شڪريه ادائي
مؤلف نهايت خلوص ۽ شڪريه سان انهن صاحبن جا نالا
ڄاڻائڻ فرض ٿو سمجهي، جن کيس پنهنجا ڪتاب ڏنا يا
مواد وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي:
1.
سيد امام علي شاهه، روهڙي
2.
خليفو سبحان بخش، روهڙي
3.
سيد رحيم ڏنو شاهه، ٿرڙي
4.
سيد لکڻ شاهه مرحوم، روهڙي
5.
مسٽر رجب علي مغل، روهڙي
6.
سيد پير ڏنو شاهه، روهڙي
7.
مسٽر جهامنداس ڀاٽيا، شڪارپور
8.
سيد سومر شاهه، روهڙي
9.
مسٽر خيرالدين، روهڙي
10.
قاضي محمد اسماعيل، روهڙي
11.
مسٽر تلوڪچند کتري، روهڙي
12.
مسٽر گورڌنداس، روهڙي
13.
غلام سرور خان پٺاڻ، آرائين
14.
مسٽر لڇيرام ڀاٽيا، بمبئي
15.
مسٽر لطف الله بدوي، شڪارپور
16.
مسٽر عطا محمد ”حامي“، خيرپور
17.
ڊاڪٽر قاضي نبي بخش، روهڙي (حال حيدرآباد)
تخفيفون
غ = قاضي غلام مهديءَ جو نسخو
ع = سيد علي گل شاهه جو بياض
ا = سيد امام علي شاهه جو نسخو
م = الهورايي مهرڪند جو بياض
ڀ = جهامنداس ڀاٽيا جو بياض
ڪ = علي بخش ’ڪمتر‘ جو بياض
ل = لکميچند ڀاٽيا جو بياض
و = ويرومل جو بياض
س = خليفي سبحان بخش، سجاده نشين خانقاهه، جو نسخو
ر = سيد رحيم ڏني شاهه جو نسخو
ج = عطا محمد ”حامي“ جو بياض
ب = لطف الله بدويءَ جو نسخو
افتتاحيه مثنوي
بحمدالله، ڪريان تعريف رب جي،
جنهن جوڙي آهي روزي سڀ جي.
اهو خاوند، صاحب، شاهه، سلطان،
هِتي ظاهر ٿي آيو آهي انسان.
ڪڏهن چيائين جو آهيان واحد پاڪ،
ڪڏهن اَحدؤن احمد ٿي پيو بي باڪ.
”اَنا احمد بِلا ميم“ چيائين،
”فقدرايء الحق“ کي منظور ڪيائين.
چيائين نُور منهنجو ڪل شيء آهه،
سڻج ”بيڪس“ اهو ساڳيو به تون آهه.
الايائين ”خلق آدم ـــ“ يقيناً
” ـــ عليٰ صورتہ“، چيائين ٿي بينا.
ناهه انسان، بيشڪ آهه سبحان،
ناهي هي خاڪ، آهي پاڪ رحمان.
وهم ويڙهيو ادا توکي جو آهين،
جي ٿئين هوشيار، ساڳو نُور آهين.
ڏسو قرآن ۾ جو صاف آهي،
اهو امر شرع جو معاف آهي.
اشارو آهي ”وجهه الله جو“ صاف،
”تُولــّـواثُم“ سڻ تون جي شرع معاف.
ڀلا ’بيڪس‘، سگهو ڪر وِير وارو،
وحدت عشق جو سرّ سمجهه سارو.
توسان ’بيدل‘ ڪندو بيشڪ ڀلائي،
ڪجان ”بيڪس“ سدا وحدت جي وائي.
تنهنجو دلدار مرشد آهه ’بيدل‘،
ڪندو توکي مدامي شاهه خوشدل.
تنهنجو پيرِ مغان بيشڪ آ ’بيدل‘
ڪندو شل دستگيري تنهنجي بادل.
ڏسو، اي طالبو، جو عجب ڪار آهي،
ته ڪيئن منصور برسر دار آهي.
نه خيال آهي، نه وهم جي جاءِ آهي،
مگر ويساهه وحدت لاءِ آهي.
