سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان بيڪس

صفحو :2

نينهن جو نظارو

”دولتِ جلوه جانانه مبارڪ باشد.“ـــ

”آيا ’بيڪس‘ هويا بلبل، ويکو گلشن حسن سارا.“

جيئن بلبل ۽ ڀؤنر گلن جي واس وٺڻ جي تعريف لاءِ خلقيا ويا آهن، تيئن ڪي انسان به آهن، جن جي تخليق جو اصل باعث ته خدا ڄاڻي ڪهڙو هو، پر ظاهري طرح ائين پيو ڀائنجي ته اهي حسن جي تعريف ۽ توصيف لاءِ پيدا ٿيا آهن: ”بيڪس“ به انهن مان هو. پرجن حالتن هيٺ ”بيڪس“ جنم ورتو ۽ جنهن ماحول ۾ هن پرورش پاتي، تنهن سندس انهيءَ خداداد لياقت کي اجاريو ۽ ٺاهيو. سرمو ته هرڪا پائي، پر اک اک جو ڦير. حسن ته هر ڪنهن کي وڻي ٿو. پر ان جي حقيقت جاچڻ ۽ صانع جي صنعت جي ساراهه دلڪش پيرايي ۾ پيش ڪرڻ اگرچ ”بيڪس“ کي ميراث ٿي مليو، پر هن انهيءَ جو صحيح استعمال پڻ ڪيو. چون ٿا ته سهڻن لاءِ ايتري سڪ ۽ پياس هوندي هيس، جو سندن ديداربازيءَ مان ڍاپندو ئي ڪونه هو. ڪيترن حسينن سان نينهن جو ناتو ڳنڍيائين. روايت ٿا ڪن ته پهريائين پهريائين هڪڙي ڪرپارام نالي نينگر تي نظارو پچايائين. پر ان جي ڪنهن به شعر ۾ تعريف ڪانه ڪئي اٿس. ممڪن آهي ته اهڙا ٻيا به هجن، جن جو ذڪر نه ڪيو هجيس، پر ڪن جا نالا پنهنجي شعر ۾ آندا اٿس. مثلاً:

”هيرا“! سدا تون هوندين، جيءَ جا جيارا جاني،

 هڪ دم نه ڌار ٿي تون، اي ماهه بدر ثاني.

ــــ

ڌيري ڌيري چل، ڙي ”ديا“!

ــــ

”موهن“ ماهي تون هين مٺڙا،توجيها مَين ڪوئي نهين ڏٺڙا،

ڪيهي گناهون تون مَين ڪنون رُٺڙا، ڪيهي سبب چِت چاوين چاوين.

ــــ

”بيڪس“ ملايم يار سان، ”هوندي“ مٺي منٺار سان،

دلبر پنهنجي دلدار سان، جنهن لئه ٿيس مشهور ڙي.

پر سندس ساهه جو سهارو ساجن ۽ جيءَ جو جيارو جاني ”ڪنيّو“ هو، جنهن سان ايتريقدر محبت هوندي هيس جو ان کان هڪ پل به جدا رهي نه سگهندو هو. فرمائي ٿو:

حالَ واقف يارَ همدم، هَج هميشہ همقدم، دم نه هڪڙو ٿيءُ تون ڌار،

آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

صبح کان شام تائين، برهه ۾ بيراڳي، گهٽيءَ گهٽيءَ ۽ بازار ۾ مست ۽ ديوانو پيو هلندو هو. فرمائي ٿو:

ڪاڻ ڪَنيّي وچ بازار، ”بيڪس“ ويکو بَردا يار.

بعضي، نازڪري، کيس حڪم ڪندو هو ته ’اڄ شام جو ٻيٽ تي اِٽي ـــ ڏڪر کيڏنداسون‘، ته فقير صاحب انتظار ۾ مقرر وقت تي اُتي بيٺو هوندو هو. مطلب ته

اسين ايوين ڪرون، جيوين رِيجهه رهين.“

ڪنيّي تي ايتري قدر اڪن ڇڪن هو جو سندس نالي جي اکرن سان توشيح لکي اٿس:

(ڪافي روپ بروو)

وه وه يار ديان ڇيريان ڇمڪن، قال ڳيا ٿيا حال.

(ڪ) ـــ ڪانهڪ ٻيلي، ويلي ڪُويلي، مينهان چُريندا شاهه سويلي،

ويک جوڳي دا جمال.

(ن) ـــ نُور نيارا ظاهر ذاتي، سير ڪري وچ شهر صفاتي،

عجب اوهيندي چال.

(ي) ـــ ياد هميشہ سانون سانول، ٻاجهون سهڻي دي جيوڻ جنجل،

سڪندي ٿيا ٿَم سال.

(هه) ـــ هيرويچاري ڪاهل هوئي، وچ فراقين مائل هوئي،

درس دا ڪريندي سوال.

(ل) ـــ لاابالي ويک سڄڻ دي،جند جان مَيڏي تڙڦندي،

جلوه جمال جلال.

(ع) ـــ عين بيرنگي رنگ ۾ آيا، تخت هزارا جهنگ مين آيا،

خوب سڄڻ دا خيال

(ل) ـــ ”ليس في الدارين اِلاّهو“، ”بيڪس“ بلبل گُل دي گهن بو،

پيو عشق دا ڪيف ڪلال.

