سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تو در آيس

صفحو :6

91-

هونءَ آهين ديوانو اڳيئي

شوق متان مستان ڪريئي.

 

اندر ۾ احوال گهڻيئي

پر تو سامهون پيش نه ڪيئي

 

عرض تي عرض آ منٿ تي منٿ آ

ڏي جيئن ڏين جيئندان جيڪيئي

 

مند سرءُ جي تُنهنجا رساما

گلزاريون تُنهنجي سرتيئي.

 

هجر هليو سو هيڏا زمانا!

ڪر ڪو بلو، جيڪو به پڄيئي.

 

قسمت هيڏين خوشبختين سان

ڪاٿئون آئي، ڪاڏي ويئي.

 

ڪيڏا سارا ساٿي وڇڙيا

ڏسندي، ڏسندي گڏ هلنديئي.

 

92-

ترس، خيال ۽ خواب اچن ترس

سوالن جا به جواب اچن ترس

 

ڪي ته نشان اُهڃاڻ اچن ترس

جلدي تي نه عتاب اچن ترس

 

مند ڦِرڻ ڏي گلشن جي يار

موتيا، مگرا، گلاب اچن، ترس

 

سور ڏٺئَي اڳ منجهه سراسر

صبر جا اجر ثواب اچن ترس

 

دردن، اوسيڙن جا گهايل،

آرام ۾، بيتاب اچن ترس

 

پنڌ پراهان، حال پريشان

پيادا پا به رڪاب اچن ترس

 

هي مظلوم ستايل جڳ جا

هُن جانيءَ جي جناب اچن ترس

 

وقت لکيل ٿيو هر هڪ شيءَ جو

روزِ حساب ڪتاب اچن ترس.

 

پورهيا سارا صاب اچن ترس

رزق ڪٿان بي حساب اچن ترس.

 

93-

رئاڙي، ستائي، رلائي، جلائي

کلائين، ته احسان، لک مهربانيون.

 

عذابن ۾ حڪمت ته لازم ڪا هوندي

ٻڌائين، ته احسان، لک مهربانيون

 

ديوانو بنائين ته پنهنجو بنائين

اي سائين، ته احسان، لک مهربانيون.

 

نه ليکو، نه انصاف، بس معاف، ائين صاف

سڏائين، ته احسان، لک مهربانيون.

 

هي برباد، برباد ڇو ٿيا، اهو راز،

بتائين ته احسان، لک مهربانيون.

 

لکين عيب، منهنجا ۽ بيحد برايون،

لڪائين، ته احسان، لک مهربانيون.

 

هي گستاخ گفتا نه ليکي ۾ منهنجي

لکائين ته احسان، لک مهربانيون.

 

94-

لڙڪن جي برسات ڪري ڪير

هيئن قسمت جو ڏنڊ ڀري ڪير

 

صد قربان ان بي نيازيءَ تان

ڇا ٿيو، جيئي ڪير، مري ڪير

 

ڏوهه ڪري ٿو ڪير، ڀري ڪير

پر چئي ڪير، سوال ڪري ڪير

 

عشق رنڱي ريٽو به ڪري پر

عشق جا سور ڏکيا، سي چري ڪير

 

وعدا سي به قيامت جا پر

ان وعدن تي شڪ به ڪري ڪير

 

حال احوال وٺون ڪيئن، ڪنهن کان

جو نه وڃي هُن پار، وري ڪير

 

هجر رات آ زور اسان کان

ويهي ڏيئي مثل، ٻري ڪير.

 

95-

ڪتيل سُٽ اسان کان ٽُٽي زيان ٿي ويو

صفا زيان ٿي ويو، ڇا نقصان ٿي ويو

 

هيو ڪالهه جيڪو خوشي جوئي سامان

اڄ ارمان ٿي ويو، ڇا نقصان ٿي ويو

 

روئون ٿا ته ڪيئَن زيان انسان ٿي ويو

جو شيطان ٿي ويو، ڇا نقصان ٿي ويو

 

انهيءَ کان زياده به ڇا ظلم ٿيندو

بي ايمان ٿي ويو، ڇا نقصان ٿي ويو

 

سمجهدار سمجهيو هيو سينس ڪيڏو

سو نادان ٿي ويو، ڇا نقصان ٿي ويو

 

ڇڏي دين، دنيا جو دربان ٿي ويو

هي نقصان ٿي ويو، ڇا نقصان ٿي ويو.

