سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :5

 

”شمع ۽ خليفه“ فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا

حدون ٽوڙڻ جا خواب            مترجم امر سنڌو

حصو چوٿون.

”سڌريل دنيائن جي عورت جو سفر پولارن ڏانهن آهي. پر سنڌ جي عورت ايڪهين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي ڌوڙ جيترو مان، به ماڻي نه سگهي آهي. آجپي ۽ آزادگين جي ڏس ۾ دنيا جون عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گهڻيون اڳتي هجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل هيون. ”آزادگي ۽ آجپو فقط خواهشن جي آڌار تي نه ٿو ماڻي سگهجي.“ عورتن جي جدوجهد جي تاريخ بار بار اهو سبق ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي سنڌ جي عورت کان به هڪ قدم پوئتي هيون، اڄ سنڌ جي عورت کي پنهنجي جدوجهد جي حوالي سان گهڻو پوئتي ڇڏي چڪيون آهن. عورت جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن زندگين جو احوال سندن جدوجهد جو داستان ”سرتيون“ ۾ ان ڪري شروع ڪجي ٿو، جيئن اهڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي آسان بنائين.

فاطمه مرنيسي. مسلمان فيمينسٽ عورت، جنهن جو تعلق مراڪش جي پوئتي پيل سماج سان آهي، سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ خاص طور تي مسلمان عورتن جي حقن لاءِ واحد علامت بڻيل آهي. سندس آتم ڪٿائي داستان ”سرتيون“ جي پڙهندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آهي.“

فرانسيسي حرم

اسان جي گهر جو ڦاٽڪ، اسان لاءِ هڪ واضح حد يا سرحد جيان هو. ڇو ته اُتان اندر اچڻ توڙي ٻاهر وڃڻ لاءِ اجازت وٺڻ ضروري هو، هتي هر چر پر لاءِ سبب ٻڌائڻ لازمي هو. خود ڦاٽڪ تائين پهچڻ جو پڻ هڪ خاص طريقو هو، جيڪڏهن اڱڻ مان اچجي ته پهرين هڪ سوڙهي ۽ طويل رستي تان لنگهي، احمد دربان سان ڏيٺ ويٺ ڪرڻي پوندي هئي، جيڪو پنهنجي تخت جهڙي موضي تي ويٺل هوندو هو. پاسي ۾ چانهن جو ٽري هر وقت مهمان نوازيءَ لاءِ تيار هوندو هو، ڇو ته اُتان ڦاٽڪ ٽپڻ کان اڳ هميشه هڪ ڊگهي سوديبازي ٿيندي هئي، ان لاءِ يا ته هو، پنهنجي سامهون پيل هڪ فرانسيسي ڪُرسي، جيڪا هن پنھنجي لاءِ هڪ مقامي ڪٻاڙيئي (ڪٻاڙي بازار مان) ورتي هئي، اُن تي ويهڻ لاءِ چوندو هو، احمد پاڻ تمام ٿوري وقت لاءِ ٻاهر ويندو هو ۽ جڏهن سندس زال لوزا ڪم تي ويندي هئي ته پويان هو پنهنجو سڀ کان ننڍو ٻار سنڀاليندو هو، جيڪو سندس هنج ۾ ويٺل هوندو هو. لوزا، هڪ بهترين بورچياڻي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهر کان ٻاهر، جتي به کيس سٺو معاوضو ملندو هو، رڌ پچاءُ جو ڪم ڪندي هئي.

اسان جي گهر جو ڦاٽڪ هڪ وڏي، عظيم محراب ۾ لڳل اُڪريل ڪاٺ جي دروازن سان ٺهيل هو ۽ هيءُ ڦاٽڪ ئي زناني حرم کي ٻاهر رستي تي هلندڙ اجنبي ۽ ڌارين کان جدا ڪندو هو. (اسان کي ٻڌايو ويندو هو ته اسان جي مردن يعني وڏي چاچي ۽ بابي جي عزت جو دارومدار، ان عليحدگيءَ سا ئي آهي) ٻار ته ڦاٽڪ کان ٻاهر وڃي سگهندا هئا، ڇوڪرين ۽ عورتن لاءِ اهو ٻاهر وڃڻ ممڪن نه هو. امان چوندي هئي،

