانڌ متل هئي. فيصلو
ڪرڻو به کيس هو، پر فيصلو ڪري نه پئي سگهيو. ”سنڌ
راڻيءَ“ جي سونهن جو تجلو هڪ ڀيرو ڏسي چڪو هو.
سندس دلي تمنا هئي ته ”سنڌ راڻي“، سندس ئي پَٽ –
راڻي بڻجي، پر راڄ وارن ۽ مير باگي خان سندس دل جو
سڪون کسي ورتو هو. اوچتو سندس دل ۾ ڪو خيال آيو.
اميد جي روشني نظر آيس. . . . ”ٿي سگهي ٿو ته ”سنڌ
راڻي“ ، مير باگي خان کي قبول نه ڪري – آءٌ کانئس
پڇي ته ڏسان!“ اهو خيال ڪري، مير صاحب ڪوٽ ۾ويو.
”پوش پوش“ جا آواز بلند ٿيا. پردي جي پٺيان ”سنڌ
راڻي“ ويٺي هئي. مير صاحب چيو:
”سنڌ راڻي! تو کي خبر آهي ته ڪچهريءَ ۾ مير باگي
خان، ملڪ ۽ ملڪيت ڇڏي، توسان شادي ڪرڻ قبول ڪئي
آهي. . . جيڪڏهن تون اهو قبول ڪرين ته . . . “
مير صاحب وڌيڪ ڪُڇي نه سگهيو. ڪجهه وقت ماٺ رهي.
مير صاحب، ”سنڌ راڻيءَ“ جي جواب جي انتظار ۾، پردي
جي پٺيان گهورڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. اوچتو فضا ۾ روپن
۽ سونن گلن جي ورکا ٿيڻ لڳي. چؤطرف چانديءَ جون
تارون وڄڻ لڳيون. مير صاحب ششدر، اهو آواز ٻڌندو
رهيو، جيڪو پردي جي پٺيان جادو پکيڙي رهيو هو:
”بادشاهه سلامت! جيڪڏهن مير باگي جو نالو مون تي
پئجي چڪو آهي ته مون کي انڪار ڪونهي. پر آءٌ راڄن
توڙي حاڪمن تي ڄڻ بدبختيءَ جي علامت آهيان. پنهنجن
۾ وير وڌم. ميان سرفراز خان بيگناهه شهيد ٿي ويو.
پنهنجي پيءُ جي موت جو ڪارڻ بڻيس. ميان عبدالنبي
پنهنجي صاحبي وڃائي. اوهان ۾ به منهنجي سڱ تان
نفاق پوي ها، پر اوهان دور انديشي ڪري فيصلو ڪيو
آهي. هاڻي جيڪو مون سان پرڻيو، سو مفلسيءَ جي
زندگي گذاريندو. اهڙي جيئڻ کان مرڻ سٺو آهي. هاڻي
بهتر آهي ته پنهنجي خنجر سان منهنجي حياتي کي ختم
ڪري ڇڏيو. . . . منهنجو خون هن دنيا ۾ توڙي قيامت
۾ توهان کي بخش آهي! . . . “
مير صاحب اونهي ويچار ۾ پئجي ويو.دل جي هوس؛ پدري
محبت ۾ بدلجي ويئي. هن شفقت سان چيو ته . . .
”سنڌ راڻي! منهنجو خيال هو ته توکي پنهنجي نڪاح ۾
آڻيان، پر هاڻي آءٌ خود تنهنجو پيءُ آهيان. تنهنجي
ٻانهن، باگي کي سکڻين هٿين ڪو نه ڏيندس.“
جلد ئي، ”سنڌ راڻي“ ۽ مير باگي خان جي شادي ٿي.
مير فتح علي خان، فرمان جاري ڪيو ته ”مير باگو
خان، گونيءَ مان هڪڙو واهه کڻائي، ان جي پاڻيءَ تي
جيڪا زمين آباد ٿي سگهي، سا سندس جاگير طور قبول
ڪئي ويندي!“
مير باگي خان، پوءِ لاڙ ۾ اچي پنهنجو ڪوٽ ٻڌو.
