آتم ڪهاڻي قسط 10
منهنجي يادن جو
خزانو
ڊاڪٽر سنجيده مغل
وڏي ڳالهه ته منهنجي دلچسپي
Pathology
۾ هئي. اهڙي طريقي سان
Epithelial tumours. Tissues, Liver Skin
diseases, blood
Cells, bacteria Cytological specimens ڪويت جي مختلف اسپتالن مان مون ڏانهن موڪليندا هئا ۽ آءٌ انهن
ڊاڪٽرن جي مدد ڪندي هيس. هڪ دفعي جون جولاءِ
موڪلون گذارڻ لاءِ لنڊن ويل هيس. جڏهن واپس آيس ته
اتان جي هڪ اسپتال جو ڊاڪٽر مون وٽ آيو. ان مون کي
چيو ته سندس زال بڪين جي بيماريءَ جي مريض هئي. ان
کي بڪين جي بيماريءَ جي ماهر
Nephrologist
دوائون ڏنيون هيون، ان مان فائدو ته ڪونه ٿيو
هئس، پر هوءَ سڄندي پئي وئي. مون کي چيائين ته تون
مون کي تڪڙو تشخيص ڪري ڏي، منهنجي لاءِ ان کان
وڌيڪ ڪهڙي خوشيءَ جي ڳالهه ٿئي جو ڪنهن بيمار کي
مرض مان نجات ملي، هو مون وٽ
Specimens
کٽي آيو ۽ منهنجي خيال مطابق پهرين هن جي تشخيص
غلط ڪئي وئي هئي ۽ غلط دوائون کائي رهي هئي،
جنهنڪري هن کي فائدي بجاءِ نقصان ٿي رهيو هو. مون
Nephrologist
سان ميٽنگ رکي. ان کي ٻڌايو جنهن مون سان اتفاق
ڪيو. هن مائيءَ جون دوائون بدليون ۽ پوءِ هوءَ ٺيڪ
ٿي. منهنجي
Diagnosis
جي هڪ ڊاڪٽر به تصديق ڪئي،
جنهن ڏانهن چڪاسون موڪليون هئائون.
اهڙي طريقي سان جڏهن به
Clinicians Pathologists
کي
Diagnosis
۾ ڪا مشڪل ٿيندي هئي يا وري ڪا به
Diagnosis
جي خاطري ڪرڻي هوندي هئي، ته
specimains biopsies
مون ڏانهن موڪليندا هئا. اهڙي طريقي سان ڪيترا
ڊاڪٽر منهنجو ڏاڍو قدر ڪندا هئا. اهي ته مون سان
ڏاڍو حسد ڪندا هئا، جيڪي منهنجي جڳهه تي پنهنجي
قوم جو ماڻهو آڻڻ چاهيندا هئا. ايناٽامي ڊپارٽمينٽ
جو نئون
Acting Chairman
به مٿاڇرو ته مون سان ڏاڍو سٺو هلندو هو. مون کي
پنهنجي contract renew
ڪرڻ لاءِ منٿون به ڪندو هو. چوندو هو ته تون
منهنجي ڀيڻ آهين وغيره وغيره. ڪيترا دفعا ڪن اصولن
تي مون ساڻس تعاون نه ڪيو. ڪنهن به غلط ڪم ڪرڻ
لاءِ آءٌ تيار ڪانه هوندي هيس. ان کي اها خبر پئجي
وئي هئي ۽ هو مون سان سنڀالي هلندو هو. البته
منهنجو پروموشن جيڪو هنن مون سان منهنجي انٽرويو
جي وقت واعدو ڪيو هو ته هو مون کي ٻن سالن جي عرصي
کان پوءِ
Associate professor
ڪندا، اهو ڪونه ڪيائون.
Actin Chairman
پاڻ ئي
Assistant professor
هو، ان مون کي درخواست به وجهڻ ڪونه ڏني. حالانڪه
ڪم ته چئن ماڻهن جيترو پئي ڪيم. اتي جيڪي ماڻهو ڪم
ڪندا هئا اهي رڳو ڪچهريون ڪندا هئا، انهن جو
پروموشن به ٿيندو هو. جيڪي
Non Arab
پروموشن ڪاميٽيءَ تي هوندا
هئا، اهي عربن کان ڊڄي ڪري انهن کي پروموشن ڏئي
ڇڏيندا هئا يا ته وري پنهنجن ملڪن جي ماڻهن کي
پروموشن ڏيندا هئا. مون پروموشن نه ملڻ جي پرواهه
ڪانه ڪئي. ان طريقي سان ڪوبه پريشر مٿان ڪونه هئم
۽ پنهنجي مرضيءَ سان محنت ڪندي رهيس.
