سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :9

 

ريحانه نظير

بنا عنوان

اڄ ھوءَ مون کي ڏاڍي ياد آئي. پر ھوءَ ته مون کان ڪڏھن وسري ئي نه آھي، جو کڻي ياد اچي! پر الائي ڇو اڄ صبح کان وٺي ھوءَ مون کي ڏاڍي شدت سان ياد اچي رھي ھئي. ھن جو نالو ”ليليٰ“ ھو، جيئن ته ھر ماڻھوءَ جي شخصيت تي سندس نالي جو اثر ھوندو آھي، انھيءَ ڪري ھوءَ جيڏانھن به ويندي ھئي اتي ”مجنون“ پيدا ڪندي ھئي. مان ۽ ھوءَ ھڪ ئي پاڙي ۾ رھندا ھئاسين. ھوءَ جڏھن تيار ٿي ڪاليج وڃڻ لاءِ ٻاھر نڪرندي ھئي ته مان کيس پنھنجي در کان بيھي ڏسندو ھئس. اسان جي فليٽ جي بلڊنگ جي گرائونڊ فلور تي دڪان ٺھيل ھئا. انھن ۾ بابا جو ميڊيڪل اسٽور به ھو. جنھن تي بابا پاڻ ويھندو ھو. مان تازو يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪري گھر آيو ھئس. انھيءَ واندڪائيءَ ۾ بابا جي مدد ڪرڻ خاطر اسٽور تي ويھندو ھئس.

ھونئن ته بابا روز چوندو ھو ته ”پُٽ، ٿورو وقت اسٽور تي به ويھندو ڪر“. پر چوندو ھئس ته بابا ٻه ٽي ڏينھن ته مليا آھن، سو آرام ته ڪرڻ ڏيو، پر ھڪ ڏينھن جڏھن مان بابا کي مانيءَ لاءِ اسٽور تان سڏڻ ويس ته ھوءَ اسٽور تان دوائون وٺڻ آئي. ھن جو رنگ صاف اڇو، نڪ سنھو، قد ڊگھو، ھٿ سنھا، پيرن ۾ سينڊل، تمام خوبصورت لڳي رھيو ھئس سڀ کان وڌيڪ سندس زندگيءَ سان ڀرپور سھڻيون چيرايون اکيون. مان ھن کي پھرين ملاقات ۾ ڏسندو ئي رھيس. ھن دوائن جي پرچي منھنجي ھٿن ۾ ڏني ۽ چيو ته: ”جلدي ڪري ھيءُ دوائون ڏيو“.

مان ھن تان نظر ھٽائي، پرچي کي ڏٺم ۽ دوائون دڪان ۾ ڏسڻ شروع ڪيون. مون سلپ مطابق ھن کي دوائون ڏنيون. ھن ھزار رپين جو نوٽ ڏنو، سندس دوائن جي قيمت 600 رپيا ھئي. باقي هن کي 400 رپيا ڏيڻا ھئا. مون وٽ ان وقت ايترا پئسا نه ھئا پر مون ھن کي چيو ته پئسا کليا ڪونه آھن. توھان ترسو ته آءٌ گھران کڻي اچان. پر ھن چيو ته مون کي جلدي وڃڻو آھي. اسان جو گھر ھُو آھي (جيڪو اسان جي اسٽور جي بلڪل سامھون ھو.)

مان شام ڀاءُ کي موڪلي پيسا گھرائي وٺنديس. ھوءَ ائين چئي ھلي وئي. ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ ته ھوا جو ھلڪو ٿڌو وڻندڙ احساس ھو. جنھن کي مون پنھنجي من اندر محسوس ڪيو. ڪا دير مان ھن جي ۽ پنھنجي باري ۾ سوچيندو رھيس. اھو سڄو ڏينھن مان اسٽور تي ويٺو رھيس.

