شگفته انعام ڀٽي
”سلويا پلاٿ جي خودڪشي“
(سٺ جي عرصي ۾ آمريڪي ڄائي شاعره برطانيه جي شاعر ٽيڊهيوز سان
شاديءَ بعد برطانيه ۾ رهي. سلويا پلاٿ جي خودڪشيءَ
يورپ ۽ آمريڪي حلقن ۾ ڪافي سنسني پيدا ڪئي هئي)
ٽيهن سالن جي عمر ۾ 11 فيبروري 1963ع تي سلويا پلاٿ پنهنجي ٻنهي
ٻارن کي ڪمري ۾ محفوط ڪري ويهاريو. ڪمري جي ڪري
کليل ڇڏي پوءِ پاڻ کي وري بورچيخاني ۾ بند ڪري،
گيس کولي پاڻ کي موت جي حوالي ڪري ڇڏيو.
گذريل ويهن سالن کان ڪافي مرد تنقيد نگارن ان جي خودڪشيءَ جو
سبب ”موت جي نفسياتي خواهش“ کي قرار ڏنو آهي جنهن
جي لاءِ هو هن جي شروعاتي نظمن مان حوالا تلاش ڪري
وٺن ٿا.
ٻين شاعرن وانگر پلاٿ به موت ڏانهن متوجهه هئي. موت زندگيءَ جو
حاصل آهي، اهو زندگيءَ کي با معنيٰ بڻائي ڇڏي ٿو.
ڪنهن شاعر جي لاءِ موت ائين به آهي، جيئن مصور جي
لاءِ رنگن جي پليٽ ۾ لازمي طور تي اڇو رنگ، جنهن
کان سواءِ ڪو رنگ تيار نٿو ڪري سگهجي.
يونيورسٽيءَ ۾ تعليم دوران پلاٿ جي خودڪشيءَ جي هڪ ڪوشش (جيڪو
شاگردن ۾ هڪ عام رجحان آهي جنهن جو سبب ڪم جو گهڻو
بار آهي.) ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ننڍي عمر
۾ ئي هن جي پهچ موت جهڙي بيش بها قيمتي حقيقت
تائين ٿي چڪي هئي.
پلاٿ پنهنجي مزاج جي اعتبار کان نه ذهني مريض هئي نه وري
زندگيءَ جي اونداهي رخ کي ڏسندڙ ڪا شيخصيت هئي ان
جي ابتڙ هوءَ زندگيءَ جي خوشين ۽ مسرتن تي اعتبار
ڪندڙ هئي. هوءَ سمجهي پئي ته قسمت ان سان گڏ آهي ۽
محنت ۽ لڳن سان هوءَ زندگيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه حاصل
ڪري سگهي ٿي، جيڪو ڪجهه هن چاهيو ٿي. هن جي
شاعريءَ ۾ غم ۽ غصو جيڪو هن جي سڃاڻپ بڻيو، دراصل
انهن اميدن جي مڪمل ٿيڻ جي ڪري آهي جو ڀرپور مسرت
۽ ڪاميابيءَ جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هن قائم ڪري رکي
هئي.
ٻئي طرف عورت تنقيد نگارن پنهنجو ڌيان ان جي گهريلو زندگي کي ئي
مرڪز بڻائي رکيو، جنهن ۾ هن کي بيزار ڪندڙ گهر جون
ذميواريون پوريون ٿي ڪرڻيون پيون. جڏهن ته سندس
مڙس هڪ ڪامياب شاعر جو مرتبو حاصل ڪري چڪو هو.
لکندڙ عورتن جي مطالعي ۾ عام طور تي ان جي شاديءَ کي ئي اهميت
ڏني وئي آهي ۽ پلاٿ جي سلسلي ۾ ته وڏي حد درجي
تائين اهو صحيح به آهي، ته هوءَ هڪ وڏي ذهين شاعره
هئي، پر جذباتي سطح تي زندگيءَ بابت ان جا تصور
اهي ئي هئا، جيڪي عورتن جي رسالن ۾ ڇپجندا آهن،
يعني عورت کي مردن جي ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ خوبصورت،
ذهين ۽ عورتپڻي سان ڀرپورهئڻ گهرجي. مرد کي وڏي قد
وارو، ۽ وصفن وارو هئڻ گهرجي. ٻئي هڪٻئي سان ڀرپور
شدت سان پيار ۾ مبتلا ٿين. شادي ڪن ۽ ٻار پيدا ڪن
اتان کان ئي خوشين جي شروعات ٿئي ٿي.
ان جو مرد ”ٽيڊ هيوز نڪلا“ جيڪو شاعر هو ۽ هيرو جي تصور تي پورو
هو. پلاٿ شدت سان ان جي محبت ۾ سمائجي وئي. انتها
پسندي پلاٿ جي فطرت جو حصو هئي. ملاقات جي چئن ئي
مهينن کان پوءِ انهن جي شادي ٿي وئي. جڏهن ته پلاٿ
اڃا سوڌو ڪئمبرج ۾ تعليم حاصل ڪري رهي هئي. پلاٿ
جي ويجهو سچين خوشين جي حاصلات جو وسيلو روايتي
هو. جيڪو عام طور تي اسان جي ئي عورتن جو هوندو
آهي ۽ جيئن ئي هو ان جي محبت ۾ مبتلا ٿي ان ترت ئي
پنهنجي والده کي ڪتاب
Joy of cooking
موڪلڻ جي لاءِ لکيو، ”اهو ڪتاب جنهن جي مون کي
کوٽ محسوس ٿي رهي آهي.“
پنهنجي شاديءَ جي پهرئين سال ئي ان پنهنجي ماءُ کي لکيو، ”مون
وٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ ئي وقت ۾ ٽي ڪم نه هئڻ گهربا
هئا. لکڻ، رڌ پچاءُ گهر جي سار سنڀال ۽ مشڪل
امتحان جي تياري (ان ۾ هيوز ۽ ان جون وري پنهنجون
تحريرن جا مسودا ٽائيپ ڪرڻ شامل نه هو، جيڪي هڪ ئي
وقت ۾ ويهن صفحن کان گهٽ نه هوندا هئا.“ انهيءَ خط
۾ ان اڳتي جيڪو ڪجهه لکيو آهي، جيڪڏهن اهو افسوس
ڀريو ثابت نٿو ٿئي ته ان تي کل ٿي اچي. ”اسان کي
ڪجهه سالن تائين ٻارنه گهرجن. جيستائين اسان مالي
طور تي گهر ۾ ملازم رکڻ جي قابل نه ٿيون ته جيئن
گهر جون ذميواريون پنهنجي ان خوشيءَ تي نه حاوي
ٿين جيڪا مون کي لکڻ مان حاصل ٿئي ٿي.
ملازم ته ڪڏهن نه رکي سگهيا. ها باقي ٻار پيدا ٿيا. تڏهن پلاٿ
کي خبر پئي ته شاعريءَ ۽ ٻار هڪ وقت ۾ گڏجي نٿا
هلي سگهن. ان جي شاديءَ جو پهريون خوشين ڀريو سال
هيوز ۽ پلاٿ ٻنهي جي لاءِ پيسي جي طور سٺو گذريو.
ساڳي راهه تي گڏ گڏ ڊوڙندي پهرين ڌيءَ جي آمد کان
پوءِ، ٻئي مخالف رخ ۾ هلڻ لڳا. هيوز تيز رفتاريءَ
سان ڪاميابيءَ ۽ شهرت جي آسمان تي وڃي پهتو ۽
تقريباً انهيءَ تيزيءَ سان پلاٿ مايوس ۽ نا
اميديءَ ڏانهن وکون کنيون.
پهرين ۽ اڄ به لنڊن جي ادبي ماحول تي هڪ طرح سان ڪئمبرج ۽
آڪسفورڊ جي مردن جي هڪ هٽي آهي. انهيءَ ساڙ جي ڪري
پلاٿ کي پڪو يقين هو ته هڪ ته ڪئمبرج جي تعليم
يافتا باصلاحيت عورت جيڪا پرڪشش به آهي. ان ماحول
۾ ڪامياب رهندي. هيءَ اها سوچ آهي جيڪا ان جنس ۾
ورتل سماج ۾ عورتن جي ذهن ۾ ڳالهه ويهاري وئي آهي.
ان ٻين لکندڙ عورتن کي ته پنهنجو مخالف سمجهيو پر
مرد هن جي لاءِ حقيقت ۾ چئلينج هئا. هن دوستي انهن
سان ڪئي. انهن جي عزت ڪئي، خوشامد ڪئي ۽ ائين
سمجهندي رهي ته اهي هن سان انصاف ڪندا.
جڏهن ته ان جو پهريون ڪتاب
The colossus
ڇپيو ۽ ان تي هڪ اڌ تبصرو به
شايع ٿيو جنهن ۾ سرپرستيءَ جي انداز ۾ تعريف ڪئي
وئي هئي ته هن ان کي پنهنجي وڏي ناڪامي سمجهيو. هن
پنهنجي ڪتاب جي ڪاميابيءَ جو انداز ان ڳالهه مان
لڳايو ته ان جي وڪري مان ڪيترا پيسا ڪمايا. ان کي
سخت مايوسيءَ کي منهن ڏيڻو پيو ته هن جي ڪتاب کي
ضرورت کان گهٽ شهرت ۽ مقبوليت ملي آهي. هن ٻڌايو
ته مون کي ڪو به انعام نه مليو آهي. امريڪن پبلشر
هن جي لاءِ پبلشر (Heinemamm)
جي طرف کان ان جي پبلسٽي به نه ڪئي وئي آهي. ڇو ته
مان ان مان هڪ پيسو به نه ڪمائي سگهنديس ۽، وري ڪو
جي ان تي انعام ملي ته ائين پوءِ ڪو ماڻهن جو ڌيان
ڇڪي سگهي.
اپريل 1906ع ۾ فريڊا جي پيدا ٿيڻ کان ستن مهينن کان پوءِ پلاٿ
جي خطن ۾ ان وڌندڙ ٻٽ ۽ گهٽ جو اظهار آهي جيڪو وقت
جي کوٽ ۽ لکڻ تي پورو ڌيان نه ڏيئي سگهڻ جي ڪري
پيدا ٿيو، پر آڪٽوبر ۾
The colossus
جي ڇپجڻ کان پوءِ ان جي پريشاني ويتر نراسيت ۾
تبديل ٿيڻ لڳي.
