شبانه سنڌي
وشواس گهات
حويليءَ جو وڏو ڪاٺ جو در ٽپي ٿلهي تي چڙهيس ته
ٻهاري ڏيندڙ نوڪرياڻيءَ پري کان ئي رڙ ڪندي چيو،
”ابا، هيڏي ڪاڏي پيو اچين. ٻاهر ٿي بيهه ته مان
اچان ٿي.“
مان جتي بيٺو هيس اتي ئي بيهي رهيس ۽ چيومانس،
”ماسي، مون کي جيجيءَ پاڻ گهرايو آهي.“ اهو ٻڌي
هوءَ ٻهارو ڇڏي مون وٽ آئي هئي. مائيءَ جي ڏسڻ جو
انداز اهڙو هو جو مان سمجهي ويس ته کيس منهنجو
حويليءَ اندر اچڻ سٺو نه لڳو هو. دل ۾ آيم چوانس
ته، ”ماسي، اندر اچڻ کان ته مان به لنوايان ٿو. ڇو
جو مان هاڻي وڏو ٿي ويو آهيان. ننڍو هوندو هيس ته
سڄو ڏينهن پيو کيڏندو هيس پر تڏهن ٻي ڳالهه هئي ۽
هينئر ته مون کي به ڦڪائي ٿي ٿئي. پر جيجيءَ کي
ڪير سمجهائي، مهيني ڏيڍ کان مٿي عرصو ٿو ٿئي ته
جيجي ڏوراپا ڏياري ٿي موڪلي، چوارئي ٿي اماڻي ته
وساري ڇڏيو اٿئي، اڳي سڄو ڏينهن پيو هتي رانديون
ڪندو هئين ۽ هاڻي شهر پڙهڻ ٿو وڃين ته پاڻ کي
سمجهڻ لڳو آهين. ٻه مهينا اڳ ۾ جي ڳالهه آهي،
چيومانس،
”جيجي، مان هاڻي وڏو ٿي ويو آهيان، مان اندر ڪونه
ايندس ٻاهر بيهندس ۽ اوهان کي ڪو ڪم ڪار هجي ته
ٻڌائجو. اهو ٻڌندي ئي جيجي ڪاوڙجي پئي.“ چيائين،
”شابس، هجيئي ابا،تنهنجي وڏن مان به ڪنهن اهڙي
ڳالهه نه ڪئي. تنهنجو ڏاڏو، چاچا ۽ ماما سڀ هن
حويليءَ ۾ کيڏندي وڏا ٿيا. توهان ته پيڙهين کان
اسان جا خاص ماڻهو آهيو. تنهنجي ڏاڏي ۽ منهنجي
سهري جي ٿڃ گڏيل آهي، تنهنجي پيءُ منهنجي سائين
سان گڏ ٿڃ پيتي آهي. اصل کان وٺي ئي توهان جو هن
حويليءَ اندر اچڻ وڃڻ رهيو آهي ۽ هاڻي تون ٿو چوين
ته مان نه ايندس.“
جيجيءَ جي ائين چوڻ تي مان ڏاڍو ڦڪو ٿيو هيس.
”ابا، ڀلا اندر به هلندي يا اتي ئي بيٺو هوندي.“
مائيءَ جي آواز تي مان ڇرڪي پيس ۽ پوءِ هوءَ مون
کي جيجيءَ جي ڪمري ۾ وٺي آئي.
جيجي، پينگهي ۾ پئي لُڏي. مون تي جو نظر پيس ته
اتان ئي چيائين،
”ابا مجيد، خوش آهين؟“ مان وڌي جيجيءَ کي پيرين
پيس ۽ چيم،
”ها جيجي، دعائون آهن اوهان جون.“ ائين چئي مان
هيٺ فرش تي رکيل صندليءَ تي ويهي رهيس.
”ابا، ماءُ ڀينر سڀ خوش اٿئي؟“ جيجيءَ گهر وارن جو
پڇيو.
چيم، ”ها جيجي، اوهان جي دعائن سان سڀ ٺيڪ آهي.“
”صفا لهي ويو آهين، ابا. ماني گهٽ ٿو کائين ڇا؟“
”نه جيجي، ماني ته ڍؤ ڪري کائيندو آهيان.“ مون
مرڪي جواب ڏنو.
”تنهنجي سڪ لڳي هيم ابا. تڏهن تو ڏانهن نياپو ڪيم.
تون پاڻهي اچڻ کان ته وئين. ٿورو وڏو ڇا ٿيو آهين
اسان کان به پردو ڪرڻ سکيو آهين. مون کي ياد آهي
هڪڙي ڀيري تنهنجي پيءُ به ائين ڪيو هو. اندر اچڻ
بدران در تي بيهي در جو ڪڙو کڙڪايو هئائين ۽ امان
وڏيءَ کي جڏهن اها خبر پئي هئي ته هن پاڻ وڃي
پڻهين کي ڇنڊ پٽ هئي. چيو هئائينس،
”توکان ڪير لڪي ٿو ڇا؟“
توهان وڏن کان اسان جا نمڪ حلال ۽ وفادار ماڻهو
آهيو. اسان کي توهان تي ڀروسو آهي، پڪو وشواس آهي.
توهان هميشه اسان جي عزت جو خيال رکيو آهي. وري جي
ائين ڪيو اٿئي ته پوءِ پاڻ ٿو ڀانئين. ان ڏينهن
کان پوءِ پڻهين وري ڀلجي به اهڙي حرڪت نه ڪئي هئي.
جيجيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي مون مرڪندي چيو.
”نه جيجي، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. واندو ئي ڪونه ٿو
ٿيان شهر مان پڙهي اچان ته وري بابا جو دڪان
سنڀاليان. ادا ته ڪو ڪم ئي ڪونه ٿو ڪري بابا جو
خيال به نٿو پويس. گهڻو ئي امان به سمجهائيندي اٿس
پر ادا تي ڪنهن به ڳالهه جو اثر نٿو ٿئي پوءِ ڇا
ڪريون.“
مان نه چاهيندي به جيجيءَ سان ادا، جي شڪايت ڪري
ويٺس.
”ها، ابا، ٻه ٽي ڏهاڙا اڳ پڻهين به آيو هو دانهن
ڏيڻ. ڪالهه ڀاڻهين آيو هو مون به گهڻو ئي
سمجهايومانس. چئي پيو،
”مان ته گهڻو خيال رکندو آهيان بابا جو، ڪم به مان
ئي ته گهڻو ڪندو آهيان. بابا کي هونئن ئي مون کان
شڪايت آهي امجد بابا کي مونکان وڌيڪ ٿو وڻي نه.
تڏهن ئي بابا هن جي نيڪيءَ ۽ منهنجي گلا ڪندو ٿو
وتي هر ڪنهن سان. گاهه به مان ڪري اچان، مال جي به
مان ڪريان پوءِ به ڪو ڪم نٿو ڪريان.“
”ها جيجي، ڪم ته ڪري ٿو پر خراب سنگت کي نٿو ڇڏي.
