هڪ لفظ
منهنجو سائين – منهنجو دوست
سائين عابد، محبوب ماڻهو، شفيق پيءُ، سچو دوست،
نماڻو شخص، سادي سڀاءَ وارو اَورَچ انسان، جاکوڙي
جيوُ، محبت جو دريا، سڪ جو سمنڊ، اميد جو ڏيئو ۽
مايوسين جي روڪ لاءِ ڄڻ ديوارِ چين آهي. سندس من
اُجرو اُجرو. مصر جي اهرام جيئن گهرو. ڪروڙين راز
من ۾ سانڍيو، سانتيڪو ويٺو هوندو. اصل آهه نه
ڪڍندو. تڪليفن ۾ تحمل ۽ بردباريءَ کان ڪم وٺندو.
سڌو ساڌو شخص، نه اٽڪي نه ٻِٽڪي، نه ٻڌي، نه
وڻينس. لڳندو ته هڪ عام شخص، زندگيءَ جي گونان
گَونين کان بنهه بيخبر اسان جي آڏو ويٺو آهي، پر
علم، ادب ۽ دانش جو ڀنڊار، شل نه کُلي، اصل عقل
حيران ٿيو وڃي. ماڻهوءَ جون وايون بتال ٿيو وڃن.
ڪم جو ڪوڏيو، سدائين خدمت لاءِ تيار، ڏکين جو
همدرد، اڙين جو آڌار، پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي به،
ٻين کي اهنجي/اوکيءَ ويل ڪم ايندو. اهڙيون صلاحون
ڏيندو، اهڙيءَ ريت ڪم ايندو، ڄڻ ته دردن جو مسيحا
موٽي آيو هجي. شفقت سندس منهن مان ليئا پئي
پائيندي. خوشيون ورهائيندي خوش پيو ٿيندو.
آرائينءَ جيان، سدائين سندس جهول ۾ آڇڻ لاءِ نئين
رُت جا قسمين قسمين گل، گونچ هوندا. ورهايو پيو
ورهائيندو. وٺڻ وارا ٿڪجي پوندا، پاڻ نه ٿڪبو. هر
محاذ تي اڳيان اڳيان بيٺو هوندو. جهيڻي مُرڪ سدا
مُک تي ڇانيل. ڄن سچن جذبن جي ڇولين سان ڇُلندڙ ڪو
گهرو سمنڊ هجي. ڪڏهن منهن نه گهنجائيندو. ڇا اوير،
ڇا سوير، بس رڳو ڪوئي ڪڙو ته کڙڪائي، سدا آجيان
لاءِ حاضر.
سچ ته هي ڪمال جو شخص آهي. درد ۾ خوش، خوشين ۾
اداس، بيچين روح، اڻٿانيڪو من. نوريءَ وارو نياز
نئڙت ۽ سپڙ ڄام جو ڪرم، ڪُل ئي خصلتون سندس سرشت
(خمير) ۾ سمايل. وڏي عزم وارو. ڇا سندس جاه ۽
جلال، ۽ وري ڇا سندس جمال، ڄڻ تاريخ ماضيءَ مان
ٽپي حال ۾ پير پاتو هجي.
پري کان لڳندڙ تمام ڳنڀير ۽ همت ڀري شخصيت. ويجهو
وڃي ڏسوس ته هڪ نهايت معصوم ٻار جيان نرم ۽
سٻاجهڙو. نفيس ۽ حساس هئڻ سبب، ڏک جي ڳالهه، ڏک جي
خبر جهوري وجهندس. پرايا ڏک، پنهنجا پيو سمجهندو.
ڏک جي ڳالهه ساعت ۾ من – سمونڊ ۾ ٻڏل ٻيڙيءَ جيان
من تي تري ايندس.
جسم ۾ نازڪ ۽ نٻل، پر ارادن ۾ اٽل، ڄن هماليه جبل.
اوترو ئي قداور ۽ بردبار، منجهس ايڏو ئي حوصلو.
