مٿين آيت سڳوريءَ ۾ واضح طور تي سزا صرف انهن زالن
لاءِ ٻڌائي ويئي آهي، جيڪي جائز ۽ صحيح ڪم نه ڪن،
۽ ان سلسلي ۾ نافرماني ۽ سرڪشي ڏيکارين، پر دينِ
اسلام ۾ همدرد ۽ درگذر ڪرڻ جو دائرو ايڏو ته وسيع
آهي، جو اهڙين زالن لاءِ، جيڪا وڌ کان وڌ سزا
ٻڌائي ويئي آهي، اها ايتري مار ڏيڻ آهي، جنهن سان
رت نڪرڻ يا ڪنهن ٻئي جسماني نقصان جو انديشو نه
هجي، ۽ ان کان پوءِ اهو پڻ فرمايو ويو آهي ته انهن
سزائن کان پوءِ جيڪڏهن هو فرمانبردار بنجن ته پوءِ
مڙسن کي مٿن ڪو ٻيو ظلم ڪرڻ لاءِ ڪو به رستو نه
ڳولڻ گهرجي. . . .
بدقسمتيءَ سان اسان جي سماج ۾ فرمانبردار، نيڪ ۽
معصوم زالن مٿان ظلم ڪرڻ جا اهڙا مثال ملن ٿا، جن
کي ڏسي يا ٻڌي دل ڏڪيو وڃي. عام طور تي ڪجهه گهرن
۾، ۽ خاص ڪري ٻهراڙين ۾، مڙسن هٿان زالن جو مار
کائڻ هڪ عام ڳالهه آهي. ايتريقدر جو پوءِ اتي
زالون ان ڳالهه کي به پنهنجي قسمت ۾ لکيل سمجهي ان
کي قبول ڪريو وٺن ۽ احتجاج ڪرڻ بنا هو سڀ ڪجهه
ويٺيون سهنديون آهن.
ائين پوءِ معاشري ۾ برائي وڌي ويجهي ٿي، ۽ ڪيترائي
جرم ان مان جنم وٺن ٿا، هتي هڪڙو سچو واقعو پيش
ڪيو ٿو وڃي، جنهن کي ٻڌي يا پڙهي شايد ڪيترن چپن
تي ڪجهه لمحن لاءِ مُرڪ اچي وڃي،پر ان واقعي اندر
لڪيل درد ۽ اذيت اها ئي دل محسوس ڪري سگهي ٿي،
جيڪا دردمند آهي.
هڪ عورت پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪئي. ان جو مڙس سندس
ڌيءَ کي ڏاڍي مار ڏيندو هو. ان ڳالهه جي ماءُ کي
به خبر پئي، پر هوءَ ٻڌي چُپ ڪري، پنهنجي ڌيءَ جي
قسمت تي ڏوهه ڏيئي ويهي رهي. آخرڪار پاڙي وارن
جڏهن هر روز هن جي ڌيءَ کي مار کائي، جانورن وانگر
رڙيون ڪندي ٻڌو ته سندس ماءُ وٽ اچي چيائونس ته
هوءَ ڪجهه ته پنهنجي ناٺيءَ کي سمجهائي، ’هُو اهڙو
ظلم بند ڪري‘ هوءَ ويچاري پاڻ سادي ۽ اٻوجهه عورت
هئي، سو سڀني جي چوڻ تي پنهنجي ناٺيءَ کي هنن
الفاظن ۾ سمجهايائين:
”ابا! . . . . تون روز ٿو منهنجي ڌيءَ کي مارين.
ايتريقدر جو پاڙي وارا سندس دانهون ٿا ٻڌن. . . .
سو ابا! . . . مارَ اسان به کاڌي. منهنجو مڙس به
مون کي ڏاڍو ماريندو هو، پر ٻئي مهيني، چوٿين
مهيني. . . . تون آهين سو روز روز ٿو مارين. . .
!!!؟؟؟“
جيڪڏهن اسلام جي احڪامن تي صحيح ريت غور ڪجي ۽
انهن کي سمجهجي ته اهڙن ظلمن جي سزا جو تصور ڪندي
ئي هر ظالم جو هٿ ڏڪي وڃي.