بابا جهليس ٿو ته انهن سان نه گهم اهي توکي به پاڻ
جهڙو ڪري ڇڏيندا. پر هو ٿو چوي ته مان گهمندس انهن
سان ڀلي ڇا به ٿي پوي.“
منهنجي ائين چوڻ تي جيجيءَ چيو.
”ابا امجد، آهيو ته توهان ٻئي پاڻ ۾ سڳا ڀائر پر
ٻنهي جي طبيعتن ۾ وڏو فرق آهي. تون ننڍو آهين پر
ڳالهه کي سمجهڻ وارو ۽ نرم طبيعت جو مالڪ آهين ۽
هو آهي تيز طبيعت جو. جهٽ ۾ ڪاوڙجي پوڻ وارو. سو
ابا، مون به گهڻو نه چيومانس. ڪيئن به آ پر اچي ته
روز ٿو نه. ويچارو روز اچي پڇي ته ڪو ڪم ته ڪونهي
جيجي؟ پوءِ جي ڪو ڪم هوندو ته چوندي آهيانس نه ته
ويٺو هوندو پيو مذاق ڪندو ۽ ڇوڪرين کي کلائيندو.
نوڪرياڻي چانهه کڻي آئي ته چانهه پي مان به اٿيس.
”ويهه ته سهي ابا، ڀيڻ سان ته مليو وڃ.“ جيجيءَ
مون کي چئي وري مائيءَ کان پڇا ڪئي:
”ائي زليخان، عائشه ڪٿي آهي؟“ سڏ ته ڪرينس.
”جيجي، سانئڻ ته پنهنجي ڪمري ۾ جيجي سورٺ سان
ڪچهري ويٺي ڪري.“
مائيءَ جي ائين چوڻ تي جيجيءَ مون ڏي نهاري چيو،
”شهر مان ماسات آئي اٿس نه، سو ان سان ويٺي آهي.“
۽ پوءِ مائي کي چيائين،
”ائي، سڏ ڪرينس ته اچي ڀاءُ سان ملي. ٻڌائينس ته
ڀاڻهين امجد آيو آهي.“
مون هڪدم چيو،
”مان وڃان پيو جيجي تڪڙو آهيان. وري جلدي ايندس ته
پوءِ جيجي عائشه سان به ملندس. ائين چئي، جيجيءَ
کي پيرين پئي مان جلدي ٻاهر نڪري آيس.
واٽ تي مون کي سعيد ملي ويو ۽ مون کي حويليءَ واري
رستي کان ايندو ڏسي سمجهي ويو ته مان حويليءَ مان
ٿيو پيو اچان سو مون کي پيرين پوندي چيائين،
”سائين بسم الله، اسان غريبن جي پارت هجيو، سرڪار
دعا پيا ڪجو.“ ائين چوندي هو ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
مون کي ڪاوڙ اچي وئي، چيومانس،
”بڪ نه ڪر سڌي طرح ڳالهاءِ.“
هو پوءِ به نه مڙيو ۽ چيائين،
”ڀلا، سائين جن ڪاڏي تيار آهن؟“
اهو ٻڌي مون به ڪاوڙ ۾ چيومانس،
”شيطان مون کي تنهنجي دانهن ڏني آهي ته سعيد اهي
ڪم پيو ڪري جيڪي مون کي ڪرڻا آهن. جهلينس نه ته
سٺو نه ٿيندس. سو مان توکي ئي سمجهائڻ پئي آيس پر
چڱو ٿيو جو تون هتي ئي ملي وئين.“
منهنجي ان ڳالهه تي هو ماٺ ٿي ويو ۽ پاسو ڏئي هلي
ويو. سعيد کان جان ڇڏائي اڳتي وڌيس ته رحمان ملي
ويو. هٿ ملائيندي پڇيائين،
”ڪٿان، پيو اچين؟“
چيم، ”جيجيءَ سڏرايو هو اوڏانهن ويو هيس.“
اهو ٻڌي هن مرڪي چيو،
”يار، توهان جا وڏا توهان تي وڏو ٿورو ڪري ويا
آهن. توهان جي وڏن جي سڄي عمر جي خدمت ۽ نمڪ
حلاليءَ جي ڪري ئي سيدن جو توهان ۾ وشواس آهي.
تڏهن ئي ته توهان کي حويليءَ اندر وڃڻ جي اجازت
آهي. اسان پارا ته سڪن پيا پر توهان جا عيش آهن.“
رحمان جي ان ڳالهه تي مون کي ڪاوڙ اچي وئي. وڙهي
پوانس ها جي رستي تي بيٺل ٻين ماڻهن جو خيال نه
اچينم ها.
گهر آيس ته ادا ويٺو هو. مون کي ايندو ڏسي کٽ تان
اٿي بيٺو، پڇيائين،
”ڪاڏي ويو هئين؟“
چيم، ”جيجيءَ سڏايو هو حويليءَ ويو هيس.“
چيائين، ”ڪم ڪهڙو هيئي؟“
ته مان چئي ويٺس، ”تون جو روز ويندو آهين. روز ڪم
هوندو اٿئي ڇا؟“
منهجي ائين چوڻ تي هو ڪاوڙجي پيو ۽ چيائين:
”ها، مان ته ڪم سان ئي ويندو آهيان، پر تون پڪ اڄ
منهنجي دانهن کڻي ويو هوندين.“ ادا ائين چيو ته
مون کان کل نڪري ويئي.
۽ هو ڪاوڙجي ٻاهر نڪري ويو. پنج ڏهه منٽ مس گذريا
ته وري اندر آيو. مون ڏانهن نهاريندي بيحد رکائيءَ
مان پڇيائين:
”گاجي شاهه جي ميل تي ويندين ڇا؟“
چيم، ”اڳ ۾ ڪڏهن ويو آهيان جو هاڻي ويندس.“
چيائين، ”الا“، تو وارا دوست سنبريا آهن. چيائون
پئي ته توکي به وٺي ويندا.“
چيم، ”نه مان ڪونه ويندس.“ ائين چئي مان ڪوٺيءَ
اندر هليو آيس.
ٿوري دير کان پوءِ ٻاهر نڪتس ته ادا، امان کان
پئسا گهُري رهيو هو.
مون تي جو نظر پيس ته چيائين.
”امان کان پئسا ٿو گهران تنهنجي گلا ڪونه ٿو
ڪريان.“
مون کي کل اچي ويئي، چيم، ”ادا، هي توکي ڇا ٿي ويو
آهي. تون ايترو بدگمان ڇو ٿي ويو آهين.“
هو چڙي پيو. چيائين، ”بدگمان مان ٿيو هان يا
توهان، دانهون تون ۽ بابا پيا ڏيندا وتو. مون ته
ڪنهن کي به اوهان جي ڪا دانهن نه ڏني آهي.“
شگفته جبين
ڪال ڪوٺڙيءَ ۾
قيد زندگي
ازل کان وٺي وقت جي ساز تي زندگي جو رقص جاري و
ساري آ... ليڪن لمحن ۽ ساعتن جي جوڙ جڪ ۾ ورهايل
منهنجو وجود اڄ به ڪلراٺيل ۽ ڪچين ديوارن جي بند
دروازي پويان عذابن جو اهڃاڻ بڻيل آهي... چو طرف
بظاهر ته سانتيڪو ماحول، ليڪن هر ڏسا ۾ بي وسي ۽
بيسڪي جو واسو....