ان سال پلاٿ صرف ٻارهن نظم لکيا ۽ خود انهن کي مئل تخليق (Still
Born)
چيو. ”اهي نظم زندهه نه رهندا“. هن جي لاءِ اهو
مشڪل قسم جو انڪشاف هو. ان ٻارن جي پيدائش کي وڏي
خوشيءَ سان قبول ڪيو هو ۽ هن کي اميد هئي ته جلد
ئي گهر ۽ ٻارن جي ڪم ڪار کي روٽين ۾ آڻجي ۽ هوءَ
پنهنجي سرگرمين ۾ مصروف ٿئي پر وقت سان گڏ اهوثابت
ٿيو ته سکڻو ان جي خوش فهمي هئي. مايوسي ۽ صدمو
جيڪو نه لکڻ جي ڪري پيدا ٿي رهيو هو. ان صورتحال
هن کي ڪافي منجهيل صورتحال ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو.
ان صورتحال جو هڪ افسوسناڪ پاسواهو به هو ته ڪنهن
جو به ان سان گڏ رهڻ مشڪل ٿي پيو هو، جنهن سان
محبت ڪرڻ، اهو غصو جيڪو هن جي هڪ نطم ”Zoo
Keeper’s wife“ ۾ نمايان طور نظر اچي ٿو ۽ اها نراسيت جيڪا هن جي نظم
”A life“ ۾ آهي ان جي لاءِ دل ۾ نرم گوشو پيدا ڪرڻ جو تصور به
مشڪل آهي.
ٻئي طرف هيوز بنان کٽڪي لکي رهيو هو. ان جي ڪم کي ڪافي مقبوليت
ملي رهي هئي. فيريڊا جي پيدائش جي ڇهن هفتن کان
پوءِ ان پنهنجي دوست جي اسٽڊيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جو بندو
بست ڪيو. جڏهن ته اها جڳهه ڪافي پري هئي، پر
پنهنجي ذهانت سان هن پنهنجي رخ جو تعين ڪري ورتو
هو. ائين پئي لڳو ڄڻ پلاٿ به ان کي اڻ ٽر سمجهي
قبول ڪري ورتو هو. هن پنهنجي والده کي لکيو هو ته،
”هن جي لاءِ ننڍي جڳهه ۾، جت صفائي ۽ ٻارن جي سار
سنڀال ڪري رهي آهيان، ات ويهي لکڻ ناممڪن آهي.
منهنجي لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ٽيڊ کي
خاموش ۽ پرسڪون ماحول گهرجي.“ جڏهن خود پلاٿ کان
پڇا ڪئي وئي ته شعري اظهار ان جي لاءِ تسڪين جو
باعث آهي؟ ته هن چيو، ”آه، صرف تسڪين ئي نه بلڪ
مان ته انکان سواءِ جيئڻ جو تصور به نٿي ڪري
سگهان.“ منهنجي لاءِ ائين آهي جيئن پاڻي، غذا يا
زندگيءَ جون ٻيون اهم ضرورتون“، شادي کان پهرين
ان بيحد خوشيءَ جي عالم ۾ هيوز جي لاءِ لکيو هو
”ٽيڊ چوي ٿو، ان ڪڏهن به ڪنهن شاعره جا اهڙا
خوبصورت نظم نه پڙهيا آهن جهڙا منهنجا آهن. انهن ۾
توانائي ۽ ڀرپور اظهار آهي. ان ۾
Teas Dale وانگر ڪمزور آواز آهي ۽ نه ئي
Millay
وانگر نرم غنائيت.
ادب جي جنهن دنيا ۾ مرد رهن ٿا ان ۾ عورتن جي شاعريءَ تي به
سنجيده گنجائش ناهي ۽ جڏهن ٻارن جي پيدائش کان
پوءِ ان جي ادبي تخليق غائب ٿيڻ لڳي ٿي ته ڪنهن کي
به اها پرواهه نه هوندي آهي ته هوءَ ڪهڙي تڪليف ۽
مشڪل مان گذري رهي آهي.
هيوز جي لاءِ خاموشي ۽ سڪون جو مقصد نه صرف گهريلو ذميوارين کان
ان جو فرار هو بلڪ ڪرب ۽ ڀوڳنا جي پاتال ۾ پلاٿ کي
اڪيلو ڇڏي ڏيڻو هو، جنهن جي گهرائين ۾ هوءَ لکڻ کي
ڇڏيندي وئي. بهر حال جون 1962ع ۾ شادي ٽٽڻ کان
پوءِ فيبروري 1963ع ۾ پنهنجي موت تائين پلاٿ سٺ
نظم لکيا، جن مان ڪافي شاهڪار آهن. جيتوڻيڪ هوءَ
جذباتي طور تي ناقابل برداشت ڪرب جي حالت ۾ لکي
رهي هئي، پر ان جي نظمن ۾ چٽو اظهار آهي جنهن جو
تخليقي سفر موت تائين جاري رهيو.
پروفيسر عنايت علي خان
دعا
پروفيسر عنايت علي خان اردوءَ جو هڪ مشهور شاعر آهي. پاڻ سنڌيءَ
۾ پڻ شعر چوندو آهي. سندس شاعريءَ ۾ مزاح جو رنگ
نمايان آهي، جيڪو ٻڌندڙ کي بي انتها محفوظ ڪري ٿو،
پر اصل ۾ ان مزاح ۾ جيڪو طنز جو چڀڪو آهي، اهو گهٽ
محسوس ٿيندو آهي. اها به حقيقت آهي ته اها ڳالهه
جيڪا سنجيده شاعريءَ ۾ نٿي چئي سگهجي، سا مزاحيه
شاعريءَ ۾ ڏاڍي سولائيءَ سان چئي سگهجي ٿي.
پروفيسر عنايت علي خان شاعرن جي جان آهي. ترنم
(تحت اللفظ) پڙهڻ جو سندس پنهنجو مخصوص انداز آهي.
پاڻ سنجيده شاعري به ڪئي اٿس. هتي اسين حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي ؒ جي سٽن جي تضمين ڪئي آهي. اسين
به ان دعا تي آمين چئون ٿا. (ادارو)
شاهه لطيف جي ديس ۾ پکڙي، الفت جو واپار، لاڳاپي جو سج ائين
اڀري،روشن ٿئي چوڌاري، مارئيءَ جي دلڙي ۾ جئن هو،
ماروئڙن جو پيار، نوان پراڻا سنڌي گڏجي، ڳائن
ميگهه ملهار، ڌرتيءَ کان اڀ تائين پکڙي، حب جي
هيءَ هٻڪار، سائين! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
شڪايت ضرور نروار ڪريو پر پيار سان!!
ماها رشيد
چيو ويندو آهي ته شڪايت ڪرڻ سان دلين مان مير ڌوپجي ويندي آهي.
ان ڳالهه کي سچ چئي سگهجي ٿو، پر اڄڪلهه وري ماڻهن
جا خيال بدلجي رهيا آهن. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي
ته شڪايتون ۽ ڏوراپا ڏيڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو
خاموش رهي. اها ڳالهه به ڪنهن حد تائين ته ٺيڪ ٿي
لڳي، ڇو ته اسين ڏوراپا ڏيئي پنهنجي دل جو بار ته
لاهي وٺندا آهيون پر انهيءَ سان اهو ٿو ٿئي ته
ماڻهو هڪٻئي کان پري ٿو ٿي وڃي.
سيما ۽ ندا پاڻ ۾ گهريون ساهيڙيون هيون ۽ هڪٻئي سان تمام گهڻو
فري به هيون، پوءِ ائين ٿيو ته سندن وچ ۾ ننڍين
ننڍين ڳالهين تان رسامو ٿيڻ لڳو ۽ دلين ۾ رنج رهڻ
لڳو.
سيما سوچيو، هڪٻئي سان ساهيڙيون ختم ڪرڻ کان بهتر آهي ته هڪٻئي
کان پري پري رهون، ڇو به اندر جي شڪايتن کي ختم
ڪيو وڃي، هن کي به جيڪي شڪايتون ۽ اندر جا ڏک هئا،
هن به صاف چئي ڏنا. آخر اهي ننڍيون ڳالهيون وڌي
ويون ۽ آخر طعنن ۽ تنڪن تائين وڃي ڳالهه پهتي،
نتيجو اهو نڪتو ته سالن جي محبت ۽ دوستي سدائين
لاءِ ختم ٿي وئي.
حقيقت ۾ ته اها چڱي ڳالهه هئي، پر طريقو غلط هو. ڇو ٻنهي کي
هڪٻئي مان جيڪي رنج ۽ۡ ڏک هئا، اهي پاڻ ۾ ويهي
پيار ۽ محبت سان شيئر ڪن ها ته مسئلو حل ٿي وڃي ها
پر ائين ڪونه ٿيو. ٻنهي سهيلين هڪٻئي سان اهڙو ڪنو
ڳالهايو ۽ هڪٻئي کي مهڻا ڏنائون جو دوستي ختم ٿي
وئي. شڪايت ڪرڻ جا به ڪي اصول هوندا آهن، ٻنهي ۾
ڪا هڪڙي به پنهنجي لهجي کي مٺو ڪري ڳالهائي ها يا
آرام ۽ محبت سان پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري ها ته
نتيجو اهو ڪونه نڪري ها پر ٻنهي پنهنجي پنهنجي ضد
۽ انا ۾ اچي هڪٻئي سان اهڙو ڳالهايو ڄڻ وري کين
ڪڏهن به ڳالهائڻو ڪونه هو. سالن جون محبتون منٽن ۾
ختم ٿي ويون.
ماهم جو چوڻ آهي ته منهنجي ننڍپڻ جي سرتيءَ سان ڪن سببن جي ڪري
ڳالهه ٻولهه ختم ٿي وئي، مون عقل کان ڪم ورتو ۽
مون پنهنجي موڊ کي صحيح ڪرڻ جو انتظار ڪيو ڇو ته
مون ڄاتو ٿي ته جيڪر آءٌ ڪاوڙ ۾ ڳالهائيندس ته پڪ
سٺو ڪونه ڳالهائيندس.
اهو به ڏکيو مرحلو هو، جو آءٌ پنهنجي گهري ۽ ننڍپڻ جي سرتي سان
ڪاوڙيل رهان، مون به ٿڌي دماغ ۽ دل سان سندس
ڳالهيون ٻڌيون، ان کان پوءِ اطمينان، سڪون سان
سندس سڀني سوالن جا جواب ڏنم، نتيجو اهو نڪتو ته
منهنجي دوست جي دل ۾ جيڪي به غلط فهميون هيون، اهي
نڪري ويون ۽ هن جي دل منهنجي طرفان صاف ٿي وئي.
