ڪافي (86)
آءُ دلبر تون منهنجي ويڙهي،
تنهنجو وڇوڙو مان ڪين سهان ٿي.
تون ته ڪرين ٿو بيپراهيون،
لائق تو لئي مان هت لوهان ٿي،
دوست اوهان جي منهن ڏسڻ لئي،
واٽ وٺي تنهنجي يار ويهان ٿي.
جاڳ ۾ توکي ويٺي سنڀاريان،
ننڊ ۾ تنهنجا خواب لهان ٿي.
اچ اسان وٽ ٿورو لائي،
ڏور نه توکي مان يار سهان ٿي.
”مفتون“ چوي ٿو ريءَ سڄڻ جي،
وار نه هڪڙو پوءِ رهان ٿي.
*
ڪافي (87)
ڪجلي ڪنڍل جون وتن ڪڪوري،
خيال رکن ٿيون خون.
هر مظهر ۾ پاڻ پسايو،
بي مظهر بيچون.
ابرو آهن سهڻل ساڳي،
نيڻ مٿاهون نون.
جانب جهڙو ساري جڳ ۾،
ڪاٿي ڏسان ٿي ڪون.
نياز نزاڪت سُونهن سلامت،
هر طرح هر گون.
رنگ سڄڻ جو روز ڏسان ٿي،
سرس سوايو سون.
محبت تنهنجي جن کي آهي،
ڳل سندو ڪيتون.
طعنا تنڪا لوڪ سڄي جا،
پاڻيءَ منجهه پروڻ.
ساڻ رمزن جي يار ريجهائي،
موهيو ٿوَ ”مفتون“.
*
ڪافي (88)
منهنجي دلڙي وئين تون ڌتاريون،
پوءِ نه لڌڙءِ سنڀارون.
صدقي ڪيان مان سر تنهنجي تؤن وو،
باغ بنگلا محل ماڙيون.
زور زبر سان خون ڪرن ٿيون وو،
ڀروان سڄڻ تنهنجيون جاڙيون.
منهنجي اميد ته آهي اهائي وو،
توکي ڏسان پئي ڏهاڙيون.
”مفتون“ آهي تو لئي ماندو وو،
ڏيس اچي دلداريون.
*
ڪافي (89)
دوست وڌءِ دام دام،
دل منهنجيءَ کي ڌتاري.
ساقي سياڻي وو سڪ جو ڏنڙو وو،
جود منجهؤن جام جام.
صبح اسان جي ني وو ساجن ڪيڙو ميان،
شوق تنهنجي شام شام.
لَنو اوهان جي ني وو روح کون لاٿا وو،
خيال خلل خام خام.
هول هجر کون ني وو آڻي لڪان هان وو،
آءُ ته تنهنجي سام سام.
مچ محبت ۾ ني وو آءٌ گهِريو هان وو،
گهور ڪري گام گام.
ڏک ڏکيل ني وو سر جو آيا وي،
هونگ هڻي هام هام.
”مفتون“ آکي ني وو منهنجي مٿاهون،
لنوَ ٻڌي لام لام.
*
ڪافي (90)
ڀلا جيڏيون جياري آهيان،
سهڻي جي سلامن.
سارو سوراندر جو،
ڪنهن کي ڪين سڻايان،
ڇوڙيان ڪن ڇُڙي ٿي،
دردوندا تنهنجي درد ۾،
آءُ ته پرچون پاڻ ۾،
”مفتون“ آهي مون پرين،
اوريان ڪينڪي عامن.
جيڪا مونجهه منهنجي من.
دوست وڌي دل دامَنِ.
کوريءَ منجهه ٿا کامَنِ.
لاهي رنج رُسامَنِ.
گولو تنهجي غلامن.
*
ڪافي (91)
سهسين ساهه سڪايا هي وهه واهه!
سهڻي هار سينگار سڄڻ دي.
بينا بئنسر جبين تي چمڪي،
سورج ويک تنهين ڪون ڌمڪي،
بجلي وانگي ڏيوي لمڪي،
دليان ڌم مچايا هي وهه واهه!