ڪچي آڳنڌ ۾ مهڪيل موتئي جي سڳنڌ ڄڻ ته سڄي ڪائنات
کي مهڪائي ڇڏيو هو. ۽ گڏوگڏ اتر جي پاڳل ۽ ڇڙواڳ
هوائن وحشتن جو راڳ پي الاپيو.... ته درد جا ساڳيا
مرحلا ۽ ساڳيون مندون آهن...
زندگي جا ويهه سال گهٽ ته ناهن هوندا جيڪي مون
تنهنجي غلامي جي نٽهڻ اس ۾ گهاريا. حياتيءَ جو هڪ
طويل ”... ٿڪائيندڙ سفر مون تنهنجي همسفري ۾
گهاريو. سچ پڇين ته جيڪڏهن من کي پرکڻ جا پيمانا
هجن ها ته سڀ کان پهرئين مان تنهنجي من ۾ لڪيل
دولاب کي پرکين ها. جنهن مون کان سڀ ڪجهه کسي
ورتو. منهنجي محبت سان گڏوگڏ جيئڻ جو حق به ڦري
ورتو آهي... پل پل جو جيئڻ پل پل جو مرڻ... اها به
ڪا زندگي آهي.
هن جي لاءِ نفرت جو هڪگهرو احساس من ۾ اڀري ٿو
اچيس... هو ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏي ٿي وڃي ۽ خيالن جا
واچوڙا هن کي وڪوڙي ٿا وڃن...
طارق منهنجي سڳي ماسيءَ جو پٽ هو. اسان ٻنهي جي
گهرن جون ڀتيون ته پاڻ ۾ گڏيل هيون ليڪن اسان جي
وڏن جي دلين ۾ نفرتون وڌي پهاڙ بڻجي چڪيون هيون...
اجاين ۽ خسيس ڳالهين تان دلين ۾ فاصلا وڌندا ٿي
ويا. بس ڪو معجزو ئي هنن جي نفرتن کي قربتن ۾
بدلائي ٿي سگهيو. في الحال ته ڪنهن معجزي جو پري
پري تائين آثار نظر نٿي آيو...
مان ۽ طارق پنهنجي انجام کان بي خبر....
محبت جي سر مستي ۾ گم هئاسين....
اسان ٻنهي جي گهراڻن جي دشمني سان گڏوگڏ اسان جي
معصوم محبت به پروان چڙهندي رهي. ليڪن هر لمحي هر
پل هڪ نامعلوم خوف اسان جو پيڇو ڪندو رهندو هو...
طارق جو وڏو ڀاءُ جيڪو عمر ۾ طارق کان ڪافي وڏو
هو، هو هميشه انهيءَ ڪوشش ۾ رهندو هو ته ڪنهن نه
ڪنهن بهاني ڪو وڏو فساد ٿئي ۽ اهو فساد ڪا سنگين
صورت اختيار ڪري...
هزار ڪوشش باوجود نڄاڻ ڪهڙيءَ طرح... طارق جي وڏي
ڀاءُ کي اسان ٻنهي جي ڀڻڪ پئجي وئي هئي...
۽ مان خوف وچان... حراسجي وئي هيس. ته هاڻي نڄاڻ
ڪهڙو ممڻ مچندو، نڄاڻ ڪهڙي قيامت ايندي... هر پل
هر لمحي منهنجي اکين ۾ خوف جا آثار نظر ٿي آيا...
انهن وهمن انديشن ۽ وسوسن ۾ کوڙ سارا ڏينهن گذري
ويا. هر طرف خاموشي ۽ گهرو سڪون ڏسي پڪ ڄاتم ته هر
طرف خير لڳو پيو آهي... ۽ مان هرو ڀرو اجاين وهمن
جو شڪار ٿي پئي آهيان. اهو سوچي مان پنهنجي سادگي
۾ ذهن تان هر بوجهه لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو... ۽ هڪ
دفعو ٻيهر هر ڳالهه کان بيخبر ٿي زندگيءَ جي
رنگينين ۾ گم ٿي ويس...
انهيءَ دوران طارق نڄاڻ ڪهڙي طرح پنهنجي گهر وارن
کي آزيون نيزاريون منٿون ميڙون ڪري منهنجي سڱ جي
گهر ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو هو... اها خوشخبري هو مون
کي ٻڌائڻ لاءِ تمام گهڻو بي چين هو... هو جلد از
جلد مون تائين اها ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ اتاوَلو پي
ٿيو ۽ مان به هن جي انهي معصوم خواهش کي رد ڪري نه
سگهيس، تڏهن ته رات جي پوئين پهر ان سان ملڻ جو
واعدو ڪيو هيم... ساڳي ڏينهن نماشام ڌاري ئي
سموريون گهٽيون ۽ رستا سياري جي سرد هوائن سبب
ويران ٿي نظر آيا... چؤطرف ويراني ۽ خاموشي جو راڄ
هو...
نه ڪنهن انسان جي آواز نه وري ڪنهن قدمن جي آهٽ
بس هڪ گهري چپ هئي...
جيئن جيئن رات گذرندي ٿي وئي، تيئن تيئن سردي ۾
اضافو وڌندو ٿي ويو...
هر شيءَ ڄڻ ته ڪنهن اڻ ڄاتل خوف جي ڪوهيڙي ۾
ويڙهيل هئي...
سمورا گهر ڀاتي پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ اگهور ننڊ ۾
ستل هئا... پر منهنجي اکين ۾ ننڊ ڪوهين ڏور هئي...
ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي محبت جي تڪميل لاءِ هر اهو
قدم کڻڻ تي مجبور ٿي پوندا آهيون. جيڪو پاڻ سان
گڏوگڏ پنهنجي خاندان جي به بدنامي جو باعث بڻجي
پوندو آهي. ليڪن ان مهل اهو سڀ ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي
صلاحيت ڪٿي رهندي آهي!
شايد ان پل مان... به انهن مان هيس. جيڪي محبت جي
تڪميل خاطر سوچڻ سمجهڻ جون سموريون صلاحيتون وڃائي
ويهندا آهن... تڏهن ته سجاڳ اکين ۾ سندر سپنن کي
سجائي انتظار جي اذيت سهي رهي هيس...
تقريباً آڌي رات گذري چڪي هئي... ته اچانڪ هڪ هلڪو
کڙڪو محسوس ٿيو... مان... خوشي ۽ خوف جي گاڏڙ
ڪيفيت ۾ اٿي ويهي رهيس...
