فتح چند مينگھراج آڏواڻي
ميران ٻائي
ڀارت جي ڌرتيءَ ڄائي. جيڪا سچي ڀڳتين ۽ ڌرم جي پوڄارڻ ميران
ٻائي ٿي گذري آھي. سندس جنم اٽڪل 1504ع ۾ نيرٺ ۾
ٿيو، جو سھر بيڪانير جوڌپور جي وچ ۾ آھي. سندس پتا
رتن سنگھ مارواڙ جي راٺوڙ حاڪمن جي نسل مان ھو.
ھوءَ ننڍي ھوندي کان وٺي بلڪل سندر ۽ من موھيندڙ
ھئي ۽ ھن جي ھلت چلت مان ائين پئي معلوم ٿيو ته
ھوءَ ڪا وڏي ڀڳتڻ ٿيندي.
ماءُ جو اثر ٻار تي بلڪل گھڻو ٿئي ٿو. ماءُ ته ٻار لاءِ چقمق جي
مثل آھي. جيئن چقمق لوھ کي ڇڪيو وٺي، تيئن ماءُ به
ٻارن جي روح ۾ گھڙيو وڃي. سندس مثال ئي سون جي
برابر آھن.
چوڻي آھي ته ھڪ چڱي ماءُ سو استادن جي مَٽ آھي، ڪيترا وڏا وڏا
ماڻھو، جي پنھنجن اتم گڻن ڪري مشھور ٿي ويا آھن،
سي فقط انھيءَ ڪري جو سندن مائرون چڱيون ھيون ۽
انھن جو اثر ڏاڍو ھو.
ميران جا اھڙي ڌرمشٽ ۽ پريم ۾ ڀرپور ھئي، سابه پنھنجي سلڇڻي
ماتا جي ئي مثال ڪري.
جڏھن ميران اڃا ٽن ورھين جي ٻالڪ ھئي، تڏھن ھڪ ڀيري ڪنھن وڏي
ماڻھوءَ جي پٽ جي ڄڃ ڏاڍي ڌام ڌوم سان اچي راجائي
محلات جي ڀرسان لنگھي، سڀ ننڍيون وڏيون ڄڃ ڏسڻ
لاءِ محلات جي ماڙيءَ تي چڙھي ويون، فقط ميران جي
ماءُ ڪانه ويئي، ھوءَ پنھنجي پوڄا جي ڪوٺيءَ ۾ وڃي
مورتيءَ جي پوڄا ڪرڻ لڳي ميران ماءُ کي ڪوٺيءَ ۾
گھڙندو ڏسي، رانديڪا ڇڏي پاڻ به اندر گھڙي ويئي،
ٻاھران جو گھوٽ ڏسي آئي ھئي، سو ماءُ کان اچي
ٻاراڻي طرح پڇيائين ته ”امي منھنجو گھوٽ ڪھڙو
آھي؟“ ماڻس پيار سان پنھنجي ھنج ۾ ويھاري مورت
ڏانھن اشارو ڪري، مرڪي چيس ”ڌيءَ تنھنجو گھوٽ
مورمُڪٽ وارو، شيام سندر، بئنسريءَ وارو گرڌر
آھي.“ بس! ھن اڃا اھي اکر ٻڌائي مس ته سچ پچ ائين
سمجھيائين، ته منھنجو گھوٽ گرڌر آھي ۽ اڳيانس منھن
ڍڪڻ لڳي. کيس ائين ڪندو ڏسي ماڻس کان کل نڪري وئي.
ميران گرڌر تي اھڙي موھت ٿي پيئي، جو ھڪ پل به ھن
کان ڌار رھي نه سگھي ۽ سارو وقت گرڌر جي پريم ۾
مگن رھي. ستت ئي ريت موجب ميوا رام جي راجڪمار
ڀوڄراڄ سان مڱايائونس.
جڏھن ميران کي مڱجڻ جي سڌ پيئي تڏھن لڪي ماءُ وٽ آئي، ۽ ھٿ جوڙي
کيس چوڻ لڳي ته ”جيجل ماءُ! منھنجي ڳالھ سڻ، جنھن
مھل کان تو مون کي چيو ته منھنجو گھوٽ گرڌر آھي،
تنھن مھل کان وٺي مون کيس پنھنجو تن من ارپي ڇڏيو
آھي، ھڪ ڀيرو جو مون پنھنجي دل کيس ارپي ڇڏي آھي.
سو ھينئر وري ٻئي کي ڪيئن ڏيئي سگھنديس؟ امڙ
منھنجو پريم گرڌر سان آھي. مان اٺئي پھر ھن جي
پيرن ۾ رھنديس، مون کي دنيا جي خفن ۾ نه ڦاساءِ،
منھنجو اھو توکي عرض آھي ته مون کي نه پرڻاءِ!“
سندس ماءُ پنھنجي ڌيءَ ميران جي اھا ڳالھه ٻڌي عجب ۾ پئجي ويئي،
ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳي ”ميران توکي سڌ به آھي ته تون ڇا
پئي چوين! توکي شاديءَ جي ڪھڙي ڪَل! اھو تنھنجو
ڀلو آھي، اڳُ تنھنجو فرض آھي ته تون اسان جو چيو
مڃين!“
ميران ڪنڌ ھيٺ ڪري نراس ٿي ويٺي، مائٽن کي سمجھائڻ يا پراڻين
رسمن جي خلاف ڳالھائڻ اجايو آھي. تنھن کان سواءِ
ھيل تائين جو شاديءَ جون ڳالھيون ٻولھيون ھليون
ھونديون سو جيڪڏھن منھنجا مائٽ انھيءَ مائٽيءَ تان
ھٿ کڻندا ته سندن بي عزتي ٿيندي.