”اناالحق“ چئه درد دل مدامي خود،
ڪڍي ڇڏ تون منجهؤن پنهنجي دوئي بد.
چيو هيئن موج ۾ آ غوث اعظم،
ته ”انـــّا قادري سبحان اعظم“.
ڏسو ڪيئن شمس تبريزي ڏنو پوش،
گنوايائين سڄو ظاهري هوش.
عطاري شيخ چيو هو ”من خدايم“،
ـــ خدايم، من خدايم، من خدايم!
اي ڳالهه نه آهي جو دم زباني،
ڏاڍي مشڪل آهي هيءَ يار جاني.
نه چئو ”بيڪس“ زباني تون ”اناالحق“،
اهو تون درد دل ۾ رک محقق.
جڏهن ٿيندين نفي، اي يار، روزي،
تڏهن اثبات ”اناالحق“ چوندين زوري،
ڀلا ”بيڪس“، سڻج هي حال سارو،
فنا ٿج، پوءِ مارج نينهن نعرو.
تون چئه ”همه اوست“، جمله يار موجود،
يقيناً پسڻ جو مشتاق آهه مقصود.
ناهه موجود ٻيو ڪوئي، مگر يار،
پاڻ ئي عاشق ٿئي ٿو، پاڻ دلدار.
ڪٿي ڪافر سڏائي بيد برهمان،
ڪٿي مسلم پڙهي ٿو ياد قرآن.
چيو پيرِ مغان مون کي هي اسرار،
جو جمله اوست، اي طالب، خبردار.
نه آ ڪا چيز وحدت عشق جهڙي،
نه آ ڪا واٽ وحدت سهل اهڙي.
حديثي را مڪن اطوال ”بيڪس“،
بيان ڪُن حالِ خود را، ناله ڪن، بس.
بتاريخ، چهار ويست رجب،
به سيوستان نشسته بود مغرب.
دوازده نهم نود چهارم بلاشڪ،
بُد آن وقت شہ لاريب و لاشڪ.
چوان تعريف شهباز و قلندر،
حسيني مير مروندي قلندر.
نه هو ٻانهو مگر موليٰ قلندر،
ولي عثمان قطلب الدين قلندر.
ظاهر باطن آهي سلطان قلندر،
به سرتاج الاهي شہ قلندر.
شهي ملڪ، مڪان وا لامڪاني،
صبر ڪن، زاهدا، رمز ابن چہ داني.
بچشمانِ يقين بنگر قلندر،
قلندر نيست، الاهيت قلندر.
ڪوئي طالب سوالي جو اچي ٿو،
بمطلب خويش خوش گشته وڃي ٿو.
آهي سلطانِ ملڪِ جاوداني،
جنهين جي عرش ڪرسي ۾ نشاني.
قلندر آ سچو سرور قلندر،
قلندر ملڪِ سلطاني قلندر.
قلندر شاه شهباز است مخدوم،
ڪند هستي ز طالبان معدوم.
قلندر سرور اوتار و ابدال،
قلندر پير پيران شاهه افضال.
آهي محي الدين سبحان بيشڪ،
نه آ تنهن ۾ فرق لاريب لاشڪ.
آهي مرقد سندن روشن به سيوڻ،
مثل شاهِ نجف جي آهي سيوڻ.
ولادت گاهه آهي سندن مروند،
ناهي ٻيو اهڙو ڪوئي شهر فرخند.
جڏهن منجهه شهر سيوڻ جي قدم پيو،
پڇڻ آيو اُتي درويش هرڪو.
هو هڪڙو غوث، نالي شاهه اعظم،
مُڪو هڪ جام جنهن ۾ کير سالم.
پيالي کير جي ۾ پئسو هڪڙو،
وجهي منجهه جام جي ان موڪليو هو.
چوايائين شاهه شهباز ڏي تان،
’اسان هون کير، تون پئسو، ميان!‘
قلندر شاهه حضرت موڪليو گل،
ڪري داخل انهيءَ ۾ موڪليو ڦل.
’اوهان ڪُل کير آهيو، مان گل،
ائين ترندس جئن منجهه کير جي ڦل،
’اوهان جو ڪو سلامي ڪونه ٿيندو،
سارو عالم پيادو سوار ايندو،
مڙي ايندو خجالت ۾ اوان پير،
جو ختمو ڪونه بخشيندو به ست سير.“
قدم بردار ٿيو پوءِ شاهِ پنج گنج،
بطرف شاهه محمود شڪر گنج.
به ڪوهستان تڪ نعرو هنيائون،
منهن دوران بگورستان مَٽيائون.
ــــــــــ
رديف الف
1ــ ڪافي روپ آسا
پالين ٿو ننگ نماڻن، مرشد مٺا تون مولا!
بيڪار، ڪم جا ناهيون، بدڪار ٿا ڪمايون،
مولا ميٽ تون مدايون، ڪر معاف جهِڪا جهولا.
ديوانه درد ڪياسي
،
بيخودخوديءَ کون ٿياسي،
”موتوا قبل“ جيئاسي
، لاهين
اکين جا اولا.
توريءَ آهيون بيگانا، ديدار لئه ديوانا،
هر جا ڦرون حيرانا، ڪٽ غير جا تون ڀولا.
داتار تون دلاور، آڌار هي گداگر
،
بخشين برهه بهادر، پنهنجي ڪرما جا ڪي تولا
،
تون پير دستگير
منهنجو، مان ”بيڪس“ فقير
تنهنجو،
ٻيو در تڪيون نه ڪنهن جو، گولن سندا هون گولا.
2ــ ڪافي روپ آسا
ڇا کون رسي وئين راڻا
، ڪڏهن
پرچندين پيارا!
احوال ما ببين تو، چين در جبين چنين تو،
گاهي شوي قرين تو، دل جا سڄڻ
سونهارا.
فرياد آهه زاري، تنهنجي فراق ماري،
دلڙي ٿي آ ويچاري، وري ڇو ڪيئه وسارا.
با ديگران نشستي، دست از يتيم شستي،
پيمانه خود شڪستي، ديدارده خدا را.
ڪردي عطا فراقم، شب روز سينه چاڪم،
فرموده هلاڪم، گاهي نما نظارا.
ڳالهيون تنهنجون ٿيون ڳارن، دلريءَ مُٺيءَ کي
مارن،
عينون ٿيون آب هارن، وه وه وِرهه ڪيا وارا.
مخمور دل نماڻي، بيوس
وتان
ويڳاڻي،
اي دل تون ٿي سياڻي، ڪر ڪوڙ کون ڪنارا.
دل بيقرار مسڪين، ”بيڪس“ شده پئي
تسڪين،
غيرت ڪيو آهه غمگين، گاهي ببين تو مارا.
3ـ ــ ڪافي روپ کنڀات
ڪڏهن راضي ٿي ملندين، راڻا!
ڪاڪ ڪوماڻي
، ويل
وهاڻي، ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا...
جاڪون راڻا تون رسي وئين، سختيون سور سماڻا
...
خيالُ خاطر کي ٻيوڪو ناهي، ڄاڻيون توکي ڄاڻا
...
هينئن وسارڻ ناهي لائق، سوڍل يار سياڻا...
توريءَ ڪنهن سان ڪندين
جاني، مئُٺي
مومل
ماڻا...
”بيڪس“ ڇاهي تنهنجي در تي،
وتن وليءَ وڪاڻا...
4ـــ ڪافي روپ جهنگلو
نينهن وارن جي نشاني، جي هوندا سورهيه سچا،
سر ڏيڻ، سوريءَ چڙهڻ، هي آهه مشتاقن مدعا.
سڪ وارا جي، سوز آتش ۾ پيا ڏيئي ٽپا،
خارجي خنزير ملان
، جي مرون
کائي مَتا.
حال ۾ حلاج جي آهن، اُهي ڪوڙا ڪَچا،
دين دنيا دور ۾، آهن ٻيائيءَ جا ٻچا.
شوق جي شمشير سان، لاشڪ سيئي ته شهيد ٿيا،
برهه جي بازار ۾ جن، سِرَ ڏيئي سودا ڪيا.