گهر جي پوئين ڪچي حصي ۾ رات جي اونداهيءَ جو فائدو
وٺندي اگهاڙي پيرين رواني ٿي ويس...ڇاڪاڻ ته گهر
جو اهو حصو عموماً ويران رهندو هو... جتي رات ته
ڇا پر ڏينهن جو به اڪثر گهر جا ماڻهو وڃڻ کان
لهرائيندا هئا...
هر لمحي هر ساعت ائين ٿي لڳو ڄڻ ته... زندگي ۽ موت
جي وٿي ۾ صرف ڪجهه وکن جو مفاصلو آهي...
منهنجو سمورو جسم سخت سردي هجڻ جي باوجود به پگهر
۾ شم ٿي ويو هو...
ڪچي حصي جي ٻاهرين ڀت وٽ هڪ پاڇولو ڏسي پڪ ڄاتم
ته... طارق آهي. طارق... مون سرگوشي واري انداز ۾
هن کي سڏ ڪيو... بي آواز قدمن سان هلندي اڃان هن
تائين پهتي به ڪو نه هيس جو اوچتو نڄاڻ ڪهڙي پاسي
کان فضا ۾ فائر جو آواز اڀريو...
فائر جي آواز سان موت کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪندي
جسم جو سمورو رت ڄڻ ته برف جيان ڄمي ويو هو...
حيرت ۽ دهشت وچان منهنجا قدم اتي ئي زمين ۾ لهندا
ٿي ويا... نڄاڻ ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح حوصلا درست
ٿيا... جڏهن هوش ۾ آيس ته سڀ ڪجهه لٽجي چڪو هو...
منهنجي اڳيان طارق جو رت ۾ ٻڏل بي جان جسم پيو
هو... ۽ مان ان کي اکيون ڦاڙي ڏسي رهيس هيس... پل
کن ۾ هي ڇا ٿي ويو. فائر جي آواز تي گهر وارن سميت
آس پاس جا ماڻهو به سجاڳ ٿي پيا هئا...
هر ڪو پنهنجي سوچ آهر پنهنجي پنهنجي خيالن جو
اظهار ڪري رهيو هو...
هر طرف آواز ئي آواز ڪنهن چيو پي ته چوري جي غرض
سان آيو هوندو، تڏهن ته ٿڏي تي ئي مارجي ويو.
جيترا منهن هئا اوتريون ڳالهيون هيون... منهنجي
ماءُ شايد منهنجي چهري تي ڦهليل دهشت ۽ منهنجي چپن
جي گهري چپ مان گهڻو ڪجهه سمجهي وئي هئي، تڏهن ته
هڪ سئي سٽ سان مون کي ڪمري ۾ ڌڪي ڇڏيو هئائين...
ان پل مان ته بچي وئي هئس، ليڪن طارق بي گناهه
هوندي به منهنجي وڏي ڀاءُ جي هٿان موت جو کاڄ بڻجي
ويو هو...
گهر جي ڪنهن به ماڻهو کي مون تي ڪنهن به قسم جو شڪ
نه هو ليڪن منهنجي ماءُ جي خاموش نگاهن ۾ انيڪ
سوال لڪيل هئا. جن کان مان لنوائيندي ٿي رهيس...
ليڪن هو منهنجي ماءُ هئي. منهنجي چهري جي اداسي بي
وسي هن جي من ۾ نڄاڻ ڪيترن انديشن کي جنم ڏيندي
هئي. پر... هو به ته مون جيان مجبور هئي. بي وس
هئي. هو منهنجي لاءِ ڪري به ڇا ٿي سگهي. هن جي وس
۾ هو ئي ڇا جو منهنجي لاءِ ڪجهه ڪري ها ۽ جيڪڏهن
ڪو آواز اٿاري به ها ته منهنجي زندگي تان هٿ کڻڻو
پويس ها... ان لاءِ هن پنهنجي چپن تي هميشه لاءِ
خاموشي جي مهر هڻي ڇڏي...
ان کان پوءِ ڪيترائي ڏينهن خاموشي جي نظر ٿي
ويا... ته هڪ ڏينهن اچانڪ منهنجي وڏي ڀاءُ منهنجي
شادي جي تاريخ طئي ڪري ڇڏي. ڪنهن به منهنجي مرضي
پڇڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي سڀ ڪجهه انتهائي خاموشي
۽ سادگيءَ سان طئي ٿي ويو...
مون کي ته اها به خبر نه هئي ته منهنجو گهوٽ ڪير
آهي. ڪهڙو آهي. ڇا ٿو ڪري؟ مان ته بي حسي ۽ خاموشي
جي علامت بڻجي پنهنجي پاڻ کي حالات جي نذر ڪري
ڇڏيو هو... چوندا آهن ته پنهنجي ذات جو انڪشاف
ڏاڍو ڏکيو عمل هوندو آهي. ليڪن هي ڪهڙو انڪشاف هو
جنهن منهنجي پيرن هيٺان ڌرتي ڇڪي ورتي هئي... ۽
شادي جي پهرئين رات ئي مون کي مجرم بڻائي ڇڏيو
هو... ها ان رات ڪيڏي نه سفاڪانه، ظالمانه ۽
انتهائي سرد لهجي ۾ هن مون کي چيو هو ته مان ۽
طارق گهاٽا دوست هئاسين انهيءَ ڪري اسان ٻنهي جي
ڪابه ڳالهه هڪ ٻئي کان لڪل نه هئي. هو تنهنجي
متعلق هر ڳالهه مون سان شيئر ڪندو هو... هن غور
سان منهنجي اکين ۾ نهاريندي هڪ ڀرپور مڪروهه ٽهڪ
ڏنو... ٻڌ مان طارق جي هر راز کان واقف هيس.
انهيءَ ڪري ان رات مون ئي تنهنجي ڀاءُ کي طارق
بابت ڄاڻ ڏني هئي. ڇاڪاڻ ته هن ڏي منهنجو هڪ پراڻو
حساب رهيل هو... ان رات طارق ته ٿڏي تي مارجي ويو
۽ منهنجو رستو صاف ٿي ويو. هڪ مڪروهه مسڪراهٽ هن
جي چهري کي وڌيڪ ڀيانڪ بڻائي ڇڏيو. مون کي ائين ٿي
لڳو ته ڄڻ ڪنهن... منهنجي وجود کي ڌرتي ۽ اڀ جي وچ
۾ ٽنگي ڇڏيو هجي...
ڪيڏو نه ڀيانڪ انڪشاف هو...
انهيءَ انڪشاف سان نه ڌرتي ڌڏي نه وري ڪو طوفان
آيو. بظاهر ته سڀ ڪجهه نارمل هو، پر من اندر جي
تهخاني ۾ تاريڪي ويتر وڌي وئي... انهيءَ تاريڪي
۾... وقت جا پيرا کڻندي ويهه سال گذري چڪا آهن
جيڪي مون هن جي جبر ۽ قهر جي نٽهڻ اس ۾ گهاريا
آهن...