وقتي سندس فراق ۾ دل جي اجهل درد ۽ سوز مان چوي ٿو:

”ڪنيي ڪون ڪوئي سمجهاوي، ميري اس شام دل لُٽي“

وري ٻئي هنڌ چوي ٿو:

”ڪنيا ڪول آ ميري، اتنا ماڻ ڪيا ڪرنا.“

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن ”بيڪس“ کي ڪنيّي رستي تي چيو ته اوهين هت ترسو ته مان جهٽ ٿو اچان. محبوب جو چوڻ، سو ئي معشوقانه انداز ۾، وري فقير صاحب جهڙي پاڪباز ماڻهوءَ کي، سو ويچارو امر ۽ انتظار ۾ بيٺو رهيو. ڪنيَّو نه اچڻو هو، نه آيو، پر انهيءَ دل جي صدق ۽ صفائيءَ سان ترسڻ ۽ انتظار ڪڍڻ ڪري، ”بيڪس“، دنيوي دلبر وڃائي، حقيقي محبوب لڌو:

پنهنجي والد وانگر، جن جو به اهو ئي اصول هو ته

پوڙي حقيقي لاشڪ هويا، ”بيڪس“ برهه بازاري.

تنهنڪري ”بيڪس“ به، پنهنجي پيءُ جي تلقين موجب، مجازي موهه کي ماري، حقيقت سان هڪ ٿيو.

اهو واقعو، پنهنجي پنهنجي پيرايي ۾، محترم ساڌو واسواڻيءَ ’ The Vision of a Village Singer & Desert Voices‘ ۾، ۽ محترم گُرديال مَلڪ ’Divine Dwellers in theDesert‘ ۾ آندو آهي. محترم  گُرديال صاحب انهيءَ سان گڏ هيئن به لکيو آهي ته انهيءَ واقعي کان پوءِ فقير صاحب رات جو ڏيئو ٻاري ويهندو هو. ماڻهو سندس انهيءَ غير معمولي عمل تي عجب کائڻ لڳا. پڇا تي هڪ دفعي چوڻ لڳو ته ”پاڻ اچڻ جو وعدوڪيو اٿس، سو بتي رڳو انهيءَ ڪري ٻاريان ٿو ته متان اوندهه ۾ اچي ۽ مان کيس ڏسي نه سگهان!“

سرڳواسي ڀڳت دوارڪاداس ڀاٽيا، جنهن فقير ”بيدل“ ۽ فقير ”بيڪس“ جون ڪچهريون ڏٺيون، ساڻس صحبت ڪئي ۽ منجهانئن فيض پرايو، تنهن هڪ دفعي ڳالهه ڪئي ته ”فقير ننڍو (بيڪس) اچي منهنجي هَٽ تي ويهندو هو. هڪ ڀاٽيو، لعل چند نالي، اتي پاڻي ڀرائي رکندو هو، جو ڀاٽين ۽ ويشنوئن لاءِ مخصوص هوندو هو. مون کي فقير صاحب گهڻي عرصي کان چوندو ايندو هو ته ’سمجهائينس‘. مان عرض ڪندو هوس ته ’قبلا، ڪنهن کي سمجهايان؟‘ پاڻ جواب ۾ چوندو هو ته ’نالو ڳنهڻ چڱو نه آهي، تون ڳولا ڪري پاڻ سمجهه.‘ ڏينهن گذرندا رهيا. فقير صاحب به دل ۾ سڪ ۽ سوز سانڍيندو رهيو. هڪڙي ڏينهن ڪَنيَّو، جنهن جو قهري ڪانُ سندس ڪُک ۾ لڳل هو ۽ جنهن جي جهوريءَ ۾ پيو جهِڄندو۽ جهرندوهو، سو پاڻي پيئڻ آيو. جيئن ئي گُرڙي ڪيائين، ته اُن جون ڦينگون، اتفاق الاهي، وڃي فقير صاحب جي پيرن تي پيون، فقير صاحب ان کي نيڪ فال سمجهي، مشڪندو، اُٿي هليو ويو. مون سمجهيو ته اهو ئي ڪاريهر آهي، جنهن هن جوان کي ڪَکيو آهي، سو سندس جاءِ تي ويس. عرض ڪيم ته ’قبلا، اهو ماڻهو مون لڌو آهي!‘ چيائين ته ’ڪير؟‘ مون عرض ڪيو، ‘ڪنيّو‘. آخر ڇوڪر سان مليس. ساڻس اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪيم. هڪ ـــ ٻه ڏينهن ساندهه ملڻ کان پوءِ، فقير صاحب جي ڳالهه چوريم ته ’ههڙي چڱي مڙس سان ڀلا ڇو نٿو ڳالهائين؟‘ پر هو ته ويٺو هو نَڪ تائين ڀَريو، سو اچي ڪاوڙ ۾ ڇٽڪيو. چئي، ’جتي ٿو وڃان، اتي پاڇي وانگر پوئتان لڳو ٿو وتي! سنجها جو اکو پائڻ ٿو وڃان ته حاضر ناظر آهي؛ جي رات جو ڪُتي کي روٽي ڏيڻ لاءِ گهرکان ٻاهر ٿو نڪران، ته به هٿ ٻڌيو بيٺو آهي؛ وري ڏسو ته اسان جي گهر جي ڀر واريءَ مسجد ۾ ويٺو آهي! مان ته اچي ڦاٿو آهيان، هر وقت پيو ستائي ۽ سائين ـــ سائين ڪري!‘ تنهن تي مون کيس سمجهايو، ۽ آخرڪار هڪ رات جو انجام ٻڌي، کيس پاڻ سان وٺي آيس. فقير صاحب هونئن رات جو ڏيئو ڪونه ٻاريندو هو، ان رات ڏيئو ٻاري رکيائين. جڏهن اتي وياسون، تڏهن آدرڀاءُ ڪرڻ لاءِ پاڻ کٽ تي اٿي بيٺو، ۽ ساڳي ئي کٽ تي ويهڻ لاءِ آڇ ڪيائين، پر ڪنيّو موڙي تي ويهي رهيو. فقير صاحب خير عافيت پڇڻ کان پوءِ گستاخيءَ لاءِ معافي ورتي. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪنيّو اُٿيو، ۽ فقير صاحب کيس در تائين اُماڻڻ آيو. مولوي ’جامي‘ فرمائي ٿو:

”نه تنها عشق از ديدار خيزد، بساڪين دولت از گفتار خيزد“

پوءِ ته جيئن جيئن سندن ملاقات ٿيندي رهي، تيئن تيئن محبت مچندي رهي. هڪ دفعي، ڏياريءَ جي موقعي تي ڪنيّو مون سان گڏجي فقير صاحب ڏانهن مٺائي کڻي هليو. فقير صاحب پرينءَ جي پار جي مٺائي ڪنهن کي به کائڻ نه ڏئي! چي، ’هيءَ خاص مٺائي آهي، ۽ اوهان لاءِ نه آهي.‘ پر در حقيقت فقير صاحب ظاهر ۾ باهمه هو، ۽ باطن ۾ بي همه. ٻاهران محبت ۾ لڪل بيحال، پر اندر ۾ باحال ٿيندو رهيو. ’بيدل‘ جي عملي هدايت موجب: ’بيدل ڪئي تلقين اهائي، بيڪس کي بعد مجاز.‘ کيس ڪنهن نه ڪنهن نموني انهيءَ منزل تان مٿي چڙهڻو هو، اتفاق به اهڙو اچي بڻيو جو هڪ شخص، جنهن کي عام طرح خيروڪاڻو ڪري سڏيندا هئا، تنهن ڪنيّي جي بوڇڻ کي ڇِڪ ڏني. ڇوڪر کي اُها ڳالهه ناگوار لڳي، ۽ مُنهن ۾ سُونڊ پائي ’ڇڏ ڇڏ‘ چيائين، پر فقير صاحب ڏسي ورتو، تنهن غيرت وچان هيٺيون بيت چيو:

ت ـــ تَيڏي اسانڏي هَڻ بس هوئي، اِهين بس وچون ڪوئي رس نهين،

انگ ازل وچ جو لکيا آها، سا ڪنهن دي ميٽڻ دي مس نهين،

سالگ تساڏي دي تانگ اتان، اٿان ڪوئي جس نهين،

جي تون سؤ واري سونا ٿيوين، ته ساڳائي اُهو ”بيڪس“ نهين.

ڪن صاحبن جو چوڻ آهي ته فقير صاحب ڪنيّي جي سڪ ۾ حيران پريشان پيو ڦرندو هو، ۽ جيڏانهن ويندو هو، تيڏانهن سندس پٺيان پيو هلندو هو. صبح جو جڏهن هو اسڪول ويندو هو ته سندس پٺيان ويندو هو، ۽ وري اسڪول مان نڪرڻ مهل اڳي ئي دڳ جهليو بيٺو هوندو هو.

يارِ من در مڪتب و من برسرِ ره منتظر،

منتظر بودم ڪہ يارم باڪتاب آيد برون.

(جامي)

پر ڪنيّو، ڪجهه شرم کان ۽ ڪجهه خلق جي خواريءَ کان، ڳالهائڻ ته بجاءِ خود، پر ڏانهس نهاريندو به ڪونه هو. اتفاق سان ڪنيّو بيمار ٿي پيو. طبيبن ۽ حڪيمن جو علاج ڪارگر نه ٿيو. سُتين ڦُڪين فرق نه آندو. مايوسيءَ منهن ڪڍيو. دوا جي بجاءِ دعا جي درڪار ٿي. اهڙن وقتن تي درويشن ۽ فقيرن جي پڇا ٿيندي آهي. فقير صاحب جي روزمرهه جي اچ وڃ کيس ڪافي شهرت ڏني هئي.سو، سندس والدين چيو ته فقير صاحب کي وٺي اچو ته کيس دعا ڪري، من سندس پير سدورو ٿئي! آخر فقير صاحب کي منٿ ڪري وٺي آيا، ۽ خوش قسمتيءَ سان نينگر جي طبيعت روبصحت ٿيڻ لڳي. مائٽن کي هينئر هن جي درويشيءَ ۾ ڪامل يقين ٿيو، جنهن ڪري پٽ کي تاڪيد ڪيائون ته روزاني فقير صاحب ڏي ويندو ڪر. فقير صاحب سندس ئي محبت ۾ جامو مٽايو.“ ـــ والله اعلم بالصواب.

محبوب جو تصور

احسن الخالقين جي هر مخلوق ۾ ڪا نه ڪا خوبي آهي، جنهن ڪري ڄاڻن وٽ ان جو قدر ٿئي ٿو. گل ۽ بلبل، چنڊ ۽ چڪور، شمع ۽ پرواني جا پراڻا قصا آهن. پر حَجر هجي يا شَجر، چَرند هجي يا پَرند، گُل هجي يا ڦَل، حيوان هجي يا انسان، مطلب ته هرڪنهن ۾ اهڙو جوهر آهي، جو قدردانن وٽ پاس پوي ٿو.

سرّ حب ازلي در همه اشيا ساريست،

ورنه برگل نزدي بلبلِ بيدل فرياد.

اگرچ ظاهري طور تي هر ڪنهن جي خوبي الڳ ۽ هر ڪنهن جي رونق علحدي، پر معرفت جي اک سان ڏسبو ته اصليت هڪ ئي آهي:

برگِ درختانِ سبز، در نظرِ هوشيار،

هر ورقي دفتريست معرفتِ ڪرد گار.

فقير محمد محسن به ظاهري نماءَ ۾ حقيقي حسن جو ڳولائو رهيو. ننڍي هوندي کان کيس حسن جي حب ۽ ان جي تلاش جي تعليم مليل هئي، جنهن کي عملي جامو پنهنجي والد بزرگوار جي جامي مٽائڻ کان پوءِ پهرايائين. جيئن اڳي ڏيکاريو ويو آهي، هو گهڻن محبوبن جو پياسي رهيو. پر سندس آخرين محبوب ڪنيّا لعل هو.

