رديف م
27. ڪافي روپ پهاڙي
پير مغان مشهور آ ’بيدل‘، سدا دائم مدام،
صاف صافين سالڪن ۾ عارف هادي مدام.
عشقبازن جي جماعت ۾ سدا هو پيشوا،
معرفت جي موج ۾ ڏس مَئي مَتو مهراڻ عام.
وجد وحدت جو مدامي شاهه کي خمار هو،
شهه موحد حسن جو، هر رنگ هرجا از دهام.
”ارجعي“ جو سڏ ٿيو، سلطان کي ذوالقعد ۾،
سورهين تاريخ هئي، ڪئي رحلت از اشباهه شام.
سال ٻارهن سو اُڻانوي جڏهن اُڀريو صفا،
ڪيائون رحلت جڳت مان، ويا مٿي لاهوت بام.
ٿو ڪري ”بيڪس، گدائي در تنهين جي عشق جي،
دائما ديدار لاءِ ٿو سڪي ”بيڪس“ غلام.
28. ڪافي روپ پورب
عشق انسان جو امام، دين ڪفر سان ڇاهي!
فرقت جان فنا ڪئي، من اندر ماتام...
شهنشاهه پاڻ هيس آءٌ، غمزي ڪيس غلام...
طالب جي تحقيق آءُ، کڻي
گروءَ ڏي
گام...
”بيڪس“ ’بيدل‘ کون لڌي، صحبت
واري مام...
رديف ن
29. ڪافي روپ جوڳ
برهه ڀلي تون آئين، تنهنجا پنڌ پڇايان.
منصور جيهار
ڪيئي
ماريئه،
صوفي صاحب کي نيزي چاڙهيئه،
مرحبا عشقَ آئين، سوليءَ ساهه سَنڀائيان.
ڳل صنعان جي جڻيان پايُوَ،
شيخ عطار جو سِيس ڪَٽايُوَ،
اهو ساڳيو تون آهين، تنهنجو طالب آهيان.
سر برهان جي بار ملامت جو،
شيخ بلاول
تي ٻوجهو
تهمت جو،
رنگ ۾ يار سَمائين، بيرنگي چئه آهيان.
ڪر مقبول مي سر ”بيڪس“ جو،
شاهه منصور جيان هن بيوس جو،
عقل ايمان اُٺائين، اناالحق اَلائيان.
30. ڪافي روپ سورٺ
پاڻ
ڏاڍن سان لنوَ نه لائجي، جنجل جيءُ ڦاسايو
مون.
سڌ نه هُيَڙي ڪا سورن جي، عشق عجيب
اَٺايو
مون...
آءٌ اياڻي نينهن نه ڄاڻان، سورن ساٿ سمايو مون...
”بيڪس“ سان مل مٺڙا اڄ تون، ڏاڍو طلب تپايو مون...
31. ڪافي روپ گجري
جاني اوهان لئه ٿي گوندر گذاريان،
اوهان کي سدائين ٿي ساريان سنڀاريان.
جگر جوش
تنهنجي
جاني جلايو،
ڪو پيالو وصل جو پِرتون پلايو،
سوا يار تنهنجي ڏکيون گهڙيون گهاريان.
جان منهنجي دل کي جدائي جکائي
،
ڪريو ڪا ورڻ جي سِگها يار وائي،
توکي هردم سنڀاريان، نه ڪنهن دم وساريان.
وري وطن پنهنجي سِگها واڳ واريو،
منهنجي دل مُئيءَ کي اچي جاني جيئاريو،
دمدم ڏکن جا هي ڏونگر ٿي ڏاريان.
هي حال ڏس تون
منهنجو،
يار جاني،
پنهنجا قول پاڙج تون، دلدار جاني،
اچو نه ته اجل کي ساهه ٿي سپاريان.