1995ع ۾ مون سان منهنجي صحت جو مسئلو شروع ٿيو. رات جو جڏهن
سمهندي هئس ته منهنجون ٽنگون سن تي وينديون هيون.
ڪڏهن ڪڏهن ته گوڏن ۾ به سور ٿيندو هو ۽ گوڏا ٿورا
ٿورا مڙڻ به لڳا. 1995ع ۾ لنڊن وڃي ڪيترن ڊاڪٽرن
کي ڏيکاريم جن صلاح ڏني ته گوڏن جو آپريشن ڪرائي
سڌا ڪري نه ته گوڏا وڌيڪ مڙي ويا ته
knee replacement
ڪرائڻي پوندي، جيڪا وڌيڪ تڪليف واري ڳالهه هئي.
اها ڳالهه ٻڌي آءٌ به گهٻرائجي ويس ۽ آپريشن ڪرائڻ
لاءِ تيار ٿيس. ڊپ به ڏاڍو پئي لڳو. ڪويت ۾ ته
آپريشن ڪرائڻ لاءِ دل ڪونه جهلي سگهيس. ساڳئي وقت
ڪويت ۾ اليڪٽران مائڪور اسڪوپي تي هڪ ورڪشاپ به
ڪرڻ جي لاءِ سوچيو هئم ته جيئن وڌيڪ ماڻهو
پيٿالاجسٽ ۽ ٻيا ٽيڪنيشن ڪويت ۽ ٻين عرب ملڪن جا
به اچي سکيا وٺي سگهن. ان لاءِ مون کي ڪم به تمام
گهڻو ڪرڻو پيو هو. مختلف
Healthy and diseased specimens
جا فوٽا
(Micrographs)
به تيار ڪرائڻا هئا. انهن سو جي تعداد ۾ فوٽن جا
پوسٽر نه ٺهرائڻا هئا. ان سان گڏ ٽرانسپيرينس /
سلائيڊس ليڪچر وغيره به تيار ڪيم. سڄي دنيا ۾
Information
موڪليم ته ڪير به پنهنجو پيپر
يا پوسٽر پيش ڪري ته ڪويت اچي اهو ورڪشاپ ۾ حصو
وٺي. ملڪ جي عربن ۽ انهن سان گڏ يورپين به شوق
ڏيکاريو. اهو
“Ultra striuctural Aspects in biology and
mediciane”
تي هو. انهي سڄي تياريءَ ۾ ڪافي وقت لڳي ويو هو.
انهيءَ جي وچ ۾ پنهنجي ٽنگن جو آپريشن ڪرائڻ جي
لاءِ لنڊن وڃڻو پيو. سرجن جي چوڻ تي لنڊن ۾ مهانگي
۾ مهانگي ۽ سٺي اسپتال ۾ پرائيوٽ مريض جي طور سان
علاج لاءِ ويس. ڊاڪٽر سليمان جيڪو اسان جو وائيس
ڊين هو ۽ ڏاڍو سٺو ماڻهو هو، ان کي ٻڌايم. ان مون
کي ٽن مهينن جي موڪل به ڏني. هڪ گوڏي جو آپريشن
ڪرايم. فائدو ڪافي ٿيو. لنڊن ۾ ٽي هفتا رهي ڪويت
واپس ويس، سرجن چيو هئم ته ڇهن مهينن کان پوءِ ٻئي
گوڏي جو به آپريشن ڪرائي ڇڏيان.
لنڊن مان واپس اچي اهو ورڪشاپ جو ڪم پورو ڪيم دنيا جا ماڻهو آيل
هئا. يورپ مان آيل ماڻهن به
E.M. Unit
کي ۽ منهنجي ڪم کي ڏاڍو سارهيو. سعودي ۽ ٻين عرب
ملڪن ته مون کي اهو به چيو ته هو مون کي ٻيڻي
پگهار ڏيندا ۽ آءٌ انهن کي به
E.M. Unit
ٺاهي ڏيان.
