زبير سومرو
ترائيل
سموري ڏيهه ۾ ڏهڪاءُ ڪيڏي يار! اوندهه آ،
اسان جي چاهتن جا چنڊَ، ڏس ته پوءِ به چمڪن ٿا!
سهائيءَ جو سنديسو ڏي، اسان لئه گار اوندهه آ،
سموري ڏيهه ۾ ڏهڪاءُ، ڪيڏي يار! اوندهه آ.
اسان جي ديس جي هر ديهه تي ڄڻ بار اوندهه آ،
اسان جا سور سهڪن ٿا، اسان جا درد مهڪن ٿا!
سموري ڏيهه ۾ ڏهڪاءُ، ڪيڏي يار! اوندهه آ،
اسان جي چاهتن جا چَنڊَ، ڏس ته پوءِ به چمڪن ٿا!
هي نيڻ ميڻ ٿي ٻريا ۽ روشني ڪندا رهيا،
ٻري ٻري اسان جون چاهتون به چاندنيون بڻيون!
۽ درد جگنو ٿي وريا ۽ روشني ڪندا رهيا،
هي نيڻ ميڻ ٿي ٻريا، ۽ روشني ڪندا رهيا!
ها ميت گيت ٿي وريا، ۽ روشني ڪندا رهيا،
دُکي دکي اسان جون دلبريون به سِگريون بڻيون!
هي نيڻ ميڻ ٿي ٻريا ۽ روشنيون ڪندا رهيا،
ٻري ٻري اسان جون چاهتون به چاندنيون بڻيون!
شبانه سنڌي
غزل
پيار جي پڄاڻيءَ تي روئي ڏنوسين
وڇوڙي جي ڪهاڻيءَ تي روئي ڏنوسين.
درد دل ۾ لڪائي جا مرڪندي رهي ٿي،
ان ڇوڪري سياڻيءَ تي روئي ڏنوسين.
تو ساڻ هلندي سمنڊ ڪناري او ساٿي!
ياد ڪنهن پراڻيءَ تي روئي ڏنوسين.
ڪئي پاڻ هيئسن جا چوڏهينءَ رات،
ان روح رهاڻيءَ تي روئي ڏنوسين.
جا سدائين درد ڏيندين رهي اسان کي،
ان ڇوڪري اياڻيءَ تي روئي ڏنوسين.
ڏنئي پاڻ پيڙا وري روئي ٿي پوي،
اک لڙڪ هاڻيءَ تي روئي ڏنوسين.
غزل
کوڙ التجائون گلابن ۾ رهجي ويون،
ڪيئن چٺيون ڪتابن ۾ رهجي ويون.
خطن ۾ لکي سوال اُماڻيا مون ڏانهن،
چند ڳالهيون جوابن ۾ رهجي ويون.
زماني جي پرواهه ڪئيسين ڇا مليو،
ٻه زندگيون عذاين ۾ رهجي ويون.
ملي ڪانه سگهياسين حقيقت ۾ پرين،
ملاقاتون بس خوابن ۾ رهجي ويون.
ساٿي سمورا ته اڳتي نڪري ويا گهڻو،
اسان جون نظرون نقابن ۾ رهجي ويون.
جيون بڻجي ويو صحرا جهڙو آ ”سنجها“،
سڀ سوچون سرابن ۾ رهجي ويون.
وسيم سومرو
گيت
نماڻا پکي ديس جا نماڻا،
مٺا ٻول ٻولي، اجهو کنڀ کولي،
هوا ۾ اڏاڻا!
روڪ نه تن کي، ٽوڪ نه تن کي، اڏرڻ ڏين هوا ۾،
اڏري، اڏري ڀل هڪٻي تي، پاڇا ٿين هوا ۾.
آليون اڃ ٿينديون، رئي رڃ ٿينديون،
پکين جي پڄاڻا!
ڪجهه ڀل گهرجي ڇت تي ويهندا، ڪجهه پل لامون لڏندا،
ڌرتيءَ جو ٿي خواب فضا ۾، ڦڙڪي ڦڙڪي اڏندا،
چٽي ٽاري ٽاري، متان او شڪاري!
ڪرين ڀينگ ڀاڻا!
فطرت جي تصوير لڳن ٿا، پٿر تي يا جرتي،
پيار کڻي جي چوڳو ڏيندين، ايندا تنهنجي در تي،
ونڊيندا ونڊيندا، دعائون ڇنڊيندا،
چڳي چار داڻا!
ارم محبوب
ان کان اڳ جو...
ان کان اڳ جو پان وساريون...
ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!
جدا جدا جيون راهن تان لنگهندي
ان کان اڳ جو ساريون يادون،
باقي جيون رک بڻائين،
ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!