”سنڌ راڻي“، سندس حياتي بڻجي ويئي. هو سندس محبت ۾
اهڙو ته مست ٿي ويو، جو شاديءَ کان پوءِ ٻارهن
مهينن تائين ڪوٽ مان ٻاهر نه نڪتو. آخرڪار، هڪ سال
کان پوءِ، شاهي واهه کوٽايائين، جنهن تي هزارين
ايڪڙ آباد ٿيا، ۽ اهو واهه سندس نالي سان ”باگو
واهه“ سڏجڻ لڳو. ڪيترا غريب غربا لَڏي اچي سندس
ڪوٽ وٽ ويٺا. ڪوٽ بڻجي ڳوٺ ٿيو، جيڪو اڄ ”ٽنڊي
باگي“ جي نالي سان مشهور آهي.
اڃا اُهي خوشيءَ جون محفلون متل ئي هيون ته ”سنڌ
راڻيءَ“ جو ڀاءُ ڪنهن حادثي ۾ شڪار ٿي ويو.
پنهنجي اڪيلي ڀاءُ جي اوچتي موت تي، ”سنڌ راڻيءَ“
کي سخت صدمو رسيو. ۽ هوءَ بيمار ٿي پيئي. ان وقت
سندس عمر فقط چوويهه سال هئي. ”سنڌ راڻي“ جي
بيماريءَ مير باگي خان کي سڀ ڪجهه وسارائي ڇڏيو.
گهڻيئي حيلا ڪيائين، پر هوءَ ڏينهون ڏينهن بيمار
ٿيندي ويئي. آخرڪار مير باگي خان جي محبت ۽ تاريخ
جي هن عجيب ڪردار، 5 رمضان 1104 هه تي زندگيءَ جا
پساهه پورا ڪيا!
الحاج ولي محمد ”طاهر“ زادو
سس، نُونهن جا نرالا خيال
مڙس کي شادي ڪندي اڃان ست مهينا مس گذريا آهن ته
سس نونهن تي دهمان ۽ داٻو رکڻ شروع ڪيو: نونهن ڪن
ڍار ڪندي ويئي، پر سس سوال ڪندي سرڪندي آئي: هيئن
ڪر! هونءَ نه ڪر! مڙس کي ڄر ٿي نه چهٽ! ڌيان سان
هل! اجائي چک مک، ڏيک ويک، ڇنڊ ڦوڪ ڇڏي ڏي. ائين
هلجي جيئن لوڪ لکا نه پوي. امير ڪو نه آهيون جو
ٽهليا ٽانڊي ٽوپيءَ جي ڪندا. چار پئسا ڪمايون ٿا؛
کائون ٿا. نڪا ڪا ميهاڳ ٿي مڙي؛ واهه غريبي واهه!
اڄڪلهه بکيي کي پڇي ڪو نه، پر سکيي جو سڀڪو ٿيڻ
ڪاڻ تيار. توکي ئي گهر سنڀالڻو آهي راڄ سڪاڄ ڪرڻا
آهن؛ ڏنو ورتو، ننگ ڍنگ، اُٿڻ ويهڻ، پير پنڌ
تنهنجي ئي حوالي هوندو. ڪا بچت سچت هوندئي ته مهل
تي ڪم ايندئي. ڀلا پوءِ پراوا گهر پني ڪٿان پورائو
ڪندينءَ؟ ڌيءَ اها جا ٻئي ڪُڙ ملهائي.
سس ڀانئيو ته مڙسهس منهنجو پٽ آهي. اوس چوندس ته
امان سچ ٿي چوي. تنهن کان سواءِ پنهنجن پراون،
سڄڻن ڏڄڻن، مڙني مٽن مائٽن کي اها ئي ڄاڻي سڃاڻي
ٿي. ڏني ورتي، پير پنڌ جي ساري سُڌ امان کي ئي
آهي. سو زال کي هر طرح هيسائيندو هُڙدو ڪندو ته
اُٻهري نه ٿج، ڀلجي به اما سان ٻاڙو نه ٻولج، جيئن
چوي تيئن هلج پنهنجي نه پلاڻج. وڏي مائٽ، مريو
جيئو ويٺي آهي. هڪڙي ڪن مان ٻڌي، ٻئي ڪن مان ڪڍي
نه ڇڏج. ڀانئين ته مڙس منهنجو ٿئي ته امڙ جا پير
ڌوئي پيئج. سمجهئي نه! ٽرڙي کي ٽارو، تازيءَ کي
اشارو“ ڪافي آهي.
امڙ جي دعائن سان اڄ هيڏيءَ مانيءَ تي رسيوآهيان.
نونهن نٽائيندي، لمائيندي رهي، ٻُڌي اڻٻڌي ڪندي
رهي. پر رينگو بند ڪو نه ٿي ٿيو. نول نئين ڪنوار!
