سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :5

 

تنوير جوڻيجو

”دنيا جون شاعر عورتون ۽ سنڌي عورتن جي شاعري“

 

The Penguin Book of Women Poets

جنهن جو سنڌيءَ ۾ ”دنيا جون شاعر عورتون“ جي نالي سان ڊاڪٽر فهيمده حسين ترجمو ڪيو آهي ۽ ”سنڌي ادبي بورڊ“ ان کي ڇپرايو آهي.

سنڌي ادب ۾ عورتن جي حوالي سان جيڪڏهن جائزو وٺبو ته فهميده حسين جو رتبو ڪجهه مٿانهون نظر ايندو ڇاڪاڻ ته هن نه صرف سنڌي ادب جي مختلف صنفن، جهڙوڪ ڪهاڻي، ڪالم، تحقيق، شاعري، مقالا لکيا. پر ساڳي وقت هن عورتن کي لکڻ لاءِ مضبوط پليٽ فارم به مهيا ڪيو. ستر واري ڏهاڪي ۾ عورتن جو وڏو انگ قلم جي دنيا ۾ داخل ٿيو ۽ خوب لکيو، جنهن جو ڪريڊٽ فهميده حسين کي ڏئي سگهجي ٿو. هڪ طرف فهميده قلم جي مدد سان عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿي. ٻئي طرف هوءَ Women Activist پڻ آهي، جا عملي طور عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙي ٿي ۽ عورتن جو آواز ٿي اڀري ٿي. فهميده حسين ڏاڍي سنجيدگيءَ سان علم ادب ۽ تحقيق ذريعي عورت جي مختلف روپن کي اجاگر ڪيو. سندس پي.ايڇ.ڊي واري تحقيق جو موضوع پڻ عورت رهي. ۽ هن ڀيري سندس قلم جو ۽ ذهن جو پورهيو ”دنيا جون شاعر عورتون“ اسان جن هٿن تائين پهتو آهي. جنهن ۾ هن دنيا جي اهم شاعرائن جي شاعريءَ جو ترجمو زمان ۽ مڪان جي قيد کان سواءِ ڪيو آهي. جنهن لاءِ هوءَ ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿي. ”هن ڪتاب ۾ اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن جي تاريخ آهي. هن ۾ عيسوي سن کان به اڳي جي شاعرائن کان وٺي ويهين صديءَ جي پڇاڙي تائين، يونان جي سيفو کان وٺي هندستان جي امرتا پريتم تائين شاعرائن جي ڏک، درد ۽ احساسن جو ذڪر آهي.“

جيڪڏهن مون کان پڇيو وڃي ته تخليق، تحقيق ۽ ترجمي ۾ ڪهڙي صنف ڏکي آهي ته جواب ۾ چونديس، تحقيق، پوءِ ترجمو ۽ ان کان پوءِ تخليق. ترجمو، تخليق جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکيو اُنڪري آهي، جو پرائي سوچ، پراين نظرين، پرائي فڪر ۽ پراين احساسن کي پنهنجي ذهن ۽ پنهنجي قلم سان اجاگر ڪرڻو آهي. امداد حسينيءَ جي لفظن ۾ ”تخليق ۾ تخليقڪار آزاد آهي، پر ترجمو ڪندڙ نه، آخر روح کي عصر کي ترجمو ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ پيڙ کي لفظ جي صورت ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي؟ اهو هڪ اهڙو تجربو آهي، جنهن مان تخليقڪار نٿو گذري. هو لاشعوري طور لکي ٿو، پر ترجمي ۾ شعور پيڙهه آهي. ٻنهي ٻولين جنهن مان ترجمو ٿئي ۽ جنهن ۾ ترجمو ٿئي. جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئڻ کپي.“

