روبينه صديقي
زندگيءَ جي ميلي ۾،
ڏک سک،
جي به مون ساڻ مليا،
ھو ھليا مون سان سفر ۾،
وڇڙي ويا راھن ۾،
سي سڀ پرين ياد پيا آھن،
اکيون منھنجي آليون آليون،
آس منھنجي من اندر ۾،
تن کي ساري سڏڪي رھي آھي.
جيون جي ھن
منجھيل منجھيل راھن ۾،
ڪنھن کي ڳولھي ڪنھن کي ڳوليان،
ڪيڏانھن ويا ھو جيءَ جا جيارا،
محبت جن جو ايمان ھو.
رشتا ناتا ٽوڙي سڀ،
ڪيڏانھن ويا.
دنيا جو دستور نرالو،
پيار ڪري پوءِ ڌار ٿيڻ
ڏاڍو ڏکيو آ.
ھا پر وقت وڏو ظالم آ،
ياد انھن جي ذھن تان،
نيٺ ميساري ڇڏيندو،
پر تڏھن به،
ھو وڇڙيل مون کان؛
مور نه وسرندا،
جن سان منھنجو ناتو آ،
ازل کان، ابد تائين!
ستار سومرو
غزل
جيون ٽٽل ڪنھن ٽاريءَ جيئن،
ڄڻ ٿر جي سڪل واريءَ جيئن،
نيڻ ۽ جذبا خاموش منھنجا،
مظلوم نماڻي ڪنھن ناريءَ جيئن.
مطلبي آھي مرڪ تنھنجي،
لالچيءَ ڪنھن واپاريءَ جيئن .
خواھشون ٿيون اڻپوريون ستار،
اٿاريل ڌيءَ ڪنھن ڪنواريءَ جيئن.
احمد خان مدحوش
غزل
ھتي اھڙا به ڪي عادل رھن ٿا،
جيڪي انصاف جا قاتل رھن ٿا.
جيان پيو ٿو انھيءَ بستيءَ ۾ سائين!
جتي انسان پٿر دل رھن ٿا.
ستم، جور و جفائون، درد، دوکا،
ڪتابِ دل ۾ سڀ داخل رھن ٿا.
اوھان کان ڌار ڀي ناھيان اڪيلو،
اوھان ناھيو ته غم شامل رھن ٿا.
اميدون ڪيئن کڻي ايڏانھن پھچان،
اوھانجي شھر ۾ قاتل رھن ٿا.
نه ڪر احساس جون ڳالھيون اجايو،
ھتي مدھوش سڀ جاھل رھن ٿا.
سميع ڪنڌر
پيار
پيارلفظن جو محتاج ناھي،
پيار جي پنھنجي ٻولي آھي.
دل وارن لئه سمجھڻ سولي آھي.
ڪيڏي چاھت جاڳائن ٿيون .
ھڪ دل کان ٻي دل تائين،
پيار جو پيغام پھچائن ٿيون.
پيار ۾ اکڙيون ڳالھائن ٿيون!
گورين ٻانھن ۾ گجرا مھڪن ٿا
۽ سپنن سان نيڻ جرڪن ٿا
پيار ۾ چھرا ٻھڪن ٿا.
ٿورو ٿورو مرڪي ٿي،
ڌڪ ڌڪ، ڌڪ ڌڪ،
پيار ۾ دلڙي ڌڙڪي ٿي.
سر سنگيت ڇڙي پون ٿا،
عشق جي آسمان تي،
ٻه جوڀن کڙي پون ٿا.
جوھر بروھي
مجبوري
مند کان اڳ ھي ڳوڙھن جي برسات ھئي.
شمعون ٻرنديون رھيون ٻاٽ ۾ رات ھئي.
سيج ڪاٿي ستي!
ھوءَ ته ڇرڪي اٿي.
غيرتن کي قبيلو پڇائڻ ڏيو ھا!
نيڻ راھن تي ھن کي وڇائڻ ڏيو ھا!
ڀاءُ جي آسري؛
ماءُ جي دادلي.
پنھنجو پاڙو ته ڇا ڳوٺ جي لاڏلي.
خواب ھن جا ھئا ڪڏھن ڪارا نه ھا،
جذبا سچائين جا اڌارا نه ھا.
رنگ ڇا ڇا رتا،
خواب ڪاٿي کتا.
