ومي سدا رنگاڻي
منھنجي سنڌڙي
عورت وٽ اچڻ چاھيان ٿي سنڌڙي
مان تو وٽ اچڻ چاھيان ٿي.
اھو صحيح آھي ته
مون ڪڏھن تنھنجي گود نه ماڻي
اھو به صحيح آھي ته
ساڌ ٻيلي جي ٻانھن ۾ ٻانھن وجھي
ڪڏھن ڳالھيون نه ڪيون اٿم
اھو سچ آھي ته
ڪنور جي لولي منھنجي ڪنن ۾
ڪڏھن ڪانه پيئي آھي
پو به توسان ملڻ لاءِ بيچين آھيان
آخر تو وٽ اھڙو ڇا آھي
جو تنھنجي ذڪر تي پٿر جي اکين ۾
سنڌو نظر ٿي اچي
توکي مون ڏٺو ڪونھي
ايشور کي به نه
شاھ، سچل، سامي،
سڀيئي منھنجا ”پين فرينڊ“ ٿي پيا آھن
اڇا ٻڌاءِ جي مان توکي خط لکان
جواب ملندو؟
تون جواب ڏيندينءَ؟
ملڻ لاءِ چوندينءَ؟
مان توسان گڏجڻ ٿي چاھيان
منھنجي سنڌڙي!
ـــــــــــــــــــــ
رشمي راماڻي
منھنجو وجود
جنھن ڏينھن
نه ھونديس مان
تڏھن به
منھنجا لکيل اکر ته ھوندا
ڪويتائون به ھونديون.
چنڊ کي نھاريندڙ
چڪور پکي ھوندا
سج ڏانھن منھن ڪري مرڪندڙ
سورج مکيءَ جا گل به ھوندا.
پيار جي سرھاڻ ھوندي
سڪل گلن ۽ پيلن پنن ۾
الماڙيءَ ۾ بند پراڻين چٺين کي پڙھندي
مزو ايندو ڪنھن نئين آکاڻيءَ جو.
مونکي ياد ڪندي
ڪڏھن بيچيني ٿئيئي
ته
ھٿ لڳائجانءِ منھنجي ڪتابن کي
۽
محسوس ڪجانءِ منھنجيءَ دل ڌڙڪن کي.
ـــــــــــــــــــــ
عذره سرور ڪنڌر
ياد توکي اينداسين
ھن دنيا مان جڏھن ھليا وينداسين
من اندر ۾ مچ محبتن جا مچائي وينداسين
چپن تي آڻي مرڪ لڙڪ لڪائي وينداسين
يار توکي ياد ھر پل اينداسين.
ننڊ نيڻن مان ڦٽائي وينداسين
سڀ راز اندر جا لڪائي وينداسين
گھُور اونداھيءَ ۾ محبتن جا
ديپ جلائي وينداسين
يار توکي ھر پل ياد اينداسين.
مرڪن جا موتي سجائي وينداسين
ويرن سان ناتا نڀائي وينداسين
يار توکي ھر پل ياد اينداسين.
سانوڻ جون برساتيون ھجن
يار تارن ڀريون راتيون
بنجي ٿڌي ھير تنھنجي اڱڻ تي گھلنداسين.
***
حميره نور
زماني جي روش
تون منھنجي
بدن جو وارث آھين
مان تنھنجي
بدن جي وارث ھوندي به وارث ناھيان،
تون منھنجو رازدار آھين
۽ مان تنھنجي رازدار ھوندي به رازدار ناھيان.
تون ناراض ٿي
مون کي ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏين ٿو
۽ مان
نه ناراض ٿي سگھان ٿي،
نه توکي ڌمڪي ڏئي سگھان ٿي.
پيارا!
زماني جي رَوش
پاڻ ٻنھي لاءِ ھڪ جھڙي ناھي
تنھن جي لاءِ ته
زماني جو ھر دروازو
ھر وقت ھر ھنڌ
کليل آھي ۽ کليل رھندو
۽ منھنجي لاءِ
بدقسمتيءَ سان
کليل در به بند ٿي ويندا.