ڇهن مهينن کان پوءِ ٻيءَ ٽنگ جي آپريشن ڪرائڻ لاءِ لنڊن ويس. هن
دفعي منهنجي قسمت منهنجو ساٿ ڪونه ڏنو. فائدي ٿيڻ
جي بجاءِ پرابلم ٿي ويو. هلڻ وقت ٽنگ مڙي ڪونه
سگهندي هئي. سرجن جو چوڻ هو ته گهڻي
Physiotherapy
کان پوءِ ٽنگ ٺيڪ ٿي ويندي. ٽي مهينا لنڊن ۾ گذاري
واپس ڪويت آيس.Physiotherapy
ڪرائڻ جي باوجود به ٽنگ جي ساڳي حالت هئي.
سال کان پوءِ وري هڪ ٻئي ڪورس ڪرڻ جي لاءِ جپان وڃڻ جي دعوت
ملي. مفت ۾ جپان به گهمجي ۽ ڪورس به ڪجي. مون کي
ڪهڙو نقصان هو. مقبول به مون سان گڏ جپان وڃڻ لاءِ
تيار ٿيو.
ان وقت سينگاپور ۾ منهنجو هڪ ڀائٽيو منصف انصاري رهندو هو. ان
اسان کي سينگاپور وڃڻ جي دعوت ڏني هئي. انڪري اسان
به جاپان وڃڻ کان پهرين سينگاپور وڃڻ جو پروگرام
ٺاهيو. سينگاپور ۾ ايئرپورٽ تي منصف انصاري اسان
کي وٺڻ جي لاءِ آيل هو. هو اسان کي پنهنجي گهر وٺي
ويو. ايئرپورٽ ڏاڍو خوبصورت هو. پر منصف انصاريءَ
جو گهر ۽ علائقو به ڏاڍو سهڻو ۽ وڻندڙ هو. ائين
پئي محسوس ٿيو ته سندس گهر خوبصورت باغ جي وچ ۾
آهي. سندس گهر مان سمنڊ جو خوبصورت نظارو. سمنڊ ۾
وڏا وڏا جهاز ايندا ويندا ۽ بيٺل نظر ايندا هئا.
سج لهڻ جي وقت ته خاص طور سان دل چوندي هئي ته اهو
نظارو ڏسندو ئي رهجي!
منصف انصاري اسان جي سينگاپور وڃڻ جي ڪري موڪل به ورتي ۽ اسان
کي سينگاپور گهمايائين. جيڪو هڪ خوبصورت، صاف سٿرو
ملڪ آهي. سينگاپور گهمائڻ کان پوءِ اسان کي هڪ
ننڍي
Sentosa Island
به وٺي ويو، جتي ڏاڍا خوبصورت ڦوهارا جن ۾ رنگ
برنگي بتيون به لڳل هيون. ميوزڪ جي شروع ٿيڻ سان
ئي ڦوهارا به شروع ٿي پئي ويا ۽ خاص طور سان ته
ڦوهارا ۽ انهن سان رنگ برنگي بتيون ڏاڍيون سهڻيون
پئي لڳيون. مزو ڏاڍو آيو.
رات جو گهر واپس آياسين. ٻئي ڏينهن منجهند جو اتان جي مشهور
ريسٽورنٽ جنهن ۾ ٿالهين بدران ڪيلن جي پنن
(Banana Leaves)
تي کاڌو رکي ڏيندا هئا، اتي وياسين. کاڌو ايترو ته لذيذ هو، جو
اڃان به ان کاڌي کي ياد ڪندا آهيون.
سينگاپور گهمي ڦري ٽوڪيو وياسين. پهرين وانگر هن دفعي به جپانين
اسان جي ڏاڍي خاطري ڪئي ۽ گهمايو ڦرايو. دنيا جي
ٻين ملڪن جا ماڻهو به مختلف ڪورسن جي لاءِ آيل
هئا، جن سان چڱي خاصي دوستي به ٿي وئي هئي.
پروگرام جا منتظمين ڪورس ختم ڪرڻ تي جيڪي به ڪورس
ڪرڻ ايندا هئا، انهن کي
Fare well dinner
به کارائيندا هئا. کاڌي جي ٽيبل تي مختلف ملڪن
مان ايندڙن جي سامهون سندن قومي جهنڊيون رکندا
هئا. منهنجي سامهون وري ڪويت جي جهنڊي رکندا هئا،
اهو ان ڪري ته آءٌ ڪويت يونيورسٽي ۽ ڪويت جي طرفان
اتي ويل هئس ۽ ڪويت جي نمائندگي پئي ڪيم. مون
پنهنجي ڪورس جي آرگنائيزرن کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته
مون ڪجهه وقت پهرين پنهنجي گوڏن جو آپريشن ڪرايو
هئو، انڪري ٽوڪيو جي ٻاهرين منظرن وارا سير به
اسان کي ٽئڪسيءَ ۾ ڪرائيندا هئا. خوبصورت نظارا
سرسبز پهاڙيون وغيره ڏسي ڏاڍو مزو ايندو هو.
