سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :6

   

ڪنول _ هڪ پرديسياڻي

نجمه پنهور

ڪنول جيڪا محبت جي راهن تي هلندي سرحد به پار ڪري چڪي هئي، هوءَ جيڪا پوتر هئي، سهڻي هئي، سٻاجهي هئي، هوءَ جيڪا ميهر جي محبت ۾ دورين جو درياءُ پار ڪري ٻئي پار پهتي هئي، ان محبوب ۾ ته صرف ايتري سچائي هئي جيستائين سندس من جي منشا پوري نه ٿي.....!!؟

هُن هِن کان پنهنجو ملڪ ڇڏرايو، پنهنجو شهر ڇڏرايو، پنهنجا مٽ مائٽ ڇڏرايا، کيس پنهنجي مٺي ماءُ جي لولي به نه روڪي سگهي جنهن ۾ دعا ته هئي ته مٺي ڌيءَ پرديس نه وڃجانءِ سدا سکي وهجانءِ پنهنجي گهر ۾، پنهنجي ورسان، پري نه وڃجانءِ، تنهنجي جيجل تنهنجو وڇوڙو برداشت نه ڪري سگهندي! پل پل توکي ساريندي! ڳوڙها ڳاڙيندي، پوءِ اها دعا به شايد بد دعا بڻجي وئي! سندس محبوب کيس بهگڙن جي ديس ۾ اڪيلو ڇڏي هليو ويو. هوءَ ته پنهنجي پاڙي جي گهٽيءَ کان سواءِ ڪنهن گهٽيءَ جي سڃاڻو ئي ڪين هئي. اڄ هوءَ ملڪ بدر ٿيڻ کان پوءِ هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ رلندي رهي. نه شهرن جي نالن کان واقف هئي نه پاڙي کان، نه ماڻهن کان، سندس محبوب کيس جنهن جي حوالي ڪيو ان به پنهنجي مٿي تي ڀري سمجهي کڻي لاٿو هئس، هوءَ رلندي رهي، ڌڪا کائيندي رهي، مانيءَ لاءِ نه....!!؟ پر عزت جي زندگيءَ لاءِ هن ڪي خواب ڏٺا، سهڻا خواب جتي هوءَ پينگهن ۾ لڏندي هوندي. گلن جي خوشبو چوڏس ڦهليل هوندي. هوءَ به ڪنهن جي ڪنوار بڻبي. سندس ڏکن ۽ ڏولائن ۾ وڌارو ٿيندو ويو. ها پوءِ گهڻو پوءِ کيس اتي پهچايو ويو، جتي ماڻهن کي انصاف ملندو آهي. جتي فرياد ڪبو آهي ته داد ٿيندو آهي، پر اتي ته خود مجرم ويٺا هئا. صرف ورديءَ ۾ هئا نه ته شهرن ۾ جيڪي بهگڙ هئا انهن ۾ ۽ هنن ۾ ڪو فرق گهڻو ڪونه هو. پاڻ هي ته تربيت يافته ٿي لڳا ۽ هنن وٽ ٿاڻو به هو، جتي ڪير به ڪنهن جي معاملي ۾ نه ٿي پيو. اتي به هن کي سڀ ڪجهه سهڻو پيو جيڪو هن جي سهڻ کان تمام گهڻو هو!! پر پوءِ هن ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. هن جي دماغ سوچڻ ڇڏي ڏنو. اندر ۾ جيڪا آنڌ ۽ مانڌ هئس اها ماٺي نه ٿيس. هر سوال تي چپ رهندي هئي. لفظ هئا جيڪي ڪاڪڙي ۾ ڦاسي پيا هئس. ڪنهن کي دانهن ڏئي ها؟ ڪنهن جي اڳيان روئي ها؟ ڪير پنهنجا هٿ وڌائي هن جا ڳوڙها اگهي ها! ڪير سندس ڪنڌ کي پنهنجي ڪلهي تي لاڙي آٿت ڏئي ها؟!! ڪير به نه .....!!؟؟ ڪير به نه هو.......!!؟ پر انهن جي تعبير ايڏي ڀيانڪ به هوندي آهي. پوءِ هوءَ دارالامان ۾ موڪلي وئي، جتي اڳ ئي ڏکن جون ماريل، سورن جون ساڙيل واڙيل هيون! اتي جون محافظ به ......!!؟؟ جڏهن ڪنهن جون آسون اميدون رک ٿي وڃن، حسرتون ۽ خواب ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پون، ڪو اڌ پنڌ ۾ ڇڏي وڃي. ان شهر ۾ جتي ڪو ساٿي نه هجي، مٽ مائٽ نه ھجي پوءِ اندر جي ڪهڙي ڪيفيت ٿيندي؟ اها به 21 سالن جي ناريءَ جي! بگهڙن جي وچ ۾ تن تنها اڪيلي... ڪنول. دارالامان ۾ جتي امانُ ملندو آهي، هن ڪورٽ سڳوريءَ کي پنهنجو بيان ڏيندي منٿ ڪندي درديلي آواز ۾ چيو: آءٌ لاوارث آهيان، هتي منهنجو ڪو به ويجهو توڙي پري جو عزيز ناهي، انسانيت جي ناتي اصولن کي سامهون رکندي عرض ٿي ڪريان ته اڄڪلهه جي هن ڀيانڪ معاشري ۾ جتي مردن جي به عزت ۽ احترام سان جيئڻ مشڪل آهي، اتي آءٌ لاوارث ۽ هڪ مجبور ڇوڪري پنهنجي عزت بچائي ڪيئن ٿي رهي سگهان؟ اسلامي قانوني ۽ اخلاقي طور حڪومت جي ذميواري آهي ته مون کي مناسب تحفظ ڏنو وڃي، هن اپيل ڪئي ته مون کي دار الامان موڪليو وڃي، جتي آءٌ پنهنجي زندگي اسلامي اصولن موجب گذاري سگهان.

هن کي دار الامان موڪليو ويو پر اتي به هن کي امانُ نه ملي سگهيو ۽ هوءَ موت جي ڪن ۾ گم ٿي وئي! انڪوائريون ٿيون، ڪجهه ماڻهو گرفتار ٿيا، وري آزاد ٿيا، پر هن جو ڪو به داد فرياد نه ٿيو!

ڪنول جو موت به هڪ معمول بڻجي ويو، انهن ڪيترن ڪيسن جيان هي ڪيس به فائلن ۾ دٻجي ويو!

 

اها هڪ عام چوڻي آهي ته، عورت ۽ مرد، زندگيءَ جي گاڏيءَ جا ٻه ڦيٿا آهن. زندگيءَ جي راهه تي اها گاڏي صحيح نموني هلي، ان لاءِ انهن ٻنهي ڦيٿن جو صحيح هجڻ ضروري آهي. انڪري ”سرتيون“ کي ”ليڊيز ڪمپارٽمينٽ“ طور ڌار ڪرڻ جو اسان جو ڪو به ارادو ناهي، ”سرتيون“ ۾ اسان جا مانوارا لکندڙ به پنهنجون تحريرون موڪلي سگهن ٿا، شرط رڳو اهو آهي ته اهي تحريرون معياري هجن، ۽ عورتن جي مسئلن، انهن جي هنرن، ڪردارن، عورتاڻي سماج، سگهڙپڻي، سورهيائيءَ، نياڻين/ عورتن جي تعليم، گهرو مامرن، سنڌي سماج ۽ عورت جي حيثيت ۽ اهميت، عالمي سطح تي عورتن جي تنظيمن، تحريڪن ۽ ڪاميابين وغيره بابت هجن ته وڌيڪ سٺو. اسان کي اهڙين تحريرن (نثر/ نظم ۾) جو انتظار رهندو.  