تنهنجو سوز سڪ هي سدائين ٿو ساڙي،
تنهنجو درد ”بيڪس“ کي هردم ٿو ڳاري،
توهان ڪاڻ پلپل
پئي ٿي
پڪاريان.
32. ڪافي روپ ڌناسري
جلي ٿي هيءَ جان، جيڏيون، سڄڻ کي ڪو سمجهائي!
دردن منهنجي دل ۾، يارو، غم ڪيو گهمسان...
ڪاڻ سورن جي آءٌ جو
ڄائي، جوش ڪيو
جولان...
ڏاج ڏنو هو مادر مون کي، سورن جو سامان...
”بيڪس“ دي سر حسن دي حلقي، برهه ڪيو باران...
33. ڪافي روپ گجري
خوني خماري چشمان چُٽِن ٿيون،
ڏسڻ ساڻ عاشق ڪيئي ڪـُّـهن
ٿيون.
اهي ناز پرورديون
نازڪ
نماڻيون
عاشق ڪــُّـهڻ لئه ته شايد ساماڻيون،
تکا تير مزگن جا بيشڪ هڻن ٿيون.
ڏاڍي ناز واريون، نينهن نا نڀائن،
چيو مون کي مرشد، اصل بي وفا هِن،
زوران زورزوري واتوريون وڙهن ٿيون.
تکا تير مزگن جا ابرو ڪماني،
سپر سينو منهنجو آ، هڻ هڻ تون جاني،
اهي ناز واريون ڪڏهن نا مئُڙن ٿيون.
اُهي ڪرن سودو سدائين ٿيون سَرَ جو،
ڏسي طالبو تَوۡ
ڪڏهن ڪين
مُڙجو
،
”بيڪس“ سان بازر ۾ امالڪ اَڙن ٿيون.
34. ڪافي روپ سارنگ
ڏکيا گذاريم ڏينهن، سوا سانگين جي،
عشق جي دهشت عالي
آهي، شوخ
پوي جيئن شينهن...
حسن هزاري، گل گلزاري، حب وارن کي نينهن
...
برهه بهاري ٿي چوڌاري، محبت وٺڙا مينهن...
”بيڪس“ بيوس ٿيو بازر ۾، اوکو نباهڻ نينهن...
35. ڪافي روپ قصوري
ڍڪي جاني! تون سوين جاما، ڪرين
هُل
هنگامان.
درد مندن جي دل ۾، دلبر وڄن درد دمامان...
دلربا، ڏس ڌيان ڌري تون، آتش عشق جي کامان...
اُلا عشق تنهنجي جي ٻاريا، سي ڪڏهن ڪين اُجهاميان...
”بيڪس“ حاصل ڪيون بازر ۾، محبت واريون مامان...
36. ڪافي روپ بروو
ساجنُ سائين، سير ڪرڻ لئه، ٿي آيو انسان.
ڪاٿي ڪافر، گبر، يهودي، ڪاٿي مسلمان...
ڪاٿي مذهب جو مونجهارو، ڪاٿي بي ايمان...
ڪاٿي ”بيڪس“ طالب ٿئي ٿو، ’بيدل‘ پيرمغان...
37. ڪافي روپ گجري
سرتاج صوفين سڀن جو تون آهين،
مدامي مريدن جو حافظ تون آهين.
رندي رمز تنهنجي مٿي عرش ظاهر،
تنهنجو نُور نروار ملڪوت ماهر
،
ساغر صفا جو ڪو پِرتون پلائين.
تون جبروت لاهوت جو آهين رهبر،
تون باهوت هاهوت جو آهين ستگر،
تون سلطان بيرنگ، رنگن
۾
سمائين.
تون معبود، مقصود، موجود هرجا،
تون مَلڪن سندو آهين مسجود، مولا،
تون سرور سچو، صاحب عشق آهين.
تون ميخاني محبت سندو آهين ساقي،
هي مشتاق ”بيڪس“ در جو ميثاقي
،
وحدت وارورستو اسان کي بتائين.
38. ڪافي روپ قصوري
عجب رمزان تون يار لائين ـــ لائين برهه بڇائين.
ليئو لالن تون جڏهن پائين، جبل طور جلائين...
مَلڪ، حوران پريون
حيرت ۾،
سڄڻ سائين سيبائين
...
قاضي رام رام ڪرن ٿا، مُلان نينهون
نچائين...
وري ظاهر ٿي بازر ۾، ”بيڪس“ نام سڏائين...
39. ڪافي روپ ڪلياڻ
مجازي مام اوکِي ٿِي، جــُّـسو جيءُ پانهنجون
گهوريون،
ڏسِي تَوَ تابَ تيزايون، متان منهن يار کون
موڙين،
ڏاڍي ٿِي
عشق ۾
آتش، سڃاڻي واٽ تون ووڙين،
مِٺا محبوب دل پاهڻ، تنهين جي جاءِ چِتون
جوڙين.
خوشيءَ
مون خيال
وحدت سان، دوتائيءَ جو ٽڳو ٽوڙين
،
دليون دلبر جي صورت سان، سڳو وحدت سندو سورين.
خوديءَ کون خيال پنهنجي جا، پري خيما وڃي کوڙين،
”بيڪس“ ’بيدل‘ توسان آهي، اندر ۾ عشق سان اورين.
40. ڪافي روپ سورٺ
منهن نه ڏسان ها مولُ
ئي
تنهنجو،
پر ڄاڻي جي ٿي ڄاتو مون
.
ڪوڙ ڪمائڻ هو جڏهن دل ۾،
لالن لِئڙو ڇو پاتو مون.
درد ڌمالون ڪيون دل اندر،
نازڪ سان لڳو ناتو مون.
عشق آرانڀا ڪيتا اندر،
نازڪ سان لڳو ناتو مون.
عشق آرانڀا ڪيتا اندر،
ڏاڍي سان من ڦاٿو مون.
”بيڪس“، قسمت منجهه قلم جي،
سُر سورن جو ڳاتو مون.
41. ڪافي روپ پهاڙي
ناهه ميار مٺا ڪا اوهان تي، بخت پنهنجي ڏنهُن ٿي
ڀانيان
.
سورهيه ڪيئي وتن
سلهاڙيا،
ناز اڳيان
آءٌ
ناهيان...
دمدم دلڙي ٿي ديواني، ڪنهن کون توکي چوايان...
ڦَٽ
فراقي
چاڪ چِڪن ٿا، ڪنهن کي حال ٻڌايان...
”بيڪس“ جيئي دم جو جئندس، ڳُڻ اوهان جا ڳايان...
42. ڪافي روپ ڪلياڻ
يار سڄڻ تنهنجون ڳالهيون ڳالهيون، وري ياد پيون
پيون.
ڪڏان اسان سان گڏ ٿي گذاريوَ، ڪڏهن وچون وِڌَوَ
ڏاڍيون
،
توڙي ورهيه ٿيا ته به نيون نيون.
اچي اچانڪ دلڙيءَ
اندر،
باهيون برهه جون ٻاليون ٻاليون،
سي ته وسري ڪين ويون ويون.
”بيڪس“ بيوس وٽ آءٌ الله لڳ عجب جو هيون
تنهنجون چاليون،
توڙي ڏنگيون ته به سَنيون سَنيون.
43. ڪافي روپ جهنگلو
يا شاهه ’بيدل‘ برهه جون بهيران،
سڀن سالڪن جو تون آن پير پيران.
سدائِين سنڀاليان
، نه
ڪنهن دم وساريان،
سندو سر هميشه، توکي ٿي سپاريان،
الله لڳ عطائي، ڪريو مير ميران.
ندوري نهايت، ڪئي آ نڀاڳي،
تون هادي هٿون ڏي، هميشه سڀاڳي،
انهيءَ چاهه ظلمت، ڪيئي ٿيا اسيران.