فهميده حسين هن ترجمي کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي. شاعريءَ جي چونڊ کان وٺي احساس ۽ فڪر تائين، سادي سهڻي ٻولي ۽ خوبصورت انداز ۾ شاعريءَ جي چونڊ جي لحاظ کان جنهن گهاڙيٽي فهميده کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي ان لاءِ فهميده لکي ٿي”ترجمي لاءِ مون نثري نظم جي چونڊ ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته انگريزي ترجمن ۾ به اها صنف استعمال ڪيل هئي، ڪٿي ڪٿي ٽه سٽا ۽ چوسٽا به ڏنا اٿم.“  ترجمي جي خوبصورتيءَ جي حوالي سان هدايت بلوچ تحرير ڪري ٿو ”ترجمي ۾ ٻولي سٽاءُ رڌم ۽ ان جي موسيقيت کي برقرار رکيو ويو آهي، ڏکين انگريزي لفظن توڙي محاورن کي نج سنڌي لفظ ڏئي شاعرن جي اصل جذبن جي ترجماني اهڙي نموني ڪئي وئي آهي جو ان جي روح ۽ جذبي کي لهس نه آئي آهي.“

شاعريءَ جي هن ڪتاب ۾ ڪمال، فهميده جي مهاڳ پڻ ڪيو آهي. جنهن ۾ هن سنڌي ادب جي گهڻي ڀاڱي شاعرائن جي شاعري سندن تعارف سان گڏ پيش ڪئي آهي ۽ هن تحقيقي مقالي ۾ جتي هن پاڪستان کان پوءِ جي شاعرائن جو تذڪرو ڪيو آهي اتي پاڪستان کان اڳ جي شاعرائن جو به ذڪر آهي. مرکان شيخڻ جنهن جو تعلق سومرن جي دور سان هو. جنهن پنهنجي مرشد قرهيي ڀانڊاريءَ جي شان ۾ شاعري ڪئي:

”ٻيڙو ڦرهيل پير جو
زوران زور ڀريو
لک مبارڪون شيخن کي“

ان کان علاوه ارغونن جي دور جي مائي ساران، جادل جتڻي، شاه لطيف جي دور جي مائي نعمت، انگريزن جي دور جي غلام فاطمہ لعل، ان کانسواءِ نماڻو فقير، ڀڳواني، ڀڳوان داسي راما ٻائي، ڪملا ڪيسواڻي، گوپي هڱوراڻي ۽ سندري ٽهلراماڻي جو به ذڪر ڪيو آهي. سندري ڊي جي ڪاليج جي شاگردياڻي هئي. سندس ڪتاب”لهرون“ پڻ ڇپيو جيڪو پهرين سنڌي شاعره جو مجموعو هو. ۽ ان کانسواءِ مسلمان نياڻين ۾ روشن آرا مغل جو به ذڪر ڪيو آهي. پاڪستان کان پوءِ وارين شاعرائن جو فهيمده تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.

شمشاد مرزا جي حوالي سان هڪ خوشخبري ته گهڻي وقت کان پوءِ سندس شاعريءَ جو مجموعو ”نيڻن لاٿي جهڙي“ ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي چڪو آهي.

ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عربيه نور جو ذڪر ڪونهي جيڪا نذير ناز جي پيٽ ڄائي نياڻي آهي.

دنيا جي شاعر عورتن جي حوالي سان جيڪڏهن جائزو وٺبو ته اسان جي سنڌي عورتن جي  شاعري واريون ساڳيون ڪيفيتون ساڳيا احساس نظر ايندا. ساڳين ئي جذبن جو اپٽار اسان جي سنڌي عورتن جي شاعريءَ ۾ به نظر ايندو. نياڻين جا ڏک، وڇوڙي جا گيت، وطن سان محبت، ثقافتي زندگيءَ جو اپٽار، سماجي ثقافتي تبديليءَ جو ذڪر مطلب ته دنيا جي شاعر عورتن جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيندو ته اها شاعري سنڌ جي عورتن جي شاعري آهي. يونان جي ڇهين صديءَ جي سفيو جنهن ”ٽماس“ جي ڏک کي محسوس ڪيوآهي ۽ ان جو بيان هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:

اسين لوڙهيون ٿا

هيءَ دکي، هن ٻيڙيءَ ۾

انهن اکرن سان ته:

”هن ۾ رک آهي

ننڍي نيٽي ٽماس جي

جنهن کي پَرُ سفيون سان

زوري پوريو ويو هو، اڻ پرڻيل

اونداهي ڪوٺيءَ اندر.