ويک اتار عروج حسن دي.
بُولا جهول چليا سر لالي،
ڪرڪي ڪاهه ڪري ڪٺمالي،
نسوري نور نظار نرالي،
ڪڙيان قيد ڪرايا هي وهه واهه!
زندي ذات زمين زمن دي.
جهومڪ جهلڪ ڏيون جهلڪاري،
سڳيان واٽ مارن سؤ واري،
ڇُلي ڇوهه ڪرن ڇلڪاري،
چوڙن چاهه چوايا هي وهه واهه!
ويکو ريت رواز رانجهن دي.
هار هيري دي عقل ڪٽايا،
هسي هوش عقل گنوايا،
لُڪڙي ساهه ميڏا لڪ لايا،
دستي دست ڊوڙايا هي وهه واهه!
ڳڌس دست عرض عدن دي.
منُڊي منَڊيا سانون سارا،
ترت تعويذ ڪرن ڪڙڪارا،
ويڙهه واسينگ وانگر ولڪارا،
پونچين پنڌ پڇايا وهه واهه!
مارن مست ملوڪ مدن دي.
”مفتون“ ويک سينگار سانول دا،
وان وچاهون ڦِر ڦِر وَلدا،
منهن ماهيدا ويک ڪي ڳلدا،
نٿڙي ونگ ورايا هي وهه واهه!
جيوين نانگ چوڦير چندن دي.
*
ڪافي (92)
برهه ڏنيون هن بواليون،
سانون سيان وي.
وچ لوڪان دي وي،
مشر ٿيڙيون وو.
عاشقان تانڏي ڳالهيان ڪيتي،
عشق ڪڍيون هن ڪٽاليون،
پاڻ پياري ڀر ڪر ڏنڙيون وي،
پرت سنديون ڪي پياليون.
محب اسان سان مخفي ڪيڙيون ري،
ڳڻ ڀريو ڪي جو ڳالهيون،
پلپل آهن وو روز گهڻيريون وي،
نيڻان سڄڻن جون نراليون.
اصلئون آهن روشن ٿيڙيون وي،
ڏيل تنهنجي جون ڏياليون،
دلڙي اسان جي وو قابو ڪيڙءِ وي،
دوست وجهي ڪي دُواليون.
مين ته بيراڳن لا رانجهن ڪيتي،
ڇو ٿيون سڙن هي سياليون.
”مفتون“ آکي ني وو سڪ تنهنجي ۾ وو،
نيڻ وهن جئن ناليون.
*
ڪافي (93)
سانون لنوَ لڏڻ چا لائي ني،
من آسيڏا محبت موهيا.
سسئي گهين پنهل دي پيري،
سڪ سڄڻ وچ روئي روئي،
وچ روهان دي رلائي ني،
تار ندي ته وهائي ني،
سهڻي ساهڙ ڪيتري سگهيري،
ڪُن ٿئي تڪرار گهڻيري،
وچ بهر دي آئي ني،
سِر سانوڻ سدائي ني،
هير رانجهن دي حب وچ هوڪي،
پار ندي دي تر ڪر ويندي،
در تي درس تپائي ني،
سهسين سر تي سهائي ني،
يار پياري کول ڪي گهنڊڙا،
هار سينگار سويلي ڪرڪي،
لنوَ اسانون جو لائي ني،
بات برهه دي پڙهائي ني،
ونگڙي وال دي رنگ وچالي،
واٽ ويندي مسڪين نماڻي،
دلڙي اسانڏي ڦسائي ني،
اولي اسان ته اڙائي ني،
”مفتون“ ڪون وچ طلب تسانڏي،
شال مهر ڪنون مولا ڪريسي،
وسر ڳئي ٻي وائي ني،
آپ اسان دي ڀلائي ني،
چڪي هس چاڪ ڪلور قهر دي.
*
ڪافي (94)
سئيان ماهي ميڏا متا،
تسانون آڳ ڪيون لڳدي.