ليڪن اڄ سوچان ٿي ته...
زندگي جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ قيد مان اها قيدياڻي آهيان
جيڪا آزادي جي اوسيئڙي ۾ هجي ۽ جنهن کي بلڪل
اچانڪ... جنم قيد جي سزا ٻڌائي وڃي...
بنان ڪنهن جرم ۽ بنا ڪنهن ڏوهه جي!
نسرين سيد
شاعراڻو نثر
* عورت تنهنجو پنهنجو ڇا آهي؟ تنهنجو وجود به
ته مرد جي ملڪيت آهي.
* ڇا تون منهنجي محبت جو ڪاٿو لڳائي سگهين ٿو
اگر تنهنجو جواب ها ۾ آهي ته مون وٽ نه.
* اچجانءِ ڇو جو محبت جو ڪاٿو نٿو لڳائي
سگهجي.
* تون مون کي ڳوليندو رهجانءِ ۽ اها به ڄاڻ
آهي تنهنجي منزل مان نه ٻي ڪا آهي.
* ڪنهن ڪم جي ابتدا ڪرين ته ان جي انجام جو
به سوچ.
* عورت تون ڪهڙو سوال آهين جنهن جو ڪنهن وٽ
جواب نه آهي.
* پيار عورت ۽ مرد گڏجي ڪندا آهن، سزا لاءِ
عورت ئي ڇو؟
* ڪنهن کي سمجهڻ ايڏو اوکو به ڪونه آهي.
* مان توسان ان ڏينهن کان نفرت ڪرڻ لڳي هيم، جڏهن تو چيو
هو نسرين ڏس چنڊ ۾ داغ آهي نه؟
* مرد مستقبل جو بهترين ليکڪ ۽ شاعر آهي ڇو ته ان کي عورت
جو ساٿ ملندو. عورت کان رهيو کهيو قلم به ڦٽو
ڪرايو ويندو.
* تون مون کي ائين نه ڏس جيئن دنيا ڏسي ٿي.
تون پنهنجي نظرين سان ڏس.
* عورت کي ٿورو سهي پر سمجهه ته.
* پيار به ڪرين ٿو پري به رکين ٿو.
* چيم سانئڻ نه چوندو ڪر ۽ موٽ ۾ چيائين ”ڇا
چوان؟“ ڪيڏو بي خبر آ ”جان“ به چوي ٿو زندگي به
سمجهي ٿو اڃا به پڇي ٿو ڪهڙو نانءُ ڏيان.
* ڪير ٿو چوي محبتون ختم ٿينديون پيون وڃن؟
منهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ته ڏس.
* جنهن مهل ڏات منهنجي گهر جو در کڙڪائيندي
آهي ته مان دروازو اڃا زور سان بند ڪندي آهيان لوڪ
جي خوف کان.
* ڪيڏا چريا آهيون گهري گهاءُ کان وڌ ڪڙا
”لفظ“ ٻڌي پوءِ به کلندا آهيون.
* ڪا شئي تنهنجي پهچ کان پري ٿي وڃي ته ان جي
حاصلات لاءِ جستجو اجائي آ؟
* نسرين ايتري حساس نه ٿيءُ دنيا جيئڻ نه ڏيندئي.
* اسان جي زندگي به ڄڻ ڪو رانگ نمبر.
* ايڏا ٽهڪ نه ڏي سڀني کي خبر آهي ته ٽهڪ غمن
کي لڪائڻ جو پردو آهي.
* جن ماڻهن کي چاهيو آهي اهي ڏور ٿيو وڃن جيڪي زهر
لڳن اهي هر وقت نظرن اڳيان.
* ڪا شئي تنهنجي پهچ کان پري ٿي وڃي ته ان جي
حاصلات لاءِ جستجو اجائي آ؟
* نسرين ايتري حساس نه ٿي دنيا جيئڻ نه ڏيندئي.
* اسان جي زندگي به ڄن ڪو رانگ نمبر.
* نه چاهيندي به گهڻو ڪجهه ٿيو وڃي! پاڻ وٽ بچندو
به، ڇو، ڇا ۽ وغيره.
* ڪيڏيون ٺوڪرون مليون اٿم پوءِ به سچ ڳالهائڻ کان
مڙان ڪونه ٿي.
* هي رسمن جا زنجير ڪيئن ٽٽندا منهنجي لکڻ ۽ چوڻ
سان ڇا ٿيندو؟
* ڪاش مان پڙهيل نه هجان ها ڪا خبر پڙهي وکري ته
نه وڃان ها.
* منهنجي ڀلي ڪيتري به مخالفت ڪر، الزام مڙهه، اگر
تقدير منهنجي حمايت ڪري ته پوءِ؟!
هيڏي هجوم ۽ گوڙ ۾ توکي ڪير ڏسندو ۽ سڏڪو ٻڌندو؟
* ڇا ٿئي ها، اگر منهنجون من ڀاونائون سمجهي ها.
* اهو ڪهڙو ديس آهي جتي محبتون ملنديون آهن.
* او زندگي! هيڏي به نهار ڪو زنده دلي سان تنهنجو
انتظار پيو ڪري.
* تون ڪيڏي خاموش هوندي آهين پر اکيون تنهنجون مون
سان ڪچهري ڪنديون آهن.
* چون ٿا عورت جي سڃاڻپ مرد آ اگر ها ته ٻڌايو ته
مرد جي سڃاڻپ ڪير آهي؟
* تو رڳو ورتو آهي ڪنهن کي ڇا ڏيندين؟
* منهنجي هار به جيت آهي.
* ڪيڏو چريو آهي شڪست کان مايوس ٿي ويو آ؟
* مفلسي هر هنڌ هڪجهڙي هوندي آهي.
* ڇا موت کان پوءِ به ڪا زندگي آهي؟!
* نظر ايندڙ ڳوڙهن کان خطرناڪ اندر جا ڳوڙها هوندا
آهن.
* ذرو ذرو ٿي مرڻ کان بهتر آ هڪ دفعو مري وڃجي.
