مولانا جنهن دؤر سان تعلق رکي ٿو ان ۾ ٽالپورن جي
آخري ۽ انگريزن جي ابتدائي زماني جا هيٺيان شاعر
شمار ٿين ٿا:
آخوند عزيز الله مٽيارين وارو، جنهن قرآن شريف جو
سوليءَ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو.
خليفو گل محمد هالائي، جنهن موضوع جي لحاظ کان
فارسي زبان جي تتبع بدران نج سنڌي ٻوليءَ، ان جي
محاورن ۽ قافين ۾ شاعري ڪئي.
روحل فقير، جنهن صوفيانه رنگ ۾ ٻين شاعرن جي طرز
اختيار ڪرڻ بدران سنڌي شاعريءَ ۾ نئين راهه ورتي.
ديوان دلپت صوفي، جنهن جي سنڌي شاعري پڻ هڪ مثالي
حيثيت رکي ٿي.
پير علي گوهر شاهه اصغر، جنهن سنڌي شاعريءَ ۾ سوز
گداز وسيلي بهترين ڪافين جي تخليق ڪئي.
حمل فقير لغاري، جنهن سنڌي توڙي سرائڪي ٻوليءَ ۾
پنهنجي شاعريءَ جا اڻمٽ اهڃاڻ اجاگر ڪيا آهن.
مصري شاهه نصرپوري، جنهن جي قادرالڪلامي، سنڌي
شاعريءَ جي سونهن ۽ ساک جو درجو رکي ٿي.
سنڌي زبان، جنهن جي بنيادي تحريڪ 1299ع هه مطابق
1852ع انگريزن جي ڪوشش سان شروع ٿي هئي، تنهن لاءِ
اڳئين دؤر جا اديب ۽ شاعر آخوند عزيزالله ۽ خليفو
گل محمد هالائي توڙي پوئين دؤر جا شاعر مولانا
مفتون همايوني ۽ مصري شاهه ڄڻ قدرتي طرح پنهنجون
ذميواريون محسوس ڪري باقاعدي تحرڪ وٺي رهيا هئا،
جنهن جون ثبوت هنن جي نج سنڌي شاعري ۽ ان جي ٺيٺ
سنڌي محاورن مان ملي ٿو. هي بزرگ ڌارين زبانن جي
پوري ڄاڻ رکندي به پنهنجي ٻوليءَ کي پنهنجي ئي
سونهن سڳنڌ سان سينگاري رهيا هئا، جنهن جو نتيجو
اهو نڪتو، جو سنڌي ماڻهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پرک ۽
پروڙ روز بروز وڌندي ويئي.
اها حقيقت اظهر من الشمس آهي ته مولانا مفتون توڙي
انهيءَ جي دؤر جي ذڪر ڪيل شاعرن روايتي تقليد
ڇڏي، سنڌيءَ ۾ ڪافيءَ کي ته اصلوڪيءَ سنڌي صورت ۾
سنواريو، پر غزل کي به ڌارين ٻولين جي تابعداري جو
محتاج نه بنايو، جيئن ديوان گل جي غزلن ۽ مصري
شاهه جي ڪافين مان واضع آهي. هنن نه صرف سنڌي
شاعريءَ کي نين طرزن ۽ خالص سنڌي محاورن سان مالا
مال ڪيو، پر ان جي موضوع ۽ مضمون ۾ به پنهنجي
ماحول جون معنائون پيدا ڪيون.
انهن خويبن کان علاوه مولانا مفتون ۽ ان جي همعصرن
شاعرن جي ڪلام جي ٻي وڏي خوبي اها آهي ته هنن جي
هر سِٽ ۾ موسيقيءَ جي سٽاء موجود رهي ٿي. جهڙيءَ
طرح مصري شاهه شاعريءَ سان گڏ موسيقيءَ جو به
سرجڻهار آهي، تهڙيءَ ريت مولانا مفتون پڻ شعر سان
گڏ موسيقيءَ جي به اُوسر ڪئي هئي. ايتريقدر، جو
جتي به ڪنهن شعر جا لفظ موسيقيءَ جو پورائونه ڪري
سگهيا آهن، ته اتي هن سُر تار کي قائم رکڻ لاءِ
”ني ۽ وو“ جهڙيون ماترائون اضافي طور ڪتب آڻي ان
جي پورائي ڪئي آهي، جيئن هي شعر:
ٻانهڙي آهيان وو دلبر تنهنجي ني ميان،
جاڏي ڪيو يار تاڏي لا...