پاڻ هن کي ڏک ٿي پيو ته پاڻ ائين ڇو سوچيائين. پاڻ
مون کان پنهنجي خراب رويي جي معافي ورتائين، ان
کان پوءِ اسان جي دوستي اڳي جيان ٿي وئي. ماهم ۽
سنجها به جيڪڏهن ندا جيان رويو اختيار ڪن ها ته
ضرور هو وڇڙي وڃن ها ۽ ٺاهه نه ڪري سگهن ها. ڪجهه
ماڻهو ننڍين ننڍين ڳالهين کي وڏو ڪري پيش ڪندا
آهن. انهن سان دلين ۾ ڏک رهجي ويندو آهي. اها ڪجهه
ماڻهن جي عادت هوندي آهي. اها عادت به حساس ماڻهن
جي چئي سگهجي ٿي. ننڍيون ننڍيون ڳالهيون وڌي وڻ
ٿين ٿيون ۽ ذهبي دٻاءَ الڳ رهي ٿو ۽ ماڻهن جي نظرن
۾ اچي ٿو وڃي ته هن کي ته هميشه ٻين سان شڪايت
هوندي آهي. هي ته ڪڏهن به ڪنهن مان خوش ڪونه
ٿيندو. اها ڳالهه به غلط ڪونهي ته هر شيءِ جي
گهڻائي گهاٽي ۾ وجهندي آهي. نه ڪي فائدي ۾؟
ڇو ته ان ماڻهوءَ ۾ ڪيڏيون به سٺايون هجن، چڱايون هجن، پر اهي
ڪنهن کي نظر ڪونه اينديون آهن. پر صرف اها ڳالهه
نطر ايندي ته هي ماڻهو گهڻيون شڪايتون ٿو ڪري، هن
جي اها عادت ڪا سٺا عادت ڪانهي. هر ماڻهو ان
ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ کان لنوائيندو ته وري نه ڪو
نئون مسئلو پيدا ڪري...!!
پر ائين هوندو ڪونهي، ڪن ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته ڪا ڳالهه
دل ۾ ڪونه رکندا آهن پر هر ڳالهه جيڪا دل ۾ هوندي
اٿن اها اڳيان وڌائيندا رهندا آهن. هو اهو سوچيندا
ته دل ۾ ڇو رکون. ٻئي کي ٻڌائڻي آهي، پوءِ ڀلي
اڳيان ڪنهن کي ڏک پهچي. پر گهڻو ڪري ائين ڪونه
هوندو آهي، جڏهن ٻنهي طرفن کان گرما گرمي هجي ته
جهيڙو وڌي سگهي ٿو.
چوندا آهن ته محبت سان پيار سان ڪنهن کي زهر به ڏيندئو ته هو پي
ويندو، اهڙيءَ طرح سخت ڳالهه مٺي لهجي ۽ پيار سان
چئي وڃي ته ڪنهن کي ڏکيو به ڪين لڳندو ۽ توهان جي
ڳالهه به ٻئي تائين پهچي ويندي. زندگي آهي ڪيتري،
ڪنهن کي ڪهڙي خبر، سڀاڻي ڪنهن ڏٺو آهي، ايتري
مختصر زندگيءَ کي پيار ۽ محبت سان جيئڻ سکون، نه
ڪي هڪٻئي سان ويهي حساب ڪتاب ڪريون ته تو منهنجي
لاءِ هيئن چيو ۽ مون تنهنهجي لاءِ هيئن چيو.
جيڪڏهن پنهنجي زندگيءَ ۾ سهڻا رنگ چٽڻ چاهيو ٿيون ته پنهنجي
لهجي ۽ پنهنجي رويي تي ضرور ڪجهه لمحا ڪڍي غور
ڪريو. جيئن اهي سڀ سهڻا رنگ جي توهان جي زندگيءَ ۾
شامل ٿي وڃن ته ضرور توهان کي به مزو ايندو. اهو
سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن توهان پنهنجون سڀ شڪايتون
پاسيريون ڪري هڪٻئي سان خلوص ۽ سچائيءَ سان ملو.
ٻين جي غلطين کي ڪڏهن ڪڏهن درگزر ڪريو. ڏک ڏوراپا
هڪٻئي کي ڏيندا ته ان مان هڙ حاصل ته ڪجهه ڪين
ٿيندو، پر وڃائبو گهڻو ڪجهه!!
تيز ۽ تکي لهجي ۾ چيل ڳالهيون توهان کان توهان جا پيارا، سنگتي،
ساٿي ۽ مٽ مائٽ ته پري ڪري سگهن ٿا، پر توهان جي
دل ۾ جيڪي ڏک ۽ ڏوراپا آهن اهي ته گهٽ ڪين ٿي
سهگندا.
پر توهان جا پيارا دوست توهان کان هميشه وڇڙي ويندا. انڪري ڏک ۽
ڏوراپا ڏيو، پر پيار سان، پنهنجائپ سان ۽ ٿڌي لهجي
۾، جيئن ڪنهن کي توهان جي ڳالهه جو ڏک نه ٿئي.
مُلهه مَهانگا سُپرين
گلبدن جاويد
اڄ پرهه ڦٽيءَ سان ئي زيبا جي دل ۽ دماغ تي انيڪ ۽ انوکن خيالن
جو واسو هو. کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته پاڻ خوشيءَ
جي ڪيفيت مان پئي گذريم يا غم جي ڪيفيت مان! پاڻ
ته اهو به فيصلو ڪري نه سگهي هئي ته اڄ جو صبح
ايترو رنگين، وڻندڙ۽ دل فرحت ڏيندڙ ڇو آهي.
هيرآباد (حيدرآباد) جون هيرون ته هونئن ئي ٿڌاڻ ۽
هٻڪار جي ڪري ڏيهه پرڏيهه مشهور آهن. پر اهي
هيرون، هميشه مون کي ڪنهن نه ڪنهن پيڙا جي سار
ڏيارينديون آهن. جنهنڪري مان انهن مان لطف اندوز
ناهيان ٿي سگهندي. ۽ رکي رکي سيني ۾ سور جي سٽ
اڀرندي اٿم ۽ مان ڪنهن ڄاتل _ اڄاتل درد ۽ پيڙا جي
ڪيفيت ۾ رهندي آهيان.
هاڻي ته انهيءَ درديلي يڪسانيت واري احساس مان پلئه ٿي ڇڏائڻ
چاهيان، پر ڪيئن...!؟ نه ته ڪو وقت هوندو هو جو،
درد به دل کي سرور ڏيندو هو. دل چاهيندي هئي ته
ڏينهن جا ڏينهن انهيءَ ڪيفيت ۾ محو ۽ مگن رهان. پر
هي اوچتو ڇا ٿي ويو آهي مون کي جو چاهيان ٿي ته
اهڙي ڪا گلاب رت اچي، جتي وصل ئي وصل هجي ڪا جدائي
نه هجي! اهڙو ميلاپ هجي جيڪو منهنجي جيون ۾ سرجيل
عذاب کي ائين مٽائي ڇڏي جيئن خزان کي بهار! ڪجهه
لمحن کان پوءِ کيس هر شيءِ اڻڄاتل ۽ دل وڍيندڙ درد
جو احساس ٿئي ٿو. پر وري به ان ڪشمڪش ۾ مبتلا ته
اڄ منهنجي دل جي ڪيفيت جو راز ڇا آهي؟ انهيءَ سوچ
سان ڪاليج وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳي. الماڙيءَ ۾
ٽنگيل بليو ڊريس پهري سينگار ميز جي سامهون اچي
بيٺي ۽ هاڻي کيس آهستي آهستي ڪجهه ياد اچڻ لڳو.
گلابي رنگ جي لپ _ اسٽڪ ۽ نيل پالش، هڻي لوشن جي
ڌيمي ڌيمي خوشبو ۽ شانزلي ۽ چارلي پروفيومز جي
خوشبو. اڃا انهن خيالن ۾ هئي ته ٽيليفون جي گهنٽي
وڳي. هن وقت ڪنهن جي فون ٿي سگهي ٿي. حيران ٿيندي
رسيور کنيائين (ڇو ته انهيءَ ٽائيم تي ڪنهن جي فون
اچڻ سندس وهم گمان ۾ به نه هو).
پريان ڪنهن مرد جو آواز گونجيو ”زيبا، زيبا، مان مظهر پيو
ڳالهايان. زيبا پليز، فون نه ڪٽجانءِ، وڏيءَ مشڪل
سان تنهنجو نمبر مليو آهي. مان هينئر سکر ريلوي
اسٽيشن تان پيو ڳالهايان، توسان ملڻ حيدرآباد پيو
اچان، پليز انڪار نه ڪجانءِ!“ مظهر جي آواز جي
لهجي ۾ جيڪا سڪ ۽ سوز هو ان زيبا کي هاڪار ڪرڻ تي
مجبور ڪيو. رسيور رکي بي خوديءَ مان پاڻ کي کڻي
صوفي تي ڇڏيائين. اکين مان لڙڪن جون لارون وهڻ
لڳس. سندس سوچ ڪيئي سال اڳ واري ماحول ڏانهن موٽي
وئي.
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن زيبا اڃا تيئن تيئن
يونيورسٽيءَ ۾ آئي هئي. باٽني ڊپارٽمينٽ ۾ سندس
پڙهائي شروع ٿئي ٻه مهينا مس ٿيا هئا، کيس بليو
سوٽ پاتل هو، مٿان آتشي گلابي ڀرت ڀريل ڪوٽي پاتل
هئس. پاڻ ان ڏينهن مائينر ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ
ڊپارٽمينٽ مان جيئن ئي نڪتي ته سامهون ڪرڪيٽ
کيڏندڙ ڇوڪرن جو بال ساڻس ٽڪرايو، جنهن کي هن جهٽ
۾ جهپي ورتو، نه ته ڪاڪ جو بال هڻي زخمي ڪري وجهيس
ها.
ڪجهه گهڙين لاءِ سڄي ٽيم خاموش ٿي وئي، پر پوءِ مظهر همت ڪري
اڳيان وڌيو، جنهن کي زيبا بال ڏنو. هن بال وٺندي
پهرين
Sorry
۽ پوءِ
Thanks چيو. هوءَ کيس بنان ڏسڻ ۽ ڪجهه چوڻ
جي هلي وئي. سندس ڪجهه پرڀرو ٿيڻ تي ڇوڪرن ۾ ٽهڪڙو
مچي ويو.
”مظهر! اڌ بليو ته توکي به ڪري وئي.“ اتي زيبا کي محسوس ٿيو ته
هن ڇوڪري جي پينٽ جو رنگ به بليو هو.
هڪ ڏينهن اوچتو ڪنهن مسئلي تي شاگردن آرٽس فئڪلٽي جي آڊيٽوريم ۾
هنگامي اجلاس سڏرايو. جن شاگردن تقريرون ڪيون انهن
۾ مظهر به هو. سندس تقرير، بڌندڙن تي سحر طاري ڪري
ڇڏيو. لفظن تي گرفت، ٻوليءَ جي سهڻائپ ۽ سندس
مطالعي جي گهرائيءَ ماحول تي وڏو تاثر ڇڏيو. شڪل
صورت ۾ به ته ملوڪ هو!