رپورٽ: نجمه پنهور
حدود بل (مذاڪرو)
ٻين ملڪن جيان اسان جي ملڪ ۾ به عورتن لاءِ ڪي
قانون جڙيل آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان عورت ڪيترن ئي
عذابن ۾ گهيرجي ٿي ويئي. اسان جي ملڪ جي اڌ آبادي
عورتن تي مشتمل آهي پر ان جي سماج ۾ حيثيت ڪا چڱي
ڪانهي، صرف اسلامي حق عورت کي مليل هجن تڏهن به
عورت گهڻي محفوظ آهي، نياڻي جي لاءِ تعليم ڪانهي،
هن سماج ۾ عورت جي ڪهڙي حيثيت آهي؟! ٻهراڙيءَ ۾ ته
عورت ٻڪرين جيان ڪٺي ٿي وڃي، جيئن اڄ جي اخبار ۾
خبر هئي ته هڪ ئي گهر جي چئن عورتن کي ڪاري ڪري
ڪٺو ويو. اهڙي حالت ۾ اسين ڪهڙي قانون جي ڳالهه ٿا
ڪريون. اهڙو قانون جوڙيو وڃي ته ڪاري ڪندڙ کي ڦاسي
ڏني وڃي. شهرن ۾ عورت آزاد هوندي به عدم تحفظ جي
زندگي پئي گهاري. 27 سال اڳ حدود آرڊيننس لاڳو ڪيو
ويو هو. ان آرڊيننس جي خلاف ڪيترن عورتن تنظيمن
جدوجهد ڪئي، هن حڪومت ان آرڊيننس ۾ ترميمي بل
منظور ڪيو آهي. انهيءَ تي ويچار ونڊڻ لاءِ اسان
سنڌ جي ناميارين شاعرائن ليکڪائن، پروفيسرز ۽
سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻ عورتن کي مدعو ڪيو.
پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ معلومات لاءِ سندن خيال پيش
ڪجن ٿا. (ادارو)
پروگرام جي شروعات الله تعاليٰ جي بابرڪت نالي سان
ڪئي وئي. نعت پڙهڻ جو شرف حاصل ڪيو
.
ڊاڪٽر فخر النساءِ ٽالپر.
پروگرام جي ڪمپيرنگ ڪندي رسالي ”سرتيون“ جي ايڊيٽر
گلبدن جاويد چيو، ”ملڪ تي جڏهن به ڪارا ڪڪر آيا
آهن ته عورتن ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي، اهو انهن
عورتن جي جدوجهد ۽ قربانيءَ جو نتيجو آهي، جو اڄ
حدود بل ۾ ترميم ٿي آهي. اهو هڪ سٺو قدم آهي، پر
اڄ جي جديد دور ۾ به عورت ظلم جي چڪيءَ ۾ پيڙجي
رهي آهي. کيس ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ عملي ڪم ٿيڻ
گهرجن.“
امر سنڌو
نالي واري ليکڪ امر سنڌو چيو ”ته حدود بل جي معنيٰ
آهي حدون مقرر ڪرڻ حدود آرڊيننس جي خاتمي لاءِ
عورتون 27 سالن کان جدوجهد ڪنديون رهيون آهن.
عورتن جي دانهن کي ورنايو نه ويو، پر انهن جي آواز
چيڀاٽيو ويو، سماجي طرح سان ڪنهن به عورت جي لا
وڏي واڪي آواز نه اٿاريو ويو، ملڪ ۾ 6500 عورتن کي
جيل حوالي ڪيو ويو جن مان 80 سيڪڙُو زنا جا ڪيس
هئا. هڪ به مرد کي جيل نه موڪليو ويو. عورتن لاءِ
ته سزائون رکيون ويون پر ڪٿي به عورت کي لکت ۾
تحفظ ناهي ڏنو ويو. سرڪار کي سڄو آرڊيننس رد ڪرڻ
گهرجي ها، پر تنهن هوندي به جيڪو رليف ڏنو ويو
آهي. اسين ان جي آجيان ٿا ڪريون. عورتن کي وڌيڪ
جدوجهد ڪرڻ گهرجي. هي هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، عورتن جي
حقن کي قانوني شڪل ڏيڻ گهرجي.“
ممتاز ڀٽو
ڳالهه آهي عورت جي حقن جي. اسلام عورت کي حق ڏنا
آهن. پر اسان جي سماج جي جوڙجڪ ۽ ريتن رسمن ان
ڳالهه کي اهميت ناهي ڏني. اسلام هڪ اهڙو مذهب آهي
جنهن عورت کي وراثت ۾ حق ڏنا آهن. حدود بل ۾ ترميم
هڪ چڱي ڳالهه چئبي، پر هڪ قانون تحت پوليس کي فري
هينڊ نه ڏنو وڃي. بدي جي شادي، حق بخشائڻ ۽
ڪاروڪاري واري ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ جو به قانون پاس
ٿيڻ کپي، سڀ کان پهرين تعليم کي عام ڪيو وڃي ته
ماڻهن ۾ شعور اچي ڪورٽن ۾ هزارين ڪيس رولڙي جو
شڪار آهن، بلن بدران سسٽم کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت
آهي. عورتن کي اسلام موجب حق ڏنا وڃن.
سحر رضوي
سياست کان سواءِ ته عورتن کي پنهنجا حق نه ملندا
نه ئي عورت کي سجاڳي ملندي. توهان سڀني کي خبر آهي
ته قانون ڪيئن جڙيو. حالت ته اها آهي ته ڳوٺ جي
عورت کي خبر ئي ڪانهي ته حدود آرڊيننس آهي ڇا؟!
عورت جي باري ۾ جيڪي جرڳا ڪوٺايا وڃن ٿا ۽ فيصلا
ڪيا وڃن ٿا. ڇا عورت کي ان ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت
آهي. ڇا عورت پنهنجي بچاءُ ۾ اُتي موجود هجي ٿي.
نذير قريشي
آءٌ نڪو آهيان، رائٽر، نڪو آهيان دانشور پر آئون
هڪ ڪڻي آهيان. سماج ۾ جيڪو جاگيرداري سسٽم آهي. ان
کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ڪري عورتون پنهنجو
پاڻ ۾ ٻڌي ڪن، متحد ٿين، عورتن کي اهڙي ڄاڻ ڏيڻي
آهي ته جيڪي قانون جوڙيا ويا آهن، انهن ۾ انهن کي
ڪهڙا حق مليا آهن. هن دور ۾ به بي جوڙ، شاديون ٿي
رهيون آهن. اسان شهر ۾ رهندڙ عورتن کي گهرجي ته
اهڙين رسمن جي خلاف آواز اٿاريون. توهان سڀ اچو ته
گڏجي سنڌ جي عورت کي سجاڳ ڪريون. ٻهراڙيءَ جي عورت
کي ڄاڻ ڏيون ته توهان لاءِ ڪهڙا قانون پيا ٺهن ۽
توهان پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪريو. ڏاڍ ۽ ڏمر کي
ختم ڪريو.
نذير ناز
اسان عورتن کي گهرجي ته جدوجهد ڪريون ۽ اڳتي وڌون
بل ۾ ترميم جي آجيان ٿي ڪريان پر اڃا گنجائش آهي
ڦڙي ڦڙي تلاءَ آهي، اميد ٿي ڪريان ته عورت جي لاءِ
بهتر قانون پاس ٿيندا، ۽ ميڊيا جي تعريف ٿي ڪريان
ته اخبارن ۽ ميڊيا ماڻهن کي سجاڳ ڪيو آهي. اڳ
ٻهراڙي جي عورت ٻاهر نڪرڻ کي عيب سمجهندي هئي پر
هاڻ ٿاڻي تي پنهنجي دانهن کڻي ٿي وڃي، اڳ ڪابه
عورت اهڙي همت ڪانه ڪندي هئي، پر هاڻ هوءَ به
پنهنجي خلاف ٿيندڙ عمل تي اٿي کڙي ٿي ٿئي.