روز ازل دي رانجهن سائين،
ساهه سڄڻ ميڏا سيتا،
تن اسيڏا تار جو ٽردا،
قيد اسانو چا ڪيتا،
برهه رانجهن دا سر تي چاتم،
نينهن نظر ڪون چا نيتا،
مَن اسيڏا اصل نه مُڙدا،
گم هويس شل چيتا،
”مفتون“ آکي محبت تيڏي،
جام جگر اسين پيتا،
من ميڏا موهه ڳڌائي،
لڳي هي آڳ رڳ رڳ دي.
سڻي ڪر ساز تي ڪاهه جو ڪردا،
هيڻي دل ول ڪيوين نا ڏکندي.
سور سڄڻ دا ڳل وچ پاتم،
خلل خواري ڳڌم جڳدي.
ساهه سياليان دا ڪيون وت سڙدا،
جيڪا تيڏي اتي وڳدي،
جلد جلايس جند اسيڏي
بدن وچ باهه پيئي دُکدي.
عشق اسان ڪني آيا ني،
دام اندر دل قابو ڪيتس.
بار اَلنبا برهه دا باري،
راتيان ڏينهان رانجهن ڪيتي،
اسان بر سر چايا ني،
اسان لڇدي لنگهايا ني،
لڳي آيم تند تنوار طلب دي.
طعنا تنڪا پرت جي پارون،
برهه بنان ٻيا ڪم سمورا،
اسان سر تي سهايا ني،
اصل آهن اجايا ني،
لڳي آيم تند تنوار طلب دي.
ناز نياز نينان دي نازڪ،
صبر قرار آرام دليان دي،
عقل اسانڏا گنوايا ني،
لحظي منجهه وڃايان ني،
لڳي آيم تند تنوار طلب دي.
محب مٺل وڃي ديس پرائي،
نيڻي ننڊ حرام جو ٿيڙي،
روز گهڻي جو رهايا ني،
محبت مچ مچايا ني،
لڳي آيم تند تنوار طلب دي.
”مفتون“ محب اچڻ لئي دمدم،
پير فقير پڇايا ني،
آءُ ته ڪنديس شال شاديون،
شهر ۾ محب جو آيا ني،
لڳي آيم تند تنوار طلب دي.
*
ڪافي (96)
پرچ پيارل شال جيون،
رَهه اسان ڪني رات ميان.
تيڏي ڪيتي آهيان ماندي،
سِڪ تسانڏي سباندي.
پاند ڳچي وچ پلو پاندي،
ڪر تون اسان نال بات ميان.
هين تون اسانڏي سر دا والي،
خيال تسانڏي ڪنون ناهيان واندي،
راتيان ڏينهان آهي اُٻهلي،
طالب تسانڏي تات ميان.
جوڳڻ هوڪي جوڙ بناڪي،
الفي عشق دي ڳَل وچ پاڪي،
ڌوڙ ڀڀوت لڱي نون لاڪي،
مرلي ڪرسان هاٿ ميان.
هوڪي بيراڳڻ جڳ وچ رُلسان،
در ماهي دي وڃ ڪي کڙسان.
نال زبان دي زاري ڪرسان،
ٻي نه وائي ڪا وات ميان.
”مفتون“ مهر ماهي دي هر دم،
رکين جان جي وچ محڪم.
ڪوڙ ڄاڻي تون عشق بنا ڪم،
عشق رکين اثبات ميان.
*
ڪافي (97)
مل سهيليان ويکڻ آئيان،
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.
ماهي ميڏا منجهيان چاري،
اڳليان پڇليان کڙا تنواري،
گهمدا ڦردا ندي دي ڪناري،
ڪٺيان ڪريندا هڪي جايان-
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.
سر ماهيدي پٽ دا دوشالا،
منهن ماهيدا جئن گل لالا،
هٿ وچ ڪنگڻ ڪن وچ والا،
چشمان کڙيان پيتي صُراحيان-
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.
رات انڌاري موج بحر دي،
بنا ماهيدي ساعت نه سرندي،
رانجهن ڪيتي تارمين تردي،
ماهي جڏان کڙو بجليان وڄايان-
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.