ٻئي ڏينهن مظهر کي سامهون ايندو ڏسي زيبا کيس چيو. ”ڪلهه اوهان
سٺو ڳالهايو. توهان نج سنڌي لفظ ميٺاج واري لهجي ۾
ڳالهايا. سچ پچ اهو احساس ٿيو ته اسان جي ٻولي اڃا
ڪيترن جڳن تائين زنده سلامت رهندي! سنڌي ٻولي سنڌ
۽ سنڌو اهي ئي اسان جي سڃاڻپ به آهن ته زندگي به.“
مظهر ڪجهه دير حيرانگيءَ مان کيس تڪيندو رهيو ۽
پوءِ مرڪندي چيائين، ته ”مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي
ته توهين پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ لاءِ ايترو پيار
۽ پاٻوهه رکو ٿيون، نه ته هتي پڙهندڙ گهڻين ڇوڪرين
کي اها سڌ ئي ڪانه آهي ته ڌرتي ڇا آهي؟ ٻولي ڇا
آهي؟ سچي به مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. تون ڪير
آهين؟ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ پر پنهنجو ديس به ساڳيو
آهي ته درد به ساڳيا آهن. انهيءَ کان وڌيڪ ٻئي
ڪهڙي رشتي جي ضرورت آهي.“ توهان مائينڊ نه ڪريو ته
هڪ ڳالهه چوان. اڄ توهان سان ملي محسوس ٿيو آهي ته
توهان منهنجا پنهنجا آهيو!“ ائين چئي هو وڃڻ لڳو.
زيبا کي خوشي ٿي ته پنهنجي ڌرتيءَ تي پنهنجي
ٻوليءَ ۾ پنهنجي ئي احساس اظهارڻ لاءِ ڪوئي ملي
وڃي ته پنهنجي ڌرتيءَ تي جلاوطنيءَ وارو احساس
ميسارجي وڃي ٿو. ڇو ته انهن ڏينهن ۾ شهر جون
حالتون ڪجهه اهڙيون هيون جوزيبا شهر وڃڻ ته ٺهيو
پر اوڙي پاڙي ۾ به نه وڃي سگهندي هئي. ساڻس گڏ
پڙهندڙ ساهيڙيون جيڪي ڏورانهن علائقن مان آيل هيون
۽ هاسٽل ۾ رهنديون هيون. انهن کي پيسا ڏئي ڪپڙا،
سينڊل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون گهرائيندي هئي! پاڻ
ماءُ پيءُ جي اڪيلي ڌيءَ هئي. جيڪي ڪراچيءَ ۾ سيٽل
هئا. پاڻ اڃا مئٽرڪ ۾ هئي ته هڪ ايڪسيڊنٽ ۾ سندس
ماءُ پيءُ گذاري ويا ۽ پاڻ ڏاڏيءَ سان هيرآباد
واري پراڻي گهر ۾ رهڻ لڳي. ننڍڙي وهيءَ ۾ ايڏي وڏي
هاڃي هيڻو ڪيو هئس، پر ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ سان هيرآباد
واري پراڻي گهر ۾ رهڻ لڳي. ننڍڙي وهيءَ ۾ ايڏي وڏي
هاڃي هيڻو ڪيو هيس، پر ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جي ڀرپور
لاڏ ڪوڏ ۽ توجهه کيس وسلڻ نه ڏنو. هنن زيبا کي خوش
ڏسڻ خاطر پٽ ۽ ننهن جي درد جي زهر کي امرت سمجهي
اندر ۾ اوتي ڇڏيو ۽ ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائون. زيبا جي
خوشي هنن جو آخري آسرو ۽ سهارو هئي. نه ته هنن ته
جيئڻ جي تمنا ڪڏهوڪو ڇڏي ڏني هئي.
زيبا به ساڻن بي انتها پيار ڪندي هئي. مٿن اول گهول پئي ٿيندي
هئي. ٿوري به کين منجهيل ڏسندي هئي ته اصل سک ڦٽي
پوندو هئس. جيسين اهي کلن ۽ مرڪن نه تيسين پئي
سندن دل ڌُتاريندي هئي. ائين هيءُ ٽن فردن تي ٻڌل
ڪٽنب هڪٻئي کان لڙڪ لڪائي پيو مرڪندو هو.
شايد زندگي ان جو ئي نالو آهي. جڏهن دل ۾ ڪنهن لاءِ پيار جو ٻج
اسرڻ لڳندو آهي، تڏهن چاهڻ جي باوجود به اک ملائي
ناهي سگهبي. اهو فطرت جو هڪ راز آهي جو ماڻهو
خوابن ۽ خيالن ۾ ته محبوب کي دل ۾ سجائي رکندو
آهي، پر هن جي سامهون اچڻ تي ڪجهه به ڪڇي ناهي
سگهندو. مظهر سان به ڪجهه ائين ئي هو. هو زيبا کي
دل جي گهرائين سان چاهيندو هو، پر ساڻس پنهنجي
چاهت جو اظهار ڪري نه سگهيو هو.
هو سوچيندو هو ته ڪاش! زيبا هر وقت منهنجي سامهون ويٺي هجي ۽
مان کيس ڏسندو رهان!
وقت گذرڻ سان زيبا، مظهر جي ذهن تي اهڙي ڇانئجي وئي جو،
جيستائين سندس جهلڪ نه پسندو هو، تيستائين سڪون نه
ملندو هو.
ڏينهن جو ته ڊپارٽمينٽ ۾ به ڏسي وٺندو هئس. پر باقي وقت ڪٽڻ
سندس لاءِ مشڪل ٿي پوندو هو.
هوڏانهن زيبا کي به اهڙي عادت پئجي وئي جو جيستائين مظهر کي نه
ڏسندي هئي، تيستائين اندر ۾ اڻ تڻ هوندي هئس. نظر
کان شروع ٿيل هي رشتو دل تائين پهتو، پر نظر جي
ڳالهه زبان سان ڪرڻ يا دل جو راز زبان سان عيان
ڪرڻ ٻنهي جي وس کان ٻاهر هو. توڙي جو روزانو هڪٻئي
لاءِ گلاب جا گل کڻي ايندا هئا، پر اهي سندن ئي
ڊائرين ۾ سڪي ويندا هئا. نه زيبا جي چوٽيءَ ۾ ڪو
گل لڳو، نه مظهر جي ڪالر ۾!
اهڙيءَ طرح پل پهرن ۾، ڏينهن هفتن ۾ ۽ هفتا مهينن ۾ گذري ويا،
فائينل سيميسٽر جا پيپر هلي رهيا هئا. ڪنهن سبب
ڇوڪرن شهر جي پوائنٽس (بسن) کي بيهاري ڇڏيو. زيبا
کي اڳ ۾ به اندازو هو ته جي گاڏيون بيٺيون ته
سانجهي ٿي ويندي، انڪري سوچيائين ته هاءِ وي تان
ڪا بس پڪڙجي يا ڦاٽڪ کان وڃجي!
سامهون مظهر کي پاڻ ڏي ايندو ڏسي زيبا کانئس پڪ ڪئي ته واقعي به
بسن کي روڪيو ويو آهي. مظهر کي انديشو هو ته دير
به ٿي سگهي ٿي. ”توهين هلڻ چاهيون ٿيون ته مون سان
هلو، مان پڻ شهر ويندس.“ زيبا سوچيو، اڪيلي وڃڻ
کان بهتر آهي ته مظهر سان وڃان!
”جي ها!“
ٻيئي روڊ تي هلي رهيا هئا ڄڻ هڪٻئي کي سڃاڻن ئي ڪونه! ڪير ڇا
ڄاڻي ته ظاهر طور الڳ نظر ايندڙ وجود دلي طور هڪ
ٿي چڪا هئا.
”اوهان جا پيپر ٿي ويا؟“ مظهر پڇيو.
”ها، باقي پرئڪٽيڪل رهيل آهن.“ زيبا وراڻيو.
”اسان جا به صرف پريڪٽيڪل رهيل آهن.“ مظهر ٻڌايو.
”پوءِ اوهان هتان هليا ويندا؟“ زيبا جي اندر مان سوال اڀريو.
”نه مان وڃڻ ته نه ٿو چاهيان، پر جنهن کي روڪڻ گهرجي، اهو
روڪيندو ته رهي پوندس.“
”ڇا مطلب؟“ زيبا منهن تان وارن جون چڳون هٽائيندي چيو.
مطلب آهي ”توهان“ مظهر زيبا جي اکين ۾ گهوري ڏٺو ته هن جي اکين
۾ خوشيءَ جي جهلڪ نظر آيس.
”توهان ڪڏهن به ڪجهه به منهنجي باري ۾ سوچيو آهي؟“ مظهر سوال
ڪيو.
زيبا جي ذهن تي شاهه ڪريم جو هي شعر تري آيو:
”پاڻياريءَ سر ٻهڙو، جرتي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾!“
پر کيس ٻڌائي نه سگهي.
”ڪهڙي سوچ ۾ گم ٿي ويا آهيو!!؟ مون ڪا غلط ڳالهه ڪئي!!“
”توکي ڪهڙي خبر ته منهنجي سوچن توکي پسڻ لاءِ ڪيڏو سفر ڪيو آهي.
منهنجي اکين ڪيڏا اوجاڳا ڪڍيا آهن. منهنجي روح
تنهنجي هجڻ ۽ نه هجڻ جي فرق جو درد ڀوڳيو آهي. هي
پورو سال ڪيئن وقت گذاريو آهي. تو ڪڏهن به منهنجي
اکين ۾ جهاتي پائي اندر ۾ لڪل درد کي محسوس نه
ڪيو.“ زيبا چيو.
مظهر حيرانگيءَ مان کيس تڪيندو رهيو ۽ پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ لڳو
ته سال کان سيني ۾ سانڍيل چاهت جو زيبا سان اظهار
ڪري نه سگهيو هو. نيٺ پاڻ سنڀاليندي چيائين.
”جيترو مون توکي چاهيو آهي شايد ئي ڪنهن ڪنهن کي
چاهيو هجي، پر زيبا، محبت جي ڀرم جون به ڪي
تقاضائون هونديون آهن. جڏهن کان توهان کي ڏٺو اٿم
تڏهن کان دل جي هر تار ۽ زندگيءَ جي هر ساهه
تنهنجي هجڻ جو يقين ڏياريو آهي ته تون منهنجي
آهين. فقط منهنجي!!“
”مون پنهنجي ۽ تنهنجي حصي جو درد ڀوڳيو آهي. مون کي احساس هو ته
ڪٿي نه ڪٿي تنهنجي دل جي ڪا نه ڪا ڌڙڪن منهنجي
نالي سان ڌڙڪندي هوندي. پر وري به اهو احساس ته
تون اڃا هتي نئين آهين.