جان جند قربان ڪئي، بيشڪ انهن
محبوب
تان،
”بيڪس“ خادم ٿيو تنين جو، جي دين مذهب کون
ڇُٽا.
رديف ت
5_ ڪافي روپ پورب
چنڊون چوڏينهن رات، مليس ماروئڙن کي.
درد سڀيئي دور ٿيا، وائي وصل جي وات...
محبت مچ مچايو، عشق عجب اوقات...
”بيڪس“، ’بيدل‘ سان مليو، پرهه ڦٽي پرڀات...
6_ ڪافي روپ سارنگ
سارنگ سير ڪرڻ لئه آيو، برهه
اُٺي برسات.
ڪُوڪ نه سگهدا، جنهن سر آوندا، عشق والا اوقات...
دم دم ڪئُهندا سانون يارو، نينان والا ڪات....
”بيڪس“ عام کون ٿي اولي ۾،
رورو ڏينهان رات...
رديف ر
7_ ڪافي روپ پورب
بيٺا منجهه
بازار، لاهوتي مون لَکِيا.
پيرين پراڻا کرکڻا، زرد سندن رخسار،
ڪنهن نه اُنهان ڪون
لکيا، ساري منجهه سنسار.
بيٺا ها بازار ۾، درسن ڪن ديدار،
سامن کي سهيون ڪري، طالب ڪو تڪرار.
ڏسي هن نڌر کي، ڪيائون تند تنوار،
چمي شامل چاهه سان، پرين جي پيزار.
بخشائون ”بيڪس“ کي، عشق وارو آزار،
سناسين سُڌاريو، ڪريان شڪر هزار.
8_ ڪافي روپ ڪلياڻ
جاني جلويدار، ماهي منصبدار، آيا سجن آيا آيا.
ويرانِي جاءِ اصل کون هُئي، سو ٿيو
باغ بهار...
واه حُسن جون فوجان چڙهيون، شوق وارا ٿيا شڪار...
”بيڪس“ برهه جي واه ڀلائي، سر ٿيو
ڌڙ کون ڌار...
9_ ڪافي روپ پورب
خونيءَ جون خمدار زلفان، زور وڙهن ٿيون.
صاحب صوبا جي هئا،
پِرت ڪيا پينارـــ
اصل اچن عشق ۾ سورهيه ڪي سردار.
هڻن ناوڪ نينهن جا، ڪُهڻ سندن ڪارـــ
بخشن عشافن کي عشق سندو آزار.
”بيڪس“ بخشي برهه ٿو، سورن جو سينگار
ـــ
درد اُهين رخ زرد ڪيا، طالب جي تڪرار.
10. ڪافي روپ آسا
دلربا دلدار يار، ڏس ويچاريءَ ڏي وري.
ياريڪدل ٿيءُ نه ياڪي، خيمو تنهنجو آهي خاڪي،
عشق جا اسرار يار.
تون منهنجو دلدار جاني، تنهنجو يوسف ناهه ثاني،
محبتي منٺار يار.
رهزنن رُليَن رقيبن، وچ وڌو ڦيري فريبن،
ويڙهي ويچاريءَ کي وهار.
”بيڪس“ تنهنجي در گداگر، جاني منهنجا وٺ تون هي
سِرُ،
اي منهنجا غمخوار يار.
11. ڪافي روپ آسا
رازمحرم رُس نه يار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.
حال واقف، يار همدم، هُج هميشه همقدم،
دم نه هڪڙو ٿي تون ڌار.
ڪيئن ڪيئه جاني
جدائي،
مون سان ڇو ڪيئه بيوفائي،
نانءَ مولا جي نهار.
هيءَ رقيبن راهه ماري، تَنَ ۾ تنهنجي طلب طاري،
اکڙيون تنهنجون گل انار.
”بيڪس“ بيوس ڇا ڪري، جو تو لئه دمدم ٿو مري،
تو تون صدقي وار وار.
12. ڪافي روپ پورب
سامي ۾
سنسار رات رسي ٿيا رام سان.
ڪيو سدائين ساميڙن، وحدت جو واپار...
”من خدايم“ دمدم چيائون، عشق جو هي اسرار...
لهه سنڀارون سيگهه ۾، ’بيدل‘ منهنجا ڀتار...