اهڙيءَ طرح فنليئنڊ جي مشهور شاعرِ ۽ لوڪ ڳائڻي پڻ پنهنجي نياڻي سان ٿيندڙ انياءَ جو تذڪرو ڪيو آهي لارن پاراسڪي لکي ٿي ته:

منهنجي ننڍڙي پياري ڌيءَ

ڌرتي تي بي سڌ پيل آهي

منهنجي پکيءَ جا پرڪٽيل آهن

ڪاش آءُ ڄاڻي سگهان

اهو ظالم ڪير آهي؟

هن قسم جي ڪيفيتن جو اظهار عطيه دائود پڻ پنهنجي نظماڻي نثر ۾ ڪيو آهي. جيڪو هن هڪ سچي واقعي کان متاثر ٿي لکيو هو.

اهڙيءَ نياڻيءَ جي سورن جو ذڪر ياسمين کوکر پڻ اهڙن لفظن ۾ ڪيو آهي:

ازل کان عورت رهي آهي مظلوم

نه سمجهيو ويو آهي ڪڏهن به ان کي انسان

مردن سدائين سمجهيو آهي ان کي پنهنجي ملڪيت ۽ ڄاتو آهي ان کي هڪ رانديڪو

ڌيئرن جي ڄمڻ تي

ٿيندو هو ماتم گهرن ۾

۽ دفن ڪيو ويندو هو

جئري ئي انهن کي

چين جي شاعره سائي يين - ٻه سؤ عيسوي جي شاعره لکي ٿي:

هڪ تاتاري سردار کڻائي

زوريءَ مون کي سريت بڻايو

۽ عرش جي ٻئي ڇيڙي ڏانهن نيو

جت ڏاڍا ڏونگر ۽ ڪارا بادل

منهنجي گهر جو رستو روڪين ٿا.

اهڙا احساس اسان کي نور الهديٰ شاهه جي شاعريءَ ۾ به نظر اچن ٿا:

ساڻو ساڻو ساهه

هيءَ ته ڪا ناري آ

ملهه لڳس وچ بازار

ڪنهن سيٺ هٿئون

وڪاڻي آ.

اهڙيءَ طرح وڇوڙي جا گيت پڻ عورتن ڳايا آهن. پنهنجن مردن / مڙسن جا ڏک پڻ سٺا آهن، پر هو پنهنجي ذات ۾ وفا شعار آهن. اهڙا احساس جتي انگلينڊ جي يارهين صدي عيسويءَ جي نامعلوم شاعره جا آهن.

هوءَ لکي ٿي:

آءُ ڏکويل عورت

پنهنجي ڏک ۾ ڳايان ٿي

اهو ڏک اها پيڙا

پنهنجي جنم کان جواني تائين

سٺي اٿم سدائين

اها ڪهاڻي نئين يا پراڻي سمجهو

پر اڄ به سچي آهي دوستو

هن جي دل ۾ الائجي ڇا هو؟

 من جو مير لڪائي، ڪوڙي مرڪ سجائي

مون سان ڪيئي قول ڪيا هئائين

هٿ ۾ هٿ جهلي چيو هئائين

”موت وڇوڙيندو توکان مون کي

ٻئي ڪنهن کي طاقت ناهي“

اهو ماضي هو، پر حال ۾ ڇاهي

دوستي اسان جي، پيار اسان جو

جو اڳ هو اهڙو، ڪجهه به ته ناهي

هن کان دوري هاڻي سهڻي پوندي

حياتي اڪيلي جيئڻي پوندي.