”مان پرهه ڦٽندي ئي اُٿنديس، جي مون کي به ٻاهر سنسان ڳلين گهٽين ۾ گهمڻ جي اجازت هجي، اُن وقت روشني ڦڪي يا گلابي ٿيندي هوندي.“

صبح سوير ئي، سنسان گهٽين ۾ روشنيءَ جو رنگ ڪهڙو هوندو آهي، ان سوال جو جواب ڪڏهن به نه ملندو. حرم ۾ سوالن جا جواب ملڻ لازمي نه هئا. سوال پنهنجي حال (صورتحال) کي سمجهڻ جي هڪ خاص ترڪيب آهي. ڳلين ۾ آزاديءَ سان گهمڻ، ڦرڻ هر عورت جو خواب هو. پڦي حبيبه جي سڀ کان دل لڀائيندڙ ان ڪهاڻيءَ جو نالو، جيڪا هوءَ اهڙن خاص موقعن تي ٻڌائيندي هئي، اُن جو نالو ”پرن واري عورت“ هو. جيڪا اڱڻ ۾ جتي به چاهي اُڏامي سگهندي هئي. جڏهن به پڦي حبيبه اهو قصو ٻڌائيندي هئي ته اڱڻ ۾ عورتون، پنهنجا ڪافتان (لباس جو حصو) پتين سان ٻڌي، ٻانهون ائين هيٺ مٿي ڪنديون هيون، جيئن اُڏامي رهيون هُجن، سوٽ شمع جيڪا، سترهن سالن جي هئي، اُن سالن تائين مون کي ان خوشفهميءَ ۾ مبتلا رکيو ته هر عورت جا لڪل پر هُجن ٿا ۽ منهنجا پربه وڏي ٿيڻ تي نڪري ايندا.

اسان جو ڦاٽڪ، اسان کي پرڏيهين کان پڻ محفوظ رکندو هو، جيڪو ٿوري ئي پنڌ تي بيٺل هوندا هئا. ٻئي پاسي سرگرم ۽ خطرناڪ سرحد هئي. جيڪا اسان جي پراڻي شهر کي نئين فرانسيسي شهر يعني ”نئين شهر“ کان جدا ڪندي هئي. جڏهن احمد دربان ڳالهين ۾ رُڌل هوندو هو يا ننڊ جون پنڪيون کائيندو رهندو هو ته اسين سڀ ٻار فرينچ سپاهين کي تڪيندي، آهستگيءَ سان نڪري ويندا هئا سين، اُنهن جون اکيون نيريون هونديون هيون، ڪلهن تي بندوقون ۽ هر وقت خبردار اکيون... هو اڪثر اسان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا هئا، ڇوته وڏا اُنهن سان ڳالهائڻ پسند نه ڪندا هئا، پر اسان کي پڻ اهو تاڪيد ٿيل هوندو هو ته کين ڪڏهن جواب نه ڏيون. اسان کي به خبر هئي ته فرينچ لالچي آهن ۽ پري کان اسان جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ آيا آهن. جيتوڻيڪ هلچل آهي، گهاٽا جهنگل ۽ سرسبز ٻنيون آهن ۽ انهن جا جانور اسان کان وڏا ۽ اگهارا آهن ۽ چار دفعا وڌيڪ کير ڏيندا آهن، پر پوءِ به فرينچن کي اڃا وڌيڪ حوس هو.