اها يا مولانا جون ٻيون ڪافيون اهڙيون آهن، جن کي
هڪ اڻڄاڻ ماڻهو به ڪنهن ڳائڻي جي مدد کان سواءِ
آسانيءَ سان جهونگاري سگهي ٿو. انهيءَ نموني اڳين
مان جن ٻين شاعرن جون ڪافيون لکيل آهن، سي به بنا
ڪنهن استاد جي سريلي آلاپ ۾ ڳائي سگهجن ٿيون، جن
جون مضمون توڙي موضوع نج سنڌي ٻولي ۽ محاورن تي
مبني آهي.
اهو ڪلام جو دل جي گهراين مان جُڙي ٿو، سو
هر ڪيفيت سان گڏ موسيقيءَ جو موجد به هوندو آهي.
ساڳيو مثال مولانا مفتون۽ انجي همعصر شاعرن سان
ملي اچي ٿو، جيڪي شرعي عالم هئڻ جي حيثيت ۾ ڪنهن
به موسيقيءَجي ماهر جي مدد ته نه حاصل ڪري سگهيا،
نه وري وٽن ڪا راڳ رنگ جي محفل لڳندي هئي، تڏهن به
هنن جيڪي وايون ۽ ڪافيون لکيون آهن، سي موسيقيءَ
جي آلاپ ۽ ليءِ کان پري نه آهن، جيئن تجربو شاهد
آهي.
مولانا مفتون جون ڪافيون مضمون ۽ موسيقيءَ جي بناء
تي هيٺينءَ ريت ترتيب ڏنل آهن، جن ۾ ڪافي ۽ وائي
ٻنهي جو اندازو موجود آهي.
(1)پنجن سِٽن واريون ڪافيون جهڙوڪ:
ٿل: سهسين ساهه سڪايا هي وهه واهه،
سهڻي هار سينگار سڄڻ دي،
مفتون ويک سينگار سانول دا،
واٽ وچاهون ڦِرڦِر ول دا،
مُنهن ماهي دا ويک ڪي ڳل دا،
نَٿڙي ونَگ ورايا هي وهه واهه،
جيوين نانگ چوڦير چندن دي...
(2) چئن سٽن واريون ڪافيون، جيئن:
ٿل:آءٌ ته اصل کون آهيان پرين،
پيرن اوهان جي جي پڻي.
تون اچ اسان جي گهَر گهُري،
آڻي پوان لاهي سِري.
قدمن اوهان جي تي ڪِري،
اها ڳالهه آهي مون ڳڻي.
(3) ٽن سِٽن واريون ڪافيون، مثال طور:
ٿل: لنو ويئين تون مون سان لايون،
نينهن نه ويڙين توڙ نڀايون.
اکڙيون اڙائي دلڙي کسين ٿو،
حال اسان جا ڪين ڏسين ٿو.
تون ته ڪرين ٿو يار وڏايون.
(4) ٻن سٽن واريون ڪافيون هيٺين نموني:
ٿل: عشق اڱڻ مون آيو وو ميان،
مچ اندر ۾ مچايو وو ميان،
برهه ڀورل جو بيحد باري،
سيني اسان جي سمايو وو ميان.
(5) هڪ سِٽ واريون ڪافيون هن ريت:
ٿل: روئي گذاريم رات، مٺن ماري ريءَ،
سکين سانگين ريءَ.
پلڪ پلڪ ۾ منهنجي اندر ۾، اچي پون اوقات...
فني ڪمال جي نشاندهيءَ کان پوءِ مولانا جي شاعريءَ
جا ڪي ٻيا نمونا پيش ڪجن ٿا. جن ۾ سلوڻي سنڌي،
مناسب محاورا، وڻندڙ تشبيهون، تجنيس حرفي، جاندار
استعارا، ڪنايا ۽ تمثيلون نج سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود
آهن.
(1)جهانگيڙن سان وڃي جاليندس،
سور تنهين کي سڀ سليندس،
ڇڏ عمر وتن ڄام-
الو ميان ڇو باند ڪئي ٿي ناحق باندي
(2)نينهن وڌو ٿم اڳ ئي نهوڙي،
ويتر ويٺين ڪاوڙ جوڙي،
هي ته مناسب توکي ناهه...
(3)يار وڏو ڪو لاتڪ آهين،
ڪين غريبن ڏي ٿو واجهائين....
(4) منهنجي يار جي حسن جي فوج چڙهي،
جيڪو منهن ۾ آيو، تنهن ساڻ لڙي...
(5) ڪن عشق سندا هن تار ميان،
پهريان مرڻ ڪجو اختيار ميان.