تنھنڪري مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ، کڻي صبر ڪيائين ھڪڙو پھه دل
۾ پچايائين ته منھنجو وھانءُ ٿئي يا نه، ته به
پنھنجي پياري گرڌر جي پوڄا مور نه ڇڏينديس. ائين
ويچاري، چوڻ لڳي اي سوامي مون تي رحم ڪر ته مان
تنھنجي ئي پوڄا ۾ مگن رھان، ۽ تنھنجي ئي داسي ٿي
گذاريان! سُتت ئي ڪمار ڀوجراج ميواڙ جي راڻي سنگھا
جو پٽ وڏي اٽالي سان نيرٺ ۾ وھانءَ ڪرڻ آيو. جنھن
وقت ڄڃ پئي اچي ۽ ڦيرن ڏيڻ جو وقت آيو. تنھن وقت
ميران ٻائي پنھنجي گرڌر جي پوڄا پئي ڪئي، سندس
مائٽن کيس تمام گھڻو ڏاج ڏيوڻ ڏئي روانو ٿي ڪيو ته
ڏٺئون ته ميران تمام گھڻي اداس آھي. پڇيائونس ته
ڇو تنھنجو منھن لٿل آھي؟ تڏھن ميران ٻائي اچي روئڻ
۾ ڇٽڪي ۽ روئندي روئندي بيھوش ٿي ويئي، سندس مائٽن
سمجھيو ته ھن جو لاڏلو گرڌر آھي. سو ان جي مورتيءَ
کان سواءِ ڪيڏانھن به ڪانه چُرندي، سو ھوش ۾ آڻي
گرڌر جي مورتي ڏنائونس جا ڏسي ھوءَ ڏاڍي خوش ٿي. ۽
ھو ھن جي مورتي کي ڏوليءَ ۾ رکي. پنھنجي ساھري گھر
خوشيءَ سان رواني ٿي. جڏھن ساھري گھر آئي، تڏھن
سسڻس چيس ”ڌيءَ! اٿي درگا جي پوڄا ڪر.“ ھن ھٿ ٻڌي
عاجزيءَ سان چيو ته ”منھنجو گرڌر آھي، سو مان ڪنھن
ٻئي ديوءَ ديوتا جي پوڄا نه ڪنديس. راڻيءَ ھن کي
گھڻو ئي سمجھايو، پر ھوءَ پنھنجي ڳالھه تان نه
لٿي. راڻي اھو ٻڌي حيران ٿي ويئي. چوڻ لڳي ”ڇوڪري،
تون پھرئين ڏينھن منھنجو چوڻ نٿي وٺين ته پوءِ
ڪھڙو ٻوٽو ٻاريندينءَ!“
راڻي جڏھن اھا صورتحال ڏٺي تڏھن تپي باھ ٿي ويو ۽ پنھنجي ننھن
کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ تي ھو، پر راڻي کيس روڪيو ۽
چيائين ته شھر ۾ چؤٻول ٿي ويندو. ماڻھو چوندا ته
اچڻ سان پنھنجي ننھن سان نٿا ٺھن. پر راڻو ھڪ تي
ٿي بيٺو، چيائين ته ھن کي شروع ۾ سبق سيکارجي ته
جيئن اڳتي لاءِ سڌي ٿي ڳلي. تنھنڪري حڪم ڪيائين ته
ميران کي جدا جاءِ ۾ رھايو. جڏھن ميران اھو ٻڌو،
تڏھن ڏاڍي خوش ٿي. چوڻ لڳي مون کي ته پاڻ سڄو
ڏينھن ڪرشن ڪنيئي سان رھڻ جو موقعو ملندو. مون کي
ٻيو ڇا کپي!! ھن گرڌر جي مورت کي ھار سينگار ڪرائي
گل ڦل چاڙھي آڻي پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ رکيو. سارو ڏينھن
ڪڏھن ته ان جي اڳيان ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيھي پوڄا ڪندي
ھئي. ڪڏھن نچندي ھئي، ڪڏھن ساڻس ڳالھيون ٻولھيون
ڪندي ھئي.
ھوءَ ايتري ته خوش ٿيندي ھئي جو ماڻھو سمجھندا ھئا ته ”ھيءَ ڪا
چري ڇوڪري آھي، پر ھن کي لوڪ جي ڪھڙي ڪاڻ؟“ ڪڏھن
ڪڏھن ساڌن سنتن کي پرساد کائڻ چواڻي موڪليندي ھئي
۽ انھن جي خدمت ۾ لڳي رھندي ھئي.
ھڪ ڏينھن سندس نڻان اُڌي ٻائي وٽس آئي ۽ چيائين ته ”پياري
ميران! تون ڏاھي ٿيءُ تو وڏ گھراڻيءَ کي ساڌن ۽
فقيرن سان واسطو رکڻ جڳائي؟ تنھنجي اھڙي ھلت ڪري
تنھنجي ساھرن ۽ پيڪن جي گلا ٿيندي، سو ڀلائي ڪري
انھن تي ڪوبه ٽِڪو نه آڻ.“ ميران جواب ڏنو ته سچن
ساڌن سان رھڻ ۾ ڪئين سالن جا پاپ ڌوپجي ٿا وڃن.
نڀاڳو سوئي آھي، جو سندن خدمت نه ٿو ڪري. منھنجو
من سڪون ۾ آھي ۽ آءٌ صحيح رستي تي پئي ھلان.“
ميران جي گرڌر جي پوڄا ۽ اُن سان محبت وئي وڌندي. ھن کي سُرن جي
سارَ به نه رھي ۽ گھر جو ڪم ڪار به ھن کان وسري
ويو. ھوءَ رات ڏينھن پريم ۾ پنھنجي داسين سان
گوبند جا گيت ڳائيندي ھئي. پيار جا گيت جي ھوءَ
رچيندي ھئي، سي تمام سٺا ۽ وڻندڙ ھوندا ھئا. سي
جتي بيٺا ھوندا ھئا، اتي ئي ڄڻ ته کُپي ٿي ويا. سي
به پريم ۾ مگن ٿي ويندا ھئا. سڀني ٻڌندڙن جي اکين
مان پاڻي وھي ايندو ھو ايڏو سُرور ۽ سوز ھو ميران
جي راڳ ۾!
ميران ته انھيءَ وقت مؤج ۾ اچي ويندي ھئي پر ميران ڪيترو وقت
چتور جي قلعي ۾ بند رھي سگھندي؟ جنھن جي دل ۾
ايشورجو پريم ڀرپور ھو، سا ڪا محلات ۾ بند ٿي
سگھندي؟ ھن کي اِھا ئي آنڌ مانڌ ھئي ته جنھن پريم
مون کي بيوس ڪري ڇڏيو آھي ۽ جنھن جي ڪري مون کي دل
جو سڪون ۽ من جو اطمينان نصيب ٿيو آھي، سو ڇو نه
ٻين سان ونڊي ورھائي ماڻيان. ھوءَ ھڪ ڀيري پنھنجي
داسين سان گڏجي شري ڪرشن مھراج جي مندر ۾ ويئي ۽
اتي پريم سان مڌر گيت ڳايائين، ۽ پريم ۾ ڀرجي سري
ڪرشن مھراج جي مورتيءَ اڳيان پنھنجين داسين سان
گڏجي نچڻ لڳي، جيڪي اتي ويٺا ھئا سي اھو رنگ ڏسي
حيران ٿي ويا ۽ ھوءَ پاڻ ڳائي ڳائي بيھوش ٿي ويئي.
ھن جي داسين ھن کي ھنج ۾ کڻي ھوش ۾ آندو، پوءِ
جڏھن سُرت ۾ آئي، تڏھن گھر موٽي ويئي.
اھڙيءَ طرح ھوءَ سدائين سري ڪرشن مھراج جي مندر ۾ ويندي ھئي ۽
پنھنجي مڌر شبدن سان پريمين جون دليون ڀِڄائيندي
ھئي، جيڪو سندس مٺا لفظ ٻڌندو ھو سو پنھنجي وس ۾
نه رھندو ھو. پاڻھي ان جو پرماتما سان پريم جاڳندو
ھو. جنھن ھڪ ڀيرو ميران جو راڳ ٻڌو ته ان کي ٻي ڪا
به ڳالھ نه ٿي اُڄھي. اھڙيءَ طرح ويجھن توڙي
ڏورانھن ڏيھن مان ھزارين لوڪ ميران جا دل ڀڄائيندڙ
۽ من موھيندڙ گيت ٻڌڻ ايندا ھئا ۽ کيس پرماتما جي
پُورن ڀڳتڻ ڪري سمجھندا ھئا. راڻي کي اھا ڳالھ
بلڪل نه وڻندي ھئي ته ميران مندر ۾ وڃي ڪو گيت
ڳائي، سو ھن کي گھڻو سمجھائڻ لڳو، پر جنھن جي دل
پريم سان ڀرپور، سا ڪٿي ٿي انھيءَ ڳالھ کان رھي!
راڻي پوءِ خيال ڪيو ته ھن کي مارائي ڇڏجي، پر
ميران کي ڪير ھٿ لائي! ھن سڀني ماڻھن جون دليون
پنھنجي مُٺ ۾ ڪري ڇڏيون ھيون. اھي کيس ديوي ماتا
ڪري پوڄيندا ھئا، بلڪ راڻي جي خاص نوڪرن ۽ فوج جي
عملدارن به ميران کي مارڻ کان انڪار ڪيو. لاچار ٿي
راڻي ھن کي کير جي ڪٽوري ۾ زھر وجھي موڪليو ۽
چوائي موڪليائين ته ”ھي امرت اٿيئي، سو پي ڇڏ.“
ميران جڏھن پيالي مان چڪو چکيو، تڏھن سمجھيائين ته
زھر آھي ۽ پنھنجو پاڻ سان ٻولڻ لڳي ته ”ھيءَ دنيا
ھونئن ئي فنا آھي، سو جي سري ڪرشن مھراج جي پوڄا ۾
ناس ٿي ته ڪھڙو ڀولو آھي، جيئن وڻ جو ڦل اڳي پوءِ
ضرور ڪرندو، تيئن آءُ به موھن جي پيرن ۾ وڃي
ڪرنديس ۽ اُتي سچو آرام ملندم. جيئن موتي راڻيءَ
جي ھار ۾ شوڀنيڪ لڳندو آھي، تيئن آءُ به ڪرشن
ڪنيئي جي ڇَٽ ۾ چمڪنديس. دنيا ڪنھن سان نيبھ نه
آھي، مون کي مرڻ جو ذرو به دک نه آھي، پر ھي
منھنجا پريتم! سڀڪو چوندو ته ميران گھڻي پريم ۽
نشچي سان تنھنجي شيوا ڪئي، تڏھن به راڻي کيس زھر
ڏيئي مارايو! انھيءَ ڪري تنھنجي پوڄا گھٽ ٿيندي،
تنھن جو مونکي ڏاڍو دک ٿو ٿئي. ڪير توکي نرڙ تي
چندن جو تلڪ ڏيندو، ڪير ڪنن ۾ ڪنڍل پارائي، گلي م
موتين جو ھار وجھندو ۽ چيلھ تي سوني چيلھڪي ٻڌندو؟
منھنجي سھري ته منھنجي ڪري تنھنجي پُوڄا ئي ڇڏي
ڏني آھي، ٻيا به منھنجي مرتيوءَ کان پوءِ تنھنجي
پوڄا ڇڏي ڏيندا. پر مان ڇو ڳڻتي ڪريان؟ توکي ئي
ٽنھي ڪالن جي سڌ آھي. توئي سڏيو پنھنجي ڀڳتن جي
تڪليفن وقت لڄ رکي آھي، تنھنڪري مان ڇو دک ڪريان؟“
ائين چئي، ميران خوشيءَ سان زھر جو پيالو پي ويئي
۽ يڪتارو کڻي پرڀوءَ جا گيت ڳائڻ ۾ مگھن رھي.
ڪلاڪن جا ڪلاڪ اھڙيءَ طرح گذرندا رھيا. ڏسو پرڀوءَ
جي ڪرپا! اھو زھر جو پيالو ھن کي امرت ٿي لڳو ۽ ھن
جو چھرو اڳي کان به وڌيڪ ٻھڪڻ لڳو.
راڻي کي جڏھن خبر پئي ته ميران تي زھر جو ڪو اثر نه ٿيو، تڏھن
بلڪل نراس ٿيو ۽ ميران جي در تي ھڪ ٻانھي بيھاري
ڇڏيائين، جنھن کي چيائين ته جنھن وقت ميران کي
ڪنھن سان ڳالھائيندو ٻڌين، تنھن وقت ترت مون کي
اچي چتائج. ھوءَ ھميشه ڪو وقت پنھنجي پياري گرڌر
سان لاتيون لوَندي ھئي، سو ھڪڙي ڏينھن جڏھن ائين
ويٺي ڪيائين، تڏھين ٻانھيءَ سمجھيو ته ڪنھن ساڌوءَ
سان ويٺي ڳالھائي. ھن نڪا ڪئي ھم نڪا تم، جھٽ راڻي
کي اچي چتايائين چي ”مھاراج! ھينئر ميران ڪنھن پرش
سان ويٺي ڳالھيون ڪري.“ راڻو امالڪ ترار کڻي
اوڏانھن ويو ۽ ميران کي حڪم ڪيائين ته يڪدم دروازو
کول.
ميران دروازو کوليو، پر راڻي کي حيرت وٺي ويئي، ڇو جو ڏٺائين ته
اندر ميران کان سواءِ ٻيو ڪو به نه آھي. پوءِ
ميران ڏي اکيون ڪڍي پڇيائين ته ”ڪٿي آھي اھو شخص،
جنھن توسان ڳالھيون ويٺي ڪيون؟ ميران گرڌر ڏانھن
اشارو ڪري چيو. سائين منھنجا! اُھو اوھان جي اڳيان
بيٺو آھي. اوھين ديا پالي اُن جو درشن ڪريو.
منھنجي گرڌر کي اوھان کان ڊپ يا لڄ ڪانه ٿي اچي.“
راڻي کي مٿس پوري پرتيت نه آئي. ڪاوڙ منجھان ان
وقت ھليو ويو ۽ ميران کي ناس ڪرڻ جو پڪو پرن ڪري
وڌيڪ پھ پچائڻ لڳو.
ميران جي پريم ۽ ڀڳتيءَ جو ناماچار وڃي شھنشاھ اڪبر جي ڪن رسيو.
ھن بادشاھ کي ڀڳتي ڀاءُ جو گھڻو قدر ھو. ھن جي
ڏاڍي خواھش ٿي ته ڪنھن به صورت ھن ديويءَ جا مڌر
گيت ٻڌان، جن ساري ڀارت ورش کي موھت ڪري ڇڏيو آھي.
تھنڪري پنھنجي پياري مشھور گوَيي ”تانسين“ سان
صلاح ڪيائين ته ڪيئن ميران جو راڳ ٻڌجي. تانسين
چيو ته ”جيئندا قبلا! ٻيو ته ڪو ھلڻ جو چارو ڪونه
ٿو ڏسجي. جي حضور جن جي مرضي راڳ ٻڌڻ جي آھي ته
ويس بدلائي ھندو ساڌو بڻجي اوڏانھن ھلجي.“ بادشاھ
کي اھا صلاح ڏاڍي وڻي ۽ ٻئي ڄڻا ھندو بيراڳين جو
ويس ڪري چتور ويا. نڪو کنيائون سنگي نڪو ساٿي.
اڪيلا ئي نڪري پيا ۽ نيٺ اچي چتور پھتا. پرڀات جو
امرت ويلي ھميشه وانگر ميران مندر ۾ ڳائڻ آئي. ھي
ٻئي به ان مھل مندر ۾ وڃي سھڙيا. جنھن وقت اڪبر
بادشاھ ۽ سندس ڪلاونت، ميران جو منوھر راڳ ٻڌو،
تنھن مھل پاڻ به پريم ۾ گد گد ٿي ويا، چون ته اھڙو
مٺو ۽ دل ڀڄائيندر راڳ اسان عمر ڪونه ٻڌو. جيتوڻيڪ
ٻئي گاني ۾ گوھر ھئا، تڏھن به جنھن مھل ميران جو
مڌر راڳ ۽ ان جو سندر ۽ للڪار ڀريو آواز ٻڌائون،
تنھڻ مھل ھو حيرت ۾ پئجي ويا ۽ ڪو وقت ائين پئي
چاتائون ته اسين ھن پرٿويءَ تي ڪونه آھيون، پر ديو
لوڪ ۾ ڪنھن گندروَ جو عجيب راڳ ٻڌي رھيا آھيون.
بادشاھ گھڻي پريم ۽ سڪ سان ميران جي چرنن تي ڪري
ھٿ جوڙي وينتي ڪرڻ لڳو. ”ھي ديوي! مان تنھنجو داس
آھيان. مون منگتي کي مڪتيءَ جو مارڳ ڏس.“ ميران
چيو ”ھي متر! ھريءَ جو نام سچيءَ دل سان ياد ڪر.
ھو سمرٿ پاڻيھي توکي نھال ڪندو.“ پوءِ اڪبر بادشاھ
پنھنجي ڪپڙن جي اندران ھڪ بلڪل عمدو ۽ قيمتي ھار
ڪڍيو ۽ اُھو ميران کي ڏيئي چيائين ”ماتا! ڪرپا ڪري
ھن داس جي ڀيٽا قبول ڪر ۽ پنھنجي ٺاڪر تي چاڙھ.“
ميران ڏٺو ته ھار بلڪل قيمتي آھي، تنھنڪري وٺڻ جي
نه پئي ڪيائين، ڇو جو سمجھيائين ته متان چوريءَ جو
مال ھجي. چيائينس ”متر! مان سمجھان ٿي ته ھار بلڪل
قيمتي آھي. اوھين سنياسي آھيو، اوھان کي ھي ھار
ڪيئن ھٿ چڙھيو؟ جيڪڏھن ايمانداريءَ سان اھو ھار ھٿ
نه آيو ھجيوَ ته ڀلائي ڪري مون کي نه ڏيو، ڇو جو
ٺاڪر تي اَپوتر ڀيٽا چاڙھڻ اَجوڳ آھي.“
تنھن تي بادشاھ چيو ته ”ماتا! ھي ھار اسان کي جمنانديءَ ۾ اشنان
ڪندي ھٿ لڳو. اسان سمجھيو ته ان کي ٺاڪر تي چاڙھن
بدران ٻئي ڪنھن به ڪارج ۾ آڻن نه گھرجي. تنھنڪري
ھتي کڻي آيا آھيون. ديا پالي اسان جي ڀيٽا انگيڪار
ڪر.“ ميران ھار وٺي ٺاڪر تي چاڙھيو. ھو پوءِ
موڪلائي پنھنجي وطن وريا.