بابا منھنجي اندر اھا تبديلي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، امان کي چيائين ته: ”پُٽھين کي الائي ڪھڙو جادو ڪيو اٿئي جو اسٽور تان اُٿي ئي ڪونه ٿو!“

امان ھڪدم منھنجو پاسو کڻندي چيو ته: ”توھان جي به ڪھڙي ڳالھ ڪجي، جي نه پيو ويھي ته روز شڪايت ڪندا ھئا ته ھي ڇوڪرو سڌرندو ئي ڪونه! ۽ جي ويھي پيو ته به خوش نه آھيو....!؟“ ائين چئي امان رڌڻي ۾ ھلي وئي.

”امان، مان اسٽور تي چانھ پيئندس. وڃان پيو“.

مان جلدي وڃي اسٽور تي ويٺس ته جيئن ھوءَ پئسا وٺڻ اچي ته مان اسٽور تي ھجان!

آخرڪار شام کان رات ٿي وئي، مان مايوس نظرن سان ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ شروع ڪيو ته ھڪ ننڍڙو ڇوڪرو آيو ۽ چوڻ لڳو ته ”ادا صبح منھنجي ڀيڻ توھان وٽ پيسا رھائي وئي آھي، اِھي ڏيو.“

مون پڇيو مانس ”توھان جو نالو ڇا آھي؟“

ھن ٻڌايو ”يوسف“.

۽ توھان جي بابا جو نالو؟

ھن ٻڌايو ”محمد عمر“.

ائين چئي ھو پئسا وٺي ھليو ويو. مون کي ڏاڍي مايوسي ٿي پر وري به ھڪ احساس ھو ته اڄ نه ته سڀاڻي ھن کي ضرور ڏسندس.

اُھا سڄي رات مون صبح ٿيڻ جي انتظار ۾ گذاري ۽ صبح ٿيڻ شرط ئي وڃي اسٽور تي ويٺس. ٺيڪ 8:00 بجي ڏٺم ته ھوءَ سامھون لنگھي وئي. ھن کي ڳاڙھو وڳو پاتل ھو، جنھن ۾ ھوءَ تمام خوبصورت لڳي رھي ھئي ۽ مان ھن کي ايستائين ڏسندو رھيس جيستائين ھوءَ وڃي بس ۾ چڙھي.

مان گھر ويس. امان کان ھن جي باري ۾ پڇيم ته امان ٻڌايو ته ھن جو نالو ”ليليٰ“ آھي ۽ بي. اي ڪري رھي آھي. ”پر ابا تون ڇو ٿو پڇين؟“

”ڇوڪريءَ کي ايڏي ته آڪڙ آھي جو سمجھي ٿي ته دنيا ۾ آھيان ئي ڪا مان...“

”مان جڏھن به سندن گھر ويندي آھيان ته ھوءَ ڪمري ۾ ويٺي ھوندي آھي، پر اٿي ھٿ به نه ڏيندي آھي.“ ” ابا اھا سونھن ڪھڙي ڪم جي جيڪا ماڻھوءَ کي وڏ ننڍائي نه سيکاري!“ امان اِھو چئي ھلي وئي.

پر مون امان جي انھن ڳالھين جي ڪابه پرواھ نه ڪئي. ھينئر منجھند  جووقت ھو. مان وڃي اسٽور تي ويٺس. ھوءَ بس مان لٿي. مون کي پاڻ ڏي ڏسندي ھن ڏٺو ۽ پوءِ کلي پنھنجي گھر ويئي. ائين اسان جي پيار جو سلسلو ڏسڻ ۽ کلڻ سان شروع ٿيو. مان ھاڻي روز صبح جو يارھين لڳي تائين اسٽور تي ويھندو ھئس ۽ منجھند جي مانيءَ لاءِ بابا کي ھڪ وڳي گھر موڪلي وري اچي اسٽور تي ويھندو ھئس. ھاڻي ھوءَ ڪنھن نه ڪنھن بھاني اسٽور تي ضرور ايندي ھئي. ھڪ ڏينھن مون ھن کان فون نمبر ورتو ۽ رات جو ھن سان فون تي ڳالھايو، ائين اسان ھاڻي رات جو روزاني فون تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي ڪچھري ڪندا ھئاسين. ڳالھيون ته الائي ڪٿان اينديون ھيون جو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺنديون ھيون ھڪ ڏينھن ھن ٻڌايو ته امان مون کي فون تي ڳالھائيندي ڏٺو آھي ۽ چوي ٿي ته پڻھين اچي ته ھن کي ٿي ٻڌايان. ھن جو بابا ٻئي شهر ۾ نوڪري ڪندو ھو ۽ ھر ڇنڇر تي گھر ايندو ھو. ھيڏانھن اسان جي گھر جي فون جو بل چار ھزار آيو ته بابا دڙڪا ڏنا ۽ چوڻ لڳو ”مان ته ايترو ڪو نه ٿو ڳالھايان پوءِ فون جو بل ايڏو ڇو آيو؟“