رانجهن ڇوڙيا تخت هزارا،
قيد ڪتيس هي ساهه ويچارا،
آڻ ماريس وچ جهنگ دي نارا،
چشمان ماهي جڏان چايان-
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.
هوڪي مسافر چاڪر سڏايس،
دلڙي ميڏي ڪون مار منايس،
ويس فقيري ڳل وچ پايس،
رمزان چاڪي رانجهو لائيان-
پار ندي دي رانجهن ديان جايان.
تسان سيان ڪون متيان ڏينديان،
دلڙيان سيڏيان رنج ڪرينديان،
کيڏي ڪيتي مغز مرينديان،
ڳالهيان ڪرينديان اجايان-
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.
”مفتون“ آکي ماهي ميڏا،
ڪر نه وڇوڙا يار تون ايڏا،
ساهه ميڏا هي بردا تيڏا،
پاند ڳچي ڳل بيٺي پاوان-
پار ندي دي رانجهو ديان جايان.
*
ڪافي (98)
ميڏا رانجهو هي دلبر يار وو،
اهو صورت دا سردار وو،
جنهن چوٽ چکائي،
ويت آپ لِڪائي.
سيان جوڳي جادو جوڪيتا،
مار اسانون قابو ڪيتا،
ساهه ميڏي دا سينگار وو،
ويندا روح ريجهائي.
ڪوئي بهانا دل وچ جوڙيس،
واڳ سيالان ڏنهن جو موڙيس،
جوڙيس تخت هزار وو،
ڪيتس شهر گدائي.
سر جوڳي تؤن اولان گهولان،
ڳالهه انهين دي ٻيٺي ٻولان،
ڏينهان راتيان پچار وو،
سهڻل دي هي سدائي.
ماهي مينون رب ملائيسي،
آس اندر دي شال پڄائيسي،
ٿيسان مين باغ بهار وو،
مولا آس پڄائي.
طعني تنڪي سر تي سهسان،
وڃ رانجهن ڪون ڳول لهسان،
درسن ڏيک ديدار وو،
ولسان چاڪ ڇٽائي.
”مفتون“ تيڏا ڦري فراقي،
تيڏي ملڻ دا هي مشتاقي،
روئندا زارون زار وو،
وتي لاس لڳائي.
*
ڪافي (99)
سانون عشق لڳا يار پياري دا،
ميڏي نيڻان قوت نظاري دا.
اکيان تيڏيانواٽ تي کڙديان،
جنهن ڪون ڏيکن تنهن ڪون پڪڙديان،
اهي خيال رکن ڪنهن ڌاڙي دا.
گهن کڙوون گهير تي گهٽيان،
ڏيون بازن وانگر جهٽيان،
ڪوئي شوق رکن ته شڪاري دا.
ظالم وانگر ڦرن سدائي،
زوران زور ڪريندي لڙائي،
ڪيا وس ڪنهن نه ويچاري دا.
جاءِ ڪُجاءِ نه ڏيکن مُٺيان،
کڙ ڪنهان ڪون مارن لٺيان،
ڪي ڪرن شهيد تراري دا.
”مفتون“ آکي يار سياڻا،
ڪر نه اسان نال اهڙا ماڻا،
تينون قسم آهي ڪلتاري دا.
*
ڪافي (100)
رانجهو يار ملي ته مين جيوان،
ماهي بن جيوڻ هي مجال ميان.
مينون منهن ماهيدي موهه ڳڌا،
ميڏا هيڻا هويا حال ميان،
تر تار ويسان مين يار ڏونهين،
توڙي سر چوچڪ گهتي ڏال ميان.
اڳهين جو مين هوندي آهيس،
ڏاڍي ناز نخري نال ميان،
جڏان لنوَ لڳي سهڻي يار والي،
تڏان وسرڳئي سڀ تال ميان.
ڪم ڪار سڀئي ڇوڙ ڪنين،
رانجهو نال ٿيسان رهوال ميان.