(ادارو)

ماها رشيد

فروٽ جي ٽوڪري سجائڻ

آرٽ ۽ ڪرافٽ

 

آرٽ ۽ ڪرافٽ ۾ فروٽ جي ٽوڪري ڪيئن سجائجي، جيئن توهان لاءِ اهو مارڪيٽ جي حساب سان سستو به پوي ۽ توهان جي خوشيءَ جو باعث به ٿئي.

تقريب ڀلي ڪهڙي به هجي يا ڪو خوشيءَ جو موقعو هجي. فروٽ ۽ مٺائيءَ جي سوغات هڪٻئي لاءِ موڪلي ويندي آهي. اها اسان جي روايت ۽ تحفو چئي سگهجي ٿو. ڪنهن بيمار کي پڇڻ لاءِ وڃبو آهي ته گل ۽ فروٽ کڻي وڃبو، خالي هٿين ته ڪين وڃبو، پر لفافي يا شاپر ۾ فروٽ وجهي کڻي وڃبو آهي. اهو ايترو سٺو ڪونه لڳندو آهي، جيڪڏهن انهن کي ڪنهن ٽوڪريءَ ۾ وجهي ٽوڪريءَ کي سجائي کڻي وڃبو ته وڌيڪ وڻندڙ لڳندو. پر انهيءَ سان توهان جي محبت جي خبر پوندي. مريض جي اڌ بيماري ته توهان جي محبتن جي هٿ سان ٺهيل ٽوڪريءَ کي ڏسي لهي ويندي آهي.

اهڙي طرح شادي، وهانءَ، مڱڻي يا ڏينهن ٻڌڻ لاءِ وڃي رهيون آهيو تڏهن به توهان ٽوڪري سجائي کڻي وڃي سگهو ٿيون. بازار مان سجيل ٽوڪري نه وٺو پر خالي ٽوڪري آسانيءَ سان ملي ويندي. اها خريد ڪري سگهو ٿيون. فروٽ سجائڻ کان پهرين ٽوڪري ڪنهن صاف ڪپڙي سان صاف ڪريو. ان جي تر ۽ پاسن کان رنگين پنا رکو. انھن تي ڪيوڙي جا پن رکو پوءِ ترتيب سان فروٽ رکندا وڃو. جيئن سڀ  کان پهرين سخت فروٽ جيئن صوف وغيره هيٺ رکو. نرم فروٽ جيئن انگور، ڪيلا سڀ کان مٿان رکو، جيئن خراب نه ٿي وڃن. فروٽ رکڻ کان پوءِ ٽوڪريءَ جي وزن سان هينڊل کي مختلف قسم جي رنگين ربن سان سجايو يا ٺاهيو. جي توهين چاهيو ته سنهي ڄاريءَ سان فروٽ کي ڍڪي به سگهو ٿيون. هن ٽوڪرين مان ڪا به هڪ ٽوڪري توهان سجائي سگهو ٿيون. بيمار جي عيادت واري ٽوڪري جا ڪجهه ننڍي هجڻ کپي پر ڪنهن تقريب جا لاءِ کڻي ويندڙ وڏي سائيز جي ٽوڪري هجڻ کپي. جي توهان چاهيو ته ٽوڪريءَ ۾ شربت جو شيشو يا ڪنهن جوس جو ٽين به رکي سگهو ٿيون.  مٺائيءَ جي ٽوڪري به اهڙيءَ طرح سجائي سگهو ٿيون.

 

سنڌ گرامر اسڪول قاسم آباد

ٽيچر ٽريننگ پروگرام _ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب

 

جيف گيسٽ ڊاڪٽر اقبال اي پنهور ڊين آف فيڪلٽي ايجوڪيشن سنڌ يونيورسٽي جي سهڪار سان پروگرام ٿيو.

ثمير آخوند ڪمپئرنگ ڪئي.

هن پروگرام جا خاص مهمان هئا:

ايم. اي ڀرڳڙي وائيس پرنسپل

مقبول اي ميمڻ چيئرمن آف گورنر

اي ڊي ميمڻ بورڊ آف گورنر

ڪلام پاڪ جي تلاوت سان پروگرام جي شروعات ٿي.