اتي وڇوري جا گيت هندستان جي سنسڪرت جي شاعره

سلا ياتريڪا پڻ پيش ڪيا آهن:

منهنجو ور اهوئي ساڳيو آهي

جنهن منهنجو سڱ ورتو هئو

چانڊوڪيون راتيون به ساڳيون آهن

ونڌيا جي ٽڪرين تان جو واءُ گهلي ٿو

موتئي جي مهڪ سان واسيل آهي

آءُ به اهائي ساڳي آهيان

پر ته به سڀ ڪجهه ساڳيو ناهي

اڄ منهنجي دل تڙپي ٿي

نهرجي ڪپ تي سرجي ٻوڙن لاءِ

جيڪي گواهه هئا اسان جا

۽ ان پيار جي انمول اڻ کٽ گهڙين جا!

شمشاد مرزا، سنڌ جي نامور شاعره پنهنجي تازي ڪتاب”نيڻن لاٿي جهڙي“ ۾ به، وڇوڙو ساڳين احساسن ۾ ڳاتو آهي

وسريو نٿا وسرن،
گڏجي گهاريا جي پل.

بي خواب نيڻ نهوڙيل
ڪئي اچيو اٿل

اک ڇنڀ ۾ ٿيون برباد
ائين نڪو ٿئي شل

سرٻاٽن ۾، سڏڪن پيا
ڪڏهن پرين ته مل

هو ٿيو وڇوڙو جتي
شام کڻي اتي مل

ساعتون سوين ماڪ سيڙهائون
ٽام تان ٿڪجي ڪريو گُل

هڪ طرف جتي عورتن وٽ وچوڙا آهن اتي ڪي عورتون اهڙيون به آهن جيڪي ماضيءَ تي ڳوڙها ڳاڙڻ بجاءِ عورتن  کي اڳتي وڌڻ جو ڏس ڏين ٿيون. نوان رستا نوان پيچرا ٺاهڻ جو گس ڏين ٿيون. انهن ۾ چين جي نائين صديءَ جي يوهئسانچي به آهي. جا پنهنجي پاڙيسري ڇوڪريءَ کي صلاح ڏيندي چوي ٿي:

سچ کان خوف کائي

تون پنهنجي ريشمي ٻانهن سان

پنهنجو منهن لڪائين ٿي

بهار جي راڳ کان ٿڪجي

تون پنهنجو سينگار ڀلائين ٿي.

پنهنجي ڳجهن ڳوڙهن سان

ڇو ٿي تون وهاڻو ڀڄائين

گلن ۾ ڇو پئي ٽٽل دل لڪائين

وڃ وڃي سُنگ يي جهڙوڪو سهڻو ڳول
ان بي وفا کي تون ياد ڪرين؟

جنهن جو موٽي اچڻ توسان ملڻ مشڪل آهي
اهڙين ڪيفيتن جو اظهار زينت ميرجت به ڪيو آهي ته بجاءِ ڪنهن بي وفا کي ياد ڪرڻ جي اڳتي هلجي

ڪجهه قدم اڳتي هلجي

انهن ماڻهن سان

جيڪي سچ جا پوڄاري آهن

وک وک ۾ ڏيئي

هٿ هٿ ۾ ڏيئي

نئون ساٿ جوڙي

رسمون ٽوڙي

منزل ملڻ تائين

آخرت ٿيڻ تائين

پيءُ ماءُ جي محبت جو مظهر هِتِ به نظر اچي ٿو ته هُتِ به. عام طور چيو ويندو آهي. نياڻين کي پيئر وڻندا آهن ۽ پٽن کي مائرون، اهڙي ڪيفيت جو عڪس هنگريءَ جي مارگٽ ڪافڪا (1880 کان 1918) جي شاعري ”منهنجا مٺڙا بابلا!“ ۾ نظر اچي ٿو:

هو چون ٿا ته هن جون وڏيون عجيب اکيون

قيمتي هيرن جهڙيون ۽ نراليون هيون

جيڪي ڏور پولارن ۾ نهارينديون هيون

هو ڪنهن گلن جي ٻاري تي جهڪي

گلن جي خوشبو، نازڪ پنکڙين بابت

اڌ ڏينهن ڳالهائي ٿي سگهيو

هن عورت ۾ صرف ان جو روح ٿي ڳوليو

هن کي شوق هوندوهو

تصويرن، ڪتابن ۽ اڻ لڀ شين ڳولڻ جو

هن جي دستر خوان تي سدا

عجيب رونق رهندي هئي

ڪرسٽل جي قيمتي گلاسن ۾

پراڻي مڌ جي مهڪ مچندي هئي

اهڙن احساسن ۽ ڪيفيتن جو ذڪر شمشاد مرزا پڻ پنهنجي نظم ۾ هن ريت ڪيو آهي

ريءَ ٿنڀي ريءَ ٿوڻي جڳ

لڳي ٿو بابل تو کانسواءِ

نيريون اجهاڳ تنهنجيون اکڙيون

سخن سهڻا ٽڙيل مکڙيون

ور ور پيون مرڪن

ڏيئاٽيون ٿيون جرڪن

چندن چهرو موهيل ماهتاب!

ٿيندو هو جهٽ ترين تي حساب

پل ۾ کُلي ويندو هو ڪتاب

علم ادب رنگ - تصوف

ها تنهنجي وجدان جا معرف
ڪامل هين عامل هين تون
فن هر جو ماهر هين تون
ٽيبل تنهنجي سينگاريل اوئين
موٽي ايندين جيئن وئين.

ان کانسواءِ وطن سان محبت،ثقافتي تبديلي عورت جي عظمت جو تذڪرو دنيا جي ٻين عورتن به ڪيو آهي جهڙوڪ فنلئنڊ جي سويڊش شاعره ايڊٿ سوڊرگران لکي ٿي:

آءُ هڪ ڏاهي عورت آهيان پر ڪوبه مون کي نٿو سڃاڻي

منهنجا دوست به نه!

هو مون بابت غلط رايو رکن ٿا

آءُ ڪا بي همت عورت ناهيان

ڪنهن شڪاري پکيءَ جي چنبن سان

مون بي همتيءَ کي ٽوريو آهي.

عورت جي همت وڌائڻ لاءِ سنڌ جي نور شاهين

پنهنجا ويچار هن ريت بيان ڪري ٿي:

عورت ڪنهن کان گهٽ ته ناهي
مرد تي پيل ڪوڇٽ ته ناهي
ڇو وکريل آهي، لٽ ته ناهي
همت ڪنديئن ملندئي ماڳ
جاڳ سرتي جاڳ!

دنيا جي شاعر عورتن ۽ سنڌ جي شاعر عورتن جي ويچارن ۾ هڪجهڙائي جو هڪ سبب شايد ڊاڪٽر فهميده حسين جي فن پارن جي چونڊ پڻ آهي. ان کانسواءِ مهاڳ ۾ هن شاعر عورتن جي تاريخي پس منظر جو به ذڪر ڪيو آهي. ۽ هي ڪتاب عورتن جي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي. ۽ هدايت بلوچ جي لفظن ۾ ”قبل مسيح کان وٺي دور حاضر جي مختلف ملڪن جي سون شاعرائن کي ترجمو ڪري هڪ هنڌ سهيڙي وري انهيءَ ۾ شروعاتي دور کان وٺي اڄ تائين لکندڙ تقريباً چاليهارو سنڌي شاعرائن جي شاعري ۽ سندن مختصر تعارف کي ساڳئي ڪتاب ۾ يڪجا ڪري ليکڪا ايڏو ته ڪارنامو ڪيو آهي. جنهن سان نه فقط اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي ۾ غير ملڪي ۽ سنڌي شاعري پڙهندڙ شاگردن جي رهنمائي ٿيندي، پر هر پڙهندڙ جي ڄاڻ ۾ واڌارو ايندو.“

فهميده حسين جي هي ڪاوش، نهايت خوبصورت ڪوشش آهي، جنهن ۾ فهميده ڪاميابي ماڻي آهي ۽ هي ڪتاب نه فقط خاص پڙهندڙن لاءِ پر عام ماڻهوءَ لاءِ به پسند جو باعث بڻبو.

