اسما ھارون
روح جا رشتا
”تنھنجو نالو ڇاھي؟“
”دولت ... ۽ تنھنجو؟“
”بِينِش!“
”بي نِش! ان جي ڇا معني! آھي؟“
”دانائي_ ھوشياري!“
”اھو تنھنجو نالو ڪنھن رکيو ھو؟“
”منھنجيءَ امڙ!“
”ھوءَ ڪٿي آھي؟“
”مان جڏھن ننڍڙي ھيس الله سائين کيس پاڻ وٽ گھرائي ورتو!“
”تنھنجي اما ڪٿي آھي؟“
”پپا چوي ٿو ته مما آمريڪا ۾ رھي ٿي_ ھوءَ اُتي پڙھي رھي آھي!“
”ھا .. آ ... آ..ن! توکي نيرنِ، کاڌو ڪير ٿو پچائي ڏئي؟“
”پپا، ٽي چار عورتون ۽ مرد سرونٽ رکيا آھن!“
”او .....ھه!“
”منھنجي بنگلي تي ھل نه! اتي گھڻيون ئي شيون ڏيکاريندي مانءَ!“
”ھينئر نه_ پوءِ ڪنھن ٻئي وقت!“
”چڱو_ ته پوءِ اڄ کان منھنجي تنھنجي دوستي پڪي!“
”سچ؟“
”سچ نه ته ٻيو وري ڇا؟“
***
”بابا! ھن ڀر واري بنگلي ۾ دولتَ رھي ٿي!“
”بنگلن ۾ دولت ئي رھندي آھي پُٽ! مگر توکي اھا عجيب ڳالھه ڪنھن
ٻڌائي؟“
”ڪنھن به ڪونه بابا! ھن بنگلي ۾ مون جيڏي ڇوڪري رھي ٿي، سنديس
نالو دولت آھي!“
”او_او_ھه! ھينئر ڄاتم!
ھوءَ توسان ڪڏھين ملي؟“
”اڄ بابا! ٿورڙي دير اڳ ۾!
چيائين ٿي ته بنگلي تي ھل، سٺيون سٺيون شيون ڏيکاريندي مانءَ!“
”نه منھنجي بَينُو_نه! اھي غريبن جا دشمن نه ته وري دوست به
ڪونه ھوندا آھن!“
”ڇو بابا؟ دولتَ ته مونکي چيو ته اڄ کان اسين ٻئي، ھڪ ٻئي جون
ساھيڙيون آھيون!“
”اھي سڀ ڳالھيون آھن ڌيءَ!
”بابا! اسان واو اھو ڪمرو ڪڏھن پڪو ٺھندو؟“
”ٺھي ويندو منھنجي جان بِينَش پُٽ ..
جڏھين الله سائين چاھيندو!“
”الله سائين ڪڏھن چاھيندو بابا؟“
”توکي ننڊ ڪانه پئي اچي پُٽ؟“
”نه بابا_ آءٌ سڀاڻي دولتَ وٽ وينديس!“
”چڱو... ھاڻ سمھي پئو!“
”پيا! اڄ مون بِينَش کي پنھنجي پڪي ساھيڙي ٺاھيو آھي!“
”ڇا_، ڪير بِينَش؟“
ھوءَ اسان جي بنگلي جي بلڪل ڀرسان واري مڪان ۾ رھندي آھي!“
”اوھه ڊَيم! چڱيءَ طرح ڪن کولي ٻڌي وٺ_ ھاڻي تن بنگلي کان ٻاھر
قدم نه رکندينءَ _ٺيڪ؟“
”نه ته ڇا پوندو پيا؟“
”خبردار! غريبن، فقيرن جي ٻارن سان گڏ توکي کيڏڻ جي ڪا ضرورت
ناھي!“
”پوءِ مان اڪيلي سر سڄي ساري ڏينھن ۾ ڇا ڪريان؟“
”وڃ_پنھنجي بيڊ رُوم ۾ وڃي سمھه!“
****
”بينش! ھيءَ ڏس پٽا پٽي پوپٽيون!“
”دولت! تنھنجو باغ ته گلن سان ڀريل آھي!“
اڙي..... اھو مڇي گھر ته ڏس نه! ڪھڙو نه خوبصورت آھي!“
”الله! ڪيترو نه پيارو آھي! اھو ڪنھن آندو؟“
”منھنجي پپا آندو آھي پنجن ھزارن ۾!“
”پنج ھزار روپين ۾! ھڪ ھزار..... ٻه ھزار ..... ٽي ھزار ...