سونھن؛ جوڀن؛ حيا،
پائي ليئا ستا.
شھر جا ڏاھا پنھنجن مفادن ڪري،
ڄڀ پنھنجيءَ تي پٿر رکي چپ ٿيا.
دانھن تي ڪوئي آيو نه ھو.
ڇو ته
دانھن ورنائيندڙ پڻ مفادن اڳيان؛
ائين مجبور ھا.
جيئن جوڀن ڀري ڇوڪري؛
اڻ سڃاتل ڪراڙي سان،
لائون لھڻ تي مجبور ھئي.
پرھه پليجو
(1)
ھڪڙو ھو نه ھوندو
رنگ به ھوندو، سار به ھوندو،
ھڪڙو ھو نه ھوندو.
ڌرتي ۽ آڪاش به ھوندا.
ھڪڙو ھو نه ھوندو .
منھنجو ھي اتھاس به ھوندو،
ھڪڙو ھو نه ھوندو .
ڌڙڪن جو احساس به ھوندو
ھڪڙو ھو نه ھوندو .
(2)
داستان
ھن ڇوڪريءَ جي ڪنن جا والا
ڪنھن داستان جو حصو آھن:
لڏن ۽ لمن ٿا پر پوءِ به ڪڇن ڪونه ٿا .
انھن کي ڪنھن خريد ڪيو،
ھڪ جوانڙيءَ لاءِ،
جيڪا سندس محبوبا ھئي:
اُھو بيوفا نڪتو،
جيڪو اھو تحفو ڏيئي گم ٿي ويو:
پر بوءِ چري انھن والن کي دل سان
چاھي ٿي،
جو اھو ھڪ داستان جو حصو آھن.
گل حسن ”ساگر“ ڪوري
بيت
منھنجو رات سھاڳ، ڪانئرن آ گڏ جي ڪُٺو،
سرتيون! ٿيو سجاڳ، ناھي سَمو سُمھڻ جو.
ڪالھه ڪراچيءَ منجھه، اُڇلايا ويرين بم،
مري پيا ڪي ھنجھه، بمن سندي باھه ۾.
ڪانئرن ھنيان ڪات، ڪالھه مُنھنجي ڪانڌ کي،
مُنھنجي ساري رات، گُذري قيامت وانگيان.
بارود جي اچي بُوءِ، ڪراچيءَ جي ڪُنّ مان،
ڌوئي ساري جُوءِ، عطر امن جو ھاريون.
امن جو ڇَٽ ٻِجُ، مُنھنجا مٺڙا ادل تون،
سُک جو ڏسون سج، ھاڻ پاڻ سنڌ ۾.
امن جو ڇٽ ڀاڻ، مٺڙا منھنجا ڀاءُ تون،
شل اڀري پئي ھاڻ، سکن سندو سِجڙو.
اِرم محبوب
اجتمائي احمق
اسان سڀ خواب ڏِسڻ وارا
ڪيڏا احمق آھيون!
پنھنجا .........
ڪڏھن به ساڀيان نه ٿيندڙ خواب،
وڏي اعتماد سان،
ٻين جي اکين ۾ ،
ٻِجن جيان پوکي،
لاباري جي اوسيئڙي ۾
عمر وڃائي ڇڏيندا آھيون!
فريب
تون مون لاءِ
ڪنھن قيمتي ۽ نازڪ
سپني وانگي!
بيدرد جاڳ کان
بچڻ لاءِ مون،
FRAGILE
HANDLE WITH CARE
جو بورڊ
پنھنجين اکين جي سرحدن تي
کوڙي ڇڏيو آھي
توکي ڪي پَل وڌيڪ
پاڻ ۾ تر سائڻ لاءِ!
******
معراج احمد سولنگي
غزل
ھــــــي جـــــــا پــــيـــار ڪھـــاڻي آھي،
ســـــــــورن ۾ ســــــــــامــــائــــي آھــــي.
ڏاڍي ســــــنـــدر تــنـــھـنجــي حــويلي،
مــنـــھنــجــي جــــاءِ پــــــراڻــي آھـــي.
ســـــک جــــــو ســــورج تـنھنجو راجا،
مـــون لاءِ رات ٿــــــــــــي راڻـــــي آھـي.
منـھنــجـــو جـــيون ٿــــر جــــي ڌرتـــي،
تـــو وٽ طــــول وھاڻـــــي آھــــــي.
