سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :6

 

سيد النساء بيگم

ھوءَ شيخ قاضي بدرالدين احمد جي نياڻي ھئي. ھن جو ڏاڏو، مغلن جي عھد ۾، ”قاضي“ جي عھدي تي ھو. ھن جي ماءُ، ”محمدي جان“ يا ”عباسي بيگم“، شيخ امان الله قريشي پاني پٽ واري جي ڌيءَ ھئي، جا پاڻ ڏاڍي قابل ۽ شاعر زال ھئي . ھوءَ سن 1685ھه (1727ع)۾ ڄائي ھئي. انھن ڏينھن ۾ ھن جا مائٽ غريب ھئا. ھن جي ماءُ بيمار ٿي پيئي. ميرٺ ڏي ماءُ سان گڏ ويندي، نديءَ ۾ ڪري پيئي. ھن لاءِ ماڻھو ٽپايائون. ڏاڍيءَ مشڪلات سان ھوءَ، جيئري، نديءَ جي ڪناري تي لُڙھي اچي نڪتي. اُتي رھي، ھن تعليم حاصل ڪئي. پوءِ ھوءَ پنھنجيءَ ماءُ سان گڏ ھلي وئي. سندس ماءُ سبڻ ڀرڻ تي گذران ڪندي ھئي. سن 1692ھه ۾ ، ھوءَ زناني نارمل اسڪول ۾ داخل ٿي. اتي ھن جي استاد ”فاطمه سلطان بيگم“، مزرا فرخ جي ڌيءَ، ھئي. گھڻيو امير زاديون نوابزاديون انھيءَ مدرسي ۾ پڙھنديون ھيون . انھن جي وچ ۾ سيد النسا بيگم پڙھي ھوشيار ٿي، ۽ شعر به چونڊي ھئي، جنھن ۾ ھن جو تخلص ”خفي“ ھو. سن 1878ع ۾ ھن جي شادي، سندس استادن جي معرفت، پاڻي پٽ ۾ حڪيم خواجه جعفر حسين سان ٿي، جو پاني پٽ جو رئيس ھو، ۽ شاعر به ھو. شاديءَ کان پوءِ اگرچ ھوءَ مدرسي ۾ نه پڙھندي ھئي، مگر زالن جي تعليم لاءِ ھميشه ڪوشش ڪندي ھئي، ۽ اخبارن ۾ توڙي ڪتابن ۾ مضمون لکندي رھي، ۽ تقريرون به ڪندي ھئي. سنه 1892ع تائين حيات ھئي.

سيد النسا بيگم جا ٻه ٽي بيت، ھڪ غزل مان ڪڍي لکن ٿا.

حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي مدح ۾ آھن.

گرچه ظاھر ھي مديني مين قيام احمد،

عرش اعليٰ سي بھي اعليٰ ھي مقام احمد.

تھا يه اعجاز کي کفار تھي لائي ايمان،

سنگدل موم تھي سُن سُن کِ کلام احمد.

جائي اس طرح مديني مين ”خفي“ ھو يا دعا،

دل مين صلوات ھو، اور لب په ھو نامِ احمد.

 

 

 

(عورت)

عورت جي پيرن ھيٺان جنت آھي پراھا عورت صرف ماءُ ھجي.

عورت جي وجود سان ئي ڪائنات جو وجود آھي، پر اھا نيڪ عورت ھجي.

نيڪ عورت رات جو ستارو ۽ ڏينھن جو ھيرو ھوندي آھي. (ٿاس مور)

محبت مزي جي زندگي آھي، اھا محبت صرف عورت آھي. (بائرن) 

****

 

 

 

 

 

تعليمي شعبن ۾ مختلف عھدن تي فائز عورتن جي سروي رپورٽ

سروي ڪندڙ: گلبدن جاويد مرزا

سنڌي عورت جون ادبي ترجيحات ڪھڙيون آھن؟

ڊاڪٽر قمر واحد ڊين آف فيڪلٽي آف ايڊيون ڪيشن، يونيورسٽي آف سنڌ.

ج: آئون چاھيان ٿي ته عورت جي طاقت کي اجاگر ڪيو وڃي. مثال طور اديب، عورت کي بيوس ۽ ڪمزور ڪري ڄاڻائيندا آھن، پر جيئن ته ھاڻي حالتون بدلجي ويون آھن، ان ڪري عورت کي ويچارگيءَ واري حالت مان ڪڍي، کيس اڏول، بھادر ۽ بردبار ڏيکاريو وڃي ته جيئن ھوءَ پنھنجا مسئلا پاڻ حل ڪري سگھي .

آپا شمع راشدي ايس. ڊي . اِي . او، حيدرآباد .

ج: اديبن جو اھو فرض آھي ته عورت کي ٻڌائين ته سندس جائز مقام ڇا آھي، ۽ اھو کيس ڪيئن حاصل ڪرڻ کپي. جيستائين ھن کي پنھنجن حقن جي خبر نه ھوندي ته پوءِ حق وٺي ڪيئن سگھندي.