جنهن اڃا مڙس جي محبت مان مَڻو ڪو نه ڪيو هو، نڪي
حجت سان حڪم هلايو هو سا سس جا سُرٻاٽ سُڻي سمجهي
ويئي ته هاڻ ٿي قرب ۾ ڪاڻ پوي.
هن نو ورنيءَ پير ڳريءَ ڳرٿريءَ ڪنوار، ڪئين
اميدون آسرا ساهه ۾ سانڍي رکيا هئا. هيءُ ته مڙس
منهنجو آهي، ٻي جو ڇا وڃي. هلندو منهنجي صلاح سان
۽ جيئن چونديسانس تيئن ڪندو ۽ ڪرڻ کپيس. الله ڪندو
جيئرو جاڳندو اولاد ڄڻينديس. اجهي ٿا ”کُهنبا“
ڍڪايئنم، راڄ مبارڪون ڏيندم، پُٽ ڄمندم، جهنڊ
لهرائينديسانس، عقيقو ڇٽي ڀري ڪنديسانس وڌندو ته
خُتنه) طهر ڪرائينديسانس.
بس هن گهر ۾ خوشيون ئي خوشيون هونديون. دشمن پيا
سڙندا پَچندا، سڙڻ ڏين.
منهنجي جُتي جکات کي به غرض ناهي. ساڙي ۾ سڀڪو سَت
پچائي کائي.
پُٽ گهر ۾ اچي ٿو ته ماءُ پنهنجيون ڪهاڻيون ڪري
پئي سڻائيس ۽ هوڏانهن وري زال پنهنجي پَرِ ۾ ٿي
پڙهائيس. مُڙس مُٺو! وڃي سو ڪيڏانهن وڃي، مڪٽي
مَتي! جي ماءُ جا مسئلا ٿو موکي ۽ وٺي ٿو ان جو
پاسو تڏهن به مونجهارو، جي زال تان ٿو زوراوريون
هٽائي ۽ ان جو ٿئي ته ڏئي ٿو ماءُ کي مٿي تي ٿڙا.
چه جيڏانهن کپئي تيڏانهن وڃ نڪر! اسان جي سر تان
ڀَنڊي لاهي بلڪه پنهنجي قيامت ڪاري ڪري هڻي ٿو
ماءُ کي ڏنڊا، سٽي ڪُٽي ڪڍيس ٿو گهر کان ٻاهر؛ ۽
جي ماءُ جي منشا ٿو پوري ڪري ته زال تي ڏاڪا ٻڌي
چڙهيو ٿو وڃي. چه ههڙي تهڙي، اصل کان بُڻ بڇڙي
آهين. ماڻهن مون کي اڳيئي ٿي چيو ته ڇو اچي ڦِٽي
اٿئي جو ان سان ٿو شادي ڪرين. جنهن جهيڙا وجهائي
سارا اوڙا پاڙا آزار ۾ وجهي ڇڏيا آهن، سا ڏيندي
توکي سونت! سُجهندئي سِڙهه سانڀائي!
ٻُڌي کڻي ورائي وٺندس روئاڙي روئاڙي اَن پاڻي حرام
ڪري ڏيندس.
جي هوندا سندس مائٽ سَرند ۽ سکيا ته ڌيءَ کي
گهرائي وٺندا. ڏيکاريندس توڏيءَ جو موڏو هڪدم نڪاح
ڇڏائڻ جي دعويٰ داخل ڪرائيندا ته پلوَ آجا ٿين،
لهي وڃي کِٽ پٽ؛ پر جي هوندا غريب ۽ اشراف ته پٽون
پاراتا ڏيئي چپ ڪري ويهندا. پوءِ اها آسُن اُميدن
جي مهمان اڻهي پئي سَٽبي ڪُٽبي مڙس جا موچڙا
کائيندي، لڙڪ ڳاڙيندي، مٿانئس ڪهاڙي پئي ڦرندي.
نڪو داد ته نه ڪو فرياد!
احمد خان مدهوش
محبت
محبت روح جي غذا ۽ زندگيءَ جي منزل – مقصود جو
پيچرو آهي. سڄي دنيا جي تخليق محبت جي باعث ٿي
آهي. محبت انساني دنيا جو وڻندڙ ترانو آهي. جيڪڏهن
انهيءَ تراني جو وجود ڪائنات تان ميٽجي وڃي ته
انسانيت صفحئه هستي تان صفا نابود ٿي وڃي. انسان
جو رتبو ارفع ۽ اعليٰ به صرف محبت جي ڪري آهي.