ان کان پوءِ نعت شريف عنبرين لاڙڪ پنهنجي پرسوز آواز ۾ ٻڌائي.

اي. ڊي ميمڻ بورڊ آف گورنر چيو ته مان تمام گهڻو خوش آهيان ته اسان جون ٽيچرس محنتي آهن، جن هن پروگرام ۾ دلچسپي وٺي ورڪشاپ کي ڪامياب ڪيو ۽ ورڪشاپ جي رزلٽ کي آءٌ ذاتي طرح پسند ٿو ڪريان ۽ مطمئن آهيان. هن ورڪشاپ مان ٽيچرس تمام گهڻو سکيو آهي.

اي. ڊي ميمڻ بورڊ آف گورنر سڀني آيل مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اسان کي خوشي ٿي آهي ته ٽيچر س ٽريننگ ورڪشاپ ڪاميابيءَ سان ختم ٿيو ۽ ٻي خوشي اسان کي اهيا آهي ته هي پروگرام سنڌ يونيورسٽيءَ جي سهڪار سان ٿيو آهي.

ايوارڊ سرٽيفڪيٽ وائيس پرنسپال کي ڏنو ويو.

زرين اختر کي تمام سٺي ٽيچر طور جونيئر سيڪشن ڪوثر شهزاد کي مليو.

مسز زبيده پليءَ کي قرآن جي ٽيچر طور ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

ڪمپيوٽر ٽيچر افشين ميمڻ کي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

حنا عاصم کي اردو ٽيچر طور ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

بيسٽ ٽيچر انيلا کي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو

اسلاميات جي عنبرين کي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو

ٽريننگ ٽيچر طور رضوانه ميمڻ کي ڏنو ويو

افشان علي کي پڻ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

سليم جاويد کي پڻۡ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو

عاصم ثاقب کي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

طلعت سلطانه کي پڻ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

مس ارم حسن، کي نرسري سيڪشن بيسٽ ٽيچر ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

مس ماريا انور کي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو

مس شيخ کي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

مس نسيم کي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

ثمرين سومرو کي پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

مس ماريا نظير کي پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

مس آصفه بلوچ کي پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

مس آسيه مهر کي پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

لائبررين مس مديحه ميمڻ کي پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

انيتا بلوچ کي پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

مئڊم مهناز خواجه کي پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

عبدالستار ميمڻ کي پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

مسٽر شمس الحق کي پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

مس صالحه پروين کي پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

مس شائسته بانوءَ کي پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

مس عابده صديقي کي پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

مسٽر عبدالستار گوپانگ کي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

مس طلعت کي پڻ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

اقبال اي پنهور کي مڃتا طور ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

پاڻ چيائين ته آءٌ خوش ٿيو آهيان ته توهان پنهنجي صلاحيتن جي مڃتا طور ايوارڊ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن جيڪا نه صرف اسڪول جي عزت افزائي آهي پر اهي سرٽيفڪيٽ توهان جي ذات لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا.

مقبول اي ميمڻ چيئرمن بورد آف گورنرس پنهنجي مختصر تقرير ڪندي چيو: آءٌ ٿورائتو آهيان سڀني مهمانن جو ۽ سموري اسٽاف جو جن ٽريننگ پروگرام ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجي حالتن کي وڌيڪ اجاگر ڪيو. تعليم جي ضرورت هر انسان کي آهي، اسان کي ٽيچرس طرفان تمام سٺي موٽ ملي آهي. هي پروگرام ڪاميابيءَ سان ۽ تمام سٺي نموني سان پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو آهي. ان ۾ اسان جي اسٽاف جي اڻٿڪ محنت آهي. آئيندي به اميد ٿي ڪجي ته اهڙي نموني تعاون ڪيو ويندو.

 

ننڍڙيون ڳالهيون

رمشا يونس

مان جنهن سان جهجهو پيار ڪندي آهيان، اها مون کان هميشه پري هلي ويندي آهي، هاڻ ته دل پيار ڪرڻ کان ڊڄي ٿي، متان؟

پيار همدردي، رحم سڀ اسان لاءِ آهي ٻين ماڻهن جو ڪو فرض نه آهي.