”بيڪس“ بيوس، پِرتيون پڪاري،
تون قادر قلندر، تنهنجي طلب تاري،
کهيل کوهه مون ڪڍ، لڳا تير تيران.
44. ڪافي روپ جهنگلو
وه وه سڄڻ تنهنجون اکيون، جاتي لڳيون، تاتي
ٻَکيون!
زلف آهه زنجير تنهنجو، دامُ واسطي عاشقن،
خال جي داڻي خوشيءَ مؤن تاءُ ڪن ڏاڍيون تَتيون.
وس نه ڪوئي آهه ويچاريءَ جو، جا ڦاٿي دام ۾،
گهُور گهائڻ کون تکيون اُهي سوز مون شايد سِکيون.
ڪربلا ۾ قتل ٿيو، ڏس عشق جو اسرار آهه،
”بيڪس“ بندو برهه جو رکيو سڄن ڏاڍيون لکيون.
رديف و
45. ڪافي روپ سورٺ
اڻڄاڻن سان يارَ جادوگر، ڏاڍي لنوَ ڙي لائين ٿو.
وس نه آهي، بيوس آهيان
، تن من
منجهه تپائين ٿو...
ڏور ڏکن جي مَنَ منهنجي کي، سورن سان تون ساهين
ٿو...
لنو ڙي لائي بيوس ڪري، پانهنجو پاڻ ڇپائين ٿو...
دوست دلاسا ڏئين ٿو اول، پوءِ ڪڏهين ڪين اَلائين
ٿو...
محبت ماريو مسڪينن کي، ”بيڪس“ برهه بڇائين ٿو...
46. ڪافي روپ ڪلياڻ
بنائي ساز صورت جو، ڪهڙا تون لڪ لڪائين
ٿو.
آئين آدم رکي نالو، ڪيئه ڪيڏو ته ڪشالو،
ڪري چشمن سندو چالو، عاشق معشوق ٺاهين ٿو.
”احد“ ۾ ”ميم“ ٿيو مقرر، پنهنجو تون پاڻ ٿئين
دلبر،
ڪري هُل ٿئين وري حيدر، عجب سورهيه سڏائين ٿو.
وري جاني ڍڪي جامون، ڪيوءِ ڪو هُل هنگامون،
وڄائي درد دمامون، پنهنجا پيارا ڪُهائين ٿو
.
صوفي منصور ڪئي ساري، سوريءَ نيزي تي همواري،
بــُّــلا سرمد تي عطاري، پنهنجن جا سر وڍائين ٿو.
روهڙيءَ ۾ رنگ ڪري رَلمل، چائي سِرَ بار، ٿين
”بيدل“،
حسن بازر ڪرين
حاصل،
هاڻي ”بيڪس“ سڏائين ٿو.
47. ڪافي روپ پهاڙي
رمز رنديءَ جو
عجائب
روهڙيءَ ۾ راز هو،
نالي ”بيدل“ بادشاهه، بيشڪ اهو
شهباز
هو.
موج مستيءَ ۾ سدا سلطان سر افزا
هو،
حلاج جي حالت ۾ هردم من خدا ممتاز هو.
پير مغان جي پيش هڪ حقيقت مجاز هو،
همه اوست واري حال ۾ محمود سوئي اياز هو.
درد واري دين ۾ هو وير وحدت باز هو،
عشق جي اوٽار
سان
دلدار دست دراز هو.
هن تماشيگاهه ۾ اڻهٺ جي آواز هو
،
مرضيءَ موجب پانهنجي سئر صفاتي ساز هو.
سال ٻارهن سؤ اڻانوي ۾ سوز گداز هو،
سورهين ذوالقعد جي هاديءَ سندو پرواز هو.
”بيدل“ مرشد منهنجو، سائين غريبنواز هو،
”بيڪس“ خادمَ دَرَ جي کي
عشق جي
آغاز هو.
48. ڪافي روپ سورٺ
مون سان جاني! جادو لايو تو، دام زلف ۾ ڦاسايو
تو.
آءٌ اياڻي، نينهن نه ڄاڻان، محبت مون کي مارايو
تو...
عشق دي آتش ڪيتا آرانڀا
، محبت مچ
مچايو تو...
پاڻون
ڏاڍن سان
پريت نه ٺهندي، ناحق پاند اَڙايو تو...
سچ الايُوَ
يار ٻين
سان، مون سان ڪوڙ ڪمايو تو...
يارَ جادوگر، ”بيڪس“ سان، هَي، وه جو نينهن نڀايو
تو...
رديف هه
49. ڪافي روپ آسا
آهيان پاڻ الله، عشقؤن ٿو عبد سڏايان،
هِتڙي ٻانهون
ٻانهن جو
، هُت هوس
شاهنشاهه...
هِتڙي ماٺو ماٺ وهان ٿو، هُت دهشت جو درياهه...
”الانسان سِرّي و اَنا سرّهُ“، عشاقن آگاهه
...
”بيڪس“ رک تون دل ۾ بلڪل، وحدت جو ويساهه...
50. ڪافي روپ کنڀات
سرتيون هئي ڪا صلاح، منهنجي ماروئڙن ۾.
نيٺ مارو پنهنجو ننگ نه ڇڏيندا، توڙي هجان
بدراهه...
عشق اسان جو رهبر ٿيندو، شل نه ڪندو گمراهه...
مرشد سائين نُور الاهي، آهي
وجهه
الله...
”بيڪس“، ’بيدل‘ توسان بلڪل، هادي هوندو همراهه...
51. ڪافي روپ کنڀات
نت نهاريان راهه، اديون اباڻن جي.
ٻَن عمر جا
باغ
باغيچا، هُت گلزاريون ڪيون گاههَ...
مارئي ماندي قسمت آندي، سانگي ساري ساهه...
جيئري ويڙهيچن وساريو، جا وڻين سا واهه...
”بيڪس“، قسمت قلم وڇوڙيو، اهڙي ڪئي ته الله...
رديف ي
52. ڪافي روپ کنڀات
اباڻن جي اُڪير، راتيون ڏينهن
روئاڙي.
آءٌ هِت ماندي تن مارن ريءَ
، کينئون
پيئن هُو کير،
ساهه سنگهار سنڀاري.
قسمت واري ڪوٽ مون ڪڍ، عمرَ ڄامَ امير،
ڳاراڻو ٿو ڳاري.
اباڻن جي آسري، ميان، لوئي ٿيڙم ليڙ،
پَت پهنور
جي پاڙي.
”بيڪس“ وس ناهي ويڙهيچن جو، توڙي
هــُّـئي تقدير،
ڪير لِکئي کي ٽاري.
53. ڪافي روپ ڪلياڻ
اچي ٿِي راهه ۾ رهبر، قلندر سرّ سبحاني.
تنهنجي وحدت سندو نعرو، لڳو افلاڪ ۾ سارو،
ڏيکاريو عشق جو چارو، تون آهين نُور نوراني.
تنهنجو تابع آهي لاهوت، تنهنجي امر ۾ باهوت،
تون آن مسند نشين هاهوت، ڪرايو سئر صنعاني.
تنهنجي درگاهه آ عالي، تون آن وحدت سندو والي،
پيئاريو پرت جي پيالي، ته ٿيان مشتاق لاثاني.
جسم جنجال آ هستي، ڇڏايو، ڪا ڏيو مستي،
پيئاريو جام الستي، تون آن ساقي سڀن، جاني
.
”بيڪس“ بيشڪ
اُهو جاني، ڍڪي آيو پوش انساني،
سهي ڪج يار سيلاني، ڇڏي ڪفر آئون مسلماني.
54. ڪافي روپ گجري
برهه بازاري
عشق آزاري، هڪ بيقراري، ٻي خلق جي خواري.
مدد شال مون سان ٿر وارا ٿيندا، ڪڍي قيد هِن مؤن
شل نال نيندا،
ڪريان ٿي هميشه جنهين ڪاڻ زاري.
لائڻ نينهن آسان نڀائڻ اوکو، درد عشق ۾
آ جالڻ چوکو،
نيڻن ناز وارن جي رمز نياري.
منهنجا پير مرشد شهنشاهه ’بيدل‘، هي ”بيڪس“ بيوس
پرتو ٿي بلڪل،
عمر ٻاجهون تنهنجي مون گوندر گذاري.
55. ڪافي روپ ڌناسري
برهه ڪئي باندي، ري سڄڻان.
رات ڏينهان آهي تات اوهان جي، دلڙي درماندي...
دمدم دلڙي ڪري
پڪاري،
هوت سان ٿيا هيڪاندي...
”بيڪس“ بيوس بازر دي وچ، قسمت ڪنهن آندي...
56. ڪافي روپ ڪانرو
بيقدران نال ياري، شل ڪنهيندي نه هووي.
درد وڇوڙي يار اُنهين دي
، هوش نيو
هڪواري...
درد مندن جي دل تي، دلبر سائين، بار رَکيوَ ڪو
باري...
ناهي ميار محبوبن تي، عشق اصل آ زاري
...
پوڙي حقيقي لاشڪ هويا، ”بيڪس“ برهه بازاري...
57. ڪافي روپ بسونت
”بيڪس“ سان بيپرواهي، ناهه مناسب، مٺڙا، توکي!
ويس بسونت ۾ ڏنَوَ ڏيکاري، گهَٽِ گهَٽِ تنهنجي
نين
خماري،
شان رکيو تو شاهي.
برهه بسونت کليو چوڌاري، ڪاٿي دام، ڪاٿي ماري،
مند عجائب آئي.
ويکو، سنئيان، يار پيارا، ظاهر باطن نُور نيارا،
شاهه ڪريندا گدائي.
تخت هزاري دا شاهه سيلاني، چاڪ سڏا ڪي آيا جاني،
ڪِٿِ بابل، ڪٿِ مائي.
ويس مَٽاڪي آيا اِٿائين، ڪاٿي ’بيدل‘
مرشد سائين،
رکندا خيال خدائي.
”بيڪس“ بيوس نينهن جو نعرو، هَڻُ تون وحدت کي ڪر
وارو،
عشق عجب هي اِلاهي.
58. ڪافي روپ بروو
ٻاروچل سان، ڙِي جيڏيون، منهنجي شل ڪا رهي رهي.
جان جدائيءَ هيءَ
جلائي،
سور نٿو ساهه سهي سهي...
”مَن طلَبَ شيئاًجَدّ وَجدَ“، ڳوليندڙ ٿو لهي
لهي...
ننگ نماڻيءَ جو توتي آهي، ترت سنڀاليو تهي تهي...
جي ٿِيون وسهو ”بيڪس“ اندر، درد جو دريا وهي
وهي...
59. ڪافي روپ جوڳ
ٻاروچو ٻُڌي ٻاڏايان، شل ڪا مهر ڪري.
ماهون سال ڪيئي گوندر منجهه ٿي گذريا،
ساعت هڪڙي ساهه کون ويڙهيچاڻا
وسريا،
انهن ڪئي دل ڏاڍي، جو وڃي ويٺا پري.
آءٌ شايد هِيس ڌاري، اصلون محبت ماري،
گاموهن سان، جيڏيون گوندر دل تي ٻاري،
دلڙي درد ڀري، من تي باهه ٻري.
سرتيون سور سُڻيو منهن تي هٿ هڻان،
ڏينهن ڏکن ۾، جيڏيون، گهاريندي ٿيم گهڻا،
سورن منجهه ٿي سڙان، من ڪو اوڏانهون وري.