’بيدل‘ نانءَ الله جي، ”بيڪس“ جي لهه
سار...
13. ڪافي روپ پورب
سڀني جو سردار، صاحب سيوهاڻي تون.
ميخاني محبت جو، ساقي تون سالار،
طالب توڙ پهچائئين، تون پنهنجا سڀ پنيار.
هِت هُت هادي آهين، آڙين جو آڌار،
اچي پيا جي آر ۾،سي پهچائئين پار.
جيءَ جُسي ۽ جان ۾، طلب وڄائي تار،
ڪر احساني عشق جي، لهه سڪاين سار.
”بيڪس“ بيوس ڇا ڪري، لڏي ويا غمخوار،
لڳي نوڪ ناز
جي، اندر
آرون پار.
14. ڪافي روپ ڪلياڻ
عشق جهڙو
آزار،
ڪونه ڏٺوسي
جڳ ۾!
دوا درمل ناهه تنهين جو، جيڪي برهه ڪيا بيمار...
ٻئي جهان ٻن ڏنائون، هڪ دوست رَکيائون درڪار...
منصور جها
ڪيئي
مردانا
، سوريءَ
تي هسوار...
”بيڪس“ برهون وچ بازر دي، روئي زارون زار...
15. ڪافي روپ آسا
عشق وارو آزار، وه وه، بخش اسان کي!
پاڻ حبيب پاڻ طبيب، برهه ڪيو هت بيمار...
’بيدل‘ بيشڪ هادي آهي، عشاقن آڌار...
دنيا دين نه آهي گهربو، درد هڪو درڪار
...
ڪاٿي ’بيدل‘ ڪاٿي ”بيڪس“، ڪاٺي گرم بازار...
16. ڪافي روپ ڪلياڻ
قلندر ماڙ ڪر منهنجي، سگهو ٿي راهه ۾ رهبر.
شهي شهباز تون آهين، قلب منهنجي جي ڪٽ لاهين،
اهڙي طاقت ٻئي ڪنهن ناهي، تون آهين احمد سندو
انور.
قلندر لال مروندي، ڪري ٿي عرض هيءَ بندي،
عشق جي بخش خورسندي، وحدت جي سمجهه ڏي، سرور.
قلندر شاهه سيوهاڻي، تون سڀڪجهه حال ٿو ڄاڻين
.
پيارو پِرت جو پاڻي، تون آهين ساقي سندو ڪوثر،
آهيان آءٌ اصل کان
جاهل،
وحدت عشق جو سائل،
محبت سان ڪريو مائل، تون آهين مشڪلڪشا حيدر.
قادر تون، قلندر تون، تون مولا آهين، صفدر تون
،
ڪريم هادي ڀي اڪبر تون، ”بيڪس کي ڪر تون بهري ور.
17. ڪافي روپ پورب
ڪر نه جدائي يارَ، گهوريو وڇوڙو، ور تون.
درياهه درد جو دل ۾، وهي تارون تار
،
ڪر نه مون سان
مامرو،
صورت جا سنيگار.
مِٺا، ماڻا ڇا ڪجن، مُٺن جا
منٺار،
دم ٻه ــ ٽي دنيا ۾، گڏ ٿي يار گذار.
هِت هُت هُج هِنئين ۾، دم نه هِڪو ٿي
ڌار،
”بيڪس“ عشق انڌير ڪيا، غازي عمزيدار.
18. ڪافي روپ ڪوهياري
مدد ڪر ميهار، ڪر ميهار وو، تُرهو کڻي آ تار ۾
.
راتيون ڏينهان روح ۾، تنهنجي تانگهه تنوار، تانگهه
تنوار...
دلڙي ٿي دانهون ڪري، تنهن جي سُڻ ڪُوڪار، سڻ
ڪوڪار...
’بيدل‘ سندي در تي، ”بيڪس“ پيو ٻاڪار، پيو
ٻاڪار...
19. ڪافي روپ ڪلياڻ
مون ۾ ٿي عيب اَپار، ڄاڻيون
سڄڻ
ڄاڻين.