انسان ”انس“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي،
پيار، محبت، دوستي، مطلب ته انسان بنجڻ لاءِ
پهريون شرط آهي محبت.
محبت ۽ خلوص کي جيڪڏهن دل ۾ جڳهه ڏجي ته جيڪر
سوسائٽيءَ جو ڪو به اهڙو مسئلو رهجي نه وڃي، جنهن
جو حل نه ٿي سگهي. محبت جي ڪري هڪ انسان هڪ ٻئي جي
ڀلائيءَ جو خواهان هوندو آهي. محبت ڀلائيءَ جو
جذبو آهي.
محبت جي وسيلي انسان سوسائٽي، ملڪ و ملت ۽ نوع –
انسان جي بهترين خدمت سرانجام ڏئي سگهي ٿو. محبت
جي هيءَ خاصيت آهي ته انسان جي پوري شخصيت تي حاوي
هجي. دراصل محبت، انسانيت جو ٻج آهي. ڪير به محبت
جهڙي پاڪ شيءِ کي باطل ٺهرائي نٿو سگهي. ائين ڪرڻ
وارو رڳو پاڻ کي منجهائي اونداهيءَ ۾ وڃي ڀٽڪي ٿو
– محبت اها بي بها وٿ آهي، جنهن جي قيمت ئي ڪانهي.
محبت هڪ عظيم خوشي آهي، پر انهيءَ خوشيءَ جي نفس
جي مريد کي، ڪا به خبر ڪانهي- سڀ انسان دنيا ۾
اسان کي هڪ خاندان وانگر نظر اچن ٿا، مگر انهيءَ
لاءِ اکين جي بصارت ۽ محبت ڀري دل جي ضرورت آهي.
محبت جي جهان ۾ شاهه و گدا سڀ يڪسان آهن ۽ انسان
ذات جي محبت بهترين عبادت ۾ شمار آهي.
داتا پنهنجي محبت جا دروازا هڪ جهڙا کليل ڇڏيا
آهن. سڀ ڪوئي محبت جي دروازي کان دان وٺي سگهي ٿو
– پر خود پسنديءَ جي پاڇولي جي اونداهيءَ ڪري اهو
محبت وارو دروازو لڀي نٿو سگهي.
محبت جا ڪرشما ڄڻ ته روحن جا لازوال ڊرامه آهن، جي
هن دنيا جي تختي تي تا قيامت پيا ٿيندا ۽ غير واقف
نااُميد ٿي هميشه ڳوڙها وهائيندا رهندا – دنيا جي
اسٽيج تي انسان ذات محبت جا ڪيترائي ڊرامه پيش ڪيا
آهن پر اهي حقيقت ايڪٽر ڪڏهن به لالچ جي ڦندن ۾ نه
ڦاٿا آهن.
دنيا ۾ ڪي خشڪ ۽ مرده روح به آهن، جن جو محبت جي
شيرين چشمي سان ڪڏهن به واسطو نه رهيو آهي– ۽ نه
ڪي هو ڪڏهن انهيءَ پاڪيزه واديءَ مان گذريا
آهن.اهڙا انسان رُڃ کي پاڻي سمجهي بيابان لتاڙيندا
وتندا آهن.
نفرت ۽ ساڙ دل جي خراب حالت جو نالو آهي. اها باهه
دل کي ساڙي ٿي پر محبت بهشتي هوا آهي، جا دل کي
فرحت ۽ قرار ڏئي ٿي. محبت ٻنهي جهانن جي قرار جي
ڪُنجي آهي. محبت موت کان به نه ٿي ڊڄي ڇو ته سندس
موت آهي ئي ڪونه، محبت جو درخت هميشه اُميدن جي
پاڇي ۾ سائو رهي ٿو. محبت جي پرورش پاڪيزه ايمان
جي گلشن ۾ ٿيندي رهندي آهي. محبت هر بُرائي کان
آزاد، زر توڙي زور جي محتاج نه آهي.
محبت ڪوڙي کي مٺو ۽ رُٺل کي پرچائي ڇڏي ٿي. هي
جاهل مان عاقل ۽ عاقل مان آخر ڪامل بڻايو ڇڏي. سچ
ته ائين آهي ته انساني محبت وڌي رفته رفته عظمت جي
معراج کي رسي ٿي، ۽ زندهه جاويد بنجيو وڃي.