متان ڪوئي توتي آڱر کڻي. ڀل منهنجي دل ٽٽي يا منهنجي جان وڃي،
پر شل نه پيار جو ڀرم ٽٽي. شل نه محبت جو شان
وڃي!“
پنڌ کٽي ويو پر هنن جي پريم ڪهاڻي اڃا شروع ئي مس ٿي هئي. ٻئي
ڏينهن المنظر تي ملڻ جو پروگرام رکي. ٻڏندڙ دل سان
هڪٻئي کي خداحافظ چيائون.
رٿيل پروگرام موجب صبح جو ٺيڪ ڏهين لڳي مظهر سندس گهر پهتو ته
زيبا اول ئي در وٽ انتظار ۾ بيٺل هئي ۽ ڪجهه منٽن
کان پوءِ المنظر ريسٽورنٽ ۾ اچي ويٺا. شايد هي
پهريون جوڙو هو. جنهن هتي اچڻ جي ابتدا ڪئي هئي.
گهڻي دير تائين خاموشيءَ سان هڪٻئي کي ڏسندا رهيا ۽ اکين ئي
اکين ۾ هڪٻئي کي ڏک ڏوراپا ڏيندا رهيا. دل جو
احوال اوريندا رهيا. پوري سال جي تڙپ ۽ سڪ جا
احساس ونڊيندا ۽ سرور ماڻيندا رهيا.
هنن جي ملاقات جو سلسلو جاري رهيو انهيءَ دوران سندن ملڻ جي
جاءِ سنڌو ڪناري ”المنظر ريسٽورنٽ“ ئي هوندي هئي.
سندن ڪچهريءَ جا موضوع سنڌ، لطيف، سچل، سامي شاهه
عنايت شهيد، کان بلي شاهه، وارث شاهه، خواجا فريد
جي شاعري، شيڪسپيئر ۽ ”وليم ورڊس ورٿ“ وغيره هوندا
هئا. هي ظاهر ۾ ماڊرن لڪ رکندڙ جوڙو حقيقت ۾
فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو. سندن سوچ مطابق انسان
وڏي شيءِ آهي. حقن ۽ فرضن ۾ تميز رکڻ هنن جو ايمان
هو. مظهر جي ڪوشش هوندي هئي ته زيبا پنهنجي ڪلاس ۾
ٽاپ ڪري، انڪري پڙهائيءَ ۾ کيس تمام گهڻي مدد ڪندو
هو.
مظهر جو آرڊر گورنمينٽ بوائز ڪاليج ۾ ٿي ويو. هاڻي هو ڏاڍو خوش
هو. زيبا کي چيائين ته تون چاهين ته منهنجا ماءُ
پيءُ اچي تنهنجي گهر وارن کان تنهنجو سڱ گهرن.
مظهر جي پيار جو تصور ڪندي زيبا پاڻ کي آڪاش تي
اڏامندي محسوس ڪندي هئي. سندس ننڍپڻ جا سڀ ڏک
ميسارجڻ لڳا هئا. ڇو ته کيس هميشه يتيميءَ جو
احساس ستائيندو هو، پر هاڻي زندگي پيار جي ڇانو ۾
مڪمل لڳي رهي هئي. مظهر، زيبا جي نالي تي هڪ پلازه
۾ فليٽ بڪ ڪرايو. ڇو ته هو نه پيو چاهي ته زيبا
سکر جي ساڙيندڙ لڪن ۽ جهولن ۾ هلي رهي. زيبا به
آنرز ڪري ورتي. سندس پهرين پوزيشن آئي. انهيءَ
خوشيءَ جي موقعي تي پنهنجي ڏاڏيءَ کي مظهر بابت
ٻڌايائين. جيڪا ڏاڍي خوش ٿي ۽ ٻئي ڏينهن زيبا جي
پوزيشن اچڻ جي خوشيءَ ۾ دعوت ڪيائين. جنهن ۾ به ٽي
ڪٽنب سندن مائٽن جا ۽ ٻه ٽي دوستي وارن جا
سڏيائين. مظهر کي به ان دعوت ۾ سڏيو ويو ۽ پارٽي
ختم ٿيڻ کان پوءِ سندس گهر وارن مظهر سان نويڪلي
ڪچهري ڪئي. ٻيئي کانئس ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ کيس اجازت
ڏنائون ته هو پنهنجي ماءُ پيءُ کي وٺي اچي ڳالهه
پڌري ڪري وڃي.
مظهر پنهنجي مائٽن سان جڏهن ڳالهايو ته ماڻس ۽ پڻس چيس ته ؟ائين
وري ڪيئن ٿيندو جو تون ٻاهران شادي ڪري اچين! اسان
ته ويجهڙائيءَ ۾ تنهنجي ڀيڻ ماهين جي نڻان صغريٰ
جي رشتي لاءِ هائو ڪار ڪئي آهي.“ اهي ڳالهيون ٻڌي
مظهر جي ته پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. کيس سوين
وسوسا وڪوڙي ويا ته زيبا ۽ سندس گهر وارن کي ڪهڙو
منهن ڏيکاريندس! زيبا کي جڏهن هن حقيقت جي خبر
پوندي ته هن تي ڇا گذرندي. سماج هن سان ڏاڍائي ڪري
ته سهي نه سگهان، باقي مان هن کي هيڏو ڏک ڏيان.
نه... نه..... نه.. مان ائين نه ٿو ڪري سگهان.
مائٽن جو فرض وڏو آهي. پر مان انهن جي هن فيصلي ۾
شامل ناهيان ۽ نه شامل ٿيندس. مائٽن کي ٺپ جواب
ڏيئي حيدرآباد هليو آيو. زيبا سان معمول مطابق
ملندو رهيو ۽ کيس ڪا به ڳالهه محسوس نه ڪرايائين.
مائٽن جي فيصلي جو ڪو به انت نه ڏنائينس، انهيءَ
لاءِ ته ڪٿي هوءَ پريشان نه ٿي وڃي.
هاڻي ته زيبا جو ڏاڏو ۽ ڏاڏي به مظهر جو اوسيئڙو ڪندا هئا. جي
ڪنهن ڏينهن نه ويندو هو ته اهي پريشان ٿي ويندا
هئا. مظهر ڪاليج کان پوءِ فليٽ جي مرمت ڪرائڻ ۾
مصروف رهندو هو. در، دريون ۽ لائيٽنگ جي فٽٽنگ
زيبا جي پسند سان ڪرايائين. فليٽ تيار ٿيڻ شرط ئي
زيبا جي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ سان شادي ڪرڻ جي ڳالهه
ڪيائين ۽ انهن سندس مائٽن کي آڻڻ لاءِ چيو ته اچي
تاريخ وٺي وڃن ته هو به سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
زيبا جي ڏاڏي ته ڪنهن گهري سوچ ۾ گم ٿي وئي. پر سندس ڏاڏو مڇرجي
پيو، چيائين ”توهان ڳوٺاڻا ڇوڪرا انهيءَ لائق ئي
ناهيو ته ڪا پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪري توهان سان شادي
ڪري. تو اسان کي دوکو ڏنو آهي. اسان جي نياڻيءَ
سان محبت جو ڍونگ رچايو آهي. تو پنهنجي ڪيريئر
چمڪائڻ لاءِ زيبا جو سهارو ورتو آهي. بس اڄ کان
پوءِ اسان کي پنهنجي شڪل نه ڏيکارجانءِ! تنهنجي
ٽڪي جي ٽوڪريءَ ۽ ڪسيري جي فليٽ کي ڏسي نياڻي
تنهنجي حوالي ڪنداسين ڇا؟“ زيبا اهڙي اڻ ٿيڻي ڏسي
ششدر ٿي وئي، سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. زبان
ڪجهه ڪڇڻ کان قاصر هئي. مظهر به ڳوڙها اگهندو ٻاهر
نڪري ويو. ان ڏينهن کان زيبا جي ڏاڏي جي طبيعت
خراب رهڻ لڳي. ڪڏهن هاءِ بلڊ پريشر ته ڪڏهن شگر
وڌ ته ڪڏهن گهٽ. زيبا جي زندگيءَ ۾ جهڙوڪر ٿرٿلو
مچي ويو. زيبا کي يقين هو ته مظهر جيڪا به ڳالهه
ڪئي، سا حقيقت آهي، پر سندس گهر ۾ جيڪا هن سان ٿي
هئي. انڪري هوءَ پاڻ شرمسار هئي ته مظهر سان ڪيئن
ملان؟ هوڏانهن مظهر کي دل ۾ اها هورا کورا ته شايد
زيبا به مونکي دوکيباز سمجهيو آهي.
انهن ڏينهن ۾ زيبا جا ريسرچ جا ڪلاس هلي رهيا هئا. مظهر به اتي
ايندو هو، ٻيئي پري کان هڪٻئي کي ڏسي وٺندا هئا،
پر ڪا قوت کين ملڻ کان روڪيندي هئي. ان ئي سال
زيبا جو ڏاڏو وفات ڪري ويو. هاڻي زيبا جو من اندر
اجڙي ويو هو. سندس سپنا وکري چڪا هئا. نه رستي جي
خبر، نه منزل جو پتو! سندس ڏاڏي به اندر ۾ ڀڄي ڀور
ڀور ٿي پيئي هئي، پر وري به دنيا ڏٺي هئائين. پاڻ
۾ حوصلو پيدا ڪري زيبا کي آٿت ڏيندي چيائين ”زيبا!
زندگي رڳو سکن جو نالو نه آهي، پر زندگي ڪنڊن جو
رستو آهي، جنهن تان انسان صبر ۽ سهپ سان لنگهي پار
پوي ٿو. هي ڏک رڳو تو ۽ مون ناهن ڏٺا، پر دنيا سڄي
دردن، تڪليفن ۽ مصيبتن سان ڀري پئي آهي. شاهه
سائين ڪيڏي نه سهڻي ڳالهه ڪئي آهي: ”ڏک سکن جي
سونهن، گهوريا سک ڏک ري!“ کيس ڳراٽڙي پائيندي
چيائين، ”جيسين مان جيئري آهيان، توکي اداس ٿيڻ نه
ڏينديس. تون اڃا ٻار آهين، تون ڇا ڄاڻين ڏکن مان.
دنيا جو هر ڏک پنهنجي سر تي وسائينديس، پر توتي
ڏکن جو پاڇو به وجهڻ نه ڏينديس.“
ڏاڏيءَ جي هنج ۾ منهن وجهي زيبا اوڇنگارون ڏئي رني ته اندر جو
ڪجهه بار هلڪو ٿيس.
هڪ ڏينهن شام جو مظهر به هيسيل هانءَ ڏڪندڙ قدمن سان سندن گهر ۾
داخل ٿيو. زيبا جي ڏاڏيءَ سندس دل ۽ جان سان آڌر
ڀاءُ ڪيو ۽ هو به ڏاڏيءَ جي پيرن تي سر رکي خوب
رنو. چوندا آهن ” پٿر پرائو، سور سڀ ڪا پنهنجا
روئي.“ سو مظهر به جيئن ئي مائٽن سان رسي آيو هو،
تيئن وري واپس گهر نه ويو. هر مهيني پيسا مني آرڊر
ڪري ڇڏيندو هو. مظهر کي پنهنجي ماءُ سان بي انتها
محبت هئي. ڀينرن ۽ ڀائرن سان به ڏاڍو چاهه هيس، پر
پيءُ جي سخت رويي جو مقابلو نه پئي ڪري سگهيو.
مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ!“ بس سيني ۾ سوين سور
سانڍي پئي هليو. هيڏانهن وري زيبا جي رسامي هڻي
نهوڙي رکيو هئس. هينئر پاڻ کي حالتن جي رحم ۽ ڪرم
تي ڇڏي ڏنو هئائين. وقت جو وهڪرو ٻوڙي يا تاري.
وڌيڪ ڪجهه سوچي نه سگهندو هو. نه مرڻ جهڙو رهيو نه
جيئڻ جهڙو. پير زور هئس پهرين سال ئي نوڪري ملي
ويس، نه ته خودڪشي ڪرڻي پئجي وڃيس ها! هڪ جيون،
جنهن جي به ڪا خبر ناهي ته گهڻا ڏينهن. چوطرف
دٻاءُ ماءُ، پيءُ، رشتا ناتا، دوست، سماج ڪنهن
لاءِ جيئجي. ڪنهن جي مرضيءَ سان هلجي. ڪنهن کي خوش
ڪجي! ڪنهن کي رنج ڪجي! انهن ئي خيالن ۾ ملول هو ته
اوچتو سندس فليٽ جو دروازو کڙڪيو. هڪدم اٿي در
کوليائين ته سامهون سندس وڏي ڀيڻ ماهين، پنهنجي ٽن
ٻارن سان گڏ نظر آيس ۽ ماهين جو چهرو لٿل هو. ڪپڙا
به ڪي خاص پهريل نه هئس. ڏکويل ۽ شرمساريءَ واري
ڪيفيت ۾ اندر آئي. مظهر در کولي بيٺو رهيو، ڇو ته
کيس پڪ هئي ته ماهين پنهنجي مڙس (شاهنواز) سان گڏ
آئي هوندي!“ ادا در بند ڪر، اسان سان گڏ ڪير به
ناهي!“ ماهين ڏکاري لهجي ۾ چيو.
”ڇا شاهنواز ناهي آيو؟“ مظهر حيرانگيءَ مان پڇيو.
”ادانه. مان به ڪنهن مجبوريءَ سبب آئي آهيان.“
”پر ادا تون پريشان نه ٿجانءِ! مان توتي ڪو به بار نه رکنديس.
تنهنجي هر فيصلي ۾ ساٿ ڏينديس. ماهين ڀاءُ کان لڙڪ
لڪائيندي چيو.
مظهر کي دل تي جهڙوڪر ڌڪ لڳي ويو، پر پاڻ سنڀاليندي چيائين،
”ماهين منهنجو گهر تنهنجو پنهنجو گهر آهي، تون
مايوسيءَ جون ڳالهيون ڇو ٿي ڪرين!“ اتي ٻارن کي هٿ
منهن ڌوئار ته مان توهان جي کائڻ لاءِ ڪجهه وٺي
اچان،“ مظهر ٻاهر ويندي چيو.
رات جي ماني کائي پي ماهين ٻارن سوڌي وڃي هڪ ڪمري ۾ آرامي ٿي.
مظهر ڄاڻي واڻي کيس وڌيڪ نه کوليو، پر سمجهي
سڀڪجهه ويو هو. ماهين مظهر کي ڇهه سال وڏي هئي.
سڪيلڌي ڀاءُ کي اسڪول وٺي ويندي هئي. قرآن پڙهائڻ
لاءِ وٺي ويندي هئي. پتڪڙن هٿن سان کيس شيءِ
کارائيندي هئي. راند ڪڏائيندي هئي، ماڻس کٽ ۾ ڪپڙي
جي گنگوٽي ٻڌي ڏيندي هيس. هيءَ ويٺي کيس لوڏيندي
هئي. مظهر کي ياد آيو ته جڏهن ماهين جي شادي ٿي
هئي ته موڪلائڻ وقت پاڻ کيس ڀاڪر اوڇنگارون ڏئي
رنو هو. توڙي جو ماهين جو وهانءُ ساڳي ئي ويڙهي ۾
ٿيو هو. سندس ٻارن کي به مظهر ڏاڍو ڀائيندو هو.
سڀئي يادون هڪ هڪ ڪري سندس ذهن تي گردش ڪرڻ لڳيون.
هڪ پاسي ڀيڻ ۽ ٻارن سان ملي خوشي ٿي هئس، پر ٻئي
لمحي انهن جو اهڙي انداز سان اچڻ ڪنهن وڏي طوفان
جي اچڻ جو اشارو هو.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ماهين نيرن تيار ڪري ڀاءُ کي ڏني، مظهر
سهي سنبري، نيرن ڪري، ڀيڻ کان موڪلائي ڪاليج ويو.
اتي به من ۾ مونجهه ۽ اڻ تڻ هيس. جيئن ته کيس دنيا
جهان جو گهڻو مطالعو هو، سو ڪنهن لمحي ته کل به
اچي وئي ويس ته هينئر زندگيءَ کي گهلڻو ٿو پوي.
ڪاليج مان موٽندي ڀيڻ جي ٻارن لاءِ شيون شڪليون ورتائين. ڀيڻس
به گهر جي صفائي کان واندي ٿي منجهند جي ماني تيار
ڪري سندس انتظار ۾ ويٺي هئي.
ٻارڙا آرام ڪري رهيا هئا.
ماهين سندس ڀر۾ ويهندي چيو، ”ادا! تون مون کان حال احوال به نه
ٿو وٺين ته مان هيئن هٿين خالي ٻارين ٻچين تو وٽ
ڇو آئي آهيان!؟“
مظهر جي دل چيوته روئي پوي، پر پاڻ سنڀاليندي چيائين ”ادي! تون
پنهنجي ڀاءُ جي گهر آئي آهين، ڪنهن ڌارئي وٽ ته
ڪانه آئي آهين جو توکان اچڻ جو سبب پڇان!“
ڳوڙها اکين جا بند ڀڃي اچي ماهين جي ڳلن تي ڪريا.
”ادا مون توکي پاليو آهي، مون کي تنهنجي طبيعت جي خبر آهي. تون
پاڻ تڪليف سهي ويندو آهين، پر ٻئي ڪنهن تي ڪک به
ناهين سهندو! مون کي خبر آهي ته تون مون کي دکي
ڏسڻ نه ٿو چاهين، پر حقيقت کان انڪار ته نٿو ڪري
سگهجي! در اصل جڏهن تو صغريٰ سان شادي ڪرڻ کان
انڪار ڪيو آهي، تڏهن کان اسان جي گهر ۾ ممڻ مچي
ويو آهي. شاهنواز هڪ ٽنگ تي ٿي بيٺو آهي ته جي
تنهنجي ڀاءُ منهنجي ڀيڻ سان شادي نه ڪئي ته مان
توکي طلاق ڏيئي ڇڏيندس. مون کيس گهڻو ئي سمجهايو،
پر هو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ وڙهڻ ۽ گوڙ ڪرڻ لڳو. نيٺ
مون به سهي سهي چيومانس ته ڏي مون کي طلاق! هونئن
به ڀلا ڪهڙي سکي آهيان. سڄو ڏينهن ڀڳل جيپ
ڊوڙائيندو وتين، اچين اڌ رات جو نشو پي، ڊهين ته
وري ٻئي ڏينهن اٿين. نه گهر جو نه گهاٽ جو. نه
ٻارن جي اون. سو جڏهن مان سهاڳڻ آهيان ئي ڪانه ته
مون تي طلاق وري ڪهڙو اثر وجهندي!“
سو هن مون کي بيدرديءَ سان ماري گهر مان ڪڍي ڇڏيو. مان امان
وارن وٽ آيس ته اتي وري بابو مڇريو ويٺو هو.
چيائين، ڀاڻهين اسان جو نڪ وڍايو، وري رهيل ڪسر
تون پوري ڪئي. هاڻي جيڏانهن وڻئي، تيڏانهن وڃ. وري
به امان کي دل ۾ رحم پيو، جنهن ڀاڙو ڀتو ڏيئي،
توڏانهن موڪليو. پر ادا، مان توتي بار بڻجڻ نٿي
چاهيان. تنهنجي پنهنجي زندگي آهي. وڏن جهدن ۽
ڪشالن کان پوءِ توکي نوڪري ملي آهي. مان ته هميشه
توکي خوش ڏسڻ جي خواهشمند آهيان. تون خوش ته اسين
خوش! مون کي هت ڪٿي ڪم وٺي وڏي. ڪنهن گارمينٽ
فيڪٽريءَ ۾، چوڙين جي ڪارخاني ۾، ڪنهن پالر تي،
محنت مزدوري ڪري ٻچن جو گذر سفر ڪنديس، پر موٽي
مور نه وينديس! ادا مڙس جي وڏيرڪي منهنجي ڪهڙي ڪم
جي، جو بنان سبب جي گهر مان لوڌي ڪڍيائين. منهنجي
نڻان سان ڪو تنهنجو مڱڻو ته ٿيل ڪونه هو. تنهنجي
نوڪريءَ جو ٻڌي پاڻ ئي ڳالهه ڪڍيائون. انهيءَ ۾
ابي امڙ جو به قصور ڪونهي. تون پنهنجي فيصلي تان
هٿ نه کڻجانءِ! تنهنجو ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪو به ڏوهه
ناهي. اسان جو ماحول ئي آهي نفرت ۽ حسد وارو. تون
پڙهيل، ڳڙهيل ڇوڪرو آهين. تنهنجي زندگي ٺهي پيئي
ته اسان لک کٽيا!“
مظهر، ماهين جون ڳالهيون ٻڌي جتي ويٺو هو، اتي ئي کپي ويو.
سندس زبان ساٿ نه ڏنو جو هو ڪجهه ڪڇي. ماهين سندس اهڙي حالت ڏسي
پريشان ٿي وئي. نيٺ ٻيئي ڀاءُ ڀيڻ هڪٻئي کي ڳراٽڙي
پائي روئڻ لڳا. ڇو ته هنن وٽ هڪ درد نه، پر دردن
جو ديرو هو. مظهر ڪهڙيءَ وارتا سان نبري ڪهڙيءَ
سان نبري. ڪنهن جو رنج کڻي ڪنهن جو رنج نه کڻي!
ڪنهن کي ڇڏي، ڪنهن سان روح گڏي. هاڻي سندس سوچڻ جي
سگهه به جواب ڏيڻ لڳي هئي. ڪنهن چواڻي ته ”دل هڪڙي
درد هزار“ سو هزار مسئلن ۾ وڪوڙيل هڪ ماڻهو وڃي ته
ڪاڏي وڃي!
شايد ههڙي مرحلي تي ته ڪير پنهنجو پاڻ سان به انصاف ناهي ڪري
سگهندو! ان ڏينهن شام جو زيبا ۽ سندس ڏاڏي فليٽ تي
آيون. مظهر کين ڏسي وائڙو ٿيو، پر ماهين بردباري ۽
ڏاهپ سان هنن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پاڻ ئي ڏيٺ ويٺ
ڪرائيندي چيائين ته، مان مظهر جي وڏي ڀيڻ آهيان.
ٻارڙن جا امتحان ٿي ويا سو هتي ٻه _ ٽي ڏينهن گهمڻ
آيا آهيون. زيبا ۽ ڏاڏهينس ماهين جي سلڇڻائپ کان
ڏاڍو متاثر ٿيون. ۽ پهرين ملاقات ۾ ئي اهڙيون هري
مري ويون، ڄڻ ته ڪا سالن جي سڃاڻپ هجين. رات جي
ماني کائي ماهين کي گهر اچڻ جي دعوت ڏيئي موڪلائي
گهر روانيون ٿيون. هاڻي مظهر ۽ ماهين ڪنهن به
ڳالهه تي تبصرو نه پيا ڪن. سڀ ڪجهه پنهنجو پاڻ پيو
ٿئي!
ٻئي ڏينهن ماهين کي ٻارن سوڌو زيبا جي گهر ڇڏي پاڻ شهر ويو ۽
ايترن ڏينهن کان پوءِ گهر وارن سان فون تي رابطو
ڪيائين. سندس ننڍي ڀاءُ سعيد ٻڌايو ته ”ماهين جي
مڙس يا ساهرن مان ڪنهن به سندس پوئواري ناهي ڪئي.
امان توهان لاءِ پريشان آهي. اسان کي به ڏاڍي سڪ
لڳي آهي. توهان جا موڪليل پيسا ملندا رهن ٿا.“
ٻنهي ڀائرن روئندي هڪٻئي کي خدا حافظ چيو. مظهر ته
پاڻ کي چو کنڀو ٻڌل محسوس ڪيو. ماءُ پيءُ ڀينرن،
ڀائرن جي جدائي هڪ پاسي، ماهين جي گهر ڦٽڻ جو ڏک
الڳ ته مٿان وري زيبا سان نه ملڻ جو اوسيئڙو! انهن
خيالن هڻي هيڻو ڪري ڇڏيس، پر تڏهن به ٻڙڪ ٻاهر نه
ڪڍيائين.
هڪ ڏينهن ماهين منجهند ڌاري ٻارڙن کي سمهاري رهي هئي ته فليٽ جو
در زور زور سان کڙڪيو. مظهر جيسين اٿي در کولي،
تيسين ٻاهران ڪنهن ايترو زور سان ڌڪو ڏنو جو در جي
ڪنڍي ڀڄي پئي ۽ در کلي ويو. چار چڻا ڌو ڪري اندر
گهڙي پيا. ماهين، شاهنواز ۽ سندس ساٿين کي ڏسي
گهٻرائجي وئي. ساڳي ڪيفيت مظهر جي به هئي. شاهنواز
ماهين کي ٻانهن کان کنڀيو ته ٻين وري مظهر ۽ ٻارن
کي وٺي اچي گاڏيءَ ۾ هنيو. رات جو سکر پهچي مظهرکي
لاڪپ ڪرايائين. اهو الزام لڳائي ته منهنجي زال ۽
ٻارن کي ناحق بند ڪيو اٿس.
مظهر ٿاڻي تان خط لکي پنهنجي ننڍي ڀاءُ سعيد کي ڏنو ته زيبا کي
پوسٽ ڪري.
زيبا!
مون کي اڄ تو سان تمام گهڻيو ڳالهيون ڪرڻيون هيون. پر حالتن اهو
موقعو نه ڏنو. ڪالهه ماهين جو مڙس بي حيائيءَ ۽
ڏاڍائيءَ سان اسان کي هتي وٺي آيو آهي. مون ماهين
۽ گهر وارن خاطر زهر جو ڍڪ ڀري خاموشي اختيار ڪئي
آهي. مان لاڪپ ۾ آهيان. ماهين گهر آهي ۽ ٻار
شاهنواز وٽ آهن. هو چاهي ٿو ته مان سندس ڀيڻ سان
شادي ڪريان نه ته هو مون کي مارائي ڇڏيندو. مون کي
پنهنجي جان جي پرواهه ڪانهي. پر هو منهنجي گهر
وارن جي زندگي عذاب ڪري ڇڏيندو! خبر ناهي هيءَ خبر
توتي ڪهڙو اثر ڇڏيندي! پر پنهنجو خيال رکجانءِ!
مون کي احساس آهي ته تون مون کان سواءِ ڪيڏي اڪيلي
۽ اٻاڻڪي هوندينءَ! مان هت توکان سواءِ .... فقط
تنهنجي يادن جي سهاري آهيان. دعا ڪر ته جلدي ملون
نه ته جدائي جيئڻ ڪانه ڏيندي. هينئر ته مون وٽ
ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڪونهي. حالتن جي
آڌار آهيان. هاڻ ته زندگيءَ جا ساهه کڻڻ به
اڻانگا ٿي پيا آهن. اهڙي گهٽ ٻوسٽ سماجي نا
انصافين جي فضا ۾ ڪيئن زنده رهجي؟ بس تون پاڻ کي
سنڀالجانءِ! اهو منهنجو توکي عرض آهي. تون خوش
هوندينءَ ته تنهنجا ٽهڪ هوائن جي ذريعي مون کي
جيئڻ جو اتساهه ڏيندا. جنهن ڏينهن به آزادي ملي ته
سڌو تو وٽ هليو ايندس.
تنهنجو مظهر
زيبا خط پڙهي جهڙوڪر پنڊ پهڻ ٿي وئي. هي خط نه هو، ڄڻ ڪو تير
هو. جيڪو سنئون سڌو جگر ۾ کپي ويو هئس. زيبا اهو
سڄو ڏينهن اونڌو ڪنڌ ڪري سمهي رهي. ڏاڏهينس به صبح
کان ڪنهن مائٽياڻيءَ جي گهر ويل هئي. سانجهيءَ جو
هن اچي ڪمري جي بتي ٻاري تڏهن هن کي سمڪ آئي.
ڏاڏهينس کان دل جو حال لڪائڻ خاطر هوءَ واش روم
هلي وئي لڙڪ هئا جيڪي بيهڻ جو نالو نه پيا وٺن نيٺ
جيئن تيئن ڪري چانهه جا به ڪوپ ٺاهي اچي ڏاڏيءَ جي
ڀرسان ويٺي ڏاڏي جيڪا صبح کان ٻاهر هئي. تنهن ور
ور ڪري پئي ڀاڪر وڌس. ڏاڏي جو اٿاهه پيار ڏسي
ڪوڻيءَ جهڙي نرم دل واري زيبا هڪ پل ۾ فيصلو ڪري
ورتو ته ڇا منهنجي حال جي حقيقت ڄاڻي ڏاڏيءَ جو
جهريل ۽ نجهريل ڏيل ۽ ڏکن سان ڀريل من سهي سگهندو!
نه هر گز نه! مون کي هاڻ پاڻ تي ئي ڀاڙڻو آهي. هن
دکي عورت کي وڌيڪ دکي ناهي ڪرڻو. زيبا هڪ جهٽڪي
سان سڀني پريشانين کي ڌوڻي ڇڏيو. معمول مطابق رات
جي ماني کائي اوکا پوکا لاهي ڏاڏي ۽ پاڻ وڃي آرامي
ٿيون. بستري تي ليٽندي ئي زيبا کي مظهر جي لاڪپ ۾
هجڻ وارو تصوردل کي ڏارڻ لڳو. شاهنواز جي ارهه
زورائي، مظهر جي گهروارن جون مجبوريون، ڇا هاڻي
مظهر منهنجو ٿي نه سگهندو!؟ انهيءَ سوچ ۾ هانءُ
ڦارون ڦارون ٿيڻ لڳس. ڪجهه ڪڇڻ چوڻ ۽ سوچڻ جي سگهه
نه رهيس. بس اکين مان رسيون پاڻي وهڻ لڳس. هاڻي
اهو هن جو روز جو معمول بڻجي چڪو هو.
هڪ ڏينهن ڏاڏيءَ پڇيس ته ”مظهر ڪو نه ٿو ڏسجي؟“
زيبا وراڻيو، ”اوچتو ڪنهن ٽريننگ جي سلسلي ۾ ٻاهر هليو ويو
آهي.“
”ٻاهران فون ته ڪري سگهي ٿو.“
رات جو دير سان ڳالهايو هئائين، اوهين ستيون پيون هيون. ائين اڻ
تڻ ۾ ئي هڄيل هانءَ سان ڏينهن گذاريندي ڏاڏي به
الله کي پيار ٿي وئي. زيبا ماڻهن جي جهنگل جهڙي
سماج ۾ اڪيلي ٿي وئي. صبح جو ڪاليج ۽ پوءِ گهر. هڪ
ڪم واري ماسي ساڻس گڏ رهندي هئي. هاڻي زيبا جو سڄو
لاڙو تحقيق طرف هو. هوءَ پرڏيهه مان پي. ايڇ. ڊي
به ڪري آئي هئي. ظاهر ۾ خوش نظر ايندڙ زيبا اندر ۾
ڇيهون ڇيهون ٿيل هئي. هوڏانهن مظهر جو به ڪو اتو
نه ڪو پتو. نه ئي ڪو خط پٽ لکيائين. ”ڪاٿي ٿيو
ڪوهيار، ڪاٿي ٿي هٿڙا کڻين“ وارو قصو هو. اسان جي
مرشد لطيف خوب فرمايو آهي ته: ”ديسي سيڻ ڪجن،
پرديسي ڪهڙا پرين“ پر لکيو منجهه نراڙ ، قلم
ڪياڙيءَ نه وهي!“
زيبا به جهرندي جهڄندي جوڀن سان ويڙه وڙهي رهي هئي. سندس لاءِ
ڪيتريون ئي مائٽيون آيون، پر پاڻ ڪو فيصلو ڪري نه
سگهي. اڪيلائيءَ سان اهڙو ته ناتو جڙي ويو هئس جو
ان کي تبديل ڪرڻ نه پئي چاهي! پر ڪجهه عرصي کان
يڪسانيت مان بيزار ٿي پئي هئي. هر وقت پاڻ کي بي
چين محسوس ڪرڻ لڳي هئي. من ۾ وڏو مانڌاڻ متل هئس.
هوءَ سمجهي نه پئي سگهي ته هيءَ ڪيفيت ڪهڙي ڳالهه
جو اشارو آهي. جنهن دل ۾ سانڍيل سور کي جاڳائي کيس
وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو.