پوءِ پير وجهو انهيءَ پار ميان.
متان پوءِ اتي ارمان ڪيو...
(6) اڱڻ اسان جي يار سڄڻ کي،
آڻي الله شل لاڙي...
(7) سارو سور اندر جو،
اوريان ڪينڪي عامن...
(8) پاهڻ پير پٿون ڪيا، سور وڃايم سونهن...
(9) رمز سنديري ڪيئي ريل رواني
جئن مينهن سنديري جهڪ ميان...
(10) غمزن جون ماري گليلان،
بال بدن جا ڀڳائون...
(11) صافي بدن بلور جان،
گهمڻي مٺل جي مورجان...
(12) جوڀن تنهنجو جهڙ جنساريون،
غمزا تنهنجا گل گلزاريون،
رنگ رتل دن رين...
(13) ووڙ وند ريءَ ناهي مون لا
وار کنهڻ جي واند ڙي ...
(14) هن سڪيل کي سڪ ۾ ميان لا،
سال لنگهيا هن سال ڙي...
(15) مهر منجهائون مينڌرو ميان،
پاڻ ڀلائيندم ڀال ڙي..
(16) پنهنجي پکن ڪاڻ پير ٿي سوريان،
ڪاڻ ڪن ڪوٺن آءٌ...
17) ڪنگڻ پائي، ٻانهن لوڏائي،
ڪيري وڌايئن چنڊ...!
(18) کنبڀيون خوب کڙيون ٿي پٽن تي،
نڪتيون سبزيون صاف پٽن تي،
گاهن ڪيڙا گهاٽ..
(19) وڏ ڦڙي ڪيا ڏاڍا وسڪا،
ڦڙيءَ ڦڙيءَ تي ڦهڪون ڦهڪا،
ڇوهون ڇٽي پئي ڇاٽ...
(20) هندي شعر جو نمونو:
هماري يار ڪا مکڙا
ڪلام الله ڪي صورت،
اُسيڪي خنجر –ابرو
هين بسم الله ڪي صورت،
سنڌي ۽ سرائڪيءَجا ڪي وڌيڪ ۽ وڻندڙ مثال:
(1) ڪڪر ڪڪوريان، بجليون ڀڙڪيون
بوندان بهاري آيون ڪڙڪيون،
اُٺڙا مينهن ملهير!
(2) ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا،
ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا،
ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا،
قربان هزارين مان رڳو...
(3) جهالر تنهنجي جهومر لائي،
جهومڪ تنهنجي جنگ مچائي،
ٻانهين هڻي ٿي ٻاڻ ...
(4)منجهه ساڻيهه جي، وسن ٿيون سرتيون،
هن نڌر کي وينديون ورتيون،
شال ڏئي آڌار،
نينديون سور سنگت جا سُويون...
(5) ڪاهه ڪري ڪٺمال ٿي ڪڙڪا،
بُندڙا ڀڙڪ ڏيون ٿا ڀڙڪا،
ايندي ويندي ڏيو دڙڪا،
پرت پياري ساڻ پئي پئي...
مولانا سعديءَ چواڻي:
سپردم بتو مايهءِ خويش را توداني حساب-ڪم
وبيش را
مجموعي طرح مولانا مفتون همايونيءَ جي شاعري انهن
مڙني، خوبين سان ڀريل آهي، جيڪي هڪ صاحب طرز شاعر
جي شاعريءَ لاءِ ضروري آهن. انهيءَ آڌار تي،
جيڪڏهن مولانا مفتون سنڌي شاعريءَ جو هڪ
قادرالڪلام شاعر ليکيو وڃي ته اها ڳالهه ڪنهن به
صورت ۾ بيجا نه ٿيندي، ان لاءَ ته هيءَ شاعري
انهيءَ دؤر سان تعلق رکي ٿي، جنهن ۾ ڪن ٿورن عربي،
فارسي ڄاڻندڙ شاعرن کان سواءِ باقي سڀ اهي شاعر
موجود هئا، جن سنڌي زبان کي پنهنجي نج سنڌي ڪلام
سان سنوارڻ بجاءِ ڌارين ٻولين جي شاعريءَ کي وڌيڪ
ترجيح ڏني هئي، ۽ هنن جيڪڏهن سنڌي شعر چيو به سهي
ته ان ۾ اهو عوام رنگ ڪو نه هو، جو مولانا مفتون ۽
ان جهڙن ٻين شاعرن جي شاعريءَ مان عالم آشڪار آهي.
حيدرآٻا د سنڌ
12 جولاءِ 1972ع نياز حسن قائم الدين
همايوني |