جيئن ته اسان نئين ۽ پراڻي شهر جي وچواڙي سرحد تي رهندا هئاسين، تنهن ڪري اسان کي اهو فرق چٽو پٽو نظر آيو، جيڪو فرينچ ۽اسان جي شهرن ۾ هو. اُنهن جون ڳليون وڏيون، سڌيون ۽ رات جو روشنيءَ ۾ چمڪندڙ (بابا) چوندو هو ته الله جي ذخيرن کي ضايع ڪري رهيا آهن، ڇوته هڪ پر اَمن سماج ۾ ايترين تيز ۽ گهڻين روشنين جي ضرورت ناهي) ۽ اُن وٽ تيز گاڏيون آهن. اُن جي ڀيٽ ۾ اسان جي شهر جون گهٽيون سوڙهيون، اونداهيون ۽ پُرپيچ هيون ۽ اُن ۾ ايترا موڙ هئا جو گاڏيون داخل به نه ٿي سگهنديون آهن ۽ پرڏيهي جيڪڏهن اندر وڃڻ جي همٿ ڪندا به هئا ته کين ٻاهر وڃڻ جو رستو نه ملندو هو. دراصل ان ڪري به فرينچن کي پنهنجي لاءِ به نئون شهر اڏڻو پيو هو. اُهي اسان جي شهر ۾ داخل ٿيڻ کان ڊڄندا هئا.

شهر ۾ ماڻهو گهڻو ڪري پنڌ هلندا هئا. بابا ۽ وڏي چاچي وٽ پنهنجا خچر هئا، پر احمد جيان غريب ماڻهن وٽ صرف گڏهه هئا ۽ ٻارن ۽ عورتن کي پنڌ هلڻو پوندو هو. فرينچ پنڌ هلڻ کان گهٻرائيندا هئا. هميشه پنهنجي گاڏين ۾ گهمندا هئا، جڏهن حالتون خراب ٿينديون هيون ته سپاهي به پنهجي گاڏين ۾ هوندا هئا. پر اسان ٻارن کان به ڊڄڻ وارو سندن خوف اسان کي حيران ڪندڙ هو ۽ اسين سوچيندا هئا سين ته وڏا به شايد اسان جيان ڊڄندا هوندا ۽ اهي وڏا بظاهر ته آزاد نظر اچن ٿا. جن طاقتورن سرحدون ٺاهيون هيون. دراصل ڊڄڻ وارا به اُهي ئي هئا. نئون شهر ان جو حرم هو. عورتن جيان هو به شهر ۾ آزاديءَ سان گهمي ڦري نه سگهندا هئا. يعني طاقتور به سرحدن جا امير ٿي سگهن ٿا. تڏهن به فرينچ سپاهي جيڪي ڏسڻ ۾ ننڍا، ڊنل ۽ اڪيلا لڳندا هئا، تن سڄي شهر کي خوفزده ڪيو هو، ڇو ته اُنهن وٽ اسان کي نقصان پهچائڻ جي طاقت هئي.

امان چوندي هئي ته ھڪ ڏينهن جنوري 1944ع ۾ شاهه محمد پنهنجين مراڪش جي سڀني قوم پرستن جي تائيد سان، اعليٰ فرينچ آفيسر Resident Gerneral  وٽ خودمختياري گهرڻ ويو. Resident General  اُن تي ڏاڍو ناراض ٿيو ته: ”توکي خودمختياري گهرڻ جي همٿ ڪيئن ٿي.“ هن رڙ ڪئي ۽ اسان کي سزا ڏيڻ لاءِ شهر ۾ سپاهي موڪليا. جيستائين به ممڪن ٿيو بڪتربند گاڏيون ڳلين ۾ داخل ٿي ويون. ماڻهن دعائن لاءِ مڪي جو رخ ڪيو. هزارين مردن مشڪل ڪشائي جي وظيفي ”يا لطيف _ يالطيف“ جو ورد ڪرڻ شروع ڪيو. ” يا لطيف“ اسماءِ حسنه مان هڪ آهي ۽ پڦي حبيبه چوندي آهي ته اهو سڀ کان خوبصورت نالو آهي. ڇاڪاڻ ته هي الله کي همدرديءَ جو سرچشمو ڏيکاري ٿو. جيئن اهو اسان جو ڏک محسوس ڪري سگهي ۽ اسان جي مدد ڪري. پر ”يا لطيف“ جي گونج سان فرينچ سپاهي گهٻرائجي، بي قابو ٿي ويا. انهن دُعا ڪندڙ هجوم تي گوليون هلائڻ شروع ڪيون ۽ ڪجهه ئي لمحن ۾ مسجد جي چانئٺ تي هيٺ مٿان لاش ڪرڻ لڳا. جڏهن ته اندر اڃا به ماڻهن دعا جاري رکي. امان چوندي هئي ته سمير ۽ مان اُن وقت چئن سالن جا هئاسين ۽ ڪنهن به ڌيان نه ڏنو ته اسين. ڦاٽڪ تان رت رڱيل لاش، جيڪي روايتي اڇي ڪپڙي ۾ ڍڪيل هئا، ڏسي رهيا هئاسين ۽ مهيني تائين اسان کي ڊپ وارا خواب ايندا رهيا. ڪڏهن ڪٿي ڳاڙهو رنگ نظر ايندو هو ته اسين ڊوڙي لڪي ويندا هئاسين. اسان کي مولا ادريس جي مزار تي هر جمعي تي وٺي وڃڻو پوندو هو، جيئن مولا اسان تي حفاظتي دعائون ڦوڪي ۽ اسان کي سال تائين وهاڻي هيٺ تعويذ به رکڻو پيو، تڏهن وڃي اسين معمول مطابق سمهڻ لڳاسين. ان غمناڪ ڏينهن کان پوءِ فرينچ ڏينهن ڏٺي کلم کلا بندوق کڻي پي گهمندا هئا، پر بابا کي پنهنجي شڪاري بندوق لاءِ به اجازت وٺڻي پوندي هئي ۽ پوءِ به ان کي جهنگل ٻاهران لڪائي رکندو هو.

انهن سڀني حالتن اسان کي منجهائي وڌو ۽ مان اڪثر ان بابت ناني ياسمينه کان پُڇ ڪندي رهندي هيس. ناني هڪ خوبصورت فارم يا ٻنيءَ تي رهندي هئي. جتي ڳئون، رڍون پڻ هونديون هيون ۽ وسيع ميدان به. اسان کان لڳ ڀڳ 100 ڪلوميٽر اولهه ڏانهن فيض ۽ سمنڊ وچ ۾ اسان ساڻس سال ۾ هڪ دفعو ضرور ملڻ ويندا هئاسين. مان کانئس اڪثر ”حدن“، ”خوف“ ۽ ”اختلاف خوف“ بابت پُڇندي رهندي هيس. نانيءَ کي هر قسم جي خوف جو پتو هو.

”مان، خوف ڪڍڻ ۾ ماهر آهيان، فاطمه“ هوءَ منهنجي پيشاني چُمي چوندي هئي ۽ مان سندس پيازي ۽ اڇن موتين سان کيڏيندي رهندي هيس.

”۽ جڏهن تون وڏي ٿي ويندين ته مان توکي ٻُڌائيندس ته خوف ۽ ڊپ کان ڪيئن نجات ملندي آهي.“

گهڻو ڪري نانيءَ وٽ پهريون ڪجهه راتيون بيخوابي ۾ گذرنديون هيون، مان سمهي نه سگهندي هيس، ڇو ته اُتي ”حدون“ واضح نه هيون. ڪو بند ڦاٽڪ نه هو. بس، ڪشاديون ۽ سپاٽ ٻنيون هيون، جتي گل ٽڙندا هئا ۽ جانور سڪون سان گهمندا هئا. پر نانيءَ مون کي ٻڌايو ته اُن جو فارم الله جي قديم ڌرتيءَ جو حصو آهي، جتي ڪي به سرحدون ناهن، صرف کليل ۽ بي روڪ ٻني ۽ مون کي ان کان ڊڄڻ، نه کپي. ”پر مان کليل ٻنيءَ ۾ ڪيئن ٿي هلي سگهيس؟“ ڪير حملو ڪري ته؟“ مان پُڇندي هيس. تڏهن نانيءَ ياسمينه مون کي وندرائڻ لاءِ هڪ راند گهڙي ورتي، جيڪا مون کي ڏاڍي وڻندي هئي. راند جو نالو هو ”کليل ٻنيءَ ۾ پسار ڪرڻ.“ هوءَ مون کي هنج ۾ کڻندي هئي ۽ مان اکيون بند ڪري تصور ڪندي هيس ته مان تنها گلن جي سبزه زار ۾ گهمي رهي آهيان. ”آهستي هل“ ناني چوندي هئي. ”جيئن گلن جو گيت ٻُڌي سگهين، هو، آهستگيءَ سان سلام چئي رهيا آهن.“ مان گلن جي اها مصرع ورجائيندي هيس ۽ خوف خطرا غائب ٿي ويندا هئا ۽ ننڊ اچي ويندي هئي.

”سلام سلام، گل“ ياسمينه ناني ۽ مان گڏجي ورجاجئيندا هئاسين ۽ ائين لڳندو هو، ڄڻ هڪ پَل ۾ صبح ٿي ويو هجي ۽ مان نانيءَ جي وڏي لوهي پلنگ ٿي بيٺل هجا ۽ مُٺيون پيازي ۽ اڇن موتين سان ڀريل هجن. ٻاهران هوا جو پنن کي ڇُهڻ ۽ پکين جي ڳالهه ٻولهه جا گيت ٻڌڻ ۾ ايندا ۽ ڪوبه نظر نه ايندو، سواءِ شاهه فاروق جي، جيڪو هڪ مور جو نانءُ هو ۽ ٿور، جيڪا اڇي ٿلهي بدڪ هئي.

دراصل ٿور ناني ياسمينه جي پهاڄ جو نالو هو، جنهن سان کيس سخت نفرت هئي ۽ مان به خفيه طور تي کيس ٿور ئي چوندي هيس، پر سڀني جي سامهون لاله ٿور چوڻو پوندو هو. اسان وٽ لاله، خاص عورتن لاءِ عزت جو لقب هو، جيئن سدي وري خاص فردن لاءِ ننڍپڻ ۾ سڀني بزرگن کي لاله ۽ سدي چوڻو پوندو هو. شام ٿيندي ئي اُنهن جا هٿ چمڻا پوندا هئا، جنهن وقت بتيون ٻاريون وينديون هيون ۽ اسان مڪوم يعني شام بخير چوندا هئاسين. سمير ۽ مان جلدي جلدي سڀني جا هٿ چمندا هئاسين، جيئن راند لاءِ واپس وڃي سگهون. ان کان پهرين جو اسان اهو جملو ٻڌون ”روايتون ۽ رسمون ختم ٿينديون پيون وڃن.“اسان ان رسم کي جلدي ۾ پورو ڪرڻ جا ماهر هئاسين، پر ڪڏهن ڪڏهن گهڻي تڪڙ ۾ بزرگن جي هنج ۾ يا قالين تي ڪري پوندا هئاسين ته سڀ کلڻ لڳندا هئا ۽ امان ته ايترو کلندي هئي، جو ڳوڙها ڳڙي پوندا هئس. ”ويچارا ٻار!“ هوءَ چوندي هئي. ”هٿ چمڻ کان تنگ ٿي ويا آهن، پر اڃا ته ابتدا آهي!“

پر فارم تي لاله ٿور، فيض ۾ لاله ماني وانگي بنهه نه کلندي هي. هميشه سنجيده ۽ بردبار رهندي هئي. نانا تازيءَ جي پهرين زال هئڻ ڪري خاندان ۾ سندس تمام گهڻي عزت هئي ۽ پنهنجي اهميت جي ڪري هوءُ گهرو ڪمن کان آزاد هئي. هوءُ ڏاڍي امير هئي جيڪو نانيءَ کي ڏاڍو خراب لڳندو هو.

”امير آهي ته ڇا ٿيو“ ناني چوندي هئي ”سڀني وانگي اسان کي به ڪم ڪرڻ کپي. ڇا اسان مسلمان نه آهيون؟ ۽ اگر آهيون ته سڀ هڪجهڙا آهيون. الله تعاليٰ به فرمايو آهي ۽ رسولﷺبه اهوئي پيغام ڏنو آهي.“ هوءَ مون کي سمجهائيندي هئي ته ڪڏهن به اڻ برابري قبول نه ڪجانءِ ڇو ته اها مڃڻ جوڳي ناهي. انڪري ئي هن پنهنجي ٿلهي بدڪ جو نالو لاله ٿور رکيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com