ڪوئي چوٽي سر ڪري ته خبر پويس نه. هي صاحب ساڳي
وقت ايڏو ئي بهادر، خوددار ۽ همٿ ڀريو آهي. حق جي
ڳالهه لاءِ پهاڙن سان ٽڪر کائيندو. ظلمات جي بحر ۾
ڌوڪي ايندو. شل نه ڪو کيس للڪاري. پهاڙ به جاءِ
ڇڏي بيهندا. دشمن به سندس حوصلي کي داد ڏيندا.
ساڳي وقت درويش ۽ مست ماڻهو. ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن
ڪيئن. خوشيءَ ويل شڪرانا بجا آڻيندڙ. مشڪل ويل ۽
دردن وقت صبر جو پاند هميشه هٿ ۾ قابو رکندو. ڪجهه
نه سليندو. هي سائين سدائين دنگيءَ ۾ خلوص جو وکر
وجهي، ڪڏهن اورار ته ڪڏ پرار نظر پيو ايندو.
سائين عابد ڪم جو به ڪوڏيو آهي. سدائين ڪمن ۾
مصروف، زندگيءَ جو پل پل سڦل گذارڻ جي اڻ – تڻ، هر
گهڙيءَ سندس من تڙپائيندي رهندي آهي. سدائين توڪل
جي تُرهي ۾ سوار ۽ حال ۾ مست. آئيندي جو اونو بنهه
ڪونه. پر ساڳي وقت آئيندي تي اونهي نظر رکندڙ.
عجيب وجداني شخصيت جو مالڪ آهي. اڳڪٿي وري اهڙي
ڪندو، جو ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. ڄڻ شاهه سائين
آئيندي جي خطرن کان آگاهه ڪندو هجي. سندس وک و تري
چست ۽ برجستي آهي. ويهن ورهين جو قرض (شاعري) ٻن
ڏينهن ۾ موٽائي ڏيندو، رتي راس ٿيڻ جي آسري ۾ بنهه
نه ويهندو. وڏي حوصلي وارو شخص آهي، هاتِڪ وري
اهڙو، ڄڻ شاهه لطيف، هن سائينءَ لاءِ ئي هيءَ سٽ
لکي هجي:
ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتِڪ هٿ وجهن،
پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪَکن،
يا ته ڪنڌي ڪن، نه ته ساڻ وڃن سير ۾.
رفيق سومرو
حيدرآباد.
جون 1995ع
ٻه اکر
اسان پرت جا ڪي اڪيلا پکي
اسان کي ٻه ٽي ٻول ٻولڻ ته ڏي!
غفور جوڻيجو ڪمال جو ماڻهو آهي. ان جو اندازو ان
مان لڳايو ته جڏهن هو ”عابد“ ڪونه هو، تڏهن کان
پنهنجو تخلص ”عابد“ رکيو هئائين. اهو ڄڻ ته هن
لاءِ اڳڪٿي ڪندڙ سندس ڪو همزاد هو، جنهن کيس ٻڌايو
ته هو اڳتي هلي نه رڳو ”عابد“ ٿيندو پر ”زاهد“ به
ٿيندو. اڄ هو ”عابد“ به آهي ته ”زاهد“ به آهي.
اِلي اِهي لقب، ان جي باوجود به آهن ته هو عاشقي
جون سموريون روايتي توڙي افسانوي منزلون طئي ڪري
اميد ۽ نااميدي جي برزخ ۾ لڙڪندو رهيو آهي. هن جو
مسئلو اهو آهي ته هن حافظ جو هي شعر ايترا ڀيرا
پڙهيو آهي جو ان جو اصل مفهوم هن جي زندگي جو، هن
جي ٻولي جو، ۽ هن جي شاعري جو اهڃاڻ آهي:
عشق آسان نمود اول، ولي افتاد مشڪلها!
انهن سمورين مشڪلاتن جو حل هن مذهب ۾ ڳوليو آهي ۽
هاڻ ان ۾ فنافي العشق جي درجي تي آهي، جتي اسان جا
وڏا وڏا صوفي ۽ شاعر، موت کي سامهون ڏسي، توبهه جي
دروازن کان ٿيندا، ڪنهن بند گهٽي جي احساس کان،
پهچندا رهيا آهن. ان لاءِ هنن تي ڪا ميار ڪانهي.
ڀٽائي به ان دروازي کي کڙڪايو آهي، اياز به وڏي
سفر کان پوءِ اُتي اچي دنگ ڪيو ۽ غفور جوڻيجي به
اُتي، اچي ساهه پٽيو آهي. عشق بتان يا عشق دوران
جون شڪستون ۽ هزيمتون وڏيون معنيٰ خيز به آهن ته
سبق آموز پڻ: انهن لاءِ نه، جن کي اهي شڪستون ۽
هزيمتون نصيب ٿيون، پر انهن لاءِ جيڪي هنن جا
مخاطب آهن. ڀٽائي ان جو اهو بهانو ڏنو ته:
مون سي ڏٺا ماءُ! جنين ڏٺو پرين کي!
ڀٽائيءَ پنهنجي جواز ۾ تقليد ۾ پناهه ڳولي ورتي.
”هنن“ پرين کي ڏٺو ۽ مون ”هنن“ کي ڏٺو:
تا ڪُس نه گويد، من ديگرم تو ديگري!
اياز ويچارو پنهنجي سطح تي ڀٽڪندو رهيو: ”انسان
هزارين، مان نه رڳو!“ اها هريمت ڀٽائي کان هيٺين
درجي جي آهي، پر آهي، اوتري ئي اذيتناڪ، جيتري
ڀٽائي محسوس ڪئي هئي!
ڀٽائي ”ڪافڪا“ ۽ ”برگسان“ ڪونه پڙهيو هو. هن جن
ادراڪ ۽ عرفان هن جو رهبر ۽ رهنما هو. اياز ڪافڪا،
برگسان کان وٺي اقبال ۽ مودودي کي پڙهيو هو: وچ ۾
”دانتي“ به هن کي اهڙو ڊيڄاريو جو اميد ۽ رجائيت
جا ”رلڪي“ جهڙا هن جا دلپسند شاعر ۽ مفڪر به هن کي
ان خوف جي ڪُن منجهان ڪڍي نه سگهيا، جيڪي بند
گهٽين کي کولڻ ۽ تازي هوا جا پيغمبر مشهور آهن.
غفور جوڻيجو، انهن جي برعڪس، نالي ۾ نهال ٿي پيو ۽
پنهنجي نالي عبدالغفور جي پهرئين حصي ”عبد“ تي
اڪتفا ڪري ”عابد“ بڻجي ويو. عشق ايئن ڪندو آهي.
هزيمتون ڊيڄارينديون آهن ته ايئن ئي ٿيندو آهي ۽
غفور جي لفظن ۾:
محبت جو ماتم کڻي، هاڻ ڪيڏانهن وڃون
جبل جيڏو هي غم کڻي ڪيڏانهن وڃون!
اها آهي اها بند گهٽي
(Cul De Sac)
جنهن غفور جي شاعري کي جنم ڏنو آهي.
مون هن جي شاعري جي پهرئين مجموعي تي به پيش لفظ
لکيو هو. اڄ وري هن مون کي ئي ٻه اکر لکڻ لاءِ چيو
آهي جيتوڻيڪ هن کي خبر آهي ته آءٌ نه شاعر آهيان،
نه شاعري جو نقاد ۽ پارکو. منهنجي حيثيت محض
پڙهندڙ جي آهي. هن کي اها به خبر آهي ته هن جي
ذهني سفر ۽ منهنجي ذهني سفر ۾ قطبن جو فاصلو آهي.
آءٌ انهن منجهان آهيان جن لاءِ ”هيءَ حياتي“ آخري
سچ
(Ultimate Reality)
آهي. هو هاڻ انهن منجهان آهي، جن لاءِ ”هوءَ
حياتي“ آخري سچ آهي. منهنجي نظر ۾ ”هيءَ حياتي“
ماڻڻ ۽ ملهائڻ به هڪڙو مذهبي تجربو
(Religious Experience) آهي جنهن جو سڀ کان مرڪزي حوالو اهو آهي ته انسان ”جانور“
منجهان ”ماڻهو“ بڻجي سگهي ٿو. ”ماڻهپو“ منهنجي
لاءِ سڀ کان وڏي رَٿ آهي. هن لاءِ ماڻهپو فقط هڪ
وچين سرحد يا عارضي سرحد آهي ڇاڪاڻ ته ڀٽائيءَ
وانگر هو سمجهي ٿو ته منزل اڃا اڳتي آهي، بي پايان
آهي:
وڃڻ تِت پيوم، جت نهايت ناهه ڪا!
هن جي ذهني ڀاڄ ۽ روحاني سفر ڪهڙن عذابن جي سرحدن
کي پار ڪيو هوندو، اهو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو ۽
ڊيڄاريندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته هو به صوفين وانگر مجاز
منجهان طريقت تي پهتو آهي ۽ هن اهو سمورا سجدا ڪيا
آهن، جيڪي طريقت تي پهچڻ جو جواز بڻجندا آهن. اهو
سفر ڏاڍو ڪٺن ۽ ڪنبائيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ
ان منزل منجهان به گذرڻو پوي ٿو ته
نهائين کان نينهن، سِک منهنجا سپرين!
ان نهائينءَ جو اندازو جابجا هن جي هن مجموعي ۾
ملي ٿو.
اميدون سلامت رکون، صبر پاليون،
گهڻيون هڪڙي دل ۾ ڳالهيون سنڀاليون؟
انسان هر حال ان قيامت کي سمجهڻ تي مجبور به آهي،
۽ جڏهن اهو ادارڪ ۽ اهو عرفان حاصل ٿئي ٿو ته هو
چئي ٿو ڏي ته:
اچڻ جي هن جي ڪو امڪان ڪونهي،
نهاريندڙ نظر کي ڪير سمجهائي!
اصل ڳالهه ان ادراڪ جي آهي، ان عرفان جي آهي.
شاعري ته ان جي بيان ۽ اظهار لاءِ بنهه ناڪافي
آهي. هو هن وقت جنهن ڪيفيت جي برزخ ۾ آهي، ان کي
هن پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ۾
جذبي جي جيڪا اونهائي يا شدت آهي، اها منهنجي لاءِ
ڄاتل سڃاتل ڪانهي، ان ڪري ان تي ڪجهه لکڻ جي ڪوشش
به ڪرڻ منهنجي لاءِ مناسب ڪونهي. آءٌ رڳو ايترو
چوندس ته سنڌ جي صوفين ۽ ڪيترن ٻين شاعرن ان ڪيفيت
جو اظهار انهن ئي لفظن ۾ پئي ڪيو آهي. هر ڪنهن جو
انداز پنهنجو ۽ منفرد آهي. عابد جو انداز به منفرد
آهي. هو انهن کي ضرور متاثر ڪندو، جيڪي هن جي ذهني
سفر جا واٽهڙو هوندا، ۽ اها وڏي ڳالهه آهي. ٻولي ۽
شاعريءَ جو مقصد ۽ صرف به اهوئي آهي. ان معنيٰ ۾
شاعري هڪ ”دعوت“ به آهي ته ”عرض اشت“ به، ۽ اهي
ٻئي عنصر عابد جي شاعريءَ ۾ جهجهي مقدار ۾ موجود
آهن. آءٌ ته فقط ايترو چوندس ته هن جي عرضداشت
عرفي جي عرضداشت جي هم آواز آهي:
عرفي اگر به گريه، ميسر شدي وصال
صد سال مي توان، به تمنا گريستن!
سراج
4- جنوري 1995ع
مهاڳ
عبدالغفور ”عابد“ ……
اسان جي دور جو لڄارو شاعر آهي.
هو پنهنجي محبوب سڀاءَ جي ڪري ادبي ميڙن کان پري
رهندو آهي. پر شاعراڻي چڻنگ هو سدائين کان سيني ۾
سانڍيندو ايندو آهي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ڀڙڪو ڏئي ڀڀڙ
ٿي پوندي آهي، جيئن هن دفعي اها هن مجموعي جي صورت
۾ ظاهر ٿي آهي.
عبدالغفور جوڻيجي ”عابد“ جي ڊگهي غير حاضري، ۽
لڄارو سڀاءَ کيس ادبي دنيا ۾ وساري ڇڏڻ لاءِ ڪافي
آهن، پر گهڻي عرصي کان پوءِ هڪ شعري مجموعو کيس
ادبي دنيا ۾ ٻيهر آڻيو بيهاري.
عابد جي شاعريءَ جي سڃاڻ سادگي آهي. سادگي به
سٻاجهائيءَ واري پر ان سادگيءَ ۾ به غالب جي سٽ
”سادگي و پُرڪاري“ وانگر ڪا رمز سمايل آهي. شيام
جي غزل جي سٽ وانگر:
تو ته پاتو هئو اڇو سادو لباس،
ڇا ته رنگينيون بَکيون ٿي ان منهجان.
ته عابد جي ساديءَ شاعريءَ مان به رنگينيون جهلڪا
پيون ڏين. شاعريءَ ۾ سادگي ٻن نمونن جي ٿي سگهي
ٿي. هڪ ٻوليءَ جي سادگي، ۽ ٻي جذبن جي سادگي. ٻولي
جي سادگيءَ جو مطلب آهي ته شاعر سادا، سولا، سليس
۽ عام فهم لفظ ڪتب آڻي. عابد جي ٻولي ان خيال کان
ڪافي سادگي رکي ٿي- هو جيڪي لفظ ڪتب ٿو آڻي، اهي
نه دقيانوسي ۽ ڪلاسيڪي سنڌيءَ وار آهن ۽ نه وري
سمجهه کان ٻاهر عربي فارسي يا هندي. سندس ٻولي عام
فهم، ۽ شاعراڻي آهي- هلندڙ وقت جي شاعراڻي ٻولي –
سي ڪيڏانهن هليا ويا ۽ آيا ڪٿان کان
وري سي مسافر ڏٺا ڪين منزل.
•
سڄو جڳ ته ورسيو نه پر روح ورسيو
چڱو وقت آيو ته ڪنهن پر نه ترسيو
بهارون نه بيٺيون جو بادل نه برسيو
نه ڪي عيش آيا جو دلبر نه ترسيو.
•
قاتل ٿين يا قاضي ٿي،
جو ٿين سو ٿي پر راضي ٿي.
•
ڪنهن جو پيار وساري ڇڏجي
تنهن کان پاڻ کي ماري ڇڏجي.
•
حال احوال وٺون ڪيئن ڪنهن کان،
جو نه وڃي هُن پار وري ڪير.
•
دل ۾ ديرا تنهن جا پيرا
مفت رلياسين ڪيڏو هرسو.
عابد جي سڄي شاعريءَ ۾ اهڙيءَ سليس ۽ عام فهم
ٻوليءَ جا مثال لڀندا.
سليس ٻوليءَ سان گڏ جذبن ۽ بيان جي سادگي، شعر کي
وڌيڪ اثرائتو ٿي بنائي، ڇو ته ان کي گهڻي کان گهڻا
ماڻهو ماڻي سگهن ٿا. اونها، پيچيده ۽ فيلسوفياڻا
خيال شاعريءَ کي وڌيڪ وزندار ته بنائن ٿا، پر ان
شاعريءَ کي اوترا ماڻهو ماڻي نه ٿا سگهن، جيترا
سادن خيالن ۽ سادن جذبن سان ڀريل شاعريءَ کي.
اچو ته عابد جي شاعريءَ ۾ اهڙا شعر ڳوليون، جن ۾
لفظ به سادا آهن، ته خيال ۽ جذبا به سادا:
جنت دوزخ ٻئي ڏيکاري،
پوءِ تن جي وچ ڌاري ڇڏجي.
•
نصيبن ۾ آيا نه جي ڏينهن ڇا ٿيو،
رهڻ لاءِ هتي رات اڌ ڪا رهي وڃ.
رڻن ۾ خيابان به هوندا ته آهن
ملن ٿا ته ٺيڪ آ، جي ناهن ته ڀي وڃ.
•
اندر ۾ احوال گهڻيئي
پر تو سامهون اچن نه ڪي ئي
ڪيڏا سارا ساٿي وڇڙيا
ڏسندي ڏسندي گڏ هلندي ئي.
•
هِت مِل هل نه قيامت جي چال،
ڪنهن ۾ ايڏو ڪاٿي دم ٿيو.
•
ساري ايمان آندو اٿئون،
عشق جي دين اسلام تي.
•
گهڻو ڪجهه چوڻ جي به ڪوشش نه ڪج،
انهيءَ مهل اهڙي اجازت ڪٿي.
حياتيءَ کي چئبو ته جلدي گذر،
اوهان بعد جيئڻ جي حسرت ڪٿي.
•
عشق ڪيوسين قهر ڪيوسين،
خير لکيل هو امر ڪيوسين.
دل جي هڪ دلبر خاطر،
دشمن سارو شهر ڪيوسين.
•
سوا عشق جي ڪجهه نه حاصل ڪيوسين،
نه دنيا جي ڪم جا، نه قابل هنرمند.
•
علامت به احسان مندي جناب،
نذر آهي تحفي ۾ هڪڙو گلاب.
•
هو ياد آيو ائين ياد آيو،
مون کان باقي سڀ وسري ويو.
•
جڏهن کان يار کي سولي سڃاتوسين،
تڏهن کان روز نئين سر نينهن لاتوسين.
•
اهي سور ساڳيا اهي پور ساڳيا،
رڳو نينهن ٿي روز نئون سنئون اچي ٿو.
هينئر سان ٿئي پئي اندر بيقراري،
اڳي باهه کان ڪجهه ته دونهون اچي ٿو.
•
اسان پرت جا ڪي اڪيلا پکي،
اسان کي ٻه ٽي ٻول ٻولڻ ته ڏي.
•
نينهن متان نروار ڪرائي،
سو به سرِ بازار ڪرائي.
خلق کِلايئي خوب اسان تان،
عشق کليو اظهار ڪرائي.
•
پنهنجو سمجهي ستايو اٿس،
عشق تي حسن جا ناز ڏس.
•
تن کي پاڻهي يار ڍڪيندو
نينهن ڪيا جي ماري نانگا.
پنهنجي گهر ۾ سڀ ڪجهه آهين،
دنيا ليکيندءِ ڪو لانگها.
مٿي ڏنل سڀئي شعر سادا آهن. انهن جي ٻولي به سادي
آهي، ته انهن ۾ آيل جذبا ۽ خيال به سادا آهن، نه
ڪي ور وڪڙ، فيلسوفياڻا خيال، نه ڪا ڏکي ٻولي، پر
انهن سڀني شعرن ۾ غالب جي سٽ وانگر ”سادگيءَ“ سان
”پُرڪاري“ آهي، يا نارايڻ شيام جي شعر وانگر لفظن
جي ”اڇي سادي لباس“ مان شاعراڻين رمزن جون
”رنگينيون“ بَکي رهيون آهن. انهن شعرن ۾ تغزل ۽
شعريت به موجود آهي، جنهن کان سواءِ ساديءَ ٻوليءَ
۾ بيان ڪيل سادا جذبا ۽ خيال هڪ رواجي نثر لڳن ها.
عبدالغفور ”عابد“ جي هڪ شعري مجموعي جو نالو آهي.
”اسان جا شعر هي سادا“ لڳي ٿو ته سادگي سندس
شاعريءَ جي سڃاڻپ آهي. سندس سادگي اهڙي آهي، جهڙي
اردوءَ جي شاعر ناصر ڪاظميءَ جي.
عابد مجموعي طرح غزل جو شاعر آهي. هن مجموعي ۾ آيل
غزلن ۾ نواڻ آهي. شاعري ۾ نواڻ، شاعر جي تخليقي
قوتن کي پڌرو ڪندي آهي، غزل ۾ ورجا ايترو ٿيو آهي،
جو ڪنهن شاعر لاءِ ان ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جي ناممڪن
نه، ته مشڪل ضرور آهي.
حياتيءَ جي هر شئي ته مهمان ٿي وئي
جو حيرت به حيرت جو سامان ٿي وئي
حياتي لڳي جنهن حياتيءَ ٺهڻ ۾
اها هڪ گهڙيءَ ۾ پريشان ٿي وئي.
مٿين شعرن ۾ حيرت به حيرت جو سامان، ۽ حياتيءَ ۾
ٺهيل حياتيءَ جو هڪ گهڙي ۾ پريشان ٿيڻ، نوان خيال
آهن.
زنجيرون ته باندين کي ڪو عار ناهن
هي پنهنجي ئي مرضيءَ جا آزار آهن.
•
گهڙيءَ جي سا غلطي جا ٿي وئي اسان کان
سڄي عمر افسوس ان جو ڪرڻ ڏي.
•
ڏينهن دنيا جي ڌنڌن خاطر
رات رکي سين چشم، نم لئه.
•
جو هريل ٿيو گهڻي عار سان
تنهن کي پرچائبو پيار سان.
•
رات وئي پر خواب ڇڏي وئي
ڪيڏا درد عذاب ڇڏي وئي
ڏونگر جيڏي ڏينهن لئه ڏک جو
ڪيڏو درد عذاب ڇڏي وئي.
•
ڪير جهلي ٿو جاهه جلالي
لبڙن لالي آلي آلي.
مٿي ڏنل شعرن ۾ خيالن ۽ جذبن جي نواڻ آهي. ايئن
لڳي ٿو ته شاعر اهو ڪجهه چوڻ ٿو چاهي، جيڪو اڳ چيو
نه ويو آهي. جيڪو شاعر جي ذاتي سوچن، احساسن ۽
جذبن جو نتيجو آهي. جيڪو نه رڳو جذبن جي اپٽار
آهي، پر انهن جي کوجنا پڻ.
غزلن کان سواءِ عبدالغفور ”عابد“ فقط آڱرين تي ڳڻڻ
جيترا نظم لکيا آهن. بنيادي طرح هو غزل جو ئي شاعر
آهي، غزل جا اڪثر شاعر پنهنجا غزل سولن ۽ هلندڙ
چلندڙ گهاڙيٽن، يا وزنن تي لکندا آهن پر عبدالغفور
”عابد“ وٽ ايئن نه آهي. هن ڪيترائي اهڙا وزن
اختيار ڪيا آهن، جيڪ نه فقط اڻ رواجي
Un-useual
آهن پر ڏکيا پڻ. اهي سنڌيءَ، اردو توڙي فارسي
شاعريءَ ۾ به ڪٿي ڪٿي ملن ٿا. ان ڏس ۾ عبدالغفور
”عابد“ مشڪل پسند آهي. هيٺيان وزن ڏسو ۽ غور ڪيو
ته انهن وزنن ۾ سنڌيءَ جي گهڻن شاعرن پنهنجا شعر
لکيا آهن:
اوهان جي ياد سان آباد آهي دل
مفاعلين مفاعلين مفاعلين.
•
اها حسرت نه ڏي دل کي
ته پهتاسين نه منزل کي
مفاعيلن مفاعيلن.
عام طرح مفاعيلن چار دفعا (مربع) رائج آهي، پر
عابد مفاعيلن ٽي دفعا، ۽ ٻئي مثال ۾ ٻه دفعا مصرع
۾ آندو آهي.
توکي اڄ پيار کان عار ٿيو
مون کي ان تي عجب يار ٿيو.
فاعلن فاعلن فاعلن
عام طرح فاعلن (چار دفعا) تي شعر لکيا ويندا آهن.
پر عابد اهو رڪن ٽي دفعا ڪتب آندو آهي.
هيٺئين غزل ۾ پهريون لفظ قافيو آهي ۽ باقي سڄي سٽ
رديف:
رئاري، ستائي، رلائي، جلائي
کلائين، ته احسان، لک مهربانيون
عذابن ۾ حڪمت به لازم ڪا هوندي
ٻڌائين، ته احسان، لک مهربانيون.
هن غزل ۾ اندروني قافيي ۽ رديف جو سهڻو ميلاپ آهي.
ڪتيل سٽ اسان کان ٽٽي زيان ٿي ويو
هي قسمت سان ڪيڏو نه نقصان ٿي ويو
هيو ڪالهه جيڪو خوشيءَ جو ئي سامان
اڄ ارمان ٿي ويو ڇا نقصان ٿي ويو
انهيءَ کان زياده به ڇا ظلم ٿيندو
بي ايمان ٿي ويو ڇا نقصان ٿي ويو.
هن غزل ۾ رواجي قافيو ارمان، ايمان رديف نقصان سان
ملي ٿو.
حيرانيءَ ۾ حيران آهيون
ايڏو نوازيئين، ايڏو نوازيئين
وات ته وائي آهي اهائي
ڪيڏو نوازيئين، ڪيڏو نوازيئين.
هن غزل جي هر سٽ ۾ اڻ رواجي قافيو آهي، ۽ قافيي
کان اڳ ايندڙ لفظ به ردم سان ڀرپور آهي.
هيءَ غزل پڙهو:
حياتيءَ مان انسان ايندا ۽ ويندا
دلين جا به مهمان ٿيندا ۽ ويندا
محبت جا ارمان ايندا ۽ ويندا
شب و روز آسان ٿيندا ۽ ويندا.
لڳي ٿو ته هيءَ گهاڙيٽو عابد جي تخليق آهي. هن جي
شعر هر پهرينءَ سٽ ۾ رديف ”ايندا ۽ ويندا“ آهي ۽
ٻيءَ سٽ جي رديف جهڙو هو بهو نه آهي، پر ان سان هم
قافيه آهي. ڪمال اهو آهي، ته اهو ردم جو احساس به
ڏئي ٿو، ۽ ان ۾ موضوع، مفهوم ۽ ٻوليءَ کي ڪٿي به
ڇيهو نه ٿو رسي.
عشق ڪريون ۽ شعر لکون ڪجهه
مار نه ساڙ نه هاڻ نه،
گل به ڏکيو لڳندوسون تنهنجو
دنيا پهڻ هڻي تون پاڻ نه.
هن غزل ۾ قافيو به اڻ رواجي آهي، ته رديف به ۽
”نه“ رديف جي ڪري وزن جي نواڻ پڻ پيدا ٿي آهي. هن
غزل جا به ٽي شعر پڙهو:
اچڻ جو هن جي ڪو امڪان ڪونهي ڪو
نهاريندڙ نظر کي ڪير سمجهائي
اڳيان ڪنهن کي ٻڌڻ جو ڌيان ڪونهي ڪو
پر آههِ بي اثر کي ڪير سمجهائي.
هن سڄي غزل ۾، هر مصرعي جي پهرينءَ سٽ ۾ به ساڳيو
قافيو ۽ رديف (امڪان – ڪونهي ڪو) ۽ ٻيءَ سٽ ۾ به
ساڳيو قافيو ۽ رديف (اثر – کي ڪير سمجهائي) آهي.
اهڙا غزل سنڌيءَ يا اردو ۾ ملڻ ته مشڪل آهي.
فارسيءَ ۾ حافظ وٽ اهڙا ڪجهه غزل آهن.
ان کان سواءِ عبدالغفور عابد ڪجهه مسلسل غزل به
لکيا آهن. اهڙن شعرن ۾، گهاڙيٽو غزل جو هوندو آهي،
پر موضوع ساڳيو هوندو آهي، جيڪو منڍ کان پڇاڙيءَ
تائين هلندو ايندو آهي. اهڙا غزل سنڌي شاعريءَ ۾
ايترا گهڻا ناهن جو عام چئي سگهجن، پر تنهن هوندي
به گل، قاسم، حامد ۽ سانگيءَ وٽ ڪافي تعداد ۾ ملن
ٿا. عابد جي اهڙن مسلسل غزلن مان هڪ هيءَ آهي:
چنيسر جي چت ۾ خبر ناهي ڇاهي
خبر ناهي ڇاهي خبر ناهي ڇاهي
چنيسر کي منٿون ڪي ميڙيون ڪريو سڀ
مڃايوس ڪنهن ريت، چاهي نه چاهي.
عبدالغفور عابد جي شاعريءَ جو هي مجموعو، سنڌي ادب
۾ بسنت رُت جي هير ٿي ايندو ۽ سندس ڊگهيءَ غير
حاضريءَ جو ازالو ڪندو هو ٻوليءَ ۽ اظهار جي خيال
کان سادو شاعر آهي پر گهاڙيٽن جي چونڊ جي لحