ٽڙي پوندا ٽاريئين
شگفته
شاهه
هن چيو
”رابيل“
رابيل: ”جي!“
فيضان ڪجهه ڪنفيوز ٿيندي چيو: ”اڄ سٺي پئي لڳين.“
”جي!!“ رابيل حيران ٿيندي پنهنجي خوبصورت اکين سان هن کي ڏٺو ته
هو بلڪل نروس ٿي ويو ۽ پوءِ چيائين:
”منهنجو مطلب آهي ته سُوٽ سٺو آهي.“
رابيل سندس انداز تي هڪ بيساخته مرڪ کي چپن ۾ لڪائيندي چيو:
”مهرباني!“
هو وري خاموش ٿي ويا. ڪجهه دير بعد وري رابيل چيو:
”چڱو پوءِ آءٌ هلان ٿي.“
”تنهنجي مرضي!“ اهو چئي فيضان ڪنهن ٻار جيان ڦوڪجي ٻئي پاسي
منهن ڪيو ته رابيل کي سندس ان انداز تي بيساخته
تمام گهڻو پيار اچي ويو. ڪجهه دير وري خاموشي رهي
۽ پوءِ رابيل چيو:
”آءٌ وڃان؟“
فيضان چيو: ”وڃڻ چاهين ٿي؟“
رابيل چيو: ”تون روڪڻ چاهين ٿو؟“
فيضان چيو: ”ها.“
رابيل: ”ڪيستائين؟“
فيضان: ”جيستائين ترسي سگهين.“
رابيل اداس ٿي چيو: ”نيٺ به ته وڃڻو آهي.“
فيضان هڪ گهرو ساهه کنيو ۽ اداسيءَ مان چيو: ”ها!..... نيٺ به
ته وڃڻو آهي.“
رابيل چيو: ”چڱو پوءِ .... آءٌ هلان ٿي.“ ۽ پوءِ اٿي وڃڻ لڳي ۽
جڏهن هوءَ دروازي تائين پهتي ته پويان وري فيضان
کيس سڏيو:
”رابيل!“
هن پٺيان مڙي ڏٺو. فيضان وري بيتاب هو، بيچين هو ۽ هن کيس چيو:
”ڇا گهر وڃي ڪو ضروري ڪم ڪرڻو آهي؟“
”نه! ڪا خاص مصروفيت ته ڪانهي.“ رابيل جواب ڏنو.
فيضان وري ڪجهه ڪنفيوز ٿي ويو ۽ چيائين:
”چڱو آءٌ توسان فون تي ڳالهائينديس.“
”ڀلي“ رابيل چيو ۽ وري وڃڻ لاءِ مڙي ۽ هڪ قدم مس کنيائين ته
پويان وري کيس فيضان جو بيتاب ۽ بي چين آواز ٻڌڻ ۾
آيو:
”رابيل!“
”جي.“ هن وري فيضان ڏانهن مڙندي چيو. هن جي انداز مان سندس اندر
جي اڻ تڻ ۽ بيتابي ظاهر ٿي رهي هئي. هن حجت واري
انداز ۾ چيو:
”ٿورو ترسي پئو.“
”جي....!؟“ رابيل به پريشان ۽ حيران ٿيندي چيو ته فيضان چيو:
”گهر وڃي به ته ويهي رهندينءَ، پوءِ ٿوري دير مون وٽ ويهه.“
هن جي انداز ۾ ايڏي ته حجت ۽ پنهنجائپ هئي جو رابيل سندس چوڻ
ٽاري نه سگهي هئي ۽ واپس اچي ويهي رهي. فيضان
چانهه گهرائي ۽ پوءِ هو زندگيءَ جي مختلف پهلوئن
تي ڳالهائڻ لڳا. رابيل جو ذهن به ڪافي هلڪو ٿي ويو
۽ پوءِ جڏهن هوءَ گهر پهتي ته تمام گهڻو خوش هئي.
هن ورانڊي ۾ ويٺل ماسيءَ وٽ ٿوري دير ويهي حال
احوال ورتو. ڪچن ۾ اچي گلان ۽ شفن کان رات جي
مانيءَ بابت پڇي ورتو ۽ پوءِ بابا پيروءَ کي باغ ۾
نون گلن جي ٻوٽن لڳائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهي
هئي ته سندس ڪمري مان ايندڙ فون جي گهنٽي وڳي.
هوءَ بابا پيروءَ کي اتي ڇڏي پنهنجي ڪمري ۾ آئي ۽
رسيور کڻي ”هيلو“ چيائين ۽ پوءِ ٻئي پاسان فيضان
جو آواز ٻڌي حيران ٿيڻ سان گڏ خوش به ٿيندي
چيائين:
”اڄ لڳي ٿو ته اسان جون ڳالهيون کٽنديون ئي نه.“
”ها! ڪجهه ائين ئي آهي. ”فيضان به کلندي چيو ۽ پوءِ هو
ڳالهائيندا رهيا. رابيل فيضان کان سندس زندگيءَ جي
تجربن بابت پڇندي رهي ۽ فيضان به هن بابت هن کان
ڪيئي ڳالهيون پڇيون ۽ کين احساس ئي نه رهيو ته هو
ڪيتري دير تائين ڳالهائيندا رهيا ۽ پوءِ مختلف
موضوعن تي ڳالهائيندي فيضان اوچتو کيس چيو:
”رابيل! جيڪڏهن ناراض نه ٿين ته اڄ آءٌ وري پنهنجي اڳ ۾ چيل هڪ
ڳالهه ورجايان؟“
”ڪهڙي ڳالهه؟“ رابيل حيران ٿيندي پڇيو.
فيضان چيو: ”ائين سڄي زندگي ڪيئن گذاريندينءَ؟ تنها تنها...
ڪجهه سوچ.... آخر تون شادي ڇو نه ٿي ڪرين؟“
رابيل چيو: ”ڇا شادي ڪرڻ ضروري آهي؟“
فيضان چيو: ”ها! نه ته هيءَ اڪيلائي توکي بار بار فرسٽريشن ۾
مبتلا ڪندي رهندي. توکي ته اهو فيصلو ڪجهه سال اڳ
ڪرڻ گهربو هو پر خير! .... اڃا به وقت هٿن مان
ناهي نڪتو.“
رابيل ڏک مان چيو: ”فيضان، پهرئين تجربي مون کي ايڏو خوفزده ڪري
ڇڏيو آهي جو آءٌ وري ائين سوچي به نه ٿي سگهان. يا
ته وري مون کي اهڙو ڪو سچو ۽ پر خلوص ماڻهو ملي
جيڪو منهنجو وڃايل اعتماد بحال ڪري ته پوءِ شايد
آءٌ به ان بابت سوچيان.“
فيضان چيو: ”بهر حال تون ان ڳالهه تي غور ضرور ڪجانءِ، متان ڪو
اهڙو ماڻهو تنهنجي آس پاس هجي پر تون هن جي جذبي
کي سمجهي نه سگهين ۽ اڳي وانگر ئي تون هن کي وڃائي
ڇڏين، چڱو هاڻي آءٌ به آفيس مان اٿان ٿو. وري پوءِ
ڳالهائينداسين.“
۽ پوءِ ٻنهي موڪلائي فون رکي ڇڏي. ان رات ننڊ سندس اکين کان ڄڻ
ڪيئي ڪوهه پري هئي. هن اکيون بند ٿي ڪيون ته بند
اکين ۾ بار بار فيضان سان ٿيل اڄوڪي ملاقات جا
منظر لهي ٿي آيا. سندس ڳالهايل لفظ، سندس
نگاهون... سندس بيتابي... ۽ پوءِ هن سوچيوته ”مون
ته ڪڏهن ائين سوچيو به نه هو ته منهنجي زندگيءَ ۾
اوچتو اها تبديلي اچي ويندي ۽ جنهن محبت ۽ پياري
ماڻهوءَ جا سپنا مون ٽين ايج ۾ ڏٺا هئا اهو پيار ۽
پيارو ماڻهو مون کي هن عمر ۾ زندگيءَ جا تلخ تجربا
ٿيڻ کان پوءِ ملندو.“
”هاءِ ڙي عورت!“
يا ته ٻه ڏينهن اڳ فيضان جي رويي مون کي ايڏو هرٽ ڪيو ۽..... اڄ
وري سچوئيشن ئي ٻي ٿي وئي... ۽ سندس اڄوڪي رويي
مون کي سڀ ڪجهه وسارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اکين وري
خواب ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ دل عجيب انداز ۾
ڌڙڪڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ محبت جهڙي جذبي کان ته
آءٌ وقف ئي هاڻ ٿي آهيان ۽.... دل چريءَ ۾ اها
خواهش بار بار جنم پئي وٺي ته ڪاش! هو منهنجي جيون
جي سفر ۾ منهنجو ساٿي بڻجي، ڇپر ڇانورو بڻجي....
هو بار بار مون کي شادي ڪرڻ لاءِ ٿو چوي....
ڪٿي... ڪٿي ائين نه آهي ته هو خود مون کي پروپوز
ٿو ڪرڻ چاهي..... ڪو ٻيو ماڻهو ائين چاهي ها ته
شايد اءٌ سوچيان به نه ها.... پر.... فيضان!... هو
ته دل جي گهرائين ۾ لهندو پيو وڃي. منهنجي اجازت
کان سواءِ ئي.... من ۾ جاءِ جوڙيندو پيو وڃي...
آهستي... آهستي... غير محسوس طريقي سان...!“
ڪجهه رات جو ننڊ نه اچڻ جو سبب هو ۽ ڪجهه وري ٻئي ڏينهن
يونيورسٽيءَ ۾ سندس ڪليگ سان ٿيندڙ مسئلي جو اثر
هو جو شام جو به سندس موڊ عجيب اداس ۽ من وياڪل
رهيو ۽ پوءِ جڏهن هوءَ ڪم ختم ڪري فيضان کي وڃڻ جو
اطلاع ڏيڻ آئي ته سندس چهري تي وکريل اداسيءَ ۽
پريشانيءَ جا تاثر ڏسي فيضان کيس چيو هو:
”رابيل! تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي؟“
”ها.“ رابيل آهستي چيو.
فيضان چيو: ”مون کي ته نه ٿو لڳي، چهري تي ته ٻارنهن پيا وڄن.“
رابيل چيو: ”نه... ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. آءٌ ٺيڪ آهيان.“
فيضان: ”چڱو تون ٿورو ويهه ته سهي.“
رابيل خاموشيءَ سان ويهي رهي. سندس اکين ۾ بي اختيار پاڻي ڀرجي
آيو ته هن ان کي لڪائڻ خاطر نظرون جهڪائي ڇڏيون.
فيضان بي چين ٿي پڇيو:
”ڪجهه ته ٿيو آهي رابيل، هتي آفيس ۾ ڪنهن ڪجهه چيو آهي؟“
”نه.“ رابيل نظرون جهڪائيندي ئي جواب ڏنو. فيضان وري چيو:
ڪجهه ته آهي اکين ۾ پاڻي به آهي.“
رابيل جواب نه ڏنو ته هن نهايت پنهنجائپ مان چيو:
”مون کي نه ٻڌائيندينءَ؟“
”آءٌ وڃڻ ٿي چاهيان.“ رابيل آهستي چيو.
فيضان چيو: ”جيستائين تون مون کي اداسيءَ جو سبب نه ٻڌائيندينءَ
آءٌ توکي وڃڻ نه ڏيندس.“ نيٺ رابيل چيو: ”ڪا خاص
ڳالهه ڪانهي. بس اڄ يونيورسٽِيءَ ۾ منهنجي ڪليگ
جڏهن سندس گهرو مسئلا ٻڌايا ته آءٌ تمام اداس ٿي
ويس. گهرن کي ائين ٽٽندو ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو
آهي.“
فيضان: ”ڇا ٿيو آهي هن سان.“
رابيل چيو: ”هن جو ڪيس به عجيب آهي، سندس محبت جي شادي هئي.
شاديءَ کان اڳ ۽ ڪجهه عرصو پوءِ تائين ته هو ٻئي
هڪٻئي جي لاءِ چريا هئا ۽ پوءِ آهستي آهستي هنن ۾
اختلافات ٿيڻ شروع ٿيا. ائين ئي گهر جي ننڍي وڏي
مسئلي معاملي تان سندن جهيڙا ٿيندا هئا پر هاڻي ته
سندن وچ ۾ ايڏا ته فاصلا ٿي چڪا آهن جو ٻنهي کي
هڪٻئي جي شڪل کان به نفرت ٿي چڪي آهي. هر ٻئي ٽئين
ڏينهن هوءَ پريشان هوندي آهي، ڇو ته اڄڪلهه ته
سندن جهيڙن جو سبب وري اهو آهي ته سندس گهر وارو
ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ جي چڪر ۾ آهي.
فيضان! ... ائين ڇو آهي؟ ڇا شديد محبت اڳتي هلي شديد نفرت ۾ به
بدلجي سگهي ٿي؟ ۽ مٽن مائٽن سان ايڏو ضد ڪري کين
پسند جي شاديءَ لاءِ راضي ڪرڻ وارا اڳتي هلي ائين
بي وفائي به ڪري سگهن ٿا؟“
فيضان جيڪو غور سان سندس ڳالهه ٻڌي رهيو هو، هڪ گهرو ساهه کڻندي
چيو:
”نه.... آءٌ ته ائين نه ٿو سمجهان، جيڪڏهن ٻن دلين جي وچ ۾ محبت
هوندي آهي ته پوءِ ڪيترائي اختلاف هوندي به محبت
ڪرڻ وارا هڪٻئي سان نباهه ڪندا آهن. مسئلا ۽
اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر پوءِ به محبت ته آهي نه.
محبت جن دلين ۾ هوندي آهي اتي نفرت ۽ بيزاري اچي
ئي نه ٿي سگهي. مسئلو در حقيقت هي آهي ته اڪثر
نوجوان جوڙا شاديءَ کان اڳ ۾ پيار ۽ انڊراسٽينڊنگ
جي دعويٰ ڪندا آهن پر در حقيقت اهو پيار نه پر ڪو
وقتي جذبو هوندو آهي، هو محبت نه ڪندا آهن پر محض
اهو جيون ساٿيءَ جو انتخاب هوندو آهي ۽
انڊراسٽينڊنگ جي باوجود اها انڊر اسٽينڊنگ نه
هوندي آهي، ڇو ته شاديءَ کان اڳ ۾ اهڙا جوڙا محض
محدود وقت لاءِ پاڻ ۾ ملندا آهن ۽ اهو سمورو وقت
ڄڻ هو ڪنهن سپنن جي سنسار ۾ رهندا آهن. پيار ۽
محبت جون ڳالهيون ڪندي گذاريندا آهن. پر شاديءَ
کانپوءِ نه فقط هو پريمن مان زال مڙس بنجي ويندا
آهن پر عملي زندگيءَ جا مسئلا جڏهن سندن سامهون
ايندا آهن ته پيار محبت جو سمورو طلسم وڃي پٽ
پوندو آهي. انهيءَ ڪري ئي منهنجو فلسفو به اهوئي
آهي ته عشق جو انجام شادي نه هئڻ گهرجي ڇو ته عشق
خوبصورت، رنگين ۽ نازڪ جذبن سان اڻيل هڪ اهڙو خواب
آهي جنهن تي شاديءَ جو پٿر ڪرڻ سان ان جو طلسم جلد
ئي ٽٽي پوندو آهي ۽ خوبصورت جذبو محض گهر جي حساب
ڪتاب، سيڌي پاڌي، يوٽيلٽي بلن ۽ ٻارن جي اسڪولن جي
مسئلن جي حوالي ڪرڻ زيادتي آهي.“
فيضان جي اها ڳالهه ٻڌي رابيل کي ائين محسوس ٿيو ته سندس دل جي
اندر نازڪ ۽ سهڻي شيشي جهڙي خواهش هڪ زوردار
”چڻڪاٽ“ سان وڃي پٽ پئي هجي. هن ڏاڍي مشڪل سان
چيو:
”تون عجيب ڳالهيون ٿو ڪرين. خوابن ۽ طلسم جي دنيا ۾ رهڻ جي به
هڪ عمر ۽ هڪ دور هوندو آهي. سڄي عمر ته ڪو به
طلسمي دنيا ۾ رهي نٿو سگهي انڪري محبت جو انجام
شادي ئي هئڻ گهرجي ڇو ته نيٺ حقيقي دنيا ۾ ئي رهڻو
آهي ۽ اها حقيقت تلخ ئي ڇو نه هجي. سڄي عمر عاشق ۽
معشوق محض هڪٻئي لاءِ آهون ڀري ته نٿا گذاري سگهن.
”مون کي ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي آءٌ خود ڪنهن زماني ۾ ساڳئي
فلسفي جي قائل هئس پر اڄ... زندگيءَ جي تلخ تجربن
مان گذرڻ کان پوءِ آءٌ محسوس ڪريان ٿي ته جنهن
دنيا ۾ اڄ اسين رهون ٿا اتي هڪ اڪيلي عورت لاءِ
قدم قدم تي جهنم آهي ۽ جيستائين ڳالهه محبت ۽
شاديءَ جي آهي ته اسين جنهن سماج جا فرد آهيون اتي
هڪ دفعو ڪنهن ڇوڪريءَ يا عورت جو نالو ڪنهن ڇوڪري
يا مرد سان گڏ اچي وڃي ٿو ته جيستائين ان تعلق کي
شاديءَ جهڙي مضبوط ٻنڌڻ ۾ نٿو ٻڌجي ته پوءِ ڇوڪري/
عورت بدنام ٿي وڃي ٿي ۽ هن سان جيڪڏهن ڇوڪرو/مرد
واقعي سچي محبت ڪري ٿو ته هو خود به ائين نه
چاهيندو ته هو جنهن سان پيار ڪري ٿو ان کي بدنامي
ڏئي ۽ محض اسڪينڊل ڏئي ڀؤنڪندڙ ڪتن اڳيان اڇلائي
هليو وڃي..... نه بلڪ هو ته کيس پنهنجو نالو
ڏيندو، ڇپر ڇانوَ ۽ سماج ۾ هڪ عزت ڀريو مقام گهر
ڏيندو، اعتماد ڏيندو نه ته ماڻهو اهڙي ڇوڪري/ عورت
کي جيئڻ ئي نه ڏيندا.“
فيضان: ”رابيل! تون ته آرٽسٽ آهين. تنهنجي سوچ ته عام ماڻهن کان
مختلف هئڻ گهرجي پر تون به هن سماج جي پرواهه ڪرين
ٿي. ڪڏهن تو ان ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته هن
سوسائٽيءَ جي هٿ ٺوڪين معزز ماڻهن ۽ سماج جي
ٺيڪيدارن جي پنهنجي دامن تي ڪيڏا داغ لڳل آهن.
رابيل! زندگي فقط هڪ ڀيرو ئي ملندي آهي ان کي
پنهنجي مرضيءَ سان گذار، ماڻهن جي مرضيءَ سان نه،
ڇو ته جيڪڏهن تون هنن جي پرواهه ڪندينءَ به ته هو
توکي ان جي بدلي ڪو سرٽيفڪيٽ يا اعزاز نه ڏيندا.“
ايستائين فون جي رنگ وڳي ته فيضان رسيور کنيو. شايد سندس ڪو
دوست هو. فيضان هن کي چيو:
”هن وقت آءٌ تمام بزي آهيان، پوءِ ڳالهائينداسين.“ ۽ پوءِ فون
بند ڪري وري رابيل کي چيائين:
”ڀلا تون واقعي پنهنجي ڪليگ جي مسئلي سبب اداس آهين يا اڃا ڪا
ٻي ڳالهه آهي.“ رابيل اداسيءَ مان چيو: ”فيضان!
آءٌ پنهنجي حالتن سان ڪمپرومائز ڪري چڪي هئس پر تو
منهنجي زندگيءَ ۾ اچي مون کي ڊسٽرب ڪري ڇڏيو آهي.
