*
ڪافي (20)
تن ۾ آهي تار،مارن ملڻ جي.
ملڪ مارن جي ماڳ ملهاريا،
ڦوڳ ڦلاريا،سنڱر سنواريا،
گاهن ڪيا گلزار.
ڀٽان ڀلاريون بيحد بهاريون،
اَٿن اجڙ کي اجڙو اُلڪيريون،
ڏنؤرن سندا ڏار.
سانگي سچارا سهڻا سيباڻا،
جن جا سونهن ٿا ڀٽن تي ڀاڻا،
لڳڙي اٿم لار،
محبت سانگين جي سدائين ساريان،
هڪڙي گهڙي ريءَ مان نه گهاريان،
سهڻي اٿم سار.
”مفتون“ محب کي دمدم ٿو ساري،
ويچارو نماڻو گهري ڪئن گذاري،
دلبر بنان ڌار.
*
ڪافي (21)
غمزن تنهنجن گهمسان ڪيو،
ماري ملڪ دلين جو ويران ڪيو.
ماري ڪان ڪمان کينون ته وتن،
وڃي بر ۾ تير تکا ته هڻن،
چانگا هرڻ جو شڪار ڪيو ته اچن،
مون کي قتل ته ابرو ڪمان ڪيو.
منهجي يار جي حسن جي فوج چڙهي،
منهنجي منهن ۾ آيو تنهن ساڻ لڙي،
ڪاري ڪٻري پئي آهي سڀ ڦڙهي،
انهيءَ فوج وڏو نقصان ڪيو.
ڪُن عشق سندس هن تار ميان،
پهريان مرڻ ڪجهه اختيار ميان،
پوءِ پير وجهو انهيءَ پار ميان،
متان پوءِ اتي ارمان ڪيو.
اڄ يار سڄڻ سينگار ڪيا،
ڇوڙي دام زلف جا تيار ڪيا،
ميندي مشڪ مساڳ نگار ڪيا،
اچي جان جُثو قربان ڪيو.
سڪندي سال ٿيا هن يار مون کي،
تولئي ڏک ڪٽيندي دلدار مون کي،
تنهنجو عشق آهي اظهار مون کي،
اچي ”مفتون“ مٿي احسان ڪيو.
ڪافي (22)
تنهنجي پسڻ لئي آءٌ پيِر پڇايان،
ڏينهن گهڻيرا مان لڇندي لنگهايا.
تو بن ٿيڙس ڪين آرامي،
رات اسان جي ويَڙي وهامي،
نار نيڻن جا مان نِت وهايا.
در ڌڻيءَ جي گهريون مان دعائون،
شال ته ايندم واڳ ورايون،
سوال اسان جا ٿيندا سجايا،
جنهن ڏينهن لاڪون ڪيڙو پاسو،
ڪين مُڪو ٿي دَڙ دلاسو،
تو ته اسان لاءِ مچ مچايا.
شالُ اسان کون ڏور نه ٿيندين،
اڱڻ اسان جي پلپل ايندين،
لطف ڪندين ڪي سرس سوايا،
اَصلئون آهيان تنهنجو ٻانهو،
حسن تنهنجي تي محب مستانو،
رمزن تنهنجي ڪي رنگ رسايا.
”مفتون“ آکي محب جو ايندو،
اڱڻ اسان جو باغ جو ٿيندو،
پير جڏهن هت يار گهمايا.
*
ڪافي (23)
ڪي ناز ڪيون لنوَ لائين ٿو،
لنوَ لايون پاڻ ڪڍائين ٿو.
کڻي خوني ڪُهڻ ڪٽاريون،
يار وڃي ٿو ناحق ماريون،
رت عاشقن جي يار هاريون،
هٿ مينديءَ ساڻ رڱائين ٿو.
ڪي ته عاشق ٿو يار ترائين،
ڪي ٿو جئارين ڪي ٿو مارائين،
ڪي ته سڏائين ڪي ته ڦرائين،
ڪي سوريءَ سر ته چڙهائين ٿو.
ساڻ حڪم جي ساهه کسيو ٿي،
وعدو ملڻ جو ڪو نه ڏسيو ٿي،
حال اسان جو ڪين پسيو ٿي،
سر عاشقن حڪم هلائين ٿو.
دلبر آهين دل جو جاني،
ڪونهي تنهنجو جڳ ۾ ثاني،
دلڙي ڪئي ٿي يار ديواني،
منجهه روحن يار رلائين ٿو.
”مفتون“ آهي در جو دايو،
تنهنجي خاطر يار سڪايو،
تو ته اسان سان نيهڙو لايو،
ڪي بار برهه جا بچائين ٿو.
*
ڪافي (24)
شال ڏيندين دلداري،
محب اسان کي ملڻ جي.
هير حجت ناهه وو دلبر توسان وو،
نانءُ ڌڻي جو ٿي باري،
ڳالهه چئجانءِ ڪا اچڻ جي.
ننڊ نيڻن کي وو بلڪل ناهي وو،
ڪيئن ڪري هيءَ ويچاري،
جاءِ نه آهي پڄڻ جي.
توڏي تڪيندي وو رات وهامي وو،
پلڪ ڏکي مان گذاري،
وائي ڪڍج ڪا ورڻ جي.
لالڻ توکي وو لائق ناهي وو،
اهڙي ڪر نه هيڪاري،
ڳالهه نه انهن چوڻ جي.
ڏي ڪو دلاسو ني وو محب مفتون کي وو،
آهي گهڻو بيقراري،
سڪ اٿس تو سڄڻ جي.