هاڻي انهيءَ آس ۾ هئي ته ڪاش! ڪا اهڙي تبديلي اچي جيڪا منهنجي
دل جا سمورا سور، درد، الڪا، اوسيئڙا کڻي وڃي ڪنهن
گهري سمنڊ ۾ اڇلي ۽ مون کي سرور ڏئي وڃي. پاڻ جيڪا
صبح کان تيار ٿي ويٺي هئي اتي ئي ويٺي رهي تان جو
مٿان اچي پاڇا لڙيا. سمڪ ان وقت آيس جڏهن دروازي
تي مظهر کي ڏٺائين. سالن جو عرصو تمام وڏو عرصو
آهي. ٻئي حيرانگيءَ سان هڪٻئي کي ڏسي رهيا هئا.
ٻنهي جي اکين ۾ درد پئي جهلڪيو، خوشي ڳوڙها بڻجي
ڇلڪي رهي هئي.
مائيءَ چيو: ”زيبا ماني لڳائي اٿم.“
ڪجهه دير کان پوءِ زيبا کان ته اهو به وسري ويو ته مظهر ڇهن
ڪلاڪن جي مسافري ڪري پهتو آهي، کيس آرام جي ضرورت
هوندي. مظهر واش روم مان ٿي اچي ڊائيننگ ٽيبل تي
ويٺو. ٻنهي کي وڏي عرصي کان پوءِ کاڌي ۾ سواد آيو.
پوءِ زيبا مظهر کي چيو ته تون وڃي آرام ڪر. وري شام جو
ملنداسين. مظهر کي هڪ ڪمري ۾ ٿانيڪو ڪري پاڻ به
پنهنجي ڪمري ۾ اچي سمهي رهي. هڪ ئي گهر جي ڇت
هيٺان ٻنهي سک جو ساهه کنيو. سالن کان پوءِ اڄ
پهريون دفعو دل کي سڪون مليو هين.
شام جو چانهه پيئندي وڏي ڇڪتاڻ کان پوءِ سندن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه
جو سلسلو جڙيو. ڇو ته ٻه پيار ڪندڙ دليون گهڙين ۽
پلن جو به وڇوڙو سهي ناهن سگهنديون. پر هي ته هيڏو
ڏونگر جيڏو عرصو جدا رهيا هئا. اڄ الائي ڪيئن مليا
هئا، ان ميلاپ کي ان حاصلات کي من ۾ محفوظ ڪرڻ پئي
چاهيائون. وقت جي وارتا سندن اندر کي ڀور ڀور ڪري
ڇڏيو هو. پر سندن شخصيتن ۾ ڪو خاص فرق نه آيو هو.
”زيبا تون اها ئي معصوم لڳي رهي آهي، تو ۾ ڪو به فرق نه آيو
آهي.“ مظهر چيو.
”جيڪڏهن وڌاءُ نه سمجهين ته تون به بلڪل اهڙو ئي نظر پيو اچين
جيئن يونيورسٽيءَ ۾ هوندو هئين.“ زيبا چيو.
”مان پنهنجو خيال صرف انڪري رکندو هئس ته جيئن توسان ملان ته
تون سڃاڻڻ کان انڪار نه ڪري سگهين.“ مظهر ڀوڳ ڪيو.
اهڙيءَ طرح کل ڀوڳ ۾ ڪجهه ڏينهن لنگهي ويا. نه
زيبا مظهر کان ايترن سالن جي دوري بابت پڇي سگهي،
نه مظهر ئي کيس ڪجهه ٻڌائڻ جي همت ڪئي. پر لڳو سو
پنهنجي فليٽ جي مرمت ڪرائي. زيبا کي چاٻيون ڏيندي
چيائين ته ”هاڻي پنهنجو گهر هلي سنڀال.“
زيبا حيران ٿيندي چيو، ”هي گهر تنهنجو ناهي ڇا؟“
مظهر: ”ٻيئي گهر تنهنجا مطلب منهنجا آهن، پر هاڻي توتي ڇڏيل آهي
ته تون مون کي ڪٿي ٿي رهائين!“
زيبا ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو، ”پر تو هيترا سال ڪٿي ۽ ڪيئن
گذاريا؟ ۽ وري اوچتو مون سان....؟“
”زيبا، مون توکي خط ۾ لکيو هو ته مان جنهن ڏينهن آزاد ٿيندس ته
سڌو تو وٽ هليو ايندس. هاڻي مان هر مونجهاري کان
آزاد آهيان. هاڻي تون هوندينءَ، مان هوندس ۽ پيار
هوندو.“ مظهر پر اعتماد لهجي ۾ چيو.
”پر تڏهن به......؟“ زيبا ڀڻڪيو.
مظهر نه چاهيندي به ٻڌايو ته ”زيبا، اتان جي پوليس مون کي ٽن
ڏينهن کان پوءِ آزاد ڪري ڇڏيو هو، منهنجي ذاتي
سڀاءَ جي ڪري، پر جيئن ته شاهنواز هڪ کرمغز ماڻهو
آهي ۽ ان کي دماغ ۾ تڏ ويٺل هئي، تنهن منهنجي گهر
وارن کي ڏاڍو پريشان ڪيو. مان اهڙي صورتحال ۾ هنن
کي ڪنهن جي ٻل تي ڇڏيان ها! مٿان ماهين جو زور ته
توکي صغريٰ سان شادي ناهي ڪرڻي. بابي جو وڻ ته اڄ
شادي ڪر ته ٻيو ڏينهن نه ٿئي. بس مڙئي الله کڻي
ٻڌي جو منهنجو سؤٽ صفدر جيڪو ماستر آهي، تنهن کي
جو اها خبر پئي، سو سڌو هليو آيو مون وٽ. پهرين ته
ڏاڍي چڙ ڪڍيائين، پر پوءِ منهنجو ڌيرج ڏسي اصل
ڳالهه تي آيو.
چئي ته ”توکي خبر ناهي ته مان ننڍي لاڪر صغريٰ کي پسند ڪندو
آهيان، وري ٿورو شرمائيندي چيائين ته هوءَ به مون
لاءِ آتي هوندي آهي. تون منهنجي ڀاءُ جي برابر
آهين. تون ائين نه ڪر، نه ته مان سڄي حياتي ڪنهن
ٻي ڇوڪريءَ سان شادي نه ڪندس. صغريٰ کان سواءِ
منهنجي زندگي اجڙي ويندي. هوءَ منهنجي دل جي راڻي
آهي ۽..... صفدر جي سڏڪن مون کي به رئاڙي ڇڏيو. ان
مهل تون مون کي شدت سان ياد آئينءَ.“ مون صفدر کي
چيو ته تون ڪو به فڪر نه ڪر. مان تنهنجي صغريٰ سان
شادي ڪرائي رهندس. تون رڳو چاچي وارن کي تيار ڪر.
صفدر مون کي ڀاڪر پائي ڏاڍو سرهو ٿيو. چئي، ”تون
واقعي به اسان جو جگري سوٽ آهين!“
ان رات صفدر جو پيءُ بابي وٽ آيو ته هلي شاهنواز وارن کان صغريٰ
جي ٻانهن گهري. بابي چيو ائين وري ڪيئن؟ صغريٰ تي
ته مظهر جو نالو پئجي چڪو آهي. اها وري تنهنجي
ننهن ڪيئن ٿيندي!
مون بابي کي ٻئي هٿ پيرن تي رکندي آزيون نيزاريون ڪندي چيو،
بابا صغريٰ منهنجي ننڍڙي ڀيڻ جي برابر آهي. هروڀرو
اهو گهنگهر منهنجي ڳچيءَ ۾ ڇو ٿا وجهو. مان اڳ ۾
ئي ڪنهن سان سڱ ڳنڍي چڪو آهيان. توهان چاچا جو ساٿ
ڏئي صفدر جي شادي ڪرايو.“
بابو منهنجي حالت ڏسي آخرڪار پنهنجي ضد تان لهي، شاهنواز جي گهر
وڃڻ لاءِ تيار ٿيو.
جڏهن برادريءَ جا سڀ ننڍا وڏا اتي پهتا ته شاهنواز ککان وکان ٿي
ويو. صفدر لاءِ صغريٰ جي ٻانهن گهرڻ جو ٻڌي الائي
ڇا ڇا چوڻ لڳو. پر پوءِ سندس پيءُ دڙڪا ڏئي ماٺ
ڪرايس ۽ الله چڱي ڪندو چئي برادريءَ وارن کي رخصت
ڪيائين. ان ڏينهن کان پوءِ شاهنواز ڪهاڙِ ڪلهي تي
رکيون هر وقت شهپر وٽيندو وتندو هو ته مان صفدر ۽
مظهر ٻنهي کي ماريندس. مون کي بابا چيو ته تون وڃي
حيدرآباد رهه. پر مون هنن کي انهن حالتن ۾ اڪيلو
ڇڏڻ مناسب نه سمجهيو. پوءِ هڪ ڏينهن شاهنواز ضد
تان لٿو ۽ صغريٰ جو صفدر سان پرڻو ٿي ويو. مون ان
ڏينهن پاڻ کي آجو سمجهيو. ان کان پوءِ هتي آيس ته
تنهنجو گهر بند ٿيل ڏٺم. ڪاليج مان به جاچ ڪرايم،
پر ڪٿان به تنهنجو پتو نه مليو. پوءِ مان هڪ نه
ٻئي ڏينهن تنهنجي ڪاليج فون ڪندو هئس ۽ پوءِ ان
ڏينهن تنهنجي گهر جو نمبر مليو ۽ هليو آيس.“
”زيبا هاڻي تون پنهنجي باري ۾ ٻڌاءِ ته مون کان سواءِ تو ڪيئن
وقت گذاريو؟“ مظهر چيو.
زيبا: ”تنهنجي وڇوڙي جيڪي چت کي چهڪ ڏنا، من ۾ وڍ وڌا، جي انهن
کي ويهي ڦلهوريندس ته ”جي“ ڪانه سگهندس. تون اچي
ويو آهين ته ائين ٿو لڳي ته ڄڻ زندگيءَ جي رڻ ۾
خوشيءَ جا گؤنچ ڦٽي پيا آهن. هاڻي ان ۾ خوشيءَ کي
گذريل زندگيءَ تان قربان ڪرڻ نٿي چاهيان.“
”بس اهو سوچ ته هاڻي ڇا ڪجي؟“ زيبا چيو.
”ڇا وري ڇا ٿيندو؟ مان شاديءَ جا ڪارڊ کڻڻ ٿو وڃان ۽ تون ڪاليج
وڃي موڪل منظور ڪرائي اچ!“ مظهر شرارتي مرڪ مرڪي
ٻاهر ويندي چيو ته زيبا خوشيءَ ۽ حجاب جي ڪيفيت ۾
ويڙهجي سيڙهجي وئي. |