”ھڪ رات مان ليليٰ سان ڳالھائي رھيو ھئس ته امان آئي ۽ چيائين ته اڙي، ڪنھن سان ويٺو ڳالھائين. آءٌ چوان ته پڻھين حق تي ٿو دانھون ڪري! اھو خيال اٿئي ته ايڏا بل ڪير ڀريندو! ھاڻي ننڍڙو ته ڪونه آھين!“ مون امان کي ٻڌايو ته ”مان ليليٰ سان پيو ڳالھايان. امان ھوءَ مون کي تمام گھڻي وڻندي آھي. امان! ڇا، توھان مون لاءِ ھنن سان نه ڳالھائيندؤ؟“ امان ڪجھ دير ڪنھن گھري سوچ ۾ پئجي ويئي، پوءِ چيائين ته ”ابا تون چوين ٿو ته کڻي مان وينديس. باقي ماڻھو سٺا نه اٿئي. پاڻ کي مڙئي ڪجھ سمجھن ٿا.“

 

آخرڪار ٻئي ڏينھن امان ھنن جي گھر ويئي ۽ ھن جي ماءُ کي چيائين ته ادي ليليٰ به ھاڻي ماشاءَ الله جوان آھي. سندس باري ۾ ڪجھ سوچيو اٿئي؟“

”ھا ادي! ليليٰ ننڍي ھوندي کان سندس چاچي جي پٽ کي ڏنل آھي. بس بي. اي. ڪري ته شاديءِ جو سايو ڪنداسين.“

اھا ڳالھ ٻڌي منھنجي ماءُ واپس گھر اچي ويئي. مون کي چيائين ته ”ابا، مون ته توکي پھريائين جھليو ھو، پر تون منھنجي ٻڌين ڪٿي ٿو! ليليٰ سندس چاچي جي پُٽ کي ڏنل آھي ۽ ھاڻي شاديءَ جو سوچين پيا.“

اھا ڳالھ ٻڌي منهنجي اندر ۾ ڄڻ باه ٻري وئي. ايڏي وڏي ڳالهه ليليٰ مون کان ڇو لڪائي؟ آخر ڇو؟ ۽ ڇاجي لاءِ؟  

ان رات مون ھن سان فون تي نه ڳالھايو. صبح جو ھوءَ اسٽور تي آئي ۽ منھنجو موڊ خراب ڏسي چوڻ لڳي ته ”ڪاوڙ ته مون کي اچي جو تنھنجي فون جو سڄي رات انتظار ڪيم ۽ تون وري موڊ خراب ٿو ڪرين!“

مون کي توھان جھڙن ماڻھن سان ھاڻي ناھي ڳالھائڻو.“

”ٺيڪ آھي پر مون کي منھنجو ڏوھ ته ٻڌايو؟“

ھن جي ادا ڪجھ اھڙي ھئي جو منھنجي اڌ ڪاوڙ ته ان وقت ئي لھي وئي، پر وري ساڳي ڳالھ ياد اچي وئي ۽ ان سان گڏ ڏک جو احساس منھنجي منھن تي اچي ويو، جيڪو ھوءَ پروڙي ويئي. سنجيده ٿيندي چيائين، ”ڇا ڳالھ آھي؟ ”توھان ايترا پريشان ڇو آھيو؟“ ”امان، ڪالھ  توھان جي گھر آئي ھئي. ھن مون کي ٻڌايو ته ”تنھنجو مڱڻو ننڍي ھوندي کان ئي تنھنجي چاچي جي پُٽَ سان ٿيل آھي ۽ تو اِھا ڳالھ مون کان ڇو لڪائي؟“ مون کانئس ڪاوڙ مان پڇيو.

