سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :9

 

شگفته شاهه

ٽڙي پوندا ٽاريئين

ناول / قسط پهرين

شام آسمان تي گلابي ۽ سُرمائي رنگ هارڻ لڳي. هيءَ اونهاري جي هڪ خوشگوار شام هئي. تڌڙي هوا وڻن جي پتن ۽ ٻوٽن ۽ گلن سان ڄڻ راند ڪري رهي هئي، پريان ڪوئل جي ايندڙ ڪُو ڪُو جو آلاپ ۽ جهرڪين جي چُون چُون هر انسان کي فطرت جي انهن خوبصورت رنگن ڏانهن متوجهه ڪري رهيون هيون پر...... ڪنهن دور جي فطرت جي شيدائي ۽ فطرتي نظارن تي خوبصورت Paintings  ٺاهيندڙ، هن ڌرتيءَ جي مشهور ۽ مقبول آرٽسٽ رابيل پنهنجي ڪمري جي دريءَ وٽ بيٺل هئي. ڏهه سال اڳ جي امنگن، جذبن ۽ زندگيءَ سان ڀرپور ڇوڪري رابيل هاڻي جوان عورت بنجي چڪي هئي. کيس پاتل پيلي رنگ جي وڳي ۽ چهري تي وکريل اداسي ۽ اکين ۾ سمايل ويرانيءَ ۾ اڳوڻي رابيل جو ذور به عڪس نظر نٿي آيو. دريءَ کان ٻاهر لان ۾ فطرت جي سهڻن رنگن به کيس متوجهه نه ڪيو هو. ايستائين جو هوءَ ته سندس ڪمري ۾ آهستي آهستي پکڙجڻ واري اونداهيءَ کان به بي پرواهه ٿي لڳي. اوچتو سندس ڪمري ۾ رکيل فون جي گهنٽيءَ تي هوءَ پنهنجن خيالن مان نڪري آئي. هوءَ بي جان قدمن سان هلندي فون جي ڀرسان آئي ۽ بي دليءَ سان ”هيلو“ چيائين.

”هيلو! مون کي محترمه رابيل صاحبه سان ڳالهائڻو آهي.“ ٻئي پاسي کان هڪ مردانو آواز ٻڌي رابيل حيران ٿي وئي، ڇو ته اهو آواز هن لاءِ اجنبي هو. هن جواب ڏنو:

””جي .....! آءٌ رابيل پئي ڳالهايان. توهين ... ڪير ... ٿا ڳالهايو؟“

”السلام عليڪم! منهنجو نالو فيضان احمد آهي. مون هڪ ادبي ثقافتي ۽ سوشل ورڪ لاءِ فورم ٺاهيو آهي. منهنجي هن فورم جو مقصد هڪ ته معياري ادبي ماهوار رسالو ڪڍڻ آهي. ان سان گڏوگڏ وقت به وقت ادبي، ثقافتي ۽ سوشل ورڪ متعلق پروگرام ڪرائڻ به آهي، ته جيئن اسين پنهنجي نئين نسل کي هڪ پاسي پنهنجي زبان، ادب، ڪلچر ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙڻ جو شوق پيدا ڪريون. ان سلسلي ۾ مون ڪافي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ ٻين شعبن جي اهم ماڻهن سان رابطو ڪيو آهي. مون کي توهان جي تعاون جي به ضرورت آهي.“

رابيل: ”پر.... آءٌ نه ته ليکڪ آهيان نه ئي سوشل ورڪر. آءٌ توهان جي ڪهڙي مدد ڪري ٿي سگهان؟“

فيضان: ”جي، مون عرض ڪيو نه ته هيءَ فقط ادبي ۽ سوشل ورڪ جي تنظيم ناهي، پر ثقافتي تنظيم به آهي ۽ جيئن ته توهان يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس جي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر به آهيو ۽ توهين هن ڌرتيءَ جون هڪ سٺيون آرٽسٽ به آهيو. ان لاءِ منهنجي ذهن ۾ اهو Idea هو ته آءٌ جيڪو علمي ۽ ادبي رسالو پيو ڪڍان، ان ۾ علمي ۽ ادبي مواد سان گڏوگڏ سنڌ جي آرٽ جي حوالي سان پڻ مواد رکڻ چاهيان ٿو. هي واحد سنڌي رسالو هوندو، جنهن ۾ آرٽ جي موضوع تي مضمون، مقالا ۽ آرٽسٽن جي ٺاهيل تصويرن بابت مضمونن کان علاوه سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيل تصويرن ۽ هُنري نمائشن ۽ فنڪارن جي سرگرمين جي رپورٽن کان علاوه فنڪارن جا انٽرويو پڻ شامل هوندا.“

اهو ٻڌي ٿوري دير لاءِ رابيل جي اندر ڄڻ زندگيءَ جي لهر لُڇي وئي.

”آئيڊيا ته تمام بهترين آهي، پر توهان کي ان جو خيال ڪيئن آيو؟

فيضان: رابيل صاحبه! توهان شايد ادب جي حوالي سان منهنجو نالو ٻڌو هجي. آءٌ هڪ ڪهاڻيڪار آهيان، پر مون ڪافي سفرناما به لکيا آهن. ڇوته مون زندگيءَ ۾ ڪافي سير ۽ سفر ڪيا آهن. هينئر به آءٌ پنجن ڇهن سالن کان پوءِ آمريڪا مان واپس وطن آيو آهيان. ٻاهر ترقي يافته ملڪن ۾ آرٽ کي بيحد اهميت ڏني ويندي آهي، پر بدنصيبيءَ سان اسان وٽ فن ۽ فنڪارن جو قدر ڪونهي، سو بس ائين خيال آيم ته هڪ اهڙو فورم ٺاهجي، جيڪو پنهنجي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين سان عام ماڻهن ۾، خاص طور تي نئين نسل ۾ ادب ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۽ فن سان چاهه پيدا ڪري ۽ ائين اها روايت به پوي ته هو پنهنجن مهمان اديبن، شاعرن، مفڪرن ۽ فنڪارن کي به سڃاڻي سگهن. ڇو ته هي دور ٽيڪنالاجي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي ۽ انٽرنيٽ ۽ ڪيبل وسيلي هڪ پاسي ته اسان جا نوجوان يڪدم دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ٿيل واقعي کان ته باخبر ٿي ٿا وڃن ۽ دنيا جي مختلف قومن جي اهم شخصيتن کي سڃاڻن ٿا، پر بدنصيبيءَ سان پنهنجي زبان ۽ ڌرتيءَ جي عظيم ماڻهن بابت کين ڪا به ڄاڻ ڪانهي .... سوري توهان بور ته نه پيون ٿيو...؟ آءٌ شايد گهڻو ڳالهائي ويس!“

رابيل جي اندر ۾ پيدا ٿيل زندگيءَ جي لهر ڄڻ کن پل ۾ ختم ٿي وئي ۽ وري ياسيت پسند رابيل جاڳي پئي. هن بيزاريءَ مان چيو:

”پر.... آءٌ توهان لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان؟“

فيضان: ”دراصل يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس جي شعبي ۾ هونئن ته ڪيترائي استاد آهن، پر آرٽ جي ميدان ۾ انهن جو ڪو گهڻو Contribution  ڪونهي، جڏهن ته توهان ان سلسلي ۾ ڪافي ڪم ڪيو آهي ۽ توهان جي تصويرن جون نمائشون ڪافي تعداد ۾ ٿيل آهن. ان کان علاوه آرٽ جي حوالي سان توهان جي هڪ منفرد سڃاڻپ رهي آهي ۽ الاءِ ڇو مون کي يقين آهي ته آرٽ جي حوالي سان مون کي جهڙي نموني جو ماڻهو گهرجي ٿو، ان جون سڀ خوبيون توهان ۾ موجود آهن ۽ توهان جي ساٿ سهڪار سان منهنجو ڪم الاهي آسان ٿي ويندو. ڇا توهان پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي سڀاڻي منهنجي آفيس اچي سگهنديون؟“

رابيل جي دل چيو ته يڪدم صاف لفظن ۾ کيس ”نه چوي، پر الاءِ ڇو هوءَ کيس سختيءَ سان جواب نه ڏئي سگهي. هن نرم لهجي ۾ چيو:

”ڏسو فيضان صاحب! اول ته مون کي الاهي سال ٿيا آهن ته آءٌ سوشل نه رهي آهيان. منهنجي تصويرن جي آخري نمائش کي به ڏهه سال ٿيا هوندا ۽ ان سڄي عرصي ۾ مون ڪابه نئين Painting ناهي ٺاهي، نه ئي مون کي اها خبر آهي ته اڄڪلهه ڪهڙا آرٽسٽ ڪم پيا ڪن. مون پاڻ کي فقط آرٽ جي استاد جي حوالي سان محدود ڪري ڇڏيو آهي منهنجي زندگيءَ جي رواني فقط گهر کان يونيورسٽي ۽ يونيورسٽيءَ کان گهر تائين آهي. مون سماجي حلقن ۾ اٿڻ ويهڻ عرصي کان ڇڏي ڏنو آهي. آءٌ ... شايد توهان...“

فيضان سندس ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي چيو: ”پليز ...! رابيل صاحبه! آءٌ توهان جو فقط ٿورو وقت وٺندس. سڀاڻي فقط ڪجهه دير لاءِ اچي وڃجو.“

رابيل پريشان ٿي سوچيو، هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، هن تي منهنجي بي رُخيءَ جو ڪو اثر ئي نٿو ٿئي، نيٺ هن فقط جند ڇڏائڻ لاءِ چيو:

”ڏسو فيضان صاحب! آءٌ ڪوبه واعدو نٿي ڪريان، البت اچڻ جي ڪوشش ڪنديس.“

فيضان: ”ٿينڪ يو. منهنجي لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي.“ فيضان کيس سندس آفيس جي ايڊريس سمجهائي ۽ پوءِ فون بند ڪري ڇڏيو.

”عجيب شخص آهي...!“ رابيل فون رکندي سوچيو.

***

ٻئي سڄي ڏينهن يونيورسٽيءَ ۾ ۽ گهر اچڻ کان پوءِ به رابيل جي ذهن تي فيضان سان ڪيل واعدي بابت ٻوجهه هو. اهو ته طيءِ هو ته کيس فيضان سان ملڻو ئي نه آهي. ان ڪري هوءَ پريشان هئي ۽ پوءِ سُتي ته ساڍي ڇهين وڳي گلان جي سندس رائٽنگ ٽيبل تي چانهه جي مگ جي رکڻ جي کڙڪي تي اک کلي. فريش ٿي هٿ منهن ڌوئي چانهه جو مگ هٿ ۾ کڻي، هوءَ دريءَ ڀرسان پيل ڪرسيءَ تي ويهي چانهه پيئڻ سان گڏوگڏ خالي خالي نظرن سان ٻاهر لان ۾ به ڏسندي رهي. اوچتو ٽيلفون جي گهنٽيءَ خاموشيءَ جي حصار کي ٽوڙي چڏيو.

”هيلو!“ رابيل فون جو رسيور کڻي چيو.

فيضان: ”رابيل صاحبه! فيضان پيو ڳالهايان مون اڄ سڄو ڏينهن توهان جو انتظار ڪيو، پر توهان آيون ئي ڪونه.“

رابيل ڪنفيوز ٿي وئي. کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا بهانو ڪري. هن چيو:

ها! ... هُو ... دراصل ڪجهه مصروفيت هئي ... ان ڪري ... “

فيضان: ”آءٌ ساڍي ستين تائين آفيس ۾ ويهندو آهيان. هينئر به اچي سگهو ته مهرباني ٿيندي.“

رابيل: ”جي ...! ڏسان ... ڪوشش ڪريان ٿي“ رابيل اهو چوندي فون رکي ڇڏيو ۽ کيس پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ آئي ته آخر هوءَ صاف انڪار ڇو نٿي ڪري. الاءِ پو، هي شخص جيڪو سندس لاءِ بنهه اجنبي هو، سندس زندگيءَ سان ڀرپور ۽ خوبصورت آواز ۾ ايڏي ته پنهنجائپ هئي جو هوءَ چاهڻ جي باوجود ساڻس رُکي نموني پيش نه اچي سگهي. هن جي جاءِ تي جيڪڏهن ڪو ٻيو هجي ها ته هوءَ کيس سختيءَ سان جواب ڏئي ڇڏي ها شايد.

پنهنجي زبان کي ٻئي پاسي ڪرڻ لاءِ هوءَ ڪمري مان نڪري ورانڊي ۾ آئي. سندس ماسي، گلان، کي رات جي مانيءَ لاءِ سمجهائي رهي هئي. گلان بابا پيروءَ جي بيوه ڌيءَ هئي، جيڪا هاڻي پنهنجي ٻارهن سالن جي پٽ سميت بابا پيروءَ سان گڏ رابيل جي گهر ۾ رهندي هئي. بابا پيرو ۽ سندس ڏهٽو شفيع عرف ”شفن“ باغ کي سنڀالڻ، گهر جو ننڍو وڏو ۽ ٻاهر جو ڪم ڪندا هئا. گلان گهر جو ڪم ۽ رڌي پڪي ڪندي هئي. رابيل جي ماسي رابيل جي ڀرسان پيل ڪرسيءَ تي ويهي عادت موجب اوڙي پاڙي ۽ جڳ جهان جون ڳالهيون ڪرڻ لڳي ۽ هوءَ به عادت مطابق بي ڌيانيءَ سان سندس ڳالهيون ٻڌندي فقط ”هون ...ها“ ڪندي رهي. مغرب جي ٻانگ اچڻ کان پوءِ سندس ماسي نماز پڙهڻ جي تيارين ۾ لڳي وئي. گلان ۽ شفن ڪچن ۾ رات جي مانيءَ جي تيارين ۾ مصروف ٿيا ۽ رابيل اتي ئي ورانڊي ۾ ويٺي رهي. سندس سوچون وري الائي ڪيڏانهن ڪيڏانهن ڀٽڪڻ لڳيون. کيس وقت جو اندازو ئي نه ٿيو ته ڪيئن گذري ويو جو اوچتو سندس ڪمري مان ايندڙ فون جي گهنٽيءَ کيس متوجهه ڪيو. هن ڪمري ۾ اچي فون جو رسيور کنيو. ”هيلو“

”رابيل صاحبه! توهين ڇونه آيون؟ مون ڏاڍو انتظار ڪيو.“

”اوهه! ... فيضان صاحب، ڇا توهين اڃا تائين آفيس ۾ ويٺا آهيو؟!“

فيضان انتهائي ڏک مان چيو: ”رابيل صاحبه، توهان شايد مون کي انهن مردن مان سمجهيو آهي، جيڪي اهڙي نموني عورتن سان فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. شايد ان لاءِ ئي توهان مون کي  Ignore  پيون ڪيو. مون توهان جي سخت رويي ۽ Reserve  رهڻ واري عادت لاءِ اڳ ۾ ئي گهڻو ڪجهه ٻڌو آهي، پر يقين ڪريو، مون کي سچ پچ توهان جي بيحد عزت آهي، منهنجي دل ۾، ۽ آءٌ جيڪو ڪم ڪرڻ گهران ٿو، اُهو توهان جي ساٿ ۽ سهڪار کان سواءِ شايد ئي ٿي سگهي!“

رابيل کي هي شخص الاءِ ڇو ٻين کان مختلف لڳو. کيس پنهنجي ورتاءُ تي ڪجهه شرمندگي به ٿي ته هو سندس انتظار ڪندو رهيو ۽ هن رڳو کيس  Sorry  به نه چيو.

”فيضان صاحب! مون سچ پچ به توهان جي ڳالهين کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو هو، پر هاڻي لڳي ٿو ته ٽائيم ڪڍڻو پوندو. سڀاڻي آءٌ ضرور اينديس. اهو منهنجو واعدو آهي. “

”فيضان: ”ٿينڪس! آءٌ توهان جو بيحد ٿورائتو رهندس ۽ توهان جو انتظار ڪندس.“

رابيل فون رکي گهرين سوچن ۾ ٻڏي وئي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com