ڪومل ڪومل پنهنجون يادون،
پوپٽ رنگ جهڙيون يادون،
ان کان اڳ جو گذريل منظر
ايندڙ هر پل زهر بڻائين
هڪ وار ئي گڏجي ڇو نه ڀوڳيون
ڇو نه گڏ جي يادون ٻاريون!
دل کان روحن تائين جو...
گهاريل گهاريل امر سفر...
ڇو نفرتن ۾ بدلائي،
پنهنجو پاڻ جلايون،
ان کان اڳ جو پاڻ وساريون
ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!
فرزانه پروين شيخ
چوڙيون
مان ان جي ڀيڻ آهيان
جيڪو ڀاءُ
ٻين جي ڀينرن کي
چوڙيون پارائيندو آهي
اڄ ان ڀاءُ جي
ڀيڻ جون
چوڙيون
چورايون ويون آهن.
عورت
عورت مظلوم
۽ مجبور هوندي به
هڪ گهاٽي وڻ
وانگي آهي
توڙي ان کي ڪپيو
۽ ڪٽيو وڃي ٿو
تڏهن به ڇانو ڏيڻ
ڪانه ڇڏي
عورت به ائين ئي آهي
خاص ڪري
سنڌ جي عورت!
پيار
آسمان ايترو اوچو نه هوندو
چنڊ ۾ ايتري چانڊوڪي نه هوندي
سج ۾ ايتري روشني نه هوندي
۽ دنيا ايتري وڏي نه هوندي
جيترو منهنجو توسان پيار آهي
مان
مان توسان پيار ڪنديس
ساٿ ڏينديس
قرب ونڊينديس
پر...
مان تنهنجي ٻانهي،
غلام ٿيان
اهو مون کان نه پڄندو
بيشڪ...
دل ۾ پيار گهڻو آهي
پر مان توکي
پيرين نه پونديس!
درد
درد اسان کي مليو آهي
زندگي ۾ عشق به
چوريءَ ٿيو
۽ درد به چوريءَ مليو
هاڻي مان ڇا ڪيان!؟
پاڻ پنهنجي دل کي جلايو آهي
راحتن جو زمانو
ويو گذري
ياد ماضي ڪرڻ اجايو آهي
لوڪ سمجهي نه ٿو حقيقت کي
شاعريءَ ۾ اسان ٻُڌايو آهي
دردُ اسان کي مليو آهي.
رانديڪو
چوندا آهن ته ”ٻار بادشاهه آهن.“
ٻار جڏهن
خوشيءَ مان
ڪو رانديڪو وٺي ٿو
ان سان کيڏي
پوءِ ان کي ڀڃي
اڇلي ڦٽو ڪري ٿو
ڇا قدرت ۾ قادر يه
ان ٻار وانگر آهي
جو انسان سان کيڏي
پنهنجو مقصد پورو ڪري
ان کي اڇلائي ڇڏي ٿو
ڇا مون کي به
ائين رانديڪي وانگر
استعمال ڪري
کيڏي
پوءِ اڇلي
ڦٽو ڪيو ويندو.
پڙهندڙن جا خط
محترمه ڌيءَ! گلبدن جاويد مرزا!
سرتيون جو پرچو مليو، منهنجو انٽرويو (امر سنڌو
وارو سهيڙيل) ۽ (شعر آئينو) ڇپيل هو. ڪيترن دوستن
علم ادب سان دلچسپي رکندڙن پڙهيو. خوش ٿيا تقاضا
ڪيائون ته اسان کي رسالو گهرائي ڏيو انڪري ٻه اکر
لکان ٿو ته
سرتيون جون پنج ڪاپيون وي پي ڪري موڪليو/موڪلرايو.
ڇو ته هتي ڪنهن به بوڪ اسٽال/ ڪتاب گهر وٽان نه
ملي سگهيو آهي. دادو مان نه مليو آهي.
احمد خان مدهوش
جوهي، ضلع دادو
سنڌي ادبي بورڊ جي ادبي رسالي ”سرتيون“ پاران حدود
ترميمي بل بابت مذاڪري جي خبر روزانه ڪاوش
26- نومبر 2006ع تي پڙهيم، دل چيو ته اوهان کي
مبارڪ ڏيان ته اسان جو ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۽ ادبي
رسالو هاڻي اهڙن معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو آهي.
رسالا اهڙا مذاڪرا ڪرائي فائدا حاصل ڪري سگهن ٿا،
آئينده به اهڙا مذاڪرا ٿيڻ گهرجن!
حزب الله.آءِ.سومرو
سومرا محلو ويجهو ماچيس
فيڪٽري، سول اسپتال روڊ، خيرپورميرس
آئون رسالي جي مستقل لکندڙ/پڙهندڙ آهيان، جيئن ته
اسان دادو جي هڪ ڳوٺ ۾ رهون ٿا، انڪري حيدرآباد
اچڻ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي، لکڻ جو مطلب آهي ته اسان
وٽ دادو شهر، ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه کان ويندي
سيوهڻ شريف تائين ڪٿي به توهان جو رسالو ”سرتيون“
نٿو ملي، مهرباني ڪري انهيءَ طرف توجهه ڏيندا.