ٻيو ته عورت کي ٻڌايو وڃي ته آخر سندس پنھنجو گھر ڪھڙو آھي؟ ڇو ته شاديءَ کان پھرين پيءُ ۽ ڀائرن جي گھر ۾ رھي ٿي، ۽ پوءِ مڙس ۽ پٽن جي گھر ۾ رھي ٿي، پر سندس پنھنجو ڪوبه گھر ڪونھي .

رشيده ناز _ٽيچر

ج: عورت کي نيڪ ۽ بھادر ڪري ڏيکارڻ گھرجي ته جيئن سندس ڪمزوريون ۽ محروميون ختم ٿي وڃن، ۽ ھوءَ ھمت ۽ بھادريءَ سان ڪم ڪري سگھي.

صفيه ارباب ايس. ڊي . اِي . او، ھالا

ج: جيڪڏھن معاشري کي سڌارڻو آھي ته اديبن کي گھر جي ته پنھنجين کلڻين ذريعي عورت کي اھو ٻڌائين ته ٻارن جي تربيت ڪيئن ڪئي وڃي، جيئن ھو معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگھن .

شاھده پروين سپر وائيزر

ج: لکڻ ۽ چوڻ جي حد تائين ته عورت کي گھڻي ئي آزادي آھي، پر حقيقت ۾ اڄ به عورت قيد آھي. مثال طور ھيترا سارا ادبي فنڪشن ٿين ٿا، پر اديب پنھنجيون گھر واريون ساڻ نه آڻيندا آھن. انھيءَ مان ظاھر ٿئي ٿو ته عملي طور تي خود اديب عورت جي آزاديءَ جي حق ۾ ڪونھن. جيستائين اديبن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد رھندو، تيستائين ڪابه مثبت تبديلي نه اچي سگھندي .

زاھده پروين سپروائيزر

ج: عورت کي جڏھن به ۽ جتي به موقعو مليو آھي ته ھڻ پنھنجين صلاحيتن سان معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ تمام سٺو ڪردار ادا ڪيو آھي، ان ڪري اديبن کي گھرجي ته پنھنجين لکڻين ذريعي عورت جي صلاحيتن کي اجاگر ڪن.

ارم ٽيچر

ج: پڙھيل ڳڙھيل عورتن ٻين مظلوم عورتن جي مسئلن کي صحيح نموني ناھي کنيو، انڪري اديبن کي ان موضوع طرف به نظر رکڻ گھرجي.

نرگس ٽيچر

ج: اسان وٽ عورتن جي صلاحيتن کي غلط نموني سمجھيو وڃي ٿو. جڏھن ته اسان جي عورت ڪن ڳالھين ۾ مرد کان وڌيڪ محنت ڪري رھي آھي. مثال طور ھوءَ جيڪڏھن پڙھيل ڳڙھيل آھي نوڪري ڪري گھر جي خرچ ۾ ھٿ ونڊائي ٿي، ۽ ان سان گڏ گھر ۽ ٻارن جي سار سنڀال لڳي ٿي، ان ڪري اديبن کي عورت جي انھن سڀني صلاحيتن تي لکڻ گھرجي.

ڪلثوم ٽيچر

ج: گھڻي ڀاڱي مرد، عورتن جا حق ادا نٿا ڪن. ڪافي اھڙا گھر آھن، جن ۾ مرد پنھنجي زال ۽ ٻارن کي خرچ پکو نٿا ڏين ته ان حالت ۾ عورت ڪھڙي اذيتناڪ مرحلي مان گذري ٿي. جيڪڏھن ھوءَ پڙھيل لکيل آھي ته نوڪري ڪري پنھنجو ۽ ٻارن جو خرچ ڪڍي ٿي، پر جي اڻ پڙھيل آھي ته پوءِ سندس زندگي تباھه ٿي وڃي ٿي، اديبن کي ان مسئلي کي اجاگر ڪرڻ گھرجي .

شبنم ٽيچر

ج: اسان جا مرد پنھنجن حقن جو ته اونو رکن ٿا، پر پنھنجو فرض نباھڻ کان قاصر رھن ٿا، اھو ئي سبب آھي جو اسان جي عورت پٺتي رھجي وئي آھي. اسان جا اديب اھڙن مسئلن تي لکي رھيا آھن، پر وري به آئون چونديس ته عورتن جي مسئلن تي وڌيڪ غير جانبدار ٿي لکن.

انيلا ٽيچر

ج: عورت کي برابريءَ جا حق وٺي ڏيڻ لاءِ اديبن کي قلم کڻن سان گڏ، پنھنجين عورتن کي به برابريءَ وارا حق ڏيڻ گھرجن. رڳو لکي مٿي تان بار نه لاھين.

تسليم ٽيچر

ج: ھينئر دنيا تمام گھڻي ترقي ڪئي آھي، ۽ وقت جي به اھائي ضرورت آھي ته عورت کي پنھنجا حق ملڻ گھرجن. اديب پنھنجين لکڻين ۾ ايتري ته قوت پيدا ڪن جو عام ماڻھو سندسن لکڻين تي عمل ڪري .

شميم فاطمه سپروائيزر

ج: عورت کي ايتري آزادي ھئڻ گھرجي جو ھوءَ پنھنجيءَ زندگيءَ جو نھايت اھم فيصلو پاڻ ڪري سگھي. اديبن کي ان مسئلي تي سنجيدگيءَ سان لکڻ گھرجي .

فريده دائود پوٽه سپر وائيزر، حيدرآباد

ج: اڄڪلھه عورت پاڻ کي عير محفوظ سمجھي ٿي، ان ڪري ھوءَ بي ڌڙڪ ڪجھه به نٿي ڪري سگھي. اديبن جو فرض آھي ته ھو انھيءَ مسئلي تي لکن، ۽ انھيءَ معاملي کي رڳو صحافت جي حصي ۾ نه ڇڏين. ھڪ عورت جيڪڏھن گھر مان آزادي ته وٺي ٿي، پر ٻاھر جون وحشتناڪ حالتون کيس ھيسائي ٿيو ڇڏين.

فخر النساءِ سپروائيزر، حيدرآباد

ج: عورت تي ايتري پابندي لڳائڻ نه گھرجي جو ھوءَ پنھنجي پاڇي کان به ڊڄندي رھي معاشري کي سڌارڻ لاءِ ضروري آھي ته عورت کي آزادي ڏجي ته جيئن ھوءَ پاڻ کي خوشحال بنائي، ٻين پاڻ جھڙين عورتن لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي سگھي . جيستائين ھر طبقي جي عورت اڳيان نه ايندي، تيستائين مسئلا حل نه ٿي سگھندا. عورتن جي مسئلن تي اديبن تمام گھڻو لکيو آھي، پر اڃان به لکڻ جي ضرورت آھي .

آپا جعفري ھيڊمسٽريس

ج: مرد جو فرض آھي ته ھو عورت کي ايتري آزادي ڏئي جو ھوءَ پنھنجيءَ زندگيءَ جو فيصلو پاڻ ڪري سگھي . مثال اسلام عورت کي پسند سان شاديءَ ڪرڻ جو حق ڏنو آھي، پر اڄ جي مرد کانئس اھو حق کسي ورتو آھي. اھڙي نموني اولاد تي به عورت کي اختيار ھجي، ڇو ته مرد (پيءُ) زندگيءَ جي ڪافي فيصلن ۾ ناڪام ويو آھي. اديبن کي ان معاملي تي لکڻ گھرجي ته اولاد تي ماءُ پيءُ جو ھڪجيترو ۽ ھڪجھڙو حق آھي.

فريده ٽيچر

ج: عورت کي پنھنجي ذميوارين کي نباھڻ سان سچو رھڻ گھرجي. جيڪڏھن عورت پر اعتماد ۽ سليقي مند آھي ته پوءِ مرد به ساڻس تعاون ڪري ٿو . اديبن کي اھڙي قسم جون لکڻيون ڏيڻ گھرجن: مثال جيئن مرزا قليچ بيگ جو ناول زينت آھي.

آپا حرمت ھيڊ مسٽريس

ج: آئون چاھيان ٿي ته عورت گھر جي راڻي ھجي مرد ۽ عورت کي ھڪٻئي جو احترام ڪرڻ گھرجي. اديبن کي اھڙن موضوعن تي گھڻي کان گھڻو لکڻ گھرجي ته جيئن معاشري ۾ مثبت تبديليون اچن.

فردوس ٽيچر

ج: عورت کي گھرجي ته پنھنجي ذات جي مسئلن کي پنھنجن ٻارن تي نه مڙھي، اديبن کي ٻارن جي بھتر تربيت لاءِ وڌ کان وڌ لکڻ گھرجي .

زرقا ٽيچر

ج: اديبن کي عورتن جي حقن ڏيارڻ لاءِ ڀرپور نموني لکڻ گھرجي، ۽ بلڪل غير جانبدار ٿي لکڻ گھرجي.

شھناز مشوري، ايس. ڊي.اي. او، مٽياري

ج: حقيقت ۾ عورت مظلوم آھي، کيس اھو مقام نه ڏنو ويو آھي، جنھن جي ھوءَ حقدار آھي. جڏھن ته عورت به اھو سڀڪجھه ڪري سگھي ٿي، جيڪو ھڪ ڪامياب مرد ڪري سگھي ٿو. بلڪه ڪٿي ته عورت پنھنجين صلاحتين سان مرد کان به اڳڀري آھي. ان جو مثال اسان جي ملڪ پاڪستان جي وزير اعظم، محترمه بي نظير ڀٽو آھي. ان ڪري آئون ائين چونديس ته اديبن کي ٻين موضوعن سان گڏ، عورتن جي مسئلن جي به نشاندھي ڪرڻ گھرجي.

********

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com