وچ در ماهيدي سر ڏيسان،
ڏينهن رات چاريسان مال ميان.
”مفتون“ محبت يار دي مينون،
سيني اندر هي هر سال ميان،
متان برهه چا دستون ڏيوين،
رکي سير سيرت سنڀال ميان.
*
ڪافي (101)
مين تان بردي آن يار پياري دي،
اُهين دوست مٺل منٺاري دي.
در تيڏي دا ڀرسان پاڻي،
سڪ گهڻي هي سانون سيباڻي،
تو محب مٺل منٺاري دي،
اصل ڪنون هان تو لئي بيراڳي،
ڪج ته مُٺي مان آهيان ساڳي،
ڏينهن رات مشتاق نهاري دي.
عشق اسانڏي سر جهليا،
وچ ڳليان دي وڄ ڪر هليا،
ڪائي لڳڙي چوٽ نغاري دي.
رت ڇڏينديان آون اکيان،
خون عاشق دي خاطر بُکيان،
مين گهول انهين خونخواري دي.
مزگان تيڏيان موت مرينديان،
رمزان رليل واٽ ڦرينديان،
سانون ڪل نهين انهي چاري دي.
”مفتون آکي ملڪ تسانڏي،
جان جُثا تي جند اسانڏي،
تينون پارت هي ته ويچاري دي.
*
ڪافي (102)
وسرڳيا ڪم ڪار سيان وو،
عشق جَڏان ميڏي سر تي آيا.
ريِهه نِتوئير دلڙي اسانڏي،
پلڪ پلڪ وچ يار تسانڏي،
بيٺي ڪران گفتار سيان وو،
برهه تيڏاهين جهولڙي پايا.
اڱڻ اسانڏي آءُ تون جاني،
تئين ين ميڪون هي حيراني،
ٻي نه خبر ڪا چار سيان وو.
روز تسانڏا دل وچ رايا،
هي تسانڏي محبت مينون،
آک سڻاوان يار مين ڪهنون،
وچ کلي بازار سيان وو،
نينهن نغارا آڻِ وڄايا.
يارب! رهندا ”مفتون“ ماندا،
دوست دي خاطر رهي سِڪاندا،
ميل مينون دلدار سيان وو،
سوال اسانڏا ڪڪر تون سجايا.
*
ڪافي (103)
شل ترس پوي ڪو طبيبا نون،
ڪجهه غور ڪرن ته غريبان نون.
واٽ تي دشمن آڻ جو ڊهندي،
راهه رنڊاوڻ خاطر ٻهندي،
ڪائي مار پوي سو رقيبا نون.
عشق دي لوڪان خبر نه ڪائي،
ڏاڙهي سو چني منهن وچ آئي،
پڙهه پڙهه جو خطبي خطيبا نون.
ٽولي ٽولي ڪرڪي آون،
ٻهه نصيحت سانون سڻاون،
ڪيا ڪجهه ته آکان مين اديبا نون.
غير غصي نون ڇوڙ سدائي،
ڪر تون اسان نال ڀال ڀلائي،
مين آک رهيا ته عجيبا نون.
”مفتون“ موهيل مست جو ٿيڙا،
خيال دنيا دا ڇوڙ جو ويڙا،
ويک هار سينگار حبيبا نون.
*
ڪافي (104)
ڪنهن ڪون آکان هي حال ميان وُو،
عشق سڄڻ دي النبا لايا.
وسرڳئي هي ٻي سڀ چالي،
دوست گهتي هي دل وچ دُوالي،
صبر قرار محال سيان وُو،
حسن دلبر دي فڪر ڦٽايا.
رانجهن ميڏا جهنگ وچ وَسدا،
نال کلڻدي دلڙي کسدا،
گهول گهتان سڀ سيال سيان وو،
عشق رانجهن دا مين چُم چايا.
يا رب! ساول سڻين تون سارا،
ميل ”مفتون“ ڪون يار پيارا،
محب مٺا مَتوال سيان وو،
محبت جهنڊي مچ مچايا.