آءٌ اوهان جي اصل کون آهيان، آءٌ هادي هڪوار...
نظر نماڻي عيبن هاڻي، تو ۾ طمعدار...
”بيڪس“ بيوس کي آهي اصل کون، سڄڻ تنهنجي تار...
رديف ز
20. ڪافي روپ بروه
يار سڄڻ جو ڪم اهوئي، ڪاٿي ناز نياز.
ڪاٿي ملان منڪر موذي، ڪاٿي رندي راز...
ڪاٿي ماري، ڪاٿي ڦاهي، ڪاٿي ٿيو شهباز...
ڪاٿي عاشق ٻيرا ٻيرا، ڪاٿي تيرانداز...
’بيدل‘ ڪئي تلقين اهائي، ”بيڪس“ کي بعد مجاز
...
رديف س
21. ڪافي روپ ڌناسري
ڪڏهن پوندءِ قياس، سجنا، محبت ٿي ماري!
دل نماڻي وتي ويڳاڻي، تنهنجي پرت پياس سجنا!
عقل علم، دين مذهب
، نينهن
ڪيو بس
ناس،
سجنا!
اٿندي ويهندي، ظاهر باطن، طلب رکي آهي تاس، سجنا!
”بيڪس“ بيوس جو وس ناهي، ڪيو عشق اُداس، سجنا!
رديف ل
22. ڪافي روپ ڪوهياري
گرو پَسُ گرنار ۾، هئه هئه منهنجو حال، هيڻو حال!
خوديءَ مون کي خراب ڪيو، اَبتر ٿيو احوال، ٿيو
احوال...
هادي، هٿون پانهنجي، ڏي ڪو ڪيف ڪلال،ڪيف ڪلال...
ڪر احساني عشق جي، ٻي سڀ ڪڍ مقال، ڪڍ مقال...
حرف هڪو همه اوست جو، ٻيا سڀ خام خيال، خام
خيال...
’بيدل‘، نانءَ الله جي، پنهنجو بخش وصال، بخش
وصال...
رهبر ٿي
تون راهه
۾، ”بيڪس“، کي برحال، تون برحال...
23. ڪافي روپ ڌناسري
معلوم ٿَئِي سڀ حال، ماهي!
هڪواري تون آءُ اسان ڏي، ڏيک اسان ڏا حال
...
طالب سِر تنهنجي جو آهيان، نٿو گهرجي مال...
”بيڪس“ جيڪا ٿي بات برهه جي، ڪر نه ٻئي کي ڳال
...
24. ڪافي روپ جهنگلو
موج مستيءَ ۾ سدا نيو، سالڪن کي سڪ سبيل.
اٺئي پهر الله ۾ گم ٿيا، اهي عاشق عليل...
دمزنيءَ جي جاءِ ناهي، ڇا ڪندا هِت جبرئيل....
ڪيئي ڇڏي وچ راهه ۾ ويا، اوري اوري عزرائيل...
ڇا وڃي سگهندا ماڳ تنهين ۾ ميڪائيل...
ٻئي ڪنهين جي جاءِ ناهي، ڪيئي جلي ويا هِت خليل...
سمجهه سالڪَ سوز کي، ڪڍ دوئيءَ جا سڀ دليل...
رهه سدا سڪ سوز ۾، ”بيڪس“ جسم کون ٿي رحيل...
25. ڪافي روپ پورب
هاديءَ کي منهنجو حال، معلوم آهي مڙيوئي.
ڏيندو درد فراق مون، عشق سندو احوال...
سُرڪو سوز گداز جو، ڀلو ڪندو ڀال...
”بيڪس“ تنهنجو ’بيدل‘ سان، ٿيندو شل وصال...
26. ڪافي روپ کنڀات
ههڙا
ٿيڙم
حال، سرتيون سانگين ريءَ.
ماندي مارن ريءَ مران ٿي، هو خوش وسن پنهنجي
خيال...
جيئري جدا
ڪئي
ماروئڙن، هي اباڻن حال
...
سَرها
سانگي
وطن وسن ٿا، ڪانه لڌائون سنڀال...
”بيڪس“ ويڙهيچن وساريو، ساعت ڀانيان سال...
|