تــنـــھنجــــــــا جــــــذبــــا ارڏا ارڏا،
منھنجي ســـــوچ نــــماڻي آھـــي.
منھنجـــــا گــــھــــايل ســــــارا اڌمـــا،
تو لئـــــه ھڪ ســــمجھــــاڻــــي آھــي.
”مـــعــــراج“ ملــــي تنھنجي مـــحبت،
اڄ مــــــــــون مـــنـــزل مـــــــاڻي آھــــي.
ننگر چنا
غزل
تــــــوبن جـــيـــون درد جــــو صـــحــرا،
تـــــوتــــي ســــائـــيــن پـــخــتــا پــھرا،
تـنـھـنـجــي مــنھنجي قسمت ڇا ھي؟
آلــــيـــون اکــــيـــون، لـــــٿـــل چــھــرا.
ڏک لـــــڪــــائـــي مـــرڪــون ٿــا پـيا،
تـــــوڙي گــــھــاوَ لـــڳــــل ھِــن گـــھـرا،
روزانـــــــــــو الــــــــــزام ھــــــــڻـــن ٿـــا،
پـــنــھـنـجــي شــھــر جـا شخص اٻھرا.
حسن درس
نظم
توڙي جو شام پنھنجي ھن ديس جي ڀلي آ.
توڙي جو پاڻ کي ھت محبوبه ھر ڳلي آ.
ديوار جي اڳيان ۽ پويان اسان ئي آھيون
خود سان وڙھي ٿا پرچون
۽ پاڻ کي ٿا چاھيون
چئجي ته ھونئن خوشيءَ جو ڪوئي نه آھي ڪاٿو
ھي موسمون حسين ۽
بي انت ھي بھارون
ھا، پر اڃان به پرتي
سڪل پن جيان جت
ھي من ڇڻڻ لڳي ٿو
صدين جون خشڪ راھون
ماضي جتان اسان جا
پيرا کڻڻ لڳي ٿو
پويان اچڻ وڃڻ جي
رستي ۾ ڪير آھي، راھن ۾ ڪير آھي
لڙڪن ۾ ڇو لڪل آ، آھن ۾ ڪير آھي
ھو ٻار جو بکايل، ٻيڙيءَ ۾ آستو
آڙيءَ جيان اُڏامن
ٿا خيال اڄ به ھُن جا
ھر ڪنھن خوشيءَ جي پويان
تنھن کان به ٿورو پريان
ڪچن گھرن اندر
ھوءَ چلھه آ اُجھاڻل
دونھين جي لاٽ ڪائي، ٻاھر نٿي اچي
نڪري نٿي نچي
ڪائي جھريل آ جھوپي
ڪوئي پراڻو چونئرو
جنھن جي مٿان وري
ھوءَ ليڪ چنڊ جي آ
نالو لکي وئي
ھن ڏينھن عيد جو
واري وڇاڻو جن جو
وڻ اوٽ ٿيا جنين جا
تارن جي ڇپر ھيٺان
ڪجھه خواب، خواب آھن
ڄڻ جوٽ ٿيا جنين جا
۽ آ ھوا جو ھٿڙو
جن جي سرن مٿان
تن جو به حال تون ئي ڄاڻج وري خُدا
تن کي به ڪا خوشي اُماڻج وري خُدا .
******
خليل عارف سومرو
غزل
گُلاب بڻجي ھُڳاءُ ڪر
ھُڳاءُ ۾ ڀي جٽاءُ ڪر.
وڌي نه اونداھه جيئن گھڻي،
ڪو روشني جو اُپاءُ ڪر،
خدا ڏنئي ڌن ته شڪر ڪر،
نه سيٽجي ڪو نماءُ ڪر.
نه ڪنھن تي ڪو اعتبار آ،
اُٿي چمن جو سماءُ ڪر.
نواڻ ڪو تا ۾ آڻ ڪا،
لکڻ ۾ پيدا ڇھاءُ ڪر.
چريا غيرن کان نه ڊڄ گھڻو،
مِٽن مائٽن کان بچاءُ ڪر.
خليل عارف مڄون نه رَھه،
اُڀر ۽ اُڀري ڪوتاءُ ڪر.