*
ڪافي (105)
سانون لايڙي تار،
ماهي ميڏي سئيان سئيان،
ڪول اسانڏي آڪر ٻيٺا،
مالڪ تخت هزار،
نيڻ سڄن دي بازان وانگر،
چڙهيا شوق شڪار،
لنوَ تهين دي لئيان لئيان.
يار اسانون ٻهڻ نه ڏيندي،
طلب تيڏي تڪرار،
رات انڌاري موج بحر دي،
وڃ ڍونڍيسان پار،
”مفتون“ آکي ماهي ميڏا،
درسن سانون ڏيکار،
پوءِ جڳت وچ جئيان جئيان.
*
ڪافي (106)
پلپل پياسي پنڌ پڇاون،
متوالان دي لانگهي.
ابرو ابر عنبري اُڀريا،
چوڦير چاند گلان دي،
ڏيو گاج ڪرينديان گهمريان،
عاشق اڙن اڙانگي.
ڳلڙي گل گلابي نازڪ،
وچ گلزار گواندي،
مشتاق براق برهه دي باري،
چشمان چاون چانگي.
زلفان زور زنجير زهر دي،
ظالم ظلم سڪاندي،
ڏيک قيد قيود انهان دي،
ڦاسن پياسي سهانگي.
چشمان نازڪ دلبر ديان،
چهري چاڪ چکاندي،
ڇريان ڇوهون مارڪي ڪٺڙا،
عاشق هوئي مهانگي.
”مفتون“ مست موالي ڪيتي،
ماهي جوئي چاهه چواندي،
ويسان ڌڙسان پڇي نه کڙسان،
بت ڪريسان ڀڃ ڀانگي.
*
ڪافي (107)
ڀلا مين آهيان يار وو،
اصل تسانڏا غلام گولا.
برهه تسانڏي مچ مچايا،
سوا سڄڻ دي سڀ سڙايا،
اول ڪنون ها سڄڻ تسانڏا،
بن تسانڏي نهين هان ڪنهن دا،
سيني سهايم ڏک تسانڏي،
محب موچارا قدم تسانڏي،
طعنا تنڪا لوڪ سنديرا،
ڪرن دمدم هزار ڦيرا،
”مفتون“ هي وو ملڪ تسانڏي،
مهر منگندا ڪول تسانڏي،
سڏي سڻاوان يار وو.
*
ڪافي (108)
چاڪ لڳم چاڪ دا،
نيهن نشاني چڙهيا،
روز رانجهن ڪيتي،
منهن ماهي دي ڪيتي،
مثل جوڳي هوڪي مين،
لاس لڱا نون لڳا واس،
پياس پياري دي لڳي،
سڪ سڄن دي ڪيتي،
”مفتون“ اسان نون برهه ميان،
هڻ ڪرينديان ڇٽيان،
چاڪ ڪيوين ڇٽاوان مين،
منهن ڪيوين مٽاوان مين.
مين پار ندي پوندي هان،
سيج بند سٽ سٽاوان مين.
چاڪ ڪيتي جڳ ڦران،
ويس ڪيوين مٽاوان مين.
ٻهڻ مول نه آؤندا،
هوش عقل هٽاوان مين.
روز ازلون هي لڳا،
آپ ڪيوين ڪٽاوان مين.
نيڻان دي رم جهم،
تار زلف خم خم،
دلڙي اسنڏي ني وو،
جانب جاني وو،
سونهن سڄڻ دي وو،
بيشڪ ڪيتا وو،
عشق دي ٻاجهون ني وو،
يار اسانون وو،
”مفتون“ ازلئون ني وو،
بار اسانون وو،
جام پيتا جَم جَم.
*
ڪافي (110)
رانجهو ڪي رمزان لايان،
وسر ڳيان ٻيان وايان.
رانجهن ميڏي سر داسائين،
گهول کيڙي نون گهماوان.
سر سهڻل دي سوني ڪلنگي،
مشڪ عنبر مين لايان.
باز برهه دي دليان اسانڏيان،
مار چنبي وچ چائيان.