ڪنيّالعل روهڙيءَ جو رهاڪو، ڀاٽيو، سوني پاڙي جو هو. سندس وڏا ڀاٽيا ـــ پنچائت جا مُکي هئا. ڍڪ بازار ۾ صرافڪو دڪان هونِ. پاڻ بدن جو پورو پنو، قد پنج فوٽ ٻه انچ، رنگ جو ڀورو، لالاڻ تي مائل هو. اکين ۾ مقناطيسي ڪشش هيس، بقول”بيڪس“، ”جاتي لڳيون، تاتي ٻَکيون.“ سندس هلڻي چلڻي مان خانداني لياقت ۽ شرافت پئي بَکندي هئي. پوشاڪ بلڪل سادي، انهن ڏينهن جي رواج مطابق، ڌوتي ۽ ڳاڙهي پڳڙي. سن 1963ع ۾ يعني فقير صاحب جي ڄمڻ کان قريباً پنج سال پوءِ ڄائو، ۽ اٽڪل چوونجاهه ورهين جي ڄمار ۾، ڊسمبر 1917ع ۾، لاڏاڻو ڪيائين. گويا فقير صاحب جي رحلت وقت سندس عمر لڳ ڀڳ ارڙهن سال هئي. پاڻ وڏن جو ڌنڌو ڇڏي، ڪپڙي جو دڪان ڪڍيائين. گويا فقير صاحب جي رحلت وقت سندس عمر لڳ ارڙهن سال هئي. پاڻ وڏن جو ڌنڌو ڇڏي، ڪپڙي جو دڪان ڪڍيائين، ۽ تنهن کان پوءِ ڀانساليءَ جو. مرڻ وقت ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ڇڏيائين. سندس وڏو پٽ، راڌا ڪرشن، کانئس هڪ سال پوءِ گذاري ويو، ۽ سندس نياڻي به 1927ع ۾ چالاڻو ڪيو. باقي سندس هڪ پٽ، لڇيرام، هن وقت بمبئيءَ ۾ آهي، جنهن مهرباني ڪري اهو مختصر احوال موڪليو آهي.

”بيڪس“ فقير پنهنجي منظور نظر جي تصوير، جا مختلف هنڌن تي چٽي آهي، سا هيءَ آهي: پوشاڪ بسنتي پائي ٿو؛ مٿي تي شوخ گلابي يا گُلنار چيرو، ته بعضي سرخ شرابي رنگ جو شملو اٿس؛ منهن تي ڪارا وار وارو پيا ڪن، ته زلف زنگي پيا لٽڪن؛ هٿن تي ميندي لڳل، ناز جي ناؤڪ سان نهوڙيندڙ، ته غمزي جي گهاون سان بيگناهن کي گهائيندڙ اکيون، هميشہ شڪار لاءِ شائق ۽ شوريون وتن. انهيءَ هوندي به، ماڻهو محبوب جي ڳولا ۾ پيرن سان پنڌ ڪن، اکين سان هلن، پر اسان جو فقير صاحب روح سان رِڙهي:

”ڪميني ڪيچين لئه روحاني رِڙهندي.“

جڏهن سالڪ جي دل تي اوچتو، بنا ارادي ۽ بنا اڪتساب، اهڙي ڪيفيت طاري ٿئي، جنهن ۾ ڪجهه وقت لاءِ سرت سماءُ نه رهيس ۽ سندس لاڳاپا ماحول کان لهي وڃن، واسطا ٽُٽي پون، ته اهڙي بيخوديءَ جي حالت کي صوفين جي اصطلاح ۾ ”حال“ سڏين ٿا. پوءِ توڙي اها مرشد جي مهر سان هجي، يا هادي جي اشاري سببان، يا ڪنهن جذبي جي ماتحت، يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري هجي. اهڙيءَ طرح، جڏهن ڪو شخص صرف ظاهري علم جي اکرن ۾ اڙجي بيهي ٿو ۽ جيڪي پڙهي، ٻڌي يا چوي ٿو، سو صرف زبان تائين محدود آهي ۽ دل جي دروازي تائين نٿو پهچي، ته چئبو ته اهو ”صاحب قال“ آهي، ۽ نه ”صاحب حال“ گويا، ”حال“ اوچو ۽ اتاهون درجو آهي.مولانارومي فرمائي ٿو:

علم رسمي سربسر قيل است و قال،

ني از او ڪيفيتِ حاصل نه حال.

تنهنڪري ئي عارفن تاڪيد ڪيو ته ”قال“ کي ڇڏيو، ۽ ”حال“ حاصل ڪريو:

قال را بگذار، مردِ حال شو، پيشِ مردِ ڪاملي پامال شو.

حضرت موسيٰ عليٰ نبيّنا و عليہ السلام ۽ ريڍار وارو قصو بيان ڪندي، مولانا رومي هڪ هنڌ فرمائي ٿو:

ما برون رانہ نگريم و قال را، ما درون را بنگريم و حال را.

سندس خيال موجب، ’حال‘ خدا تعاليٰ وٽ مقبول آهي.

جڏهن ’حال‘ دائمي صورت اختيار ڪري ۽ مستقل ٿي وڃي، ته اهڙيءَ منزل کي صوفين جي اصطلاح موجب ”مقام“ سڏين ٿا.