 

سهيڙيندڙ: امر سنڌو

هڪ شخصيت 100 سوال: اختر جبين

تعارف: اختر جبين صديقي پاڻ مظهر الحق صديقي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽيءَ جي گهر واري آهي. پاڻ آپا اختر جي نالي سان مشهور ۽ معروف آهي، هن وقت ”انجمن بهبود خواتين“ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄام شورو جي سرپرست اعليٰ آهي. عورتن جي تنظيم ”ميلاپ“ اسلام آباد جي عهديدار پڻ آهي ان کان سواءِ عورتن جي ٻين ڪيترن ئي تنظيمن جي ميمبر پڻ آهي ۽ ڪيترائي پرائمري سطح جا اسڪول سندس سرپرستيءَ ۾ هلندا رهن ٿا.

اختر جبين صديقي هڪ درويش صفت شخصيت آهي. اهوئي سبب آهي جو هر وقت سندس گهرتي مسڪين ۽ لاچار عورتن جا انبوهه نظر ايندا آهن هڪ ڏينهن ڪچهري دوران آپا ڏاڍي حسرت مان چيو، ”ڪاش، سنڌ جي سمورن بي روزگارن کي روزگار ملي.“

آپا جي ڪوشش هوندي آهي ته سنڌ جي نياڻين کي تعليم پرائڻ جي سهولت ملي ۽ اها ڪنهن نه ڪنهن هنر سان سرشار هجي.

نالو گهر ۾ سڏجندڙ؟

اختر.

ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو)؟

28 فيبروري.

شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

حيدرآباد، سنڌ.

شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

اسلام آباد.

شهر جو دل جو شهر آهي؟

اسلام آباد.

شهر جو دل کي نه آڙبو هجي؟

اهڙو ڪو به نه آهي.

زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

ماءُ جي مرڻ تي.

زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

ڪاليج ۾ داخلا وقت.

زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

زندگي خود ڌڻيءَ جي مهرباني آهي.

زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

مائٽن جو پيار (ماءُ جو پيار).

موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

ياد ناهي.

وڻندڙ موسم؟

بهار جي موسم.

ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

موڪل وارو ڏينهن (آچر جو ڏينهن).

ڏينهن جي چوويهن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

شام جو پهر.

فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

سمنڊ ڪناري سج لهڻ جو نظارو.

ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ياد ناهي.

ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

ڪابه نه آهي.

ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

اها خواهش هئي ته وڏي شخصيت بڻجان.

ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

ڪوبه نه.

جوانيءَ جو پهريون احساس؟

..............

جوانيءَ جو پهريون خواب؟

ڪوبه نه.

جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

سڀ پل خوبصورت هئا.

بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

..........

دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سٽ؟

شاهه جو بيت، ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه.

ڏک جي آخري پناهه گاهه؟

پنهنجو گهر.

خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

الحمدالله، ڌڻيءَ جو شڪرانو ادا ڪرڻ.

اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

سج جو غروب ٿيڻ.

اڪيلائي جو احساس؟

ڪوبه نه.

تاريڪيءَ جو احساس؟

بلڪل نه.

گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

ڪم نه پورو ٿيڻ تي پشيماني.

خالي رستن جا احساس؟

ڊپ جو احساس.

قد کان اڀيون ديوارون؟

ارادا مضبوط هجن ته فرق ناهي.

دوستي؟

خوبصورت رشتو.

هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن جي ڪا ياد؟

سٺيون ساٿياڻيون هميشه ياد رهنديون آهن.

دوستن تي ڪا ميار؟

ڪابه ميار ناهي.

پيار؟

بي لوث ۽ پرخلوص جذبو جيڪو امڙ جو ٻچڙن سان هجي، جيڪو ديس سان هجي.

عشق؟

پنهنجي خلقڻهار سان.

پيار جو بي اختيار اظهار؟

جڏهن ٻار سامهون هجن.

پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

جتي پيار هوندو آهي، اتي عذاب ناهن هوندا.

پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

ائين ٿي نٿو سگهي.

ڪلا کيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

پهرين ماءُ، پوءِ گهر وارو.

پهرين مڃتا؟

سٺي استاد هجڻ جي مڃتا.

ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

جيڪا حسد تي ٻڌل هجي.

فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

مضمون، تقريرون.