ڊاڪٽر رخسانا پريت چنڙ
ترميمون ٿيون آهن، انهن سان عورتن کي ڪجهه رليف
مليو آهي. ڇوڪري جڏهن خوشيءَ سان شادي ڪري ٿي ته
ان کي ٿاڻن جا چڪر ڪاٽڻا ٿا پون. هاڻي هوءَ عدالت
۾ وڃي سگهندي. اسان عورتون جيسين جدوجهد نه
ڪنديوسين تيسين عورتن کي حق نه ملندا. هڪڙو نسل
ٽٽندو، نقصان کڻندو. تڏهن ٻين کي ڪي فائدا ملندا.
روزينه جوڻيجو
ترميم بل جي آجيان ٿي ڪريان، پر اڃا عورتن جا گهڻا
مسئلا آهن، عورتن کي گهرجي ته جدوجهد جاري رکن،
پنهنجي لاءِ قانون پاس ڪرائين. اجايون رسمون ۽
رواجن عورتن کي پٺتي ڪري ڇڏيو آهي. اسان عورتن کي
پاڻ ۾ وڏ ماڻهپائپ پيدا ڪرڻ گهرجي، جيسين پاڻ ۾
ٻڌي نه ڪنديون سين، تيسين ڪجهه هڙ حاصل ڪونه
ٿيندو. ٻئي ڳالهه ته عورتون پنهنجي مسئلن کي پاڻ
کڻي وٺن. عورت، عورت سان دشمني نه ڪري.
ڊاڪٽر قمر واحد
آءٌ سمجهان ٿي ته حدود بل ۾ هيءَ ترميمون ڪو
چڱائيءَ جو طرف کنيل قدمن جو انجام ٿي سامهون ڪونه
ايندو، پر آعاز ئي ليکيو ويندو. صحيح ضرورت عمل جي
آهي عمل جي انهيءَ دائري ۾ پوليس ۽ عدالتون به اچي
ٿيون وڃن. بهرحال هن وقت ته ٻڏتر واري ڪيفيت آهي.
ڏسون ته حدود آرڊيننس ۽ ترميمن واري بل تي ڪيترو
عمل ٿو ٿئي.
T.V جي پروگرام ۾ ڪنهن پروفيسر چيو ته هي
ترميمن وارو بل اسانجي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي
انهيءَ حفاظت کان محروم ڪري ڇڏيندو جي اسين ڪري
رهيا آهيون. آءٌ ان پروفيسر کان اهو سوال پڇندس ته
اها ڪهڙي حفاظت پيا ڪريو جو توهان جي گهر جي
گهٽيءَ کان شروع ٿيندڙ، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڻ ڪئي
جي سزا ڀوڳيندڙ قيد عورتون مڙسن هٿان موچڙا
کائيندڙ يا غيرن هٿان ڏاڍائي جو شڪار ٿيندڙ، غيرت
جي نانءُ ۾ ڪوڙن بهانن هيٺ قتل ٿيندڙ، بنا غسل ۽
ڪفن جي دفن ٿيندڙ، مائيٽاڻي، ملڪيتن کان محروم ۽
ساهراڻي تشدد جو شڪار ٿيندڙ هزارين لکين عورتون
شايد توهان جي مائرن ڌيئرن جي حيثيت ڪون ٿيون رکن
جو انهن جي حفاظت لاءِ توهين ميدان ۾ ڪونه لٿا
آهيو ڪڏهن به انهن جي حمايت ۾ بيان ڪونه ڏنو آهي.
ڪڏهن به اهي ڪڌا ڪرتوت بند ڪرڻ جي لاءِ تعليم نه
ڏني آهي ۽ ڪڏهن به گڏجي اهڙن واقعن خلاف احتجاج نه
ڪيو آهي. اها ڪهڙي حفاظت آهي!
اهڙي حفاظت توهان پاڻ تائين رکو، اسان کي توهان جي
حفاظت جي نه پر قانون ۽ ان تي عمل جي ضرورت آهي.
اسان پڙهيل لکيل، وڏن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان
فارغ التحصيل، ڪنهن نه ڪنهن عهدي تي فائز عورتون
پنهنجي اڻ پڙهيل غريب ڀينرن وانگيان سماجي
ڏاڍائيءَ جو شڪار رهيون آهن. جنهن خوف تحت اسان
مان هزارين ڀينرون پنهنجي فڪر سوچ ۽ صلاحيت مطابق
ڪم ڪرڻ کان روڪيون ٿيون وڃن سو آهي عزت جو خوف ۽
الزام بازي! خود مون جهڙيءَ کي به ڪنهن خوف ۾
مبتلا ڪندا آهن. جي ٻئي نموني ماڻهو اسان کي
جهڪائي نه سگهندا آهن ته اتي وري الزام تراشي شروع
ڪندا آهن عزت تي الزام هڻي. هڪ عورت کي خوف ۾
مبتلا ڪرڻ هتي هڪ گندي هٿيار طور استعمال ڪيو ٿو
وڃي. هنن ترميمن ذريعي ڪوڙو الزام هڻندڙ به ڏوهي
شمار ٿو ٿئي. هاڻ گهڻا ماڻهو ان ڊپ کان شايد الزام
تراشي ڪرڻ کان پهرين سوچين ته نتيجو ڇا نڪرندو!
شمشاد ميمڻ
سرتيون سٿ ۽ گلبدن کي مبارڪ ٿي ڏيان جن موقعي جي
مناسبت سان اهڙو مذاڪرو ڪوٺايو. جيڪو وقت جي ضرورت
به آهي. هن بل سان عورتن کي ڪجهه فائدو پهتو آهي.
اسان کي اميد آهي ته اڃا به ڪي قانون جڙن ۽ عورتن
کي پنهنجو جائز مقام ملي، جيئن هوءَ معاشري ۾ عزت
۽ وقار سان زندگي گذاري سگهي.
تنوير جوڻيجو
اسان ڪجهه ذڪر ماضيءَ جو ڪريون. اسان جي سماج ۾
جتي عورت هڪ ڪمتر درجي جي انسان ليکي ٿي وڃي، جتي
سندس واڳ سندس گهر جي مردن ۽ برادريءَ جي مردن جي
هٿ وس آهي. اتي 1979ع ۾ ڪن سياسي سببن باعث عورت
کي ويتر ڪمزور ڪيو ويو. عورتن ڪيترن سالن کان
جدوجهد ڪئي آهي، آخرڪار هن حڪومت ۾ ڪاميابي ماڻي ۽
هاڻ اسان اميد ٿا ڪريون قرآن سان حق بخشائڻ، ننڍي
عمر جي شادي ۽ بدي جي شاديءَ جي رسمن جي خاتمي جي
خلاف قانون جوڙيا وڃن ۽ اهڙي قانون سازي ڪئي وڃي
جنهن سان عورتن کي انصاف ملي. ان سان گڏوگڏ عورتن
کي گهريلو تشدد کان به آجو ڪيو وڃي ۽ عورت کي
معاشي ۽ سياسي طور سگهارو ڪيو وڃي.