اڪثر آءٌ تنهنجي رويي سبب شديد ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا
ٿي ويندي آهيان. مون کي تو کان پري ٿي به چين نه
ٿو ملي ۽ جيڪڏهن ويجهو اچان ٿي ته وري ماڻهن جي
ڳالهين ٺاهڻ جو ڊپ ٿو ٿئي ۽ يقين ڪر ته آءٌ جڏهن
هتي ائين توسان ويهي ڳالهايان پئي تڏهن به مون کي
ائين پيو محسوس ٿئي ته هتي تون ۽ آءٌ اڪيلا نه
آهيون پر ديوارن، درن ۽ درين کي چيري به ڪجهه
اکيون اسان کي ڏسن پيون ۽ ڪَنَ آهن جيڪي سڀ ڪجهه
ٻڌن پيا ۽ آءٌ
Un Easy
ٿي محسوس ڪريان.“
فيضان: ”آخر ڇو؟“
رابيل چيو: ”I can’t afford any scandal“
هو ٻئي ڪجهه دير خاموش رهيا ۽ پوءِ رابيل چيو:
”چڱو پوءِ آءٌ هلان ٿي.“
۽ حسب معمول فيضان ڦوڪجي چيو: ”مرضي آهي تنهنجي. مون ڪو روڪيو
آهي توکي!“
رابيل اٿي ۽ آفيس کان ٻاهر هلي وئي. گهر اچي به هوءَ تمام اداس
رهي ۽ اهو ئي سوچيندي رهي ته فيضان هن جي زندگيءَ
۾ عجيب تبديلي کڻي آيو آهي. هڪ ڏينهن سندس رويو
سندس لاءِ خوشيءَ جو پيغام کڻي ايندو ته ٻيو ڏينهن
وري اداسيون ۽ پريشانيون. ٻئي ڏينهن آفيس مان ڪم
ختم ڪري هوءَ فيضان جي آفيس ڏانهن وئي پر کيس ڪجهه
ماڻهن سان گفتگو ۾ مصروف ڏسي گهر هلي آئي ۽ پوءِ
فريش ٿيڻ بعد هن فيضان کي فون ڪري چيو:
”تو وٽ ڪجهه ماڻهو ويٺل هئا انڪري آءٌ موڪلائي نه سگهيس. انڪري
هينئر فون ڪئي اٿم.“
فيضان چيو: ”سٺو ڪيئي، ٻيو ڏي خبر ته آفيس ۾ ته ڪم صحيح پيو هلي
نه. ۽ ها!.... اڄ توهان جي شعبي ۾ نئين ڇوڪري
سائره به موڪلي اٿم. اها ڪيئن آهي؟“
رابيل کيس تنگ ڪرڻ خاطر چيو: ”سٺي آهي بلڪ. بي حد خوبصورت آهي.“
فيضان: ”مون ان لحاظ کان ته نه پڇيو.“
رابيل: ”پر مون ته ان لحاظ کان چيو. بهر حال سٺو ڪم پئي ڪري.
ها! سڀاڻي کان عيد جون موڪلون پيون ٿين. انڪري آءٌ
توکي عيد جي ايڊوانس مبارڪ ڏيان ٿي.“
فيضان: ”ان خلوص لاءِ مهرباني، عيد تي آءٌ توکي فون ڪندس.“
رابيل چيو: ”مون کي تنهنجي فون جو انتظار رهندو.“
۽ پوءِ ٻنهي موڪلائي فون رکي ڇڏي.
جيتوڻيڪ هيءَ قربانيءَ واري عيد هئي پر رابيل هن عيد لاءِ
پنهنجن ڪپڙن لاءِ خاص اهتمام ڪيو ۽ ان ڏينهن هوءَ
سالن بعد ڪنهن عيد تي سٺي نموني تيار ٿي هئي ڇو ته
اڄڪلهه ڄڻ ته هوءَ هوائن ۾ اڏامي رهي هئي ۽ پوءِ
ڪچن ۾ وڃي الاهي عرصي بعد ڪجهه طعام تيار ڪيائين
پر ڪم جي دوران به سندس ڌيان ٽيليفون جي رنگ ڏانهن
رهيو ته متان فيضان فون ڪري ائين ئي ٻنپهرن جو قت
ٿيو ۽ ماني کائي هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ اچي ويهي رهي.
کيس شدت سان فيضان جي فون جو انتظار هو. ائين
ٻنپهرن مان شام ٿي وئي پر اڃا تائين فيضان جي فون
نه آئي هئي. سندس ڪن فون جي گهنٽيءَ جو آواز ٻڌڻ
جا منتظر رهيا ۽ هر گهنٽي تي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي
پئي وئي پر ٻين جا فون آيا هئا. هوءَ وري اداس ٿيڻ
لڳي ۽ سوچيائين ”هن کي منهنجي يادگيري ڇو نه
هوندي؟ هو ته دوستن سان ڪچهرين ۾ گهمڻ ڦرڻ ۾ مصروف
هوندو. هن کي ڇا آهي؟ سندس زندگي ته ڀرپور گذري
رهي آهي ۽ سندس چواڻي ته کيس ته ڪيتريون ئي محبتون
مليون آهن، پوءِ هن لاءِ منهنجو پيار ته فقط هڪ
اضافي محبت آهي، ضرورت نه. جڏهن ته هن وقت منهنجي
لاءِ سندس پيار انتهائي اهم آهي ڇو ته مون کي سندس
محبت جي ضرورت آهي ڇو جو هن وقت منهنجي زندگيءَ ۾
هن کانسواءِ ٻيو ڪو ماڻهو آهي ئي ڪونه. شاهه صاحب
چواڻي:
”مون ور تون ئي تون، تو ور وهون ڪيتريون.“
منهنجون ته سڀئي سوچون، سڀئي ڏک سک ۽ انتظار فقط هن جي ئي ذات
سان وابسته آهن پر کيس منهنجي پرواهه ئي ڪانهي ۽
کيس اهو احساس ئي ناهي ته منهنجي عيد جي واحد خوشي
فقط سندس هڪ فون ڪال ئي آهي پر کيس پنهنجي مصروفيت
مان فرصت ئي ڪونهي. آخر آءٌ ڇو زنده آهيان، ڪنهن
جي لاءِ..... ڪنهن کي به ته منهنجي ضرورت ڪونهي.“
سندس اکين مان ڳوڙها ڪرندا رهيا هوءَ ڪيتري ئي دير روئندي رهي
هئي.