آءٌ هِت هيڪلي آهيان، توهين هُت خوش، ڙي سرتيون،
ماروئڙا ملير ۾ خوش کوٽن ٿا ڌرتيون،
ٻيون پيڪن کي پرتيون، ڀڳل وتن ٿيون پري
.
تنهنجي فراق ڦٽيو، پوءِ ”بيڪس“ ٿيو بيوس،
رَندن تي پيو رڙندو وٺي گاموهن جا گَس،
ناهي طمع مال جي، ماريس
ذوق ذري.
60. ڪافي روپ آسا
ٻانهي ٿي ٻاڪاري، موٽ مٺا ماندي هان.
سوز فراق سور اوهان جو، ماريو ٿو اڃان ماري...
دانهون سڻ تون درد فراق جون، ويهه نه يار وساري...
ناهي لائق لالَن توکي، سُّور جدائيءَ جو ساڙي...
”بيڪس“ بيوس سَگ سڏايو، توکي سدائين سنڀاري...
61. ڪافي روپ ڪانرو
بانڌي ادا، پِرَ کي چئج، باصد ادب سجدو ڪري،
قاصد قريبن کي چئج، باصد نيازون سڏ ڪري:
هيءَ ڪنيزڪ آ ازل کون، در اوهان جي جِي غلام،
ڪر نوازش وصل جي، محبوب تو لئه ٿي مري.
راتيان ڏينهان هڪ تات ۾، وائي هميشه وات ۾،
راڻا گهڻا ئي راڄ ۾، پر تو ريءَ اسان جي نا سري.
اي صبا، چئه تون سڄڻ کي، هڪڙو دم ديدار ڏي،
چُور چيٽڪ تنهنجي ڪَيڙو، شل سوا تنهنجي نا مري.
’بيدل‘ بلاشڪ احمد آ، ”بيڪس“ مٿي جو عهد آ،
نا حياتي نا مماتي، درد فرقت
۾ ڳري.
62. ڪافي روپ ڪانرو
پَل پَل پون ٿا پُور ڙي، سڄڻن سندا سُور ڙي
.
جوشون جگر ويَڙو جَلي، ڪنهن کي سَليان دل جي ڳَلي،
سوريءَ سڄڻ چاڙهيوَ هلِي، جيئن چڙهيو منصور ڙي.
ڪنهن ڳالهه کون ويڙين ڇڏي، گولي نه نِيَئي پنهنجي
گڏي،
هِت هُت آهيان تنهنجي تڏي، چيٽڪ ڪيو آ چُور ڙي.
دمدم سنڀاريان ساههَ سان، جاني جدا ڪيوَ پاڻ
کان،
هَي هَي، نه گهرجي هيئن اوهان،جو ڏِئي درد ويڙين
دور ڙي.
طعنا تنڪا سڀڪو سدا، ڏئي عشق وارن کي، ادا،
مِهڻا ملامت جڳ سندا، سي سڀ مون کي منظور ڙي.
”بيڪس“ مِلايم يار سان، ’هوندي‘
مِٺي منٺار سان،
دلڙي
پنهنجي
دلدار سان، جنهن لئه ٿيس مشهور ڙي.
63. ڪافي
پنهل وٺي ويا ڪري مون سان ڌاڙو،
ڏسو ڏيرن جي اِها ڏاڍائي!
ڀانيم آيا ڏسڻ ڀاڄائي،
اصلون من ۾ ڪا هين مدائي،
مان خوش ٿي ٻڌايو پنهنجو پاڙو،
ته ڀتار منهنجي جا آيا هِن ڀائي.
سنجهي پئي سنڀريا، ڪيئون پئي صلاحون،
مان کڙي هَس خدمت ۾ ٻئي ٻڌي ٻانهون،
سورن ڏنو ٿم ساهه کي ساڙو،
جو وطن وڃڻ جي مون سمجهي نه وائي.