ڪافي (25)
جڏهن نيڻ کڻي ته نهارين ٿو،
هي ماڻهون ناحق مارين ٿو
ڏينهن لنگهي ويا ڪينڪي آئين،
ڳالهه اچڻ جي ڪا نه ٻڌائين،
دل کي دلاسو ڪو نه ڏيارئين،
ڪا ته ڪاوڙ دل ۾ ير ڌارين ٿو.
عاشق تنهنجا وتن ويڳاڻا،
ڪي ته گهمن محب مستانا،
ڪي ته ڦرن ٿا دوست ديوانا،
جڏي صورت سهڻي سينگارين ٿو.
سڪ اوهان جي دل ۾آهي،
روز اوهان ڏي بيٺي ساهي،
ڪاڻ ته هرگز توکي ناهي،
ڀلا ڇا لئي غريب وسارين ٿو.
ساڻ کلڻ جي خون ڪرين ٿو،
ظُلم ڪرڻ کون ڪين ڏرين ٿو،
سر اسان جي يار چڙهين ٿو،
ڪي ڪانَ کنيو ته اُلارين ٿو.
”مفتون“ آکي سهجون ساري،
ودست لڳي هان تنهنجي لاري،
آءُ سڄڻ تون منهنجي اُتاري،
ڇو عرض منهنجا الا ٽارين ٿو.
*
ڪافي (26)
پرين مهننجي جا پار وو يار،
ڀروان ڀنڀون نيڻ خماري.
اچي وڃي ٽهڪندو ميان لا،
باغون باغ بهار،
ڪل گهٽيون ٿيون گلزاري.
صدقي صدقي ڪيان ٿي ميان لا،
قدم قدم تون ڌار.
جان جُثو هيءَ جند ساري.
مَٽ پرينءَ جي ڪونهي ميان لا،
حوران پائن هار،
توڙي پريون ڪن دلداري.
مرڪڻ مٺڙي محبن جي ميان لا،
لاتي تند تنوار،
پاڻي اکين جو ٿيو جال جاري.
”مفتون“ ڏي ني وو مهر منجهارون ميان لا،
نيڻ کڻي ته نهار،
زور نٿي، اٿي منهنجي زاري.
*
ڪافي (27)
ذڪر ذاتي سڀو فائق،
سندو فرقان ۾ آيو.
کڻي زلفن سنديون ڦاهيون،
آيون ميدان ۾ ڪاهيون،
ويون وسري ٻيون وايون،
جڏهن امڪان ۾ آيو.
ڇٽيون برهن سنديون بحريون،
ڏين لمڪا ڪرن لهريون،
گڏيون هن گوشت ۾ گهَريون،
جو دؤن جولان ۾ آيو.
لڳو ٿم نينهن نيشانو،
گهمان ٿو مرد مستانو،
ڳڌو تم مست ميخانو،
عجب جهان ۾ آيو.
پرين ”مفتون“ سان پرچي،
رهي وڃ رات ڪا سرچي،
سندءِ ويراڳ ۾ ورچي،
گولو گهمسان ۾ آيو.
*
ڪافي (28)
ماهي يار مٺل دل- جاني!
جنهن نينهڙو لايو زور سان.
نازن تنهنجن واه جو ڪيڙي،
دل اسان جي ديواني،
ريهي ريهي ڏاڍڙي اَور سان.
دوست جو درسن اڄ ڏٺوسين،
سير ٿيو سلطاني،
جڏهن ٿياسين مقابل مور سان.
بوندان برهه جون آڻي مالڪ،
ابر جئين آسماني،
تئين سو لٿيون گهنگهور سان.
”مفتون“ آکي مولا ميلي،
يار سچو سبحاني،
ڏسي نيڻ ڀريا نت نور سان.
*
ڪافي (29)
نـــازن وڌم نِــهــوڙي،
عشق جي ڪيٻر ڪٽيان.
ديدن تنهنجن ڌاڙو ڪيڙو ميان،
هوش اسان جو لُٽ ۾ ويڙو ميان،
ڦٽ وڌءِ يار ڦوڙي،
محبت تنهنجي ڪيئن مٽيان.
اصل اول ۾ ڏئي دلاسو وو،
هاڻ ڪرين ٿو يار تون پاسو وو،
جاڙ ڪيئي يار جوڙي،
ڳالهيون ٿي ڳايان ڳچ ميان.
”مفتون“ چئي نيهن نڀائج لا،
کلي اسان سان يار ڳالهائج لا،
تنهنجي عشق وڌڙم جهوري،
سور مٿي تي مان سنيان.
*
ڪافي (30)
غمزن ماري گليلان،
بال بدن جا ڀڳائون،
برهه بڇيون هن باهيون باهيون.
نازن نخرن دل اسان جي تي،
پلپل ڪيڙون اُليلان،
مَن اسان جو مُلهه ڳڌائون.
بوندن برهن وو روح ريڌل تي،
پاڻ ڪيون هن پهيلان،
ونگ ورائي وڌائون.
نيڻ نماڻا ني وو پرين پياسي،
تاڙان ڏئي ڪي طفيلان،
يار کي ڳولي لڌائون.
ڏورئون ڏسڻ لئي ئي وو مار نه مون کي وو،
ڪر نه وهيل تون اويلان،
آءُ تون سڄڻ سنجهه صباحون.
”مفتون“ آکي ني وو مزگن تنهنجن وو،
ميخان کڻي ڪي جو سيلان،
هينئڙي اسان جي هنيائون.
*
ڪافي(31)