جپان ۾ زلزلا به ڏاڍا اچن. هن دفعي اسان زلزلي جو جهٽڪو محسوس
ڪيو، پر ڪجهه سيڪنڊ هليو ۽ پوءِ ختم ٿي ويو.
ٽوڪيو ۾ ٻه هفتا رهي ڪورس ختم ڪري واپس سينگاپور آياسين. منصف
انصاري پهرين کان ئي اسان کي مليشيا گهمائڻ جو
ارادو ڪيو هو. سو اسان کي پنهنجي ڪار ۾ مليشيا
گهمائڻ لاءِ وٺي ويو. مليشيا سرسبز سائو ۽ ڏاڍو
خوبصورت ملڪ آهي.
Water falls
به ڏٺاسين. (پهاڙين مان پاڻي ڪرندو) جيڪو ڏاڍو
خوبصورت لڳي رهيو هو. تازن تازن ريلن جو ناريلين
جي کوکن ۾ ئي پاڻي پيتوسين، جيڪو مون پهرين ڪڏهن
به نه پيتو هو ۽ مون کي ڏاڍو وڻيو هو. اتان جي هڪ
خوبصورت مسجد به ڏٺي سين. خوب فوٽا به ڪڍيا.
اهڙيءَ طرح سان سينگاپور ۽ مليشيا جو سير ڪري واپس
ڪويت آياسين.
ڪويت جيئن ته پاڪستان کي ويجهو هوندو هو ۽ مون کي ٽڪيٽون به
ڪويت يونيورسٽي ڏيندي هئي ۽ سال ۾ ٽي مهينا موڪل
ملندي هئي. انڪري سال ۾ گهڻو ڪري ٻه دفعا ڪراچي
پاڪستان ويندا هئاسين ۽ پنهنجي پياري ڀيڻ نظير وٽ
وڃي رهندا هئاسين. هوءَ مون کي بيحد گهڻو پيار
ڪندي هئي ۽ اسان جو تمام گهڻو خيال به رکندي هئي.
ٻيون ڀينر ۽ ڀائر ته سڀ الله سائينءَ کي وڃي مليا
هئا. ادي نظير جي ڌيءَ ريحانا جنهن کي سڀ پيار مان
راڻي سڏيندا آهيون، اها ۽ سندس مڙس ميجر نهار علي
بيگ اسان کي پنهنجي ڪار ۾ ڪافي گهمائيندا
ڦيرائيندا هئا. منهنجون ٻه ڀاڻيجون تنوير جوڻيجو ۽
سندس ڀيڻ ڊاڪٽر تبسم جوڻيجو جيڪي ڄامشوري ۾
رهنديون هيون، اهي به موڪلون وٺي ڪراچيءَ اينديون
هيون ۽ مون وٽ اچي رهنديون هيون. ٻيا سڀ ڀاڻيجا،
ڀاڻيجون، ڀائٽيا، ڀائيٽيون ۽ ٻيا به سڀ مائٽ ملڻ
لاءِ ايندا ويندا رهندا هئا. آءٌ ڏاڍي خوشقسمت
آهيان جو منهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جا ٻار مون کي تمام
گهڻو چاهيندا آهن. آءٌ به انهن کي بيحد گهڻو پيار
ڪندي آهيان ۽ منهنجو انهن سان دوستيءَ وارو رستو
هوندو آهي.
ڪويت ڪافي سٺو ملڪ هو. عورتن کي به ڪافي آزادي هئي. خوب فيشن
ڪنديون هيون ۽ پنهنجي وڏين وڏين گاڏين ۾ اڪيليون
گهمنديون وتنديون هيون. ڪابه پابندي وغيره ڪونه
هئي. سهوليتون به ڪافي هيون. هر ملڪ جون کاڌي پيتي
جون ۽ ٻيون شيون سڀ ڪويت ۾ موجود هيون. اسڪول.