پيار گهٽ يا وڌ نه ٿو ٿي سگهي، پيار ته پيار آهي، پيار کي ماپي يا توري نه ٿو سگهجي.

هميشه جيڪو ماڻهو ٻين جي خواهش پوري ڪندو. ان جي پنهنجي خواهش اندر ۾ رهجي ويندي آهي.

جيڪو انسان ٻين جو خيال ڪندو آهي، ان کي پنهنجو خيال ڪرڻ وسري ويندو آهي.

وقت کان ڪير به اڄ ڏينهن تائين نه کٽي سگهيو آهي. پر وقت سان گڏ گڏ ته هلي سگهجي ٿو.

منهنجو وقت وقت سان ريس پڄائيندي گذري ويندو آهي.

ڪڏهن دل چوندي آهي ته ايڏو روئان جو صبح کان رات ٿي وڃي. ڪڏهن دل چوندي آهي ته ايڏو کلان ايڏو کلان جو رات کان صبح ٿي وڃي.

پيار درياءُ هجي ته ڪو ڪنارو هجيس، پيار ته رڃ آهي، جنهن جو ڪو ڪنارو ڪونه آهي.

نفرت جي ڪانه ڪا حد ضرور هوندي آهي پر پيار جي ڪا به حد مقرر نه هوندي آهي. پيار ته درياءَ وانگر گهرو ۽ آڪاش وانگر اوچو هوندو آهي.

ڪوڙ ڳالهائڻ سان انسان بي سڪون رهندو آهي. پر سچ ڳالهائڻ سان انسان کي سڪون ملندو آهي.

سچ ڳالهائڻ سان جيڪا راحت ملندي آهي، اها ڪوڙ ڳالهائڻ سان نه ملندي آهي.

هٿ ملائڻ وارا ماڻهو ته الاهي هوندا آهن پر عمر ڀر هٿ پڪڙڻ وارو ماڻهو هڪڙو هوندو آهي.

خوش لڳڻ ۽ خوش رهڻ ۾ وڏو فرق آهي.

حڪمران اهو ڪونه آهي جيڪو ملڪ تي حڪم هلائي، اصل ۾ حڪمران اهو آهي جيڪو پنهنجو پاڻ تي حڪمراني ڪري.

ماڻهو سڀ خواهش تي مرندا آهن. مون سڀني خواهشن کي ماريو آهي.

زندگي گذارڻ لاءِ هڪ ٻئي جي وچ ۾ اعتماد ۽ اعتبار جو رشتو هئڻ ضروري آهي.

هر ڏينهن هڪ ٻئي ڏينهن جي انتظار ۾ گذرندو آهي.

سچي پيار ڪرڻ وارن ماڻهن لاءِ زندگي ۾ پيار حاصل ڪرڻ ضروري نه هوندو آهي.

هر وڏي ماڻهوءَ ۾ هڪ ننڍڙو ٻار ضرور هوندو آهي. انسان چاهي ڪيڏو به وڏي ٿي وڃي پر ان جي اندر ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻار ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ضرور جيئرو هوندو آهي

  

 

مان ڇا آهيان؟

آسمان آهيان، زمين آهيان،

دريا آهيان، سحرا آهيان،

آس آهيان، پياس آهيان،

روشني آهيان، اونداهي آهيان،

پيار آهيان، نفرت آهيان،

آهيان به يا ڪانه آهيان!؟

 

ڪالم

ٻڌو آهي ته خوشي ٽي دفعا دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪندي آهي ۽ پوءِ وري دروازو نه کولبو آهي ته خوشي رسي ويندي آهي ۽ پوءِ ڪڏهن به ڪونه ايندي آهي. پر مون وٽ يا منهنجي دروازي تي ته خوشي هڪ دفعو به نه آئي آهي. شايد مون وٽ پنهنجو ڪو دروازو ئي نه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com