شام مان وري رات ٿي ته رابيل ٿڪيل ٿڪيل انداز ۾ پلنگ تان اٿي ۽
آئيني جي اڳيان اچي بيهي رهي. سندس خوبصورت ڪارين
اکين ۾ پيل ڪجل روئڻ سبب ڪجهه ڦهلجي ۽ هلڪو ٿي چڪو
هو ۽ اکين جي ڳاڙهاڻ سندس اکين کي وڌيڪ حسن بخشي
رهي هئي. لپ اسٽڪ به هاڻي ڪافي هلڪي ٿي چڪي هئي ۽
چهري جي آسپاس وارن جون لٽون پکڙجي ويون هيون.
هوءَ پوءِ به تمام پر ڪشش لڳي رهي هئي. هن پنهنجي
ڪپڙن ۽ پنهنجي سراپي جو بيحد اداسيءَ مان جائزو
ورتو ته اوچتو فون جي رنگ وڄڻ تي سندس دل زور سان
ڌڙڪي ۽ هن بيتابيءَ سان فون جو رسيور کڻي ”هيلو“
چيو ۽ پوءِ فيضان جو آواز ٻڌي کيس هڪ لمحي ۾ سڀ
ڪجهه وسري ويو هو.
”عيد مبارڪ!“ فيضان ڳنڀير لهجي ۾ چيو. رابيل بناوٽي ناراضگي سان
چيو: ”توکي فرصت ملي وئي پنهنجن عزيزن ۽ دوستن
کان؟ هينئر يادگيري آئي آهي توکي منهنجي؟“
فيضان چيو: ”ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته قربانيءَ واري عيد آءٌ
هميشه پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي حويليءَ ۾ ئي ڪندو آهيان
۽ پوءِ اتي سڄو ڏينهن ماڻهو ملڻ لاءِ پيا ايندا
آهن. بس، ٿوري دير اڳ ئي هتي پهتو آهيان. في الحال
صرف توکي عيد جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ فون ڪئي اٿم.
تفصيل سان وري پوءِ ڳالهائينداسين.“
رابيل مايوسيءَ سان چيو: ”مون ته ايڏو ڪجھ سوچي رکيو هو ته
توسان هي ڳالهائيندس، هو ڳالهائيندس پر تو وٽ ته
ٽائيم ئي ڪونهي . فيضان آءٌ پاڻ کي تمام اڪيلو پئي
محسوس ڪريان . موسان ڳالهاءِ . اڄ پاڻ الاهي
ساريون ڳالهيون ڪنداسين.
”آءٌ سڀاڻي فون ڪندس، پوءِ پاڻ الاهي ساريون ڳالهيون ڪنداسين،
هن وقت مون کي ٻاهر وڃڻو آهي ۽ واپسي تي وري متان
وڌيڪ دير ٿي وڃي .“
”جيئن تنهنجي مرضي .“ رابيل اداس ٿي وئي ۽ پوءِ ٻنهي موڪلائي
فون بند ڪري ڇڏي .
هوءَ ٻئي ڏينهن سڄو وقت انتظار ڪندي رهي ، پر فيضان فون نه ڪئي
. ائين ٿيو ڏينهن گذري ويو پر فيضان هن سان رابطو
نه ڪيو . هوءَ شديد ڪشمش مان گذرڻ لڳي ۽ وري منفي
خيال سندس ذهن ۾ ديرو ڄمائڻ لڳا.
هلندڙ |