ڪاليج، اسپتالون به سٺيون هيون. چوري چڪاري ۽ ڦرلٽ
به ڪونه هئي. سردي به گهڻي ڪونه هوندي هئي. البته
گرمي ڏاڍي ٿيندي هئي. پر گرمين ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن
بند هئڻ جي ڪري گهڻا ماڻهو ڪويت مان ٻاهر هليا
ويندا هئا ۽ اسان به ٻه مهينا جولاءِ، آگسٽ موڪلن
تي ڪويت مان ٻاهر هليا ويندا هئاسين. مون کي اتان
جي اس ۽ روشني به ڏاڍي سٺي لڳندي هئي. مطلب ته
مغربي ۽ مشرقي دنيا وارا سڀ سک ڪويت ۾ هئا. ڪم ڪرڻ
وارا به ڪافي ماڻهو ملي ويندا هئا. انهن سڀني
ڳالهين جي باوجود به ڪويت ۾ خاص مزو ڪونه ايندو
هو. نه رڳو اهو ته ملڪ جا قاعدا ۽ قانون سخت هئا،
پر اتي دنيا مان هر ملڪ جا ماڻهو آيل هئا، جيڪي
هڪٻئي سان حسد گهڻو ڪندا هئا. ماڻهن ۾ سياست ڌاڍي
هلندي هئي ۽ ڊپ اهو لڳندو هو ته ڪنهن جي ڪوڙ
ڳالهائڻ جي ڪري، ڪنهن ڪوڙي شڪايت يا چغليءَ جو
شڪار نه ٿي وڃجي. ذهني طور تي آءٌ ته پاڻ کي هڪ
قيد خاني ۾ سمجهندي هئس.
ڪار هلائڻ به خطري کان خالي ڪونه هوندي هئي. ايڪسيڊنٽ ڏاڍا
ٿيندا هئا. مقبول به جڏهن پنهنجي آفيس مان موٽندو
هو ته الله سائينءَ جا شڪرانا ڪندي هئس.
پهرين اٺ سال ته عراق ۽ ايران جي جنگ جي ڪري اهو به ڊپ لڳندو هو
ته غلطيءَ سان ڪويت تي نه بم ڪري ۽ اسان به ان جو
شڪار ٿيون. انهن اٺن سالن ۾ ڪافي تبديليون اچي
ويون هيون. مقبول جي جاب ۾ به سياست ڏاڍي هئي. مون
کي به هر وقت ميڊيڪل فئڪلٽيءَ ۾ شطرنج جي چال
وانگر سنڀالي هلڻو پوندو هو، پر 1989ع کان پوءِ ته
يونيورسٽيءَ ۾ سياست انتهائيءَ تي پهچي چڪي هئي،
جو مون به سوچيو ته منهنجو وڌيڪ ڪويت ۾ رهڻ صحيح
ڪونه هو. ارادو اهو ڪيم ته وڌيڪ ريسرچ بند ڪري
جيڪا به ريسرچ ڪئي هيم، ان کي ڇپايان، جنهن جي
لاءِ مختلف موضوعن تي پيپر به لکيم ۽ ٻه ڪتاب هڪ
اسڪيننگ اليڪٽران مائڪرو اسڪوپي ۽ ٻيو اسڪيننگ
اليڪٽران مائڪرو اسڪوئي ان ميڊيسن تي تيار ڪيا
هئم. آخر ۾ اهي چيڪ ڪري ڇپجڻ لاءِ موڪلڻا هئا.
اهو به ارادو ڪيو هئم ته لنڊن ۾ موڪلن تي وڃي نوڪريءَ جي تلاش
ڪندس ۽ پوءِ نوڪري هٿ ڪري ڪويت يونيورسٽيءَ کي
نوٽيس ڏئي، سڄي ريسرچ ڇپائي پوءِ لنڊن واپس هلي
ويندس. اتي وڃي
MRC Path
جو سيڪنڊ پارٽ به ڪندس. پارٽ ون مان ته منهنجي
پيٿالاجي ۾ ريسرچ ۽ پيپرن ڇپجڻ جي ڪري مون کي
Exemption
مليل هئي. انهن سڀني ارادن سان گڏ الله سائينءَ
کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. شايد ڪويت مان جلدي وڃڻ
۾ اسان جي لاءِ ڪا ڀلائي هئي، جو رات جو سمهي صبح
جو اٿياسين ته خبر پئي ته اهي سڀ خواب اڌورا رهجي
ويا هئا.
(هلندڙ) |