گلشن لغاري
مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو مون کي عورتن جي
حقن جي تحفظ واري بل پاس ٿيڻ واري موضوع تي
ڳالهائڻ لاءِ سرتيون طرفان موقعو ڏنو ويو آهي. 15
نومبر وارو ڏينهن منهنجي خيال موجب پاڪستاني عورتن
لاءِ بيحد اهم ۽ خوشگوار ثابت ٿيو آهي، جو ان
ڏينهن تي عورتن جي حقن جي تحفظ جو بل قومي اسيمبلي
مان پاس ڪرايو ويو آهي. ڇو ته حدود آرڊيننس جا
قانون عورتن سان ناانصافي ۽ امتياز تي ٻڌل هئا.
جيڪي ملڪ ۾ 1979ع ۾ نافذ ڪيا ويا، انهن جو مقصد
ملڪ ۾ عورتن جي ڪردار کي محدود ڪرڻ هو. اسان جي
ملڪ ۾ عورت کي انسان وارا حق، توڙي، سماجي ۽ مذهبي
حق جيڪي اسلام ڏنا آهن. اڃا تائين حاصل نه ٿي
سگهيا آهن. ويتر قانون وسيلي عورت لاءِ انصاف جا
در پڻ بند ڪيا ويا آهن. جنهن تحت هزارين عورتون،
جنسي زيادتي جو شڪار بڻيون، ان ڪري جيلن ۾ بند آهن
جو اهي پنهنجي لاءِ شاهد پيش نه ڪري سگهيون، ڇو ته
ڏوهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ گواهن جي ضرورت هئي.
جنهن ڪري الٽو انهن کي ڪوڙو الزام هڻڻ جي هيٺ جيل
موڪليو ويو، ڇاڪاڻ ته حدود جي قانون مطابق گواهي.
لازمي قرار ڏنل هئي جيڪو سراسر ناانصافي تي مبني
قانون هو ته جنهن سان ظلم ٿئي، سزا به ان کي ڏني
وڃي. هن جديد سائنسي دور ۾ جتي سڌريل ملڪن ۾ ڦاسي
جي سزا کي پڻ ختم ڪري عمر قيد ۾ تبديل ڪيو پيو
وڃي. ان کان سواءِ بدي جي شادي، غيرت جي نالي ۾
قتل، ننڍپڻ جي شادي، حق بخشائڻ هڪ دفعي ٽي طلاقون
ڏيڻ، عورت جي حق وراثت لاءِ پڻ قانون ٺهڻ گهرجن،
ملڪ ۾ عورتن تي ٿيندڙ جنسي، جسماني ۽ ذهني تشدد
خلاف پڻ قانون ٺاهڻ ضروري آهي پر ڳالهه قانون جوڙڻ
جي نه پر ان تي عمل ڪرائڻ پڻ انتهائي ضروري آهي.
نجمه پنهور
”صدين کان عورتن ظلم، ڏاڍ، گهرو تشدد ڪارو ڪاري
اسٽريٽ حراسمينٽ جو شڪار آهي ۽ مختلف ريتن رسمن،
بي جوڙي شادي، بدو، سڱ چٽي، ۽ ٻين ڪيترن سماجي
روين جي ور چڙهيل آهي ڪيترين ئي عورتن پنهنجي
تنظيم جي پليٽ فارم تان عورت جي حقن لاءِ جاکوڙيو
آهي، پر انهن جي آواز کي ايوان جي در تان موٽايو
ويو آهي. ڪيترائي قانون جڙيا پر عورتن جي پلئه ۾
اهائي نراسائي ڏک، ڏاڍ ۽ ناانصافي، هن حڪومت حدود
بل ۾ ترميم ڪري عورتن کي گهڻو نه پر ڪجهه رليف
ڏياريو آهي اسان جو سماج اهو برداشت ئي نٿو ڪري ته
عورت ڪنڌ کڻي ڳالهائي سگهي. گهر ۾ عورتون گهرو
تشدد جو شڪار آهن ته ٻاهر نڪرندڙ عورتون اسٽريٽ
حراسمينٽ جو شڪار آهي، عورت ڪٿي به پاڻ کي محفوظ
نٿي سمجهي. هن وقت حدود بل منظور ڪري ڪنهن حد
تائين عورتن کي اطمينان ڏياريو ويو آهي پر هاڻ
ڏسون ان قانون تي ڪيترو ٿو عمل ٿئي. اسان حڪومت
کان گهر ٿا ڪريون ته اهڙا قانون پاس ڪري جنهن سان
عورتن جي عزت، وقار ۽ سماجي حيثيت ۾ مثبت تبديلي
اچي ان کان سواءِ ٻيا به ڪي اهڙا قانون پاس ٿيڻ
گهرجن جنهن سان عورت عدم تحفظ واري ماحول مان نڪري
عزت ۽ وقار سان زندگي گهاري سگهي.
عرفانه ملاح
”جنهن به طريقي سان بل پاس ٿيو آهي اهو بهتر قدم
آهي. حقن جي حاصلات لاءِ سياسي جدوجهد ڪرڻي پوندي.
خاموش قومپرست تنيظيمن کي عورتن جي حقن لاءِ آواز
اٿارڻ جي ضرورت آهي.
ڊاڪٽر تهمينه مفتي
قانون ته موجود آهن پر ان تي عمل نٿو ٿئي. قانون
تي عمل ٿيڻ سان عورتن کي حق ملي سگهندا.
ڊاڪٽر سحر امداد
هن شعر سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو:
ڄِڀَ جي ڪٽجي وئي ته ڇا
رَت جي گُرڙي ته ڪَر.
1. حدودو آرڊيننس جي بلن ۾ جيڪا ترميم ڪئي وئي.
اها هڪ چڱي ڳالهه آهي پر اُن تي عمل ٿيڻ گهرجي.
ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي ايتري آهي جو ماڻهو
خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. عام ماڻهوءَ کي ٽن وقتن
جي ماني نصيب ناهي. جيڪي ماڻهو اڳي سکيا ستابا
هوندا هئا اُهي هاڻي پني پيٽ ڀرين ٿا. عوام جي
بهتريءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي.
اعجاز احمد منگي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ
”سرتيون جي عملي کي جس هجي جن اهڙو پروگرام ڪرايو
آهي، تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. اهل دانش اچي شرڪت
ڪئي انهن جا ويچار ٻڌاسين. هن قسم جا پروگرام
سجاڳي جو پيغام آهن جنهن سان سڄي سنڌ جي ماڻهن کي
فائدو پهچندو.“ |