 

96-

ڇو افسوس اي ويران رستن جا رولاڪ

نصيبن ۾ تنهنجي نه ارض آ نه افلاڪ

 

ازل کان ئي تنهنجو ته ليکوئي بيباڪ

ملي خاڪ ۾ خاڪ، ائين ٿيو قصو پاڪ

 

سبيو ڪنهن نه تنهنجو گريبان ڦاٽل

ڏٺو ڪنهن نه تنهنجو هي سينو به صد چاڪ

 

ڏٺئي ڪانه تڪليف نازن جا پاليل

ڌڪن ۾ اچي وئين تون هنجن جا هيراڪ

 

ڏسي هڪڙو آباد هن ريت برباد

ٿيا نيڻ نمناڪ، ٿيو روح غمناڪ

 

ڪٿي منهن هي ميرو، مٿي وار چيڙها

ڪٿي حسن تنهنجو هو جهڙو گلن ماڪ

 

عجب حال تنهنجا اڄوڪا هي افسوس

نه هو ڪالهه جن جو ذرو ڪنهن کي ادراڪ.

 

97-

اهو پيار سارو اسان لاءِ ئي هو

اسان ڇو نه ورتو، اسان ڇو نه پاتو

 

هلياسين رڻن ڏي ڇڏي آشيانا

نصيبن سان ڪهڙو نصيب ئي هي پاتو

 

اڪيلي سفر تي هِلياسين انهي حال

پريشان رهي دل، رهيو روح آتو.

 

ٻڌوسين نه افسوس نه سمجهيوسين سولو

هنئين لاءِ هيڏو ٻڌايو هو ڇاتو

 

محبّت اشاري تي موجود خاطر

زمانو اسان جي ته خدمت لاءِ آتو

 

نصيحت ڪري ٿيا جي بيزار عاجز

انهن خير خواهن گهڻو زور لاتو

 

لکين دوستن ۽ پيارن جي هوندي

هڪ انسان نه الفت جو آرام پاتو.

 

98-

دل جا ساده، ميارون نه رک

شامِ غم خون آشام تي

 

يار ڏي حرف، تهمت نه ڪا

سارو الزام، بدنام تي

 

خاص لک مهربانيون، ڪرم

ڪيئن اسان جهڙي هيئَن عام تي!

 

غور ڪج، حال همدرد ٿي

وصل جي عرضِ ناڪام ٿي.

 

سنگدل ڪيئن تو روئي ڏنو

منهنجي اڄ درد آ لام تي

 

ميل جو کيل ممڪن ڪٿي،

جو اسين خاڪ، تون بام تي.

 

ساري ايمان آندو اٿئون

عشق جي دين، اسلام تي.

 

زندگي دم پٽڻ ڏي ته چئون

ذڪرِ آلام، آرام تي.

 

عشق غم سڀ خوشي سان سٺا

هڪڙي اُميد – اڪرام تي.

 

حب، محّبت نه ڪنهن کي ملي

زور، دعويٰ، هجت هام تي.

 

ٿياسين قربان ان نام تي

ميم تي ۽ الف لام تي.

 

شوق شهرت جي ماريا هزار

خير جا گنج گمنام تي.

 

99-

هي ڪيڏي نه عجب جهڙي ڳالهه

ڦٽ ناسور بنا مرهم ٿيو

 

۽ هِن حال لنگهي ويا ڪئين سال

تُنهنجي هٿان هي خوب ستم ٿيو

 

قيل مقال، نه حال احوال ئي

ٿي ويو، هاڻ اسان جو ڪم ٿيو

 

هِت مل، هل نه قيامت جي چال

ڪنهن ۾ ايڏو ڪاٿي ايڏو دم ٿيو

 

تون ئي تلوار، ۽ تون ئي ڍال

تو سان سک، توساڻ الم ٿيو

 

مون کي معلوم آ منهنجو حال

جيڪو ٿيو سو تنهنجو ڪرم ٿيو

 

تون سي پاڻ سنڀالج لڄ پال

جن کي گهندي رحم، شرم ٿيو.

 

100-

عيش به ايندا، ڪر تيسين يار

گوندر تي گذران مڙيئي

 

هي بندا، گنهگار، بدڪار

هي مجبور، لاچار انسان اٿيئي

 

دنيا جي پيارا لڳج نه لار

لک دڙڪا، دهمان ڪريئي

 

خالي هٿ هلڻو ٿيو هُن پار

رهندو سڀ سامان هِتيئي

 

دم لب تي، ساهه سڪل، بت بار

ناڪاميءَ نيشان سڀيئي

 

هوندو عقل، هوشيار، خبردار

عشق بنهه نادان اٿيئي.