فني زندگيءَ جي ابتدا؟

..........

سڃاڻپ جو حوالو؟

سماج سڌارڪ.

سڀ کان وڏو نقاد؟

پنهنجو پاڻ

تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

جيڪا سچائيءَ سان ڪجي.

پسنديده شاعر؟

شاهه عبداللطيف ڀٽائي.

پسنديده نثر نگار؟

مرزا قليچ بيگ.

راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

عابده پروين.

وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

منهنجو گهر وارو.

خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

موتيو ۽ چنبيلي.

ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

بهار جي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي.

اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

سڀ هلڪا رنگ.

ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ڪائنات جي خوبصورت آهي.

چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

پهرين ٿورو گوڙ ڪرڻ پوءِ خاموش ٿي وڃڻ.

انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ ڪريو؟

نياز ۽ نوڙت - صبر.

دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

ظلم - ڪوڙ.

پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

فيصلو نه ڪري سگهڻ.

پيڙا جو ڪو پل؟

انسان جي مفلسي ۽ اگهائي.

معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

ڪوڙ ڳالهائڻ يا غلط بياني ڪرڻ.

ڪٽنبي زندگي؟

بهترين.

نفرت؟

ڪنهن کان به نه.

اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟

جيڪو پنهجي غلطي تسليم ڪري.

عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل ڀاري آهي.

عقيدو؟

الله تي ڪامل عقيدو آهي.

عبادت؟

الله تعاليٰ جي عبادت.

وقت؟

انمول شيءِ جنهن جو قدر ڪرڻ  کپي.

موت؟

برحق آهي.

زندگي؟

الله تعاليٰ جو احسان.

هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

قرآن پاڪ.

دل کي ڇهندڙ فلم؟

ڪابه نه.

پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

سوچيو ناهي.

تاريخ جي پسنديده هستي؟

قائد اعظم محمد علي جناح.

سياست؟

اها سياست جنهن ۾ عوام جي ڀلائي هجي.

وڻندڙ سياسي شخصيت؟

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو.

وڻندڙ مشروب؟

ڪافي.

وڻندر اخبار؟

عوامي آواز.

وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

جيئو، اي آر وائي، انڊس ويزن.

پسنديده اداڪارا؟

ڪَاجل.

سواري جيڪا پسند هجي؟

ڪار.

خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

منهنجو ديس سدائين سکيو ستابو رهي.

خواب جيڪو ساڀيا نه ماڻي سگهيو؟

اهڙو ڪوبه نه.

مستقبل جي باري ۾ پلان؟

هميشه چڱي ڪم جي باري ۾ ۽ ٻين جي ڀلائي جي باري ۾ پلان ڪندي آهيان.

ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

اعليٰ تعليم نه حاصل ڪرڻ جو افسوس رهندو.

خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

مسڪين ماڻهن جا مسئلا حل ٿين

آزادي؟

سٺي لڳندي آهي.

ڇڙواڳي؟

سٺي نٿي لڳي.

ڌرتيءَ سان پيار؟

بي حد.

زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڪابه نه.

انساني ڪردار جي سونهن؟

انسان سان همدردي ۽ انسان جي مدد.

انساني روين جو رنگ جيڪو رئاڙي؟

نا انصافي ۽ ظلم.

پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

پنهنجي اصلاح جي لاءِ شڪايت ضروري آهي.

تقدير تي ويساهه؟

معتدل ويساهه.

زندگي جو ڪڙو سچ؟

موت.

زندگيءَ جو اعتراف؟

حقيقت.

ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

سماج سڌارڪ

ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿو؟

جبر ڏاڍ ۽ ظلم تي چڙ ايندي آهي.

پيغام؟

جيئن ته زندگيءَ جي باري ۾ انسان کي ڪا خبر ناهي ۽ ان جو وقت به مقرر ناهي. هر گهڙيءَ کي غنيمت ڄاڻي انسان جي خدمت ڪجي. اٻوجهه ڳوٺاڻن کي تعليم سان گڏوگڏ صحيح رستو ڏيکارجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com