6- بدڪاريءَ جي سزا:
ارشاد رباني آهي: -
”. . . ۽ اوهان جي زالن مان جيڪي بدڪاري ڪن، تن تي
پاڻ مانچار شاهد ڪريو، پوءِ جيڪڏهن چارئي ڄڻا
تصديق ڪن ته انهن جي سزا هيءَ آهي ته- انهن کي
گهرن ۾ بند رکو، ايستائين جو هن کي موت اچي يا خدا
سندن ڪا (ٻي) راهه کولي“
(سورة النساءِ – آيت 15)
”پر انهن (ٻانهين) سان نڪاح ڪريو جي پاڪدامنيءَ
سان توهان جون پابند ٿين، نه اهي ظاهري بدڪاري ڪن
۽ نه ڪي لڪي ڇپي آشنا رکندڙ هجن. پوءِ جيڪڏهن
توهان جون پابند ٿين ۽ جي بدڪاري ڪن ته جا سزا
آزاد زالن کي ڏني وڃي ٿي، تنهن جي اڌ (سزا) ٻانهين
کي ڏني ويندي . . . “ (سورة النساءِ – آيت 25)
سورة النساءِ جي آيت 15 جي سمجهاڻي شاهه عبدالقادر
صاحب رح هن طرح ڏني آهي:
”هن آيت ۾ بدڪاري بابت حڪم فرمايل آهي ته (ان جي
ثبوت لاءِ) چار مسلمان گواهه (شاهد) آندا وڃن. . .
. پر اڃا حد نازل نه ٿي هئي ۽ ان جو وعدو ڪيو ويو،
۽ پوءِ اها حد سورة نور ۾ نازل فرمائي ويئي.“
ساڳي آيت جي سمجهاڻي مولانا حافظ فرمان علي صاحب
هن ريت ڏني آهي:
”اهو حڪم شرع اسلام ۾ هو ته جيڪڏهن ڪا زال بدڪاري
ڪري ته کيس گهر ۾ بند رکو، ۽ ڪيڏانهن به نڪرڻ نه
ڏيوس، ايستائين جو مري کپي وڃي، پر ٿوري عرصي کان
پوءِ، اهو حڪم رد ٿيو ۽ هي حڪم ٿيو جيئن ارڙهين
سيپاري ۾ آهي ته جيڪڏهن بنا مڙس واري زال بدڪاري
ڪري ته عورت ۽ مرد ٻنهي کي هڪ هڪ سؤ ڪوڙا هڻو، پر
جيڪڏهن مڙس واري زال ائين ڪري ته کيس سنگسار ڪريو“
ساڳئي تفسير نگار صاحب آيت 25 جي سمجهاڻي ڏيندي
چيو آهي: جيئن ته ٻانهين جي حيثيت آزاد عورتن جي
حيثيت کان گهٽ هوندي آهي، ان ڪري بنا مڙس واري
عورت (ٻانهي) بدڪاري ڪندي ته کيس پنجاه ڪوڙا لڳايا
ويندا، پر جيڪڏهن مڙس واري ٿي ڪري به بدڪاري ڪري
ته پوءِ اهڙي طرح ست ڀيرا سزا ڏيڻ کان پوءِ اٺون
دفعو اهڙو برو ڪم ڪندي ته ان کي قتل ڪيو ويندو. پڻ
مردن لاءِ به آزاد ۽ غلام هجڻ جي صورت ۾ اهو ئي
حڪم آهي.“
”بدڪاري ڪرڻ واري عورت ۽ بدڪاري ڪرڻ وارو مرد،
(جڏهن انهن جي بدڪاري ثابت ٿي وڃي ته) ٻنهي مان هر
هڪ کي سؤ ڪوڙا هڻو، ۽ جيڪڏهن اوهان الله ۽ آخرت جي
ڏينهن تي ايمان رکو ٿا ته شرع خدا (جي حڪم) ۾
اوهان کي انهن تي هرگز رحم نه اچي. . . ۽ گهرجي ته
انهن جي سزا جي وقت مسلمانن جي هڪ جماعت به موجود
هجي.“
(سورة نور: آيت 2)
. . . . مٿي ڏنل سڀني قرآني آيتن مان جيڪا ڳالهه
سڀ کان گهڻي واضح آهي، سا اها آهي ته جيڪڏهن عورت/
زال تي بدڪاري جو شڪ هجي ته ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ
چار گواهيون هجڻ لازم آهن. ان کان پوءِ سزائن جا
احڪام آهن،پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ماشري ۾ موجود
سڀني براين مان سڀ کان اهم خامي اها به آهي ته
اهڙي نازڪ معاملي ۾ عقل کان وڌيڪ جوش ۽ ڪاوڙ کان
ڪم ورتو ويندو آهي. . . . محض ٻڌل ڳالهين يا محض
شڪ جي بنياد تي ڪيترين عورتن ۽ مردن کي خون ڪيو
ويندو آهي. هر روز اخبارون ”ڪارو ڪاري“ جي مسئلن ۽
ان سلسلي ۾ ٿيلن خونن سان ڀريل هونديون آهن. ان ۾