شاھده کوکر
ٽيڙو
سورن ۾ ساري،
دل ٿي ويٺي درد سھي،
واڳيل ويچاري
*
ھيڏي بيدادي،
دلبر درد ڏئي ويو،
ٿيان ڪٿ فريادي_
*
تنھنجي آھي تات،
ڏوريان ڏک ۾ ڏينھڙا،
تارا ڳڻيندي رات_
****
رجب ٻگھيو
غزل
ٿيون سانوڻ جيان، روز ڀرجيو اچن،
ھي اکڙيون به ڄڻ ڪي ته بادل ھُجن.
چنڊ تارا ڪتيون چيٽ چانڊوڪيون،
سونھن تنھنجي جا ڇا ڇا حوالا ڏجن!؟
شھر تنھنجي کان ايندڙ ھوائون پرين،
روز خوشبو جا تحفا کنيو ٿيون اچن.
لفظ اھڙا پرين، پَرَ ڪِٿان آڻجن؟
باک ڳلڙن تي تنھنجي ڦُٽي ٿي پئي،
مُرڪ تنھنجي سان ٿڌڙيون ٿيون ھيرون گھلن.
فضه غزل
تڏھن وسرندين تون
جڏھن ھي
نيڻ_
تنھنجي
يادن ۾،
برسي برسي،
ٿڪجي پوندا،
۽
پوءِ
يادن،
دردن،
سڏڪن،
لڙڪن،
کان_
آجو ٿيڻ لاءِ،
بند ٿي
ويندا.
ھا،
تڏھن وسرندين تون!
آڪاش بوزدار
بيت
ته ھي ڏسجي پيو، صفا پوڙھو جھُور،
جوانيءَ جو ٻُور، ڇاڻي ويٺو پل ۾.
جوانيءَ جو ٻُور، ڇاڻي ويٺو پل ۾،
ھاڻ ته ڪيڏا سُور، پوڙھپ جا ڀوڳي پيو.
سپنن جو ڇھاءُ، رات ھو نيڻن ۾،
تنھنجن ويڻن ۾، ڇھاءُ به ھو ساڳيو.
ڪمري ۾ ويٺس جيئن، يادن کڙڪيون کولي،
ڏٺم اکيون کولي، ويٺي آ ھوءَ سامھون.
دُور ٿيندي مٺي، دُور ٿئين تُون،
تو ڪارڻ مون، پنھنجو ”پاڻ“ وڃائيو.
گم ٿيل ھان پاڻ کان، وکريل ھان لوڪو،
پنھنجو ڀا پاڇو، پنھنجو ڪونه ٿو لڳي.
پنھنجو ڪو نٿو لڳي، ڪوئي ڀي ھِتي،
باھه جيان بکي، ھر ڪوئي ھن ڀونءِ تي.
ويٺي ويٺي ڪنھن پل، پنھنجي پاڇي کان،
آءٌ ٿو پُڇان، ڪنھنجو پاڇو تون؟!
تنھنجي مٿي تي، سُرخ بنديا جيئن،
ھا، شاعري ايئن، مون کي سونھي ٿي.
گلبدن جاويد مرزا
زندگي
مون زندگيءَ کي
ووڙي، پرکي پروڙي ڏٺو آھي_
ھيءَ زندگي جيڪا ھڪ تحرڪ آھي،
ھڪ سلسلو آھي،
نيگيٽو کان پازيٽو ڏانھن،
جيڪا ھلچل آھي،
تنزل کان ترقي ڏانھن،
ھيءَ زندگي جيڪا ضد آھي،
ڀيانڪ حقيقت موت جو .
ان زندگيءَ جا ڪيترائي اڍنگا روپ آھن:
فرسٽريشن کان فرسٽريشن ڪريئيٽ ڪرڻ وارو
روپ،
ٻيائيءَ ۽ منافقيءَ وارو روپ،
زندگي کسڻ جي حد تائين ظالماڻو روپ،
دردر ”درد“ ورھائڻ وارو روپ.
ھن زندگيءَ جو ڏنگڻ، ڏنڀڻ ۽ ڏک ڏيڻ
وارو روپ تمام گھڻو آھي.
پر سندس ھڪ پيارو ۽ سندر روپ به آھي:
جنھن ۾ زندگي آھي،
پيار آھي.
خوشيون آھن،
جذبن جو احساس آھي،
سچائي ۽ اعتماد آھي،
زندگيءَ سان پيار آھي،
جيئڻ جو ڀرپور اتساھه آھي،
پر ڪٿي ڪٿي؟؟
***** |