سنڌ جي شاعرن به ’حال‘ ۽ ’قال‘ پنهنجي پنهنجي نموني چڱو سمجهايو آهي، پر ”مقام“ لفط شايد ڪنهن استعمال نه ڪيو آهي. مثلاً:

جوڳي جالون جال، پر لاهوتي لنگهي ويا،

هو هلي ويا حال ۾، هي قابو مٿي قال،

هَي هَي منهنجي حال، جو حال نه پيو هٿ مون.

(سچل)

ــــ

طهوراً تحقيق جو، جنين پيتو جال،

”وسقا هم ربهم شرابا طهورا“، نانگا ٿيا نهال،

حاصل ڪري حال، قالؤن چڪا ڪاپڙي.

(بيدل)

ــــ

جانۡ جانۡ مطلق محو نه ٿيوين،

قرب نهين وچ قال.

(بيدل)

ــــ

وه وه يار د يان ڇيريان ڇمڪن،

قال ڳيا، ٿيا حال.

(بيڪس)

ـــ يعني يار جي ڇيرين جي وڻندڙ آواز ۾ اهڙي جاذيت آهي، جو هڪدم قال کي ميٽي حال پيدا ڪري ٿو. ان جو اثر سطحي نه آهي، بلڪ ايترو گَهرو آهي، جو بيخودي طاري ٿئي ٿي. مطلب ته هي اهو محبوب آهي، جنهن جي ادنيٰ ادا ۽ اشاري تي دنيا ۽ مافيها وسريو وڃن. نه رڳو ايترو، پر ٻيئي جڳ به وجدُ وارو ڪري، اِلاهي محبت جو جوش ۽ جذبو جاڳي. هيءَ اها هستي آهي، جنهن جي در تي وليءَ وڪاڻل هجن:

”بيڪس“ ڇاهي! در تنهنجي وتن وليءَ وڪاڻا.

”بيڪس“ پنهنجي محبوب کي بسنتي پوشاڪ پهرائي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته کيس اهو رنگ وڻندو هجي. پر چون ٿا ته اڳي هندستان ۾ راجپوتن ۾ دستور هوندو هوته جڏهن هو لڙائيءَ لاءِ تياري ڪندا هئا، ته ڪيسري پوشاڪ پائيندا هئا ـــ  جنهن جي معنيٰ اِها هوندي هئي ته هو گويا ڪرشن مهراج جي پاکر پائن ٿا ـــ پوءِ مهت يا موت، يا کٽندا يا کيٽ ۾ پيا هوندا. سو، هي معشوق به ڪيسري يا بَسوَنتي پوشاڪ پائي نڪري ٿو ـــ انهيءَ مطلب ۽ مراد سان، ته جيڪو سامهون اچي، سو شهه کائي ۽ مات ٿئي. ازان سواءِ بسنت جو ميلو هندستان جي گهڻن بزرگن جي درگاهن ۽ ديوتائن جي مندرن تي لڳندو آهي، جو ويساک جي مهيني ۾ سياري گذرڻ بعد ٿيندو آهي، جنهن ۾ سرنهن جا هيڊا گل ماڻهو ڀيٽا طور ڏيندا آهن. هتي اڃا به ڪن هنڌن تي اهو رواج آهي، جو طبيعت جي خوشيءَ ۽ شگفتگيءَ لاءِ هڪ نيڪ فال آهي؛ ڇالاءِ ته ان کان پوءِ بهار شروع ٿئي ٿو ۽ وڌندو رهي ٿو. معشوق جو حسن به عاشق لاءِ هميشہ وڌندو رهي ٿو، ۽ وڌڻ گهرجي. ”حافظ“ ان کي ”حسنِ روز افزون“ سڏيو آهي:

من از آن حسنِ روز افزون کہ يوسف داشت دانستم،

کہ عشق از پرده عصمت برون آرد زليخا را.

”فرهنگ آصفيه“ ۾ ”بسنت“ جي ٻين معنائن سان گڏ هي به لکيل آهي ته ”نغماتِ جوش افزا و تعشق انگيز ڪي آني ڪا موسم“. ٻين لفظن ۾، اُها رُت، جنهن ۾ روح پيو راڳ لاءِ ريلا ڏئي ۽ حسن جي ڏسڻ لاءِ هر هر حيلا ڪري. ممڪن آهي ته اهڙيون ۽ ايتريون ڳالهيون، فقير صاحب خيال ۾ رکي، پنهنجي جانِ جان جي جلوه نمائيءَ جي تعريف ڪئي آهي.

سندس معشوق چِيرو يا شملو پائي ٿو. ”فرهنگ آصفيه“ جي صاحب ”چيرا“ لفظ جون هيٺيون معنائون لکيون آهن: ”زخم، شگافِ نشتر، ايڪ قسم ڪي منقش پگڙي. بعض فارسي شعراني بهي چيره باندها هي. بڪارت، دوشيزگي ۽ بڪر.“ ازانسواءِ لکي ٿو ته بيگمات چيري کي ’ويد ۽ حڪيم يا معالج‘ جي معنيٰ ۾ ڪم آڻينديون آهن. حسن اتفاق اهڙو آهي جو فقير صاحب جي ساجن جو نالو ”ڪنيّا لعل“ آهي.’ڪنهيه‘ هڪ سنسڪرت لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي باعصمت ڇوڪري. مطلب ته ”بيڪس“ جو محبوب نه فقط همہ گير ۽ روزافزون حسن جو مالڪ آهي، پر ساڳئي وقت معصوميت جو مجسمو پڻ آهي، جنهن جو ديدار هر درد جي دوا ۽ جنهن جي ياد هر مرض جي شفا آهي، ۽ جنهن جي تات کيس دنيا کان تارڪ ڪري، طالب الموليٰ ڪري ڇڏي ٿي، جنهن جي در تي وليءَ به سوالي آهن.

”بيڪس“ جي شخصيت

صوفي بزرگ هر قسم جي مذهبي مت ڀيد توڙي ذات پات جي ڇوت ڇات کان بلند ۽ بي نياز هئا سندن دروازو غريب خواهه غني، هندو خواهه مسلمان، سڀني لاءِ هڪجهڙو کليل هو. سندن نظر ۾ سڀ انسان برابر، هڪڙي ئي خالق جي جوڙ هئا. سندن اهڙن نيڪ ارادن ۽ اعمالن ڪري ماڻهو وٽن ڇڪجي ايندا هئا، ۽ هرڪو پنهنجيءَ منزل آهر انهن کي پنهنجو سمجهندو هو. پر، ”صوفي لاڪوفي، ڪونه ڀانئينِ ڪير!“ شيخ محمد اڪرام، پنهنجي ڪتاب ”آب ڪوثر“ ۾، چشتي خاندان جي هڪ مشهور بزرگ، شيخ ڪليم الله جون ملفوظات ڏنيون آهن. هڪ هنڌ فرمائي ٿو: ”در آن بايد ڪوشيد ڪہ صورتِ اسلام وسيع گرد دو ذاڪرين ڪثير“ ـــ

يعني ڪوشش ڪريو جيئن اسلام جو دائرو ويڪرو ۽ وسيع ٿئي، ۽ ذڪر ڪندڙ گهڻا ٿين. ٻئي هنڌ فرمائي ٿو: ”در آن بايد ڪوشيد ڪہ اڪثر اهلِ دول از دنياي دون دل ڪننده ميل بطرف عقبيٰ پيدا ڪنند ـــ ـــ قصد ڪنيد ڪہ مخلصانِ شما از سيرِ دنيا پرستي ”بر خيزند“ ـــ ـــ يعني ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته دنيادار ۽ شاهوڪار هن نيچ ۽ ڍونڍ دنيا کان منهن موڙي ۽ دل پلي آخرت ڏانهن لاڙو ڪن، ۽ ارادوڪريو ته اوهان جا دوست دنياپرستيءَ کان دل کڻن. ساڳيو بزرگ پنهنجي وڏي خليفي کي هيٺين ريت لکي ٿو: ”صلح يا هندو و مسلمان سازند ـــ هرڪہ ازين دو فرقہ ڪہ اعتقاد بشما داشتہ، ذڪر  و فڪرِ مراقبہ و تعليم او را بگويند ذڪر بخاصيتِ خود او را به راغبہء اسلام خواهد ڪشيد-و باغير معتقد، اگرچہ سيد زاده باشد، تعليم نه بايد ڪرد“ ـــ ـــ يعني هندن ۽ مسلمانن سان ٺاهه ڪرڻ گهرجي. انهن ٻنهي فرقن مان جيڪو به اوهان ۾ ارادت رکي ۽ لاڙو ڏيکاري، تنهن کي ذڪر فڪر ۽ مراقبي جي تعليم ڏيو ۽ تلقين ڪريو، ڇاڪاڻ ته ذڪر پنهنجيءَ خاصيت ۽ اثر جي ڪري کين پاڻيهي اسلام ڏانهن ڇڪيندو. پر جيڪڏهن ڪو اوهان ۾ اعتقاد نه رکندو هجي ته کيس تعليم نه ڏيو، پوءِ توڙي اهو سيد زادو هجي.

عين بين انهيءَ نموني، سنڌ ۾ صوفين سڳورن پنهنجو اثر ڪيو. سچل سرمست، جهوڪ شريف، شاهه نصير، نصير فقير، سائين قطب شاهه، ڪنڊڙيءَ ۽ روهڙيءَ ۾ جان الله شاهه، بيدل، بيڪس ـــ ـــ مطلب ته هرهڪ درگاهه تي، اڻپڙهيل ته ڇڏيو، پر قابل فاضل هندو، جهڙوڪ بئرسٽر، جج، پروفيسر ۽ پرنسپال، اچي پنهنجي عقيدت جي جبين جهڪائيندا آهن. ڇالاءِ ته انهن بزرگن جي رهڻي ڪرڻي اهڙي هئي، جو منجهانئن دوئيءَ جي بوءِ به نٿي آئي، ۽ سندن اخلاق ايتريقدر بلند هو، جو ماڻهو ٻارين ٻچين بنا ڪنهن هٽڪ ۽ حجاب جي وٽن ايندا هئا. اڄ به انهن درگاهن تي اهڙي ئي رجوعات آهي. نه رڳو ايترو، پر ڪن هندو صاحبن ۾ اسلام توڙي اسلام جي بانيءَ ۽ ٻين بر گزيده هستين لاءِ بيحد خوش اعتمادي پيدا ٿي، جنهن جا انيڪ مثال موجود آهن. ڪن جو ڪلام به موجود آهي، پر طوالت جي خوف کان هڪ ـــ ٻن مثالن تي اڪتفا ڪجي ٿي.

ڪجهه وقت ٿيو ته قاضي محمد هاشم، ساڪن روهڙي، وٽ قلمي ڪتاب ۽ بياض ڏسڻ ويس. ڪتابن جا ورق اٿلائيندي، هڪ صاحب، منشي چندا سنگهه، متخلص به ”مفتون“، جا ٻه ـــ ٽي غزل نظر چڙهيا، جن مان هڪڙو حضرت علي عليہ السلام جي شان ۾ آهي، جو هن هيٺ پيش ڪجي ٿو:

دوش مي آمد به گوش از طارمِ سينا صدا،

العلي مفتاحِ ابواب الڪَرَم والۡ اَهتدا.

قاطعِ نسلِ دغا و قالع اصلِ دغل،

صفدر و خصم افگن و مرحب ڪُش وخيبر ڪُشا.

حاميء دينِ متين و ناصرِ اسلام اوست،

ڪاشفِ رمزِ هُديٰ وشافعِ روزِ جزا.

سينئه اشرارِ بدطينت نيامِ تيغِ اوست،

در دلِ ڪفارو مرتد خوفِ او ڪرده است جا.

درصفِ هيجا گريزد هر دليري پِيلتَن،

همچو روبہ پيشِ آن ضرغام ميدانِ وغا.

من چہ گويم وصفِ آن مصباحِ بزمِ معرفت،

”هل آتيٰ“ نازل شده درشانِ او از ڪبربا.

عزّتِ ديگر نخوا هد، فخر ”مفتون“ اين بس است،

چاڪرِ درگاهِ تُست و منقبت خوانِ شما.

ماهوار رسالي ”نئين کيتي“ حيدرآباد، جي مئي 1955ع واري پرچي جي صفحي ٻئي تي ”تبرڪات“ جي عنوان سان ٻه ڪافيون ڇپيل آهن، جن مان پهرين هن هيٺ عرض رکجي ٿي:

(حضرت درگاهه جهوڪ شريف جي هندو مريدن جو ڪلام ـــ مرحوم سائين هريرام صاحب ”مسڪين“ ـــ راڳ ڌناسري)

هر جا حق موجود، ڇاکي ساهه سِڪائيا.

هم تم، تم هم ايڪ ٿيوسي، غير هُوا نابود...

”انا احمد بلا ميمي“، محض ٿيو مقصود...

”ونحن اقرب“ حق سڀوئي، صوفي سير سجود...

جامع جامون جلوه خدائي، ويڙا وهم وجود...

”مسڪين“ موج مڙيائي معنيٰ، رڳ رڳ ٿي آسود...

ٻيو مثال ـــ فقير ايسرداس روهڙيءَ واري جي ڪافي:

اڱڻ هل هل، پسي گل گل، نبيءَ جو نُور نوراني.

نئون وڃي نينهن لايوسي، تڪڙ ڪر تاج پايوسي،

الله دا يار چايوسي، لڳي جيءَ ۾ پريشاني.

اکيون تنهنجون ڪاريون ڪجليون، ڏين ٿيون باهه جيان تجليون،

جيئن بادل تيئن بجليون، پَسايون پاڪ پيشاني.

پَڪيون هِت ڪرڙ ڪنڊيون لاڻا، ريءَ مارن ڪهڙا ماڻا،

ڪٿي مومل ڪٿي راڻا، ميهر ڪاڻ آهه مستاني.

چوي ”اِيسر“ اها ڪافي، ڪندو ڏوهه مڙئي معافي،

سچو سيّد ٿيندو شافعي، مرشد شاهه جيلاني.

”بيڪس“ به اهڙي ئي بزرگ جي گهر ۾ جنم ورتو، ۽سندس حساس طبيعت ايتريقدر اثر پذير ٿي، جو ڪن ڳالهين ۾ ته پيءُ کان به ٻه قدم اڳتي وڌي ويو. سندس سڀ منظور نظر هندو هئا. سڀ ڏڻِ باقاعدي ملهائڻ ۾ ايندا هئا. هوليءَ جي موقعي تي هولي ٿيندي هئي، ۽ سڀ گڏجي ڳائيندا وڄائيندا هئا، جنهن جو ذڪر ”بيڪس“ جي هيٺينءَ ڪافيءَ ۾ ڪيل آهي:

(ڪافي روپ هو ري)

جائون مَين ٻَلهار، نت نت سڄڻان اَتون.

عطر عنبير مَين مُشڪ مليسان، پِيئا آيا ميري پار...

هر گهٽ هوري کيلن زوري، سُرخ سر دستار...

جاما بسونتي يار ڪريندا، سرَ چِيرا گُلنار...

ساز سُرندا طبل طنبورا، آپ بَجاوندا يار...

”بيڪس“ هوري يار کيليندا، هر ڪُوچي بازار...

بسنت جي مُند ۾ بسنت پنچمي ملهائيندا هئا. هڪڙي هنڌ فرمائي ٿو:

ويس بسنت ۾ ڏنوَ ڏيکاري، گهٽ گهٽ تنهنجي نيڻ خماري،

شان رکيو تو شاهي.

ـــ ـــ

برهه بسنت کليو چوڌاري، ڪاٿي دام، ڪاٿي ماري،

مُند عجائب آهي.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

(ڪافي روپ بسنت)

پِيئا بسونتي ڪر ويس آيا، آپ عجب رنگ لايا!

جاما زرد بسونتي ڪيتس، رخ گلابي پايا...

دست پيالا محبت والا، اُتون خنجر لڳايا...

نَين سپاهي خوني خماري، مسڪين مار ستايا...

مزگان ناوڪ ابروڪمانان، سينه مَين سپر بنايا...

”بيڪس“ ويک نظارا بسونتي، ”بيدل“ سرب سمايا...

فقير صاحب جي انهيءَ برتاءَ ڪري، نه رڳو سندس ڪچهريءَ ۾ ذات پات جو سيڙهو سنڌو ڪونه هو، پر سڄي شهر ۾ هندومسلمان ڀائرن وانگر هلندا هئا، ڪو ويڇو ڪونه هو. شادي غميءَ تي هڪٻئي سان برادريءَ جو پير ڀريندا هئا. اونهاري ۾ درياءَ ڀر تي گڏجي محفلون ڪندا هئا. محترم ساڌو واسواڻي، پنهنجي ڪتاب ”Desert Voices“ ۾، سنڌ جي مسلمانن ۽ هندن جي پاڻ ۾ خوشگوار تعلقات جي باري ۾ هن ريت رقم طراز آهي:

”اڄ کان ٿورو زمانو اڳ، هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ سٺا پاڙيسري ٿي رهندا هئا، ۽ هڪٻئي تي اهڙو اعتبار هونِ جو جيڪڏهن ڪو هندو اتفاق سان ٻاهر ويندو هو ته پاڙي واري مسلمان کي پنهنجن ٻارن ٻچن جي پارت ڪندو هو. هندو، مسلمان حاڪمن سان سچائيءَ ۽ صفائيءَ سان هليا، ۽ مسلمانن هندن جي چوڪيداري به ايمانداريءَ سان ڪئي. شادين جي موقعن تي هڪٻئي وٽ ايندا ويندا هئا، ۽ هندن کي مسلمان اهڙن موقعن تي ڪَچو سيڌو گهر ڏياري موڪليندا هئا. محرم جي موقعي تي هندو باقاعدي نذر نياز ڏيندا هئا، ۽ مسلمانن کي شربت پيئاريندا هئا. نئين ڄاول ٻار کي تابوت ڏانهن دعا پنڻ لاءِ کڻي ويندا هئا، هتي جي سَنتن، درويشن ۽ ولين کي هندو ۽ مسلمان عزت جي نگاهن سان ڏسندا هئا، ۽ ڪن درگاهن تي مسلمانن ۽ هندن لاءِ پاڻيءَ جو انتطام ئي هڪ هنڌ هو. جي هنڌ اڃا به شهري اثر کان آجا رهيا آهن، اتي هن وقت به سندن تعلقات تمام سٺا آهن.“

مذڪور ڪتاب 1922ع ۾ ڇپيو آهي، پر هِتي ان کان پوءِ به هندو ۽ مسلمان، ڏاڍي ذوق شوق سان گڏ کائيندا پيئندا ۽ ڳائيندا وڄائيندا هئا. روهڙيءَ جو شهر چڱو موچارو پريم ـــ نگر هو. ڪو گهر عشق، عاشق ۽ معشوق کان خالي ڪونه هو؛ گويا دنيا جا غم ۽ الم، حرص ۽ هوس، حيران پريشان ٿي پاسي ٿيا. اها روئيداد پاڪستان قائم ٿيڻ تائين رهي، جيتوڻيڪ اڳي کان گهٽ. تڏهن به، جڏهين مسجد منزل گاهه جي سلسلي ۾، سکر شهر ۾، جو بنهه درياءَ جي ٻيءَ ڪنڌيءَ تي آهي، فساد ٿيو، خونريزي ٿي، هندن ۽ مسلمانن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ ۽ منافرت پيدا ٿي، ڪروڙن جو مالي نقصان ٿيو ۽ گهڻيون بي بها جانيون تلف ٿيون، ڪو سبب ڪونه هو جو ان جو اثر سامهون واري شهر تي نه پوي، پر پوءِ به روهڙيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪشيدگي ڪانه ٿي، ۽ هندو ـــ مسلمان اڳي وانگر کير ـــ کنڊ رهيا. هينئر به، خواجه غريب نواز اجميريءَ جي عرس جو نياز اسان جا هِتان ويل هندو ڀائر هر سال پيا موڪلين. خليفو سبحان بخش راوي آهي ته اڄ ڏينهن تائين دهليءَ ۽ ٻين هنڌن تي، هرسال 16 ـــ ذي القعد تي، هتان ويل صاحب ”بيدل“ فقير جو ميلو باقاعدي لڳائيندا اچن ٿا، ۽ جيئن انهيءَ موقعي تي هت سندس ڪلام چيو ويندو هو، تيئن هُت به اِهو سلسلو جاري آهي. اِهو آهي بزرگن جو اثر!

”بيدل“ ۽ ”بيڪس“ جو ڪلام موسيقيءَ جي مڙني اصولن تي پورو آهي، ۽ ان ۾ سوز ۽ گداز، محبت ۽ مستيءَ جو عنصر تمام گهڻو آهي، تنهن ڪري نه فقط سامعين کي حظ ايندو هو ۽ سندن غم غلط ٿيندو هو، پر انهن مان سڀڪو پنهنجي پنهنجي پريتم جي پريم ۽ تصور ۾ محو ٿي ويندو هو. ڪي ته وري راڳيندڙن کي سُر وٺائڻ ۾ مشغول هوندا هئا، جي پوءِ رفتي پاڻ به راڳ جا چڱا ڄاڻو ثابت ٿيا. هنن بزرگن جي محفلن ۾ وقت جون شُڌ راڳڻيون ڳائڻ ۾ اينديون هيون. اڄوڪي زماني وانگر، نه ملاوت هئي ۽ نه وري ڪنهن راڳ جي ڪا ڇانوَ ئي ڏني ويندي هئي. انهيءَ جو اثر اهو ٿيو، جو روهڙيءَ جا ماڻهو، ننڍا خواهه وڏا، ٻن ڳالهين کان مشهور ٿي ويا: هڪ تَرڻ، ۽ ٻيو ڳائڻ. ٻاهريان گَوَ يا ايندا هئا، ته به هتي ڇرڪي ڳائيندا هئا. اڄڪلهه جيتوڻيڪ اُها ڄاڻ پَڇاڻ نه رهي آهي، پر تڏهن به ڪو ڳائڻو آيو، ته وڏي خيال ۽ ويچار سان ڳائيندو، ته متان قدردانن جي ڪسوٽيءَ تي پورونه بيهان.

ههڙن بزرگن جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ کان ڪيترا هندو متاثر ٿيا، ۽ ڪن انهنن مان گهڻو ئي فيض ورتو. چون ٿا ته انهيءَ سمي خود روهڙي شهر ۾ به چڱا هندو درويش هئا ـــ جهڙوڪ ڀائي وسڻرام، ڀائي پارو شاهه، ڀائي اِيسرداس وغيره.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org