ڪجهه شڪ ناهي ته جرم ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ سخت
سزائون ڏيڻ گهرجن. جيئن سورة نور جي آيت 2 ۾ مٿي
بيان ڪيل آهي. . . . پر اسان جي سماج ۾ اڪثر ڪري،
ڪو مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ جتي ٻيون سماجي برايون ۽
جرم وڌن ويجهن ٿا، اتي اڪثر ڪري بي گناهه ۽ معصوم
عورتن تي بدڪاريءَ جا الزام هڻي، هڪ پاسي انهن جي
عزت کي مٽيءَ ۾ ملايو ويندو آهي ته ٻئي پاسي ڪوڙن
مقدمن ۾ ڦاسائي جيلن ۾ موڪليل عورتن جو پڻ وڏو انگ
ملي ٿو. ڪنهن به پاڪباز عورت تي تهمت هڻڻ بذات خود
گناهه ڪبيرا مان هڪ آهي ته ٻئي پاسي انهن ماڻهن
لاءِ، جيڪي ائين ڪن ٿا: سورة نور جي آيت 4 ۾
فرمايو ويو آهي:
”. . . .۽ جيڪي ماڻهو پرهيزگار عورتن تي بدڪاريءَ
جو عيب لڳائين ۽ انهن تي چار گواهه نه آڻين ته
انهن کي اَسي (80) ڪوڙا هڻو ۽ ڪڏهن انهن جي شهادت
(گواهي) کي قبول نه ڪريو ۽ اهي ئي بدڪار آهن.“
ڪاش! جيڪڏهن اسان جا ماڻهو ان سلسلي ۾ قرآني
احڪامن ۽ حديثن کي سمجهن ته ”ڪارو ڪاري“ واري
مسئلي سميت بدڪاريءَ جا ٻيا به ڪيترائي واقعا
گهٽجي وڃن، ڇو ته اهي سڀ جهالت جي پيداوار آهن، جن
کي شريعت ۽ ڪتاب لاهي جو نور ئي اونداهيءَ جي
اوڙاهه مان ڪڍي سگهن ٿا.
7- وراثت ۾ عورتن جو حصو:
اسلام کان اڳ نه رڳو عرب قبيلن ۾ پر اڪثر ڪري پوري
دنيا ۾ عورتن کي نيچ حيثيت حاصل هوندي هئي. عورت
مردن جي ذاتي ملڪيت شمار ڪئي ويندي هئي ۽ اڪثر ڪري
عورتون وراثت ۾ به ملنديون هيون، پر کين مردن جي
جائداد يا ملڪيت مان ڪو به حصو نه ملندو هو، پر
اسلام جتي عورتن کي ٻيا ڪيترائي حق ڏنا ۽ کين عزت
سان نوازيو، اتي انهن کي ملڪيت مان به حصو ڏياريو
ويو.
سورة النساءِ جي هنن آيتن ۾ وراثت جا قانوني اصول
بيان ڪيل آهن:
1- عورت کي وراثت مان ڏنل حق:
”جنهن (مال) کي ماءُ پيءُ يا مائٽ ڇڏي ويا، ان مان
مردن لاءِ (هڪ خاص) حصو آهي ۽ زالن لاءِ به ان
(مال) مان، جنهن کي سندس ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي
ويا، ٿورو هجي يا گهڻو (هر شخص جو) حصو. (اسان جي
طرفان) مقرر ڪيل آهي.“ (آيت نمبر: 7)
2- ڌيءَ جو حق: -
”(مسلمانو) الله اوهان جي اولاد جي حق ۾ اوهان کي
حڪم ڪري ٿو ته هڪ پٽ جو حصو ٻن ڌيئرن جي حصي جيترو
آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن (مئل جو اولاد سڀ) ڌيئرون هجن
(يا ٻن کان مٿي ته (ان) جيڪي ڇڏيو تن جون ٻه
ٽهايون انهن لاءِ آهن ۽ جيڪڏهن اها هڪ هجي ته ان
لاءِ اڌ آهي.“
(آيت 11)
مٿين آيت جي سمجهاڻيءَ ۾ ڪيترن ئي ديني عالمن جو
چوڻ اهي ته جيڪڏهن پٽ کي ملڪيت مان ڌيءُ کان ٻيڻو
حصو ڏنو ويو آهي ته ان جو هرگز اهو پهلو نٿو نڪري
ته پٽ برتر آهي، ۽ ڌيءَ گهٽ، پر جيئن ته دين اسلام
۾ عورت کي گهر ٻار هلائڻ لاءِ خرچ ڪرڻ فرض ڪونهي
هوءَ چاهي ته فقط پاڻ تي خرچ ڪري. ان ڪري ان کي
گهٽ حصو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مرد تي پوري گهر زال
۽ ٻارن جي ذميواري ۽ خرچ فرض ڪيل آهي. ان ڪري ئي
ان کي وراثت مان زياده حصو ڏنو ويو آهي.
3- زال جو حق: -
”. . . .۽ جيڪي اوهان ڇڏيو، تنهن مان اوهان جي
زالن جو ڪِن شين مان چوٿون حصو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان
جو ڪو به اولاد آهي ته اوهان جي تُرڪي مان سندس
خاص شين مان اٺون حصو آهي. “ (آيت نمبر – 12)
4- ڀيڻ جو حق: -
”(اي رسول صه !) توکان فتويٰ ٿا پڇن، تون چوين ته
ڪَلاله(ڀاءُ ڀيڻ) جي باري ۾ الله خود اوهان کي
فتويٰ ٿو ڏي ته جيڪڏهن ڪو اهڙو ماڻهو مري وڃي،
جنهن جو ڪو پٽ نه هجي (۽ نه ماءُ پيءُ) ۽ سندس فقط
هڪ ڀيڻ هجي ته ان جو حصو ترڪي مان اڌ ٿيندو ( پر
جي اها ڀيڻ مري وڃي) ۽ ان جو (به) ڪو اولاد نه هجي
(۽ نه ماءُ پيءُ) ته ان جو وارث اهو ڀاءُ ٿيندو،
پر جيڪڏهن ٻه ڀينرون (يا وڌيڪ) هجن ته مرد کي عورت
جي حصي کان ٻيڻو ملندو. اوهان ماڻهن جي مُنجهي پوڻ
جي خيال سان الله پنهنجا احڪام کولي (کولي) بيان
ٿو فرمائي ۽ خدا ته هر ڳالهه کان واقف آهي.“ (آيت
186)
قرآن و سنت جي روشنيءَ ۾ جڏهن مٿين واسطي احڪامن
تي وري وري نظر وجهڻ سان، اها ڳالهه پوريءَ طرح
چِٽي ٿي چُڪي آهي ته جيتري عزت ۽ حيثيت اسلامي
قانون عورتن کي ڏين ٿا، دنيا جو ڪو به ٻيو مذهب ۽
قانون نٿو ڏي. ڳالهه فقط آهي انهن کي سمجهڻ جي ۽
انهن تي عمل ڪرڻ جي. خواهه عورت هجي يا مرد،
جيڪڏهن هو سمجهه رکن، ۽ دل سان انهن اصولن تي عمل
ڪن ته ڪيترن ئي سماجي گناهن، جُرمن ۽ براين ۾ ڪمي
اچي وڃي. . . . خاص ڪري سنڌي معاشري مان ڇو ته هي
الفاظ يقيناً سچ چون ٿا: -
Before Islam, Women were Pronounced to be "a
necessary evil, a natural temptation, a
desirable calamity, a domestic peril, a deadly
fascination, a painted ill." They were also
represented as "They devil's gateway, the
unsealer of the forbidden tree, the deserter of
the Divine law, the destroyer of God's image-
man."
Islam raised woman to a respectful and honorable
position in society. Islam came as the liberator
and benefactor of women folk. Men 'women
according to Islam, are equal in the eyes of
Allah. A woman can be superior to a man if she
is more virtuous and nobler in deeds. women can
be well proud of and be thankful to the Holy
Prophet (P.B.U.H) for this exoneration. Thus,
for the first time in her history, man
rehabilated woman as a respectable and equal
partner of man."
(Islamic Education- By M.D Zafar) *
(اسلام کان اڳ عورت کي ”هڪ ضروري برائي، هڪ فطري
ترغيب، دلپسند آفت، گهرو خوف، موتمار دلڪشي ۽
رنڱيل برائي‘ سڏيو ويندو هو. انهن جي نمائندگي هن
ريت به ڪئي ويندي هئي ته اهي ”شيطاني راهه ڏانهن
ويندڙ دروازو، منع ٿيل وڻ کي کوليندڙ، خدائي قانون
کان فرار حاصل ڪندڙ ۽ خدا جي (ٺاهيل) انساني خاڪي
کي تباهه ڪندڙ آهن.“ |