ھيرن جو ھار ميران لاءِ سُورن جو سڳڙو ٿي پيو. شھر ۾ ھار جي
چؤپچؤٿيڻ لڳي. اِھا خبر جڏھن راڻي کي پيئي، تڏھن
ھار گھرائي ورتائين ۽ چڱيءَ طرح پاڻ به تپاسيائين
۽ جواھرين کان به سندس ملھه ڪٿايائين. ھنن ھار جو
ملھ گھٽ ۾ گھٽ ڏھ لک رپيا ڪٿيو. تنھن تي راڻو
ويچار ۾ پيو ته ڪير اھڙو وڌناڍ ۽ داني پرش ھوندو،
جنھن اھڙي قيمتي ڀيٽا آندي ھوندي! جاچ بعد راڻي کي
معلوم ٿيو ته شھنشاھ اڪبر پنھنجي گوَيي سان چتور
جي مندر ۾ آيو ھو ۽ ميران جا شبد ٻڌي ھار ڀيٽا طور
ڏيئي ويو. اِھا وارتا ٻڌندي ئي راڻو تپي باھ ٿي
ويو، چي ھن نَدوريءَ اسان جي اُتم ڪُل تي ڪلنڪ
لڳايو آھي، ھوءَ پل به جيئري رھن جي لائق نه آھي،
ڪنھن به ريت ھن کي پورو ڪرڻ گھرجي. پر ھن جو نالو
ڪير وٺي سگھي؟ جنھن کي چون سو انڪار ڪري ۽ چوي ته
راڻو بيشڪ اسان کي مارائي ڇڏي، پر اسان کان اھڙو
اُگرو پاپ نه ٿيندو. ھوءَ اسان جي ديوي آھي ۽
پيارن کان به پياري آھي.
راڻي پوءِ حڪم ڪيو ته ميران کي محلات مان ڪڍي کيس ڪا جھوپڙي رھڻ
لاءِ ڏيو. اتي به ھوءَ سديو آنند ۾ گذاريندي ھئي،
۽ دنيا جي ڪنھن به پدارٿ جي ھن کي لوڙ ڪانه ھئي.
ميران کي سدائين سَرھو ڏسي راڻو پيو کامندو ھو، سو
ھڪڙي ڏينھن ھڪ ننڍي پيتيءَ ۾ زھري نانگ بند ڪرائي،
ھڪ داسيءَ کي ڏيئي چيائين ته وڃي ميران کي چؤ ته
ھن ۾ ٺاڪر اَٿيئي. داسيءَ اچي ميران کي اھا پيتي
ڏني. ميران جان کڻي پيتي کولي، ته ان جي اندران ھڪ
ڪارو زھري نانگ نڪتو، جنھن ميران کي گھڻيئي ڀيرا
چڪ پاتا، پر ھن تي ذرو به اثر نه ٿيو. ھوءَ پاڻ
اڳي کان وڌيڪ خوش ڏسڻ ۾ آئي ۽ نانگ کي مالھا ڪري
ڳچيءَ ۾ پائي ڇڏيائين
نڀاڳي راڻي کي اڃا به سانت نه آئي. ھڪ ڏينھن جيئن ميران مندر
مان ٿي موٽي، تيئن ھڪ ديوان ھٿان راڻي جو حڪم نامو
مليس، جنھن ۾ لکيل ھو ته تون ڪيئن به پاڻ پورو ڪري
ڇڏ. ميران ديوان کي چيو ته مون کي راڻي جي آگيا
اکين تي آھي. جيڪي استريون ۽ پرش ميران سان ان مھل
ھئا تن سان انھيءَ ڳالھه بابت چپ به نه چورائين،
متان انھن کي ڪجھ دک ٿئي. پوءِ ھوءَ ماٺ ڪري
پنھنجيءَ ڪٽيا ۾ گھڙي ويئي.
رات جو ميران ڀوڄن کائي سمھي پيئي ۽ اڌ رات جو اٿي، بلڪل
غريباڻي پوشاڪ ڍڪي اڪيلي ئي اڪيلي گھر کان نڪري ھڪ
نديءَ جي ڪناري تي آئي. ٻه چار منٽ اتي ترسي، پوءِ
کڻي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنائين ۽ سمجھيائين ته اجھو ٿي
ٻڏان. ھن اھو سارو وقت پنھنجي پياري سري ڪرشن
مھراج کي چت ۾ ڌاريو. اھو درد نسچو ھوس ته جڏھن
ديھه تياڳيندس، تڏھن پنھنجي پياري سان وڃي ملنديس.
ھن کي پھريائين ته خبر ئي ڪانه پيئي ته ڇا ٿو ٿئي.
ٿوريءَ مدت کان پوءِ ھڪ وڏي جوت جو پرڪاش پنھنجي
اڳيان ڏٺائين. ان مھل آڪاش واڻي ٿي ته ”ھي ديوي!
شاباس اٿيئي جو پنھنجي سھري جو چيو مڃُيئي. پر
توکي اڃا وڏو ڪم ڪرڻو آھي. توکي ساري جڳت کي
پنھنجي سندر مثال مان ڏيکارڻو آھي ته سچو پريم ڇا
کي چئجي، ۽ جن کي سچو پريم آھي، سي سديو آنند ۾
آھن. تون گوبند جا گن ڳائيندي رھ، ۽ جيون ۾ اھڙو
پريم اتپن ڪر، جنھنڪري ھو پنھنجي ساري جيوَ سڦلي ۽
سُکي ڪن.“ جوت ته گم ٿي ويئي. ڇا ڏسي ته ڪا شڪتي
مون کي ڪناري ڏانھن ڌڪيندي پيئي وڃي. باقي رات
پاڻيءَ ۾ گذريس. پرڀات جو پاڻ کي نديءَ جي پرينءَ
ڀر ڏٺائين. نڪو جادو ھو، نڪو طلسم. راتوڪي وارتا
چٽي ياد ھيس. پاڻيءَ مان ٻاھر نڪري وستر سڪائي،
ٻنين مان لنگھندي گوبند جا گيت ڳائيندي پئي ويئي.