ڳالهيان تيڏيان ڳل دي ڳهڻي،
ڳلي ڳلي وچ ڳائيان.
سيان مينون ڏيوو نه مهڻي،
پوڪي هار مين پاوان.
رين انڌاري بادل گجدا،
جهوڪ رانجهن دي پڇاوان.
”مفتون“ آکي مَٽ ماهيدا،
اور ڪنهين نون نه ڀاوان.
*
ڪافي (111)
ميڏي زاري زار ڙي،
در دوست دلبر دي.
ننڊ نه آوي ٻهڻ نه ڀاوي،
ڪا جا لڳڙي لنوَ لغار ڙي.
در تيڏي تي کڙدي کڙدي،
تون ته لڙدي رين گذار ڙي.
ويک تيڏا ڳل دلڙي کِلدي،
جيوين کليا باغ بهار ڙي.
منهن تيڏي وچ رين ذلف دي،
ڄڻ چاند کليا چوڌار ڙي.
مُنهن تيڏي دي سهڻل سائين،
وچ ڳل اسانڏي ڳار ڙي.
”مفتون“ سير سڄڻ تون دَمدم،
جِند جان گهوليندا وار ڙي.
*
ڪافي (112)
نيڙي آوين تون يار،
رهه اسان ڪنين راتيان ڏينهان.
ڪول ٻهڻ دا سر اسانڏي،
پلڪ پلڪ وچ آن اسان ڪون،
طرف اسانڏي نال نازان دي،
گهر اسانڏي ناڪ ڪرم دي،
”مفتون“ آکي محب اسانڏا،
ٿورا لاوين تون يار.
مُنهن وکاوين تون يار.
چشمان چاوين تون يار.
ڀيرا پاوين تون يار.
عرض اگهائين تون يار.
*
ڪافي (113)
ويکو سيل سياڻي دا ميان،
چڙهه ڪي براق معراج سڏايا.
مين تسانڏي وو سام پيا هان،
تون ته ضمان زماني دا وو.
راتيان ڏينهان وو ڪجهه نهين کڙدا،
تو بنا نيڻ نماڻي دا وو.
عالم تيڏا وو بيشڪ بردا،
تون ته جمال جهاني دا وو.
وچ گناهان عمر گذري،
پيِ ڪر جام جواني دا وو.
مين ته گداگر وو طالب تيڏا،
نه ڪوئي بخت طولاني دا وو.
”مفتون“ آهي ني وو تيڏا سائل،
نه ڪوئي نام نشاني دا وو.
*
ڪافي (114)
سانون دلبر جام جو ڏيتا
اسان پر پيالڙا پيتا.
پيڪي پيالا پريان والا،
ساهه سڄڻ تون صدقي مين ڪيتا.
پيش ساقي دي سجدا ڪيتم،
جام جنهن دي دستون مين پيتا.
ڇٽڪيا ناوڪ نينهن تيڏي دا،
آن اسانڏي ساهه ڪون سيتا.
”مفتون“ ڪنون سائين منهن نه مٽاوين،
شال هووين تون جڳ وچ جيتا.
*
ڪافي (115)
پرهه ڦٽي پرڀات وي،
عشق اسانڏي اڱڻ جو آيا.
آني اسان ڪون ننڊ اٺايس،
آکيس ڀليري بات وي.
سوا برهه دي ٻيان جو ڳالهيان،
هِن سڀئي هيهات وي.
جو دم جيوي سِڪ سڄڻ دي،
رکي اندر اثبات وي.
”مفتون“ ڪون سائين هي محب دي،
راتيان ڏينهان تات وي.
*
ڪافي (116)
برهه ڪيا هِن پسارا،
ميڏا جانا وي سر اسانڏي وي،
اڱڻ اسانڏي دمدم آڪي وي،
قدم قدم تون گهول گهميسان وي،
ريءَ توهان جي ڪينءَ جاليندا وي،
”مفتون“ آکي سر اسان جي وي،
پير پاوين تون پيارا.
جان جُثا سو سارا.
عاشق شودا ويچارا.
عشق ڪري ٿو اتارا |