 

عرض ئي عرض هي سرڪار

ڏي جيئن ڏين جيئندان جي ڪيئي.

• عابد پنهنجي محبوب سڀاءَ جي ڪري ادبي ميڙن کان پري رهندو آهي. پر شاعراڻي چڻنگ هو سدائين سيني ۾ سانڍيندو ايندو آهي. جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ڀڀڪو ڏئي ڀڀڙ ٿي پوندي آهي. جيئن هن دفعي اها هن مجموعي جي صورت ۾ ظاهر ٿي آهي. عابد جي شاعريءَ جي سڃاڻ سادگي آهي. پر ان سادگي ۾ به غالب جي سِٽ ”سادگي و پرڪاري“ وانگر ڪارمز سمايل آهي يا نارائڻ شيام جي شعر وانگر لفظن جي ”اڇي سادي لباس“ مان شاعراڻين رمزن جون رنگينيون بکي رهيون آهن. سندس سادگي اهڙي آهي، جهڙي اردوءَ جي شاعر ناصر ڪاظميءَ جي. عابد مجموعي طور غزل جو شاعر آهي. هن مجموعي ۾ آيل غزلن ۾ نواڻ آهي. شاعريءَ ۾ نواڻ شاعر جي تخليقي قوتن کي پڌرو ڪندو آهي. هن ڪيترائي اهڙا وزن اختيار ڪيا آهن. جيڪي نه فقط اڻ رواجي آهن. پر ڏکيا پڻ. عابد جو هي مجموعو، سنڌي ادب ۾ بسنت رُت جي هِير ٿي ايندو.

* تنوير عباسي.

---

• عابد ڪمال جو ماڻهو آهي. هو عاشقيءَ جون سموريون روايتون توڙي افسانوي منزلون طئي ڪري اميد ۽ نااميديءَ جي برزخ ۾ لڙڪندو رهيو آهي. عشق بتان يا عشق دوران جون شڪستون ۽ هزيمتون وڏيون معنيٰ خيز ببه آهن ته سبق آموز پڻ انهن لاءِ نه جن کي اهي شڪستون ۽ هزيمتون نصيب ٿيون، پر انهن لاءِ جيڪي هنن جا مخاطب آهن. عابد به صوفين وانگر مجاز منجهان طريقت تي پهتو آهي ۽ هن اُهي سمورا سجدا ڪيا آهن، جيڪي طريقت تي پهچڻ جو جواز بڻجندا آهن. اهو سفر ڏاڍو ڪٺن ۽ ڪنڀائيندڙ آهي. اصل ڳالهه ان ادراڪ جي آهي، ان عرفان جي آهي، شاعري ته ان جي بيان ۽ اظهار لاءِ بنهه ناڪافي آهي. عابد جو انداز منفرد آهي. هو انهن کي ضرور متاثر ڪندو، جيڪي هن جي ذهني سفر جا واٽهڙو هوندا، ۽ اِها وڏي ڳالهه آهي.

* سراج.

---

• اڄ وري جڏهن هو پنهنجي جذبن جي نئين گلدستي سان آيو آهي ته اسين سندس آجيان ڪندي چئون ٿا. محبت اوهان جي اجائي ڪٿي وئي. ڏات نگر کان دور، دنيا جي وهنوار ۾ ويهه ورهيه گذارڻ جي باوجود، عابد جي اندر ۾ ڏات جو ڏيئو جهڪو جهڪو ئي سهي پر روشن ضرور رهيو. عابد اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ عاجزي ۽ نماڻائي  آهي. هن انهن ظاهري عبادتن کي (جن ۾ ڪا غرض سمايل آهي. ڪنهن موٽ جي طلب آهي.) سوديبازي تصور ڪري ٿو. جڏهن اوچتو جذبن جا طوفان اٿندا آهن ته پوءِ شعر هوائن جيان، دل جون دريون کولي هليا ايندا آهن. ائين ئي عابد سان ٿيو آهي، لنڊن ۾ لکيل سندس تازي شاعري سندس ماضيءَ واري شاعريءَ جو هڪ تسلسل آهي. جڏهن عشق اندر ۾ آستان بڻائي ٿو. انسان پنهنجي مڙني مامرن کي محبوب جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. هن لاءِ سڀ خواهشون حقير ۽ دنيا جي معمولي حيثيت وڃي رهي ٿي. عابد جو اهجو دل ۾ چنڀ

دڙ ۽ محسوس ڪرائيندڙ آهي. هن جو فڪر، نظرين ۽ ازمن بدران احساساتي ۽ وجداني آهي.

* ادل سومرو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org