جلد ئي ھن کي گوالن جا ٻار گڏيا، جن کي چيائين
”پترو! مون کي بندرابن وڃڻو آھي، ديا پالي ڏس ڏيوم
ته ڪھڙي طرف آھي؟“ گوالن جا ٻالڪ ميران جو مٺو
آواز ٻڌي، موھت ٿي پيا ۽ جھٽ کيس کير آڻي
پياريائون ۽ ڳچ پنڌ گڏجي کيس بندرابن جو رستو
ٻڌايائون. جن ڳوٺن مان ھوءَ لنگھي. تن جي رھاڪن جي
دلين تي ھن جي مڌر شبدن جو اھڙو اثر ٿيو جو ھن کي
ڇڏڻ ئي نه پئي ٿين ۽ چيائونس ”ھي ماتا! جيڏانھن
وڃي تيڏانھن ديا پالي اسان کي به وٺي ھل. تو
کانسواءِ اسين ھڪ پل به نه رھي سگھنداسين.“ واٽ تي
ھن کي طرح طرح جا ڀوڄن، مٺايون ۽ ميوا آڻي ڏيندا
ھئا. ھن جو سچو ڀوجن ته ھريءَ جو نام ھو، تنھن ۾
ئي ھوءَ ترپت ھئي. ائين سفر ڪندي ڪندي نيٺ اچي
بندرابن پھتي. رستي ۾ ساڻس سوين ساٿي ٿيا ھئا.
بندرابن ۾ ان وقت ھڪ وڏو سنت ”روپ گوسائين“ نالي رھندو ھو. ھو
وڏو ڀڳت ۽ تياڳي پرش ھو ۽ زال ذات جو منھن به نه
ڏسندو ھو. ھن جو اھو متو ھو ته جي مڪتيءَ جي اِڇا
ھجي ته استريءَ ۽ مايا کان ھميشه دور رھجي. ميران
کي جڏھن اِھا خبر پيئي، تڏھن کيس چوائي موڪليائين
ته ”مھراج! مون کي ته سري گرڌاري لعل کان سواءِ
بند رابن ۾ ٻيو ڪو پُرش ڪونه ٿو ڏسجي. ٻيا جيڪي به
ھت رھن ٿا، سي ان جا پرمي آھن، تنھنڪري اھي ڄڻ
گوڪل جون گوپيون آھن. جيڪڏھن اچانڪ اوھين سري ڪرشن
جي گوپين جي اسٿان تي اچي پيا آھيو ته ترت ئي
اوھين ھتان نڪري وڃو نه ته اوھان جي لاءِ فائدو نه
آھي.“ اھو سنيھو ٻڌي گوسائينءَ کي گھڻي خوشي ٿي.
ھن سھي ڪيو ته ميران بلڪل سياڻي آھي. ھن کيس پاڻ
وٽ گھرايو ۽ گھڻو آڌر ڀاءُ ڪيائينس. ميران
گوسائينءَ جي چرنن تي ڪري پيئي. گوسائينءَ کيس
چيو”پتري، توکي ڇا گھرجي؟“ ميران جواب ڏنو ”پتا،
مون کي موڪل ڏيو ته اوھان جي چرنن ۾ رھي اوھان جا
سندر اپديش سڻي، پنھنجي جيوَت سڦلي ڪريان.
انھيءَ وقت کان پوءِ ميران مندر م گذارڻ لڳي. ماڻھو ائين چوندا
ھئا ته ”روپ گوسائين“ سندس شش آھي، پر ميران چوندي
ھئي ته مان گو سائينءَ جي داسي آھيان.
بند رابن ۾ ميران سمورو وقت پرڀوءَ جي مڌرنام ڳائڻ م رڌل رھندي
ھئي. انيڪ استريون ۽ پرش سندس دل ڀڄائيندڙ ڀڄن
ٻڌندا ھئا ۽ ساڻس گڏ ڳائي پريم م مگھن ٿيندا ھئا.
ھن جي مڌر شبدن جو تاثير اھڙو ھو جو ڪھڙو به سنگدل
سندس شبد ٻڌي موم وانگر ڳري پوندو ھو. جڏھن چتور
جي ماڻھن. کي خبر پيئي ته اسان جي سندر ديوي بند
رابن وڃي نڪتي آھي، تڏھين گھڻا اتي وڃڻ لڳا ۽ درشن
ڪري سندس سندر گيت ٻڌي، نھال ٿيا. ميران جي پريم
جي مھما ايتري قدر ٿي، جو ساري ڀارت ورش ۾ اھڙو ڪو
گھر ڇڊو ھوندو ھو، جتي ھن جا مڌر گيت ڳائڻ ۾ نه
ايندا ھئا. چون ٿا ته جنھن وقت کان وٺي سنتن ۽
ساڌن به اتي وڃڻ بند ڪيو ۽ اتي سخت ڏڪار اچي پيو.