پُٽَ آريءَ جا هُيڙا اَڪابر،
ذات زوراور، جَتَ هئا جابر،
لا غرض تن ڪيو ڪونه لاڙو،
جانب نيائون ڪري ڪا جدائي.
”بيڪس“ ٿو وَسَ ڪري ته وڏائي،
سڪ ته اندر ۾ ٿم سدائي،
راتيان ڏينهان اِيهو ٿَم راڙو،
”مَن طَلَبَ شيئاً“ ملندم جائي.
64. ڪافي روپ بروو
جي تون درسن ڏين هڪواري، سؤ ڀيري صدقي مين ويندي.
گهَٽِ گهَٽِ گهوٽ مون کي تو گهايو، تنهنجي جدائي
جيءُ جکايو،
جي تون دوست ڏئين دلداري، هيءَ مُئي کڙي جو ٿيندي.
ساهه سورن سان سڄڻ سَلهايوَ، ماڻن سا مِٺا جان
جلايوَ،
ڪانُ ڏاڍو هنيوَ ڪاري، جدائيءَ ۾ نه هيءَ
جيندي.
محبوبن جي ڪار ڪــُّـهڻ آهه، عُشاقن جي سمجهه سَهڻ
آهه،
واه سڄڻ تنهنجي ساري، سور نماڻي ناهي سهندي.
دل ۾ درد دکايون دونهيون، سورن سان ٿيون دلڙيون
سُوهيون،
سدا طلب تنهنجي آهه تاري، تو کان بنا هِت نه
رهندي.
”بيڪس“ بيوس عرض ڪري ٿو، عرض پنهنجي جو غرض گهري
ٿو،
مون سان يارَ رکي ٿو ياري، پلپل پٺيءَ تنهنجي
پوندي.
65. ڪافي روپ کنڀات
ڪَڍَ ته پنهونءَ جي پِنِي، شل وڃي ڪيچ مران.
ڏاڍن پنهنجو ڏاڍ ڏيکاريو، ڀڄي ويا ڀينگ
ڀِني...
ننگ ته نماڻيءَ جو بلڪل کڻندا
، ڪُوَڙِي
هان توڙي ڪِنِي
...
دَمَ دَم
دلڙي ڪئي
ديواني،
آيَلِ ڳالهه اِنهيءَ...
ڪانگا، ڪهجانءِ راههِ رَڙي ٿي، هوءَ جا ڇڏيوَ
مُلهه ـــ ڳنهي...
”بيڪس“ بيوس پنهنجي ساٿ کون، ڇا هون ويڙا ڇِني...
66. ڪافي روپ ڪوهياري
ڪميني ڪيچين ڏي، روحاني رڙهندي، رند وٺي وڙهندي
.
ڏاڍا ڏونگر ڏيهه جا، چاڙهيون هي چڙهندي...
ڏيئي باهه ڀنڀور کي، هيءَ سورن ۾ سڙندي...
رهي هيڪاندي راهه ۾
، مرن ۾
مرندي...
”بيڪس“ باهه برهه جي، ڏسي نا ڏرندي...
67. ڪافي روپ آسا
ماريس وڇوڙي، وَر تون، جيءَ جا جيئارا جلدي.
شب روز انتطاري، ڪئي برهه بيقراري،
لک لک ڪريان ٿي زاري، دل جي دوا ڪا ملندي.
مارِي فراق آهيان، ڪو دم جيئري ناهيان،
سڱ تو سان ڪهڙو ساهيان، ٻانهي تو سان ٿي هلندي.
ڪُوڪان ڪريان، پڪاريان، ٻاڏايان ٿي، ٻاڪاريان،
توکي اکين ويهاريان، ڪنهن کي نه سُور سلندي.
”بيڪس“ فقير دانهان، ٻُڌندو الله آهان،
ٻهڳڻ ڏيندو جو
ٻانهان، ٻيا در ڇو پوءِ رُلندي.
|