”رڳو مڱڻو ئي ته ٿيل آھي نه، شادي ته ٿيل نه آھي جو ايڏو پيو چِڙين، مان ھن سان شادي ھرگز نه ڪنديس.“ ائين چئي ھوءَ پنھنجي گھر ھلي ويئي. رات جو ھن فون تي ٻڌايو ته امان کي چيو اٿم، ته جي منھنجي سؤٽ سان شادي ڪرائيندؤ ته مان زھر کائي پنھنجو انت آڻينديس.“ ھن جي ماءُ سندس پيءُ کي اھا ڳالھ ٻڌائي، جيڪو بنان ڪجھ سوچڻ جي پنھنجي ڀاءُ وٽ ويو ۽ شاديءَ جي تاريخ پڪي ڪري کيس وٺي آيو.

گھر اچي ليليٰ جي ماءُ کي چيائين ته شادي ھن مھيني جي 26 تاريخ تي آھي، جيڪا تياري ڪرڻي اٿئي سان ڪري وٺ.

ليليٰ اھا ڳالھ ٻڌي مون کي فون ڪئي ته مان توسان ٻاھر ڪٿي ملڻ چاھيان ٿي. اُن کان اڳ ته اسان ڪڏھن به ٻاھر نه مليا ھئاسين. مون کي تعجب به لڳو ۽ اندر ۾ اچي وسوسا پيدا ٿيڻ لڳا ته الائي ڇا ٿيندو! رٿيل پروگرام موجب اسين انھيءَ جڳھ تي پھتاسين. ليليٰ سڄي ڏڪي رھي ھئي ۽ مون سان نظر ملائيندي ئي روئڻ لڳي. ڪجھ دير ته ائين ئي منھنجي سامھون روئيندي رھي ۽ پوءِ سڏڪا ڀري مون کي چيائين ته بابا منھنجي شاديءَ جي تاريخ ٻڌي آيو. ھاڻي سڀ ڪجھ توکي ڪرڻو آھي. مان ان شخص سان ڪيئن شادي ڪنديس، جيڪو مون کي صفا نه وڻندو آھي، تون جيئن چوندين، مان تيئن ڪنديس، مھرباني ڪري تون ڪجھ ڪر. مون سندس ھٿ پڪڙيو ۽ چيومانس ته تون فڪر نه ڪر. مان تنھنجي لاءِ ڪجھ به ڪرڻ لاءِ تيار آھيان. تون ھاڻي گھر وڃ متان ڪير ڏسي نه وٺي. پوءِ ھوءَ پنھنجي گھر ويئي ۽ مان پنھنجي گھر آيس. امان سان سڄي ڳالھ ڪيم. امان چيو ته ”پٽ جي پيءُ ماءُ نه ٿا چاھين ته تون ڇا ڪري سگھندين؟“ امان! مان ھن سان ڪورٽ ۾ شادي ڪندس.