ماڻھو ائين چوڻ لڳا ته اسان جي سندر ديويءَ کي
راڻي ڪڍي ڇڏيو آھي، تنھنڪري ديش جي ھيءَ دردشا ٿي
آھي.
ھاڻي سندس مڙس گاديءَ تي ھو. ھن جڏھين ڏٺو ته منھنجي ساري راڄ
جا ماڻھو ميران جي نالي تي ٻلھار پيا وڃن ۽ انھن
جي اَتي اِڇا آھي ته ميران چتور ۾ موٽي اَچي، تڏھن
پڪو ٺھراءُ ڪيائين ته ڪنھن به طرح کيس منٿ ڪري وٺي
اَچان. راڻو سنياسي ويس ڍڪي پيرين پنڌ بند رابن
ويو. اتي وڃي ڏسي ته ميران مندر ۾ گوبند جا مٺا
گيت ويٺي ڳائي. راڻو ھٿ ٻڌي چوڻ لڳو ”ھي ديوي! مان
بکيا لاءِ تو وٽ آيو آھيان.“ ميران جواب ڏنو ته
”مان پاڻ بيکارڻ آھيان.مان اَوھان کي ڇا ڏيئي
سگھنديس؟ ڪنھن شاھوڪار وٽ وڃو ته اوھان کي ڪجھ
ڏئي.“
تنھن تي راڻي چيو ”ھي سندري! منھنجي سھائتا ڪر.“ ميران چيو ته
”ڪيئن مان اَوھان جي سھائتا ڪريان؟“ راڻي تنھن تي
سنياسڪو ويس لاھي چيو ”ھي پياري! مون تي کميا ڪر.“
ائين چئي ھو سندس چرنن ۾ ڪري پوڻ تي ھو ته ميران
ھن کي سڃاڻي يڪدم مٿي ڪيو ۽ پاڻ راڻيءَ جي پيرن تي
ڪري پيئي ۽ ھٿ جوڙي چوڻ لڳي ”سائين اوھان جي وڏي
ڪرپا، جو مون داسيءَ جي نيٺ سار لڌيوَ.“ پوءِ ٻئي
ھڪ ٻئي ۾ پريم سان گڏيا. ٻنھي جي اکين مان ڳوڙھا
ڳڙڻ لڳا. راڻو پوءِ ڪو وقت بند رابن ۾ رھيو. نيٺ
راڻي جي چوڻ تي ميران چتور آئي. نگر جا سڀ ماڻھو،
ننڍا وڏا، استريون، پرش، ٻار ٻچا کيس ڏسي ڏاڍو گد
گد ٿيا ۽ سڄي شھر ۾ ڏاڍا شادمانا ۽ خوشيون ٿي
وييون. ميران جي موٽي اچن کان پوءِ چتور ۾ سنتن
مھاتمائن وري اچڻ شروع ڪيو ۽ ملڪ ۾ جلد ئي سُڪار
ٿي ويو. ان کان پوءِ ميران ۽ راڻو ڇھ مھينا بند
رابن ۾ ۽ ڇھ مھينا چتور ۾ گذاريندا ھئا.
ميران جو اھو متو نه ھو ته گرھست آشرم ڇڏڻ سان ڪا ايشور جي
پراپتي ٿيندي. ھن جو اھو خيال ھوته ايشور ھر جڳھ
حاضر حضور آھي تنھنڪري ڪٿي به ايشور کي ڌيائڻ سان
مڪتي ملي سگھي ٿي. ھن پنھنجي ڀڄنن مان ھڪ ۾ ظاھر
ڪيو آھي ته ”جيڪڏھن جل ۾ رھڻ ڪري مڪتي ملي سگھي ته
سڀ جل جا جيوَ جنتر مڪتي ماڻين، جيڪڏھن ڦل ڦول تي
گذران ڪرڻ سان گت پراپت ٿئي ته جيڪر باندر ۽ ٻيا
جانور ۽ پکي به گت پائين، جيڪڏھن استري تياڳڻ ڪري
مڪتي ملي ته جن ۾ گرھست ڪرڻ جي شڪتي نه آھي، سي به
جيڪر ڇوٽڪارو حاصل ڪن، پر پرڀوءَ جي پريم ڌاران
ٻئي ڪنھن به جتن سان مڪتي نه ملي سگھندي.“
ڌن آھين ميران! ڌن تنھنجا ماتا پتا، جن توکي ڄڻيو!
تنھنجي جيوت ساري ڀارت ورش لاءِ وڏو آدرش آھي. تون
پريم جي کاڻ آھين! تنھنجا مٺا منوھر گيت اڄ ڏينھن
سوڌو سڀ ڪنھن جي مُک ۾ آھن. ھي ديوي! شل اسين
تنھنجي سندر مثال مان ڪو سبق سکي، ھري پرماتما سان
لنوَ لايون ۽ پنھنجو مانگا جنم سڦلو ڪريون! |