چار ھزار ... پنج ھزار_
سڄن سارن پنجن ھزارن روپين جو مڇي گھر!“
”۽ ھاڻي تون ذرا منھنجي ڪمري اندر ته ھل_ھيءَ ڏس ڪيڏيون نه
پياريون پياريون گُڏيون آھن_
کلندڙ گُڏيون، ڳالھائيندڙ گُڏيون، سمھيل جاڳيل گُڏيون!“
”الله! ڪھڙا نه سٺا سٺا عمده ڪپڙا ۽ فراڪ آھن انھن جا!“
”ڇا تو وٽ ڪا گُڏي ڪانھي ڪا؟“
”منھنجو بابا ته مونکي ”منھنجي پياري گُڏي“ چوندو آھي!“
”چڱو ڀلا ھي وٺ ٻه گُڏيون منھنجي طرفان گفٽ اٿئي!“
”دولت! الله .... تون ڪيتري نه سٺي دوست آھين! دولت! اھا مشين
ڇاھي؟“
”اھا وڊيو گيم جي مشين آھي. پپا منھنجي اڪيلائيءِ ڪري منھنجيءَ
وندر لاءِ آندي آھي. اچ ته ڏيکاريانءِ!“
”واھه وا! اجھو ھوائي جھاز آيو_اڙي! ان مٿان ته فائر ٿي ويا!
ھيءُ وري ڇا؟
ايترا سارا گھڻا ماڻھو ڪٿا اچي ويا؟ دولتَ! دولتَ! ڏس ته ھڪ
ڇوڪري سمنڊ ۾ ڪرِي پئي!
ڪيڏو نه وڏو واڳون تکو ڏانھنس وڌي رھيو آھي! ھُو ته ھن کي پڪ
کائي ويندو! ھاءِ! ويچاري ڇوڪري!
”دولت بي بي! صاحب جن اچي ويا آھن.“
”ته پوءِ ڇا ٿيو؟ تون وڃ ھتان!“
”دولت! ڊيئر بي بِي!“
”ييس پپا! جسٽ ڪمنگ!“
”دولت! ھن ڇوڪريءَ جو ھٿ ڇو جھليو اٿئي؟ ڪير آھي ھيءَ؟“
”ھيءَ ئي ته آھي پپا منھنجي دوست بِينش ....... اسان جي ڀرسان
رھي ٿي“
”نان سينس! اي ڇوڪري! ھل_ڀڄ اتان .. ۽ ھيءَ گُڏيون ڪاڏي کڻي پئي
وڃين؟“
”پپا! ھيءَ گڏيون مون کيس گفٽ ڪيون آھن_ اچ بِينش، مان توکي گيٽ
تائين ڇڏي اچان !“
***
”بابا! دولتَ منھنجي ڏاڍي سٺي ۽ پڪي ساھيڙي آھي_ڏس ته ھن ھي ٻه
گڏيون تحفي ۾ ڏنيون آھن!“
”تون چري نه ٿي_ اھي شاھوڪار ماڻھو، اھي بنگلن ۾ ٺاٺ سان رھندڙ
امير ماڻھو، اھي دولت وارا ڪڏھن به ڪنھن جا سنگتي
ساٿ نه ھوندا آھن بِينش پُٽ!“
”بابا! منھنجيءَ ساھيڙيءَ دولتَ جو بابا چڱو ڪونھي، ھن مون کي
گھڻو گھٽ وڌ ڳالھايو آھي.“
”آءٌ ھميشه توکي پيو چوندو آھيان ته اُتي نه ويندي ڪر_
ھتي ئي کڻي راند ڪندي ڪر.“
”بابا! ھن پاسي به بنگلا ... ھُن پاسي به بنگلا! بس، ھڪ اسان جو
اھو ننڍڙو جھڙو پلاٽ وچ ۾ آھي_ اُن ۾ به اڌورو
ڪمرو ٺھيل آھي! مان ڪنھن سان راند ڪريان؟“
***
”اي ڀائي صاحب! تون پنھنجو پلاٽ وڪڻي اتان ھليو وڃ_ مُنھن گھريل
پئسا ملندءِ!“
”نه سيٺ صاحب .... نه ھي منھنجي مرحوم پيءُ جي نشاني آھي_مون کي
پئسا ڪونه کپن_پئسا پاڻ وٽ ئي رکو!“
”ڏس! تون پنھنجي نياڻيءَ کي بنگلي وڃڻ کان منع ڪرينس. ھاڻ
جيڪڏھن بنگلي اندر ايندي ته سنديس ڄنگھون ٽوڙي
رکندو مانس!“
****
”بِينش! بِينش! ڪم آن گھر کان ٻاھر ته نڪر، نه!“
”بي بِي جان! ھوءَ توسان ھاڻي نه کيڏندي!“
”ڇا.. آ...آ؟ ڇو نه کيڏندي ھوءِ مون سان، انڪل؟“
”سيٺ صاحب حڪماَ چيو آھي ته جيڪر ھاڻي ھوءَ بنگلي اندر گھڙندي
ته سنديس ٻئي ڄنگھون ٽوڙي ڇڏبيون!“
”اڇ_ڇا ... آ... ته پپا اھا ڳالھه چئي آھي انڪل؟ چڱو، پر اوھان
منھنجيءَ فرينڊ کي ٻاھر ته موڪليو! منھنجي دل ڏاڍي
اداس آھي ھن بنا!“
”بي بِي دولتَ! اسان غريبن تي ڪھل ڪر!“
”مان اڄ بينش کي بيڊروم ۾ پاڻ ساڻ سمھارينديس. اوھان اجازت
ڏيوم.“
”دولتَ بي بِي! ھن جون ڄنگھون .....“
”پھرين منھنجون ڄنگھون ٽٽنديون !