شگفته شاهه
آخري حصو
اي بنتِ آدم و حوا!
4- ٻانهين سان شادي ڪرڻ جي ترغيب:
اسلام اهو ڪامل دين آهي، جنهن رنگ، نسل، خاندان جي
گهٽ وڌائي ۽ مالي حيثيت جي هيٺ مٿانهينءَ جي فرق
کي سختيءَ سان رد ڪري، فقط پرهيز گاريءَ ۽ صالح
عملن جي بنياد تي انسان کي اعليٰ مقام ڏنو، پر
افسوس جو اڄ اسانجي معاشري ۾ ان جي ابتڙ ٿي رهيو
آهي. شاديون لالچ جي بنياد تي ڪيون ٿيون وڃن.
دولت جي پويان ماڻهو چريا ٿي پيا آهن، جڏهن ته
انسانيت کي اهميت نٿي ڏني وڃي. ڪٿي شاديون ان ڪري
ڪيون ٿيون وڃن ته ڪنوار جائداد، مال و دولت ۽ ڏاج
کڻي ايندي ته ڪٿي نوڪري ڪندڙ عورت جي ڪمائيءَ کي
نظر ۾ رکندي شادي ڪئي ٿي وڃي، ۽ جتي دولت جي
فراواني ۽ ڏاج ڏيڻ جي سهپ ڪانهي، اتي نياڻين مان
سؤ عيب ڪڍي انهن کي رد ڪيو ٿو وڃي. مطلب ته اڄڪلهه
شاديون به ڪاروبار ٿي ويون آهن، ۽ مرد شادي به
اهڙي نموني ٿا ڪن ڄڻ ته هو نه رڳو عورت پر ان جي
ستن پُشتن تي احسان ڪري رهيا هجن. . . جڏهن ته
اسلام هڪ عام عورت کي ته مان ۽ مرتبو ڏنو ئي آهي،
پر غلام عورتن يعني ٻانهين کي پڻ عزت وارو مقام
ڏنو آهي، ۽ کين مان ڏيڻ لاءِ انهن سان شادي ڪرڻ جي
ترغيب پڻ ڏني آهي.
”. . . . ۽ جيڪڏهن اوهان مان جنهن کي (آزاد)مومنه
صفت وارين عورتن سان مالي حيثيت (نه) هئڻ سبب
نڪاح ڪرڻ جي طاقت نه هجي ته اهو توهان جي انهن
مومنه ٻانهين سان نڪاح ڪري سگهي ٿو جي اوهان جي
قبضي ۾ آهن ۽ الله اوهان جي ايمان کان چڱيءَ طرح
واقف آهي. (ايمان جي حيثيت سان ته) اوهان مان هڪڙو
ٻئي جو هم جنس آهي پوءِ (بي ڌڙڪ) سندن مالڪن جي
اجازت سان نڪاح ڪريو ۽ انهن جو مهر کين چڱيءَ طرح
ڏيو“
(سورة النساءِ جي آيت 25)
5- سرڪش زالن جي سزا:
سورة النساءِ جي آيت 34 ۾ پهرئين ته نيڪ زالن جي
وصف بيان ڪئي ويئي آهي، ۽ پوءِ انهن جي عورتن
(زالن) جي سزا ٻڌائي ويئي آهي، جيڪي نافرمان آهن ۽
ڪنهن به لحاظ کان سرڪشي ڪن ٿيون:
”پوءِ نيڪ بخت زالون ته (مڙس جي) تابعداري ڪنديون
آهن (۽) هن جي پَر پُٺ (به) جيئن خدا (سندن) حفاظت
ڪئي، اهي به (هر ڳالهه جي) حفاظت ڪنديون آهن. پڻ
جن ناشناس عورتن جي (اُرهه زور) هجڻ جو اوهان کي
خوف هجي ته (اول) انهن کي (پنهنجي منهن) سمجهايو ۽
(نه مڃن ته) اوهان هنن سان سمهڻ ڇڏي ڏيو، پر جي
(اڃا به نه سمجهن ته) مار ڏيونِ! (پر ايتري نه جو
رَت نڪري يا ڪوئي عضوو ڀڄي پوي) پوءِ جيڪڏهن
اوهان جون تابعدار ٿين ته اوهين به مٿن (ظلم ڪرڻ
جو) ڪو رستو نه ڳوليو. بيشڪ الله ته سڀ کان بلند
(۽) وڏو آهي.“ |