ھوا گھلڻ ڇڏي ڏيندي
خوشبو اچڻ ڇڏي ڏيندي
خوشبو اچڻ ڇڏي ڏيندي
دنيا ملڻ ڇڏي ڏيندي
***
اختر افروز شاهه
سُورن جي ڪھاڻي
سورن جي ڪھاڻي نه پڇ مون کان سَکِي!
کلندي کلندي روئي ڏيان نه آءٌ وري.
سورن جي پچار نه ڪر تون سڄڻي
سور نه ٿين وري تھنجا ساٿي
سور ته آھن منھنجون سھيليون
سور ته آھن منھنجا ساٿي
ھي نه ٿين ٿا مون کان پري
ھنن کي آءٌ ڪريان ڪيئن پري
سور ٿي ويندا مون کان سواءِ
اڪيلا وري اڪيلا
ڇا ٿي پيو ”اختر“ دنيا ۾
نه ٿي وري ڪا تنھنجي سکي
سالن کان سورن ڪئي آھي
جا مون سان اھڙي دوستي.
ـــــــــــ
رخسانه سومرو
ڪٿي آ پيار جي آغوش
ڪٿي آ پيار جي آغوش
ھر ھنڌ تنھن کي ڳولھيان ٿي
مان اڄ به ويڳاڻو من کڻي
گھمان ٿي توکي اکين ۾ کڻي.
تون ڇو رسي ويو آن؟
ھڪ ھڪ کان پڇان ٿي
ڪٿي آ پيار جي آغوش.
تنھنجي صورت مون کي اھڙي وڻي
تارا تارا ڄڻ چنڊ پوئي.
مان ڪنھن سان سور سليان
اندر ئي اندر لڇان ٿي
ڪٿي آ پيار جي آغوش.
محبتن جي گھاگھر آيس کڻي
تو به دل جي صدا نه سڻي
بي ڏوھ ويو ڇڏي آن
جدائيءَ جو سبب سوچيان ٿي
ڪٿي آ پيار جي آغوش.
پوڄا جا گل پلوَ ۾ آيس کڻي
تنھنجي چرنن ۾ ويا سڀ ڇڻي
دل ۾ تون ئي ويٺو آن
دل جو مالڪ دربان ٿي
ڪٿي آ پيار جي آغوش.
اٿلائي ته ڏس روح جا ڦٽ کڻي
توکي به مون لئه ٺاھيو ڌڻي
ڏُور ايڏو ڇو ٿي ويون آن
ڏِسُ مان به رسوا ٿيان ٿي
ڪٿي آپيار جي آغوش.
خواب اکين جا تو در ڏنم کڻي
رَبَ کان به ٻي دل اھڙي نه بڻي
تون راجا اِندر آن
مان به مھا سندري ٿيان ٿي
ڪٿي آ پيار جي آغوش
ھر ھنڌ تنھن کي ڳولھيان ٿي.
ــــــــــــــ
زندگي مريم جيئان
عيسيٰ جيان پنھنجي
صليب کي گھليندي رھيس
زندگي مريم جيئان
ماتم ڪندي رھي
وقت جي گھُنجن کي
ورن وڪڙن کي
پوپٽ جھڙا پل
واريءَ جي ذرن جيان
۽ ماڪ ڦڙا
لڙڪن لارن جيان
انھن ڏنگاين کي
انھن وراڪن کي
ڀريندا رھيا
اکيون سدا افق جي
ھن پار ئي ڏسنديون رھيون
منھنجي چوڌاري
ڇا ٿو وھي واپري
سُڌ نه رھي
ڪنھن ڀُليل مسافر جيئان
جڏھن ٿَڪُ ڀڃڻ چاھيم
ڀانيم ته ڄڻ ڪنھن
جسم کي ڪوڪا ھڻي ڇڏيا ھن
۽ وجود مان
وقت جي ڀاڄ
نيسارا ڪري ٿي آ
اندر روح تائين لاچاري
ڪاري رات جي وارن ۾
وچڙي وئي آ
چُرڻ به مشڪل آ
پر! اڳيان اڻ کُٽ
واريءَ جو دڳ آ
۽ پيرن ۾ ته ڇا؟
پورو وجود ڦلوڪڻا آ
پوءِ به!
عيسيٰ جيان پنھنجي
صليب کي گھليندي رھيس،
زندگي مريم جيان
ماتم ڪندي رھي!
ــــــــــــ |