بِينش! گھران ٻاھر ته اچ، ٻيلي!
ھيءُ ڏس! اڄ شاپنگ ڪرڻ وئي ھئم، تنھنجي لاءِ پنھنجي جھڙي سائيڪل
آندي اٿم! اچ بابا_سِگھي ٿي_اچي ڏس ته سھي ڪيڏي نه
شاندار آھي! انڪل! ڳيءَ جھليو سائيڪل ! مان بِينش
کي پاڻ سان وٺي ٿي وڃان!“
****
”پپا! بِينش اڄ رات مون سان گڏ منھنجي بيڊ روم ۾ سمھندي! اسين
ٻئي پاڻ ۾ جھجھيون ڳالھيون ڪنديوسين_کلنديوسين
_سٺا سٺا سندر سپنا ڏسنديونسين _ سُرمائي ۽ اڇن
رنگن جي حسين بادلن ۽ پرين سان گڏ اڏامنديون
وتنديون سين ....“
”شٽ اَپ! ڇا بڪواس آھي؟“
”چڱو ته پوءِ مان ھن جي گھر وڃي ٿي رھان.“
”صبح جو ناشتي مھل...“
”دولتَ پُٽ ! تون چري ته ڪونه ٿي پئي آھين؟ ڪٿي اھي خاڪ نشين ڪم
ذات ماڻھو ۽ ڪٿي اسين!،
”پپا! بِينش دوست ھجڻ سان گڏ، اڄ کان ھوءَ منھنجي ڀيڻ به آھي ۽
آءٌ ھن جي ڀيڻ!“
”دولت! مون کي ھينئر ڪجھه ڪرڻو ئي پوندو _او _ڪي_گُڊ نائٽ!“
***
”ڊاڪٽر صاحب! منھنجيءَ بينش کي بچايو. مان پاڳل ٿي ويو آھيان.
مون کي ڪا سڌ ڪانھي آءٌ ڇا بڪواس ڪري رھيو آھيان!“
”حوصلو رکو... بس دعا ڪريو! تمام گھڻو دماغي صدمو رَسڻ ڪري
ٻچڙيءَ جي بيماري لاعلاج ٿي وئي آھي!“
”ڊاڪٽر صاحب! پاڙيسريءَ بنگلي واري سيٺ جي نياڻي ۽ منھنجي
نياڻيءَ ۾ ساھيڙپ جو پڪو رشتو قائم ٿي ويو ھو. سيٺ
صاحب کي اھا ڳالھه ڪانه ٿي وڻي. مھينو کن ٿيو ھن
کي پاڻ سان وٺي آمريڪا ھليو ويو!“
”ادا! معاملو ھاڻي الله پاڪ جي ھٿ ۾ آھي اصل شفا بخشيندڙ اھوئي
آھي!“
***
”بِينش ڪٿي آھي منھنجا وڏا ڀاءُ؟“
”وڏو ڀاءُ؟ ڪير وڏو ڀاءُ؟“
”چرچو ڇڏ! تنھنجي ڌيءَ ڪٿي آھي؟“
”ڇو سيٺ صاحب؟ ڳالھه ڇا آھي؟“
”آمريڪا ۾ دولتَ، بِينش جي وڇوڙي جو صدمو سھي ڪونه سگھي! برين
ھئمريج جو شڪار ٿي پئي! بھترين آمريڪي ڊاڪٽرن ۽
سرجنن جي علاج مان ڪجھه ڪونه وريو! ھن وقت به
بنگلي ۾ شھر جا سڀئي ناميارا ڊاڪٽر، سرجن موجود
آھن_ مھرباني ڪري ٿورو بِينش کي موڪلينس!“
”ھليو وڃ_سيٺ صاحب، ھتان ھليو وڃ! ھُوءَ ته ڪالھه گذاري وئي!
منھنجيءَ بِينش جا قاتل! ھليو وڃ ھتان!“
***
”ھاڻي ڪجھه باقي نه بچيو آھي سيٺ صاحب! بس ... دعائن جي ضرورت
آھي!“
”ھاءِ _منھنجي دولتَ!او منھنجا خدا !!!“
اڳلي ڏينھن قومي اخبارن ۾ اھا خبر ٿلھن اکرن ۾ شايع ٿي ته سيٺ
حبيب سموري ملڪ جي ٻارھن سالن وارين نياڻين جي
علاج، ڀلائيءَ ۽ بھبوديءَ لاءِ پنھنجي ڪُل جائيداد
وقف ڪري ڇڏي!! |