امان اھو ٻڌي تپي باھ ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي ته ”ڇا تون پرائي ڄائيءَ کي ڪورٽ ۾ آڻي بيھاريندين؟“ اسين به نياڻين وارا آھيون. ڪير تنھنجي ڀيڻ سان ائين ڪري ته پوءِ تون ڪنھن کي منھن ڏيکارڻ جھڙو رھندين! ڇا، توکي ڪا نوڪري آھي، مائيءَ کي ڪٿان کارائيندين؟ تون ڇا ٿو سمجھين ته تنھنجي ھن عمل کان پوءِ تنھنجو پيءُ توکي گھر ۾ رھڻ ڏيندو. يا وري اھي پاڙي وارا توکي ڇڏي ڏيندا!؟“

ڇا اسان ان ڏينھن لاءِ توکي جوان ڪيو ھو ته ھاڻي اسان پاڙي ۾ ڪنڌ کڻي ھلڻ جھڙا به نه رھون. جيڏانھن وڃون اوڏانھن ماڻهن جا مِھڻا ملن.“ امان جون اھي ڳالھيون ٻڌي مان به سوچ ۾ پئجي ويس. ڇا محبت اھا آھي ته ڪنھن کي بدنام ڪري حاصل ڪئي وڃي. ڇا محبت صرف حاصل ڪرڻ جو ئي نالو آھي؟ نه ائين نه آھي.

محبت صرف محبوب کي سڄي عمر دل ۾ وسائڻ جو نالو آھي ۽ چاھڻ جو نالو آھي، پوڄڻ جو نالو آھي ۽ ياد ڪرڻ جو نالو آھي.

رات جو فون تي مون ھن سان ڳالھايو ۽ کيس انھن سڀني آزمائشن جي باري ۾ ٻڌايو، جيڪي ان فيصلي ڪرڻ کان پوءِ اسان جي زندگيءَ ۾ اينديون.

ھن اھي ڳالھيون ٻڌي چيو ته ”تون بزدل آھين“ ۽ ھاڻي مان ڪنھن به بزدل ماڻھوءَ سان شادي نه ڪنديس. ھاڻي مون سان ڳالھائڻ جي ڪوشش نه ڪجان. ائين چئي فون جو رسيور ايتري زور سان رکيو جو مون کي محسوس ٿيو ته ڄڻ ته رسيور منھنجي منھن تي اچي لڳو!

ان ڏينھن کان وٺي ھن جي شادي ٿيڻ تائين مان اسٽور تي نه ويٺس. اندر ۾ ايڏو ته ڏک ھيم جو ڪا به شيءِ. گھر، ماڻھو، مطلب ته ڪجھ به نه وڻندو ھو. سڄو ڏينھن رات ڪمري ۾ ھن جي تصور ۾ ويٺو ھوندو ھئس. سندس ھڪ ھڪ ڳالھ، سندس ٽھڪ، سندس ناز نخرا، ڏسڻ جو انداز، ايڏا ته ياد آيا جو دل چوي ته ھاڻي وڃان ۽ وڃي کيس ڏسان. پر ائين ڪرڻ منھنجي وس ۾ نه ھو. بلڪل ھن گيت جي ٻولن وانگر ته:

”توکي وسارڻ منھنجي وس ۾ نه آھي مان مجبور آھيان.“

مان اخبارن ۾ انھن جوڙن جو انجام ڏسي ۽ پڙھي چڪو ھئس جن پيار جو پرڻو ڪيو ھو.

26 تاريخ تي ھن جي شادي ٿي وئي. شاديءَ مھل جڏھن ھوءَ ڪار ۾ ويٺي ته ھن ٿورو مٿي نھاريو. سامھون مان بيٺو ھئس. ھن مايوس نظرن سان مون کي ڏٺو ۽ منھنجي اھڙي حالت ڏسي وڌيڪ مايوس ٿي وئي. ھن جي اھا آخري نھار منھنجي دل ۾ گھڙي وئي. گھر اچي مون ايڏو ته رُنو جو ڄڻ لڳي پيو ته اڄ آسمان ڦاٽي پيو آھي، پوءِ ته پل پل ھوءَ ياد آئي. ھوءَ مون کي ائين ڇو ڏسي رھي ھئي! شايد! مون جھڙي بزدل سان پيار ڪرڻ لاءِ افسوس ڪري رھي ھئي. ھاڻي منھنجو ھن شھر ۾ رھڻ مشڪل ٿي ويو. اسٽور تي ويھان ته به اکين ۾ پاڻي ڀرجي اچي. پوءِ مان امان بابا کان موڪلائي نوڪري لاءِ ويس. پنجن ڇھن مھينن جي رلڻ پنڻ کان پوءِ مون کي ھڪ پرائيويٽ نوڪري ملي وئي. مان مھينو پوري ٿيڻ کان پوءِ پگھار وٺي گھر ڏانھن روانو ٿيس. اھي ست مھينا گذري ويا، پر مون کان ليليٰ ھڪ لمحي لاءِ به نه وسري ھئي. ھر وقت ان جي باري ۾ سوچيندو ھئس. منھنجي اندر ۾ ھر وقت عدالت ھلي رھي ھئي.ڇا مون اھو غلط ڪيو يا صحيح؟...

بھرحال مان ڪنھن به نتيجي تي پھچي نه سگھيس. گھر ويندي اُھي ئي ساڳيان خيال اچي رھيا ھئا ته جي ليليٰ رستي ۾ ملي ويئي ته پڪ سان مون کي ڏسي منھن ڦيرائي ڇڏيندي. مان گھر پھتس ته امان ۽ بابا مون سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا. مان ڪجھ دير انھن سان ويھي ڪمري ۾ ھليو ويس. ڪمري ۾ گھڙڻ شرط اھي يادون وري موٽي آيون ۽ مون پنھنجي اندر ۾ ڏک ۽ پيڙا محسوس ڪئي.مان ھڪدم ٻاھر ھليو ويس. اھي رستا، اھي گھٽيون، اھي ماڻھو سڀ موجود ھئا، پر منھنجو من بلڪل خالي ھو، جنھن ۾ ڪوبه خوشيءَ جو احساس نه ھو. مان جيئن تيئن ڪري ٻه ٽي ڏينھن گذاريا، پوءِ گھران موڪلائي ڪپڙن جو ٿيلھو کڻي ٻاھر نڪتس. جيئن ئي روڊ تي پھتس ته سامھون ڪار نظر آئي ۽ ان مان ھڪ ڇوڪري لٿي. ھن مون کي سڏ ڪيو. اھو آواز جيڪو مون ڪيترن مھينن کان پوءِ ٻڌو ھو، ان منھنجي من ۾ ھڪ نئين جذبي جو احساس جاڳايو مان اوھان سان ڪجھ ڳالھائڻ چاھيان ٿي. ائين چئي ھوءَ ھڪ ڀت جي پاسي ۾ بيٺي. مان جلدي اوڏانھن ويس. ھوءَ سدائينءَ وانگر خوبصورت لڳي رھي ھئي. خوبصورت زيور پاتل ھئس، جيڪي ھن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي رھيا ھئا.

مان اوھان جو شڪريو ادا ڪرڻ چاھيان ٿي جو توھان منھنجي غلط قدم ۾ منھنجو ساٿ نه ڏئي، مون کي ھڪ نئين زندگي بخشي آھي، منھنجو مڙس تمام نيڪ ماڻھو آھي، ھو منھنجو تمام گھڻو خيال رکندو آھي. ھاڻي مون کي احساس ٿيو آھي ته خوبصورتي ٻاھر جي نه پر اندر جي ھوندي آھي. چاچي به منھنجو تمام گھڻو خيال رکندي آھي. ھر وقت پئي مون تان اول گھور ويندي آھي. تو واقعي به مون سان سچو پيار ڪيو آھي، جو تو مون کي نه صرف پنھنجي پيءُ، ماءُ جي گھر ۾ عزت ڏياري پر سماج ۾ پڻ، نه ته ھينئر مان ڪنھن کي به منھن ڏيکارڻ جھڙي نه ھجان ھا!...... ھينئر مان پنھنجي پيار تي فخر ڪريان ٿي ته تنھنجو پيار سچو ھو. ”سدائين خوش رھجان.“

ھوءَ اھو چئي ھلي ويئي ۽ مان پنھنجي اندر جي عدالت مان پاڻ کي آزاد ٿيندي ڏٺو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com