لالي مصراڻي
ادي، مان ڪيترن سالن کان سرتيون رسالي جي ميمبر
آهيان، اوهان جي همت ڏيارڻ تي، نثر توڙي نظم لکندي
رهان ٿي، پر افسوس جو رسالو اسان کي يا ته تمام
گهڻي دير سان ملي ٿو، يا مورڳو نٿو ملي. ڪيترا
دفعا بڪ اسٽال تي فون ڪرڻا ٿا پون. مهرباني ڪري
رسالو وقتائتو موڪليندا.
شگفته جبين
ميرپورخاص
نومبر 2006ع وارو پرچو سٺو لڳو، اوهان جا لائق جو
اعزازي ڪاپي ڏياري موڪليو، باقي گذريل ٻن مهينن
کان ”سرتيون“ گهوٽڪي شهر ۾ اچڻ بند ٿي ويو آهي.
حسين سارنگ
ادي، ڪنهن سهيليءَ وٽان سرتيون نومبر 2006ع وارو
پرچو مليو، خاص ڪري ٽائيٽل تي سنڌي نارين جون
تصويرون ڏاڍيون وڻيون، گهڻو عرصو اڳ ريحانه نظير
جي ڪهاڻي بنان عنوان سرتيون ۾ پڙهي هيم، وري سندس
انٽرويو پڙهڻ جو موقعو ڏيئي اسان جي دل خوش ڪري
ڇڏي اٿو، اميد ته هميشه جيان نئون ٽئلنٽ متعارف
ڪرائيندا رهندا.
اوهان جي پنهنجي
روزينا بخاري، سامارو
توهان جو سهيڙيل سرتيون تمام سٺو لڳو، پر جيڪڏهن
هن ۾ اسٽارس (برج، ستارا) به هلايو ته بهتر ٿيندو.
رڌ پچاءُ جا پيج به وڌايو ته ڏاڍو سٺو. گهريلو
ڏَسَ نسرين طاهر وفائي جو لکيل سٺو سلسلو هو، اهو
وري هلايو. هڪ شخصيت 100 سوالن ۾ احمد خان مدهوش
جي جوابن ڏاڍو متاثر ڪيو.
شهناز بلوچ
ڀان سعيدآباد
ايڊيٽر صاحبه!
هيءُ رسالو اسان ليکڪ عورتن لاءِ هڪ بهترين راهه
آهي ۽ اسان پنهنجون لکڻيون سرتيون ۾ موڪلينديون
رهون ٿيون ۽ هميشه اسان کي سٺي موٽ ملندي رهي آهي.
پر هڪ شڪايت ته مون ”فلمي ميلي“ جي رپورٽ توهان کي
موڪلي هئي، پر اها اڃا نه شايع ڪئي وئي آهي. اميد
ته ايندڙ رسالي ۾ ضرور شايع ڪنديون. سرتيون ۾ هڪ
سلسلي جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي سو آهي، سفرنامو، ننڍا
ننڍا سفرناما ڏجن ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. سنڌ جي ڳوٺن
۾ توهان جو رسالو نٿو پهچي. منهنجي تجويز آهي ته
ڳوٺن تائين رسالو پهچايو وڃي ته جيئن اتان جون
عورتون به هن سفر ۾ حصو وٺي سگهن.
روزينا جوڻيجو
ايڊيٽر صاحبه!
جيئن ته هيءَ رسالو سنڌ جي عورتن لاءِ نڪرندڙ واحد
رسالو آهي، جيڪو مان شوق سان پڙهندي آهيان. هن ۾
خاص طور تي سنڌ جون اهي شخصيتون آهن جيڪي ٽي. وي
تي نظر نه اينديون آهن، اهي سرتيون ۾ ڏسي انهن
بابت ڄاڻ ملي ٿي ۽ سندن خيالن جي ڄاڻ پوي ٿي.
منهنجي تجويز آهي ته هن رسالي کي ٻهراڙيءَ ۾
متعارف ڪرايو وڃي. ته جيئن ٻهراڙيءَ ۾ ”ڊش ڪلچر“
جي جاءِ تي علم ادب اچي. ڇو ته اُتي ڊش ڪلچر ديرو
ڄمائي ڇڏيو آهي، ۽ سنڌي عورتون ڏينهون ڏينهن ان
ڏانهن وڌي رهيون آهن. وري به توهان کي جس هجي جو
ڪيترين مشڪلاتن باوجود باقاعدگي سان رسالو شايع
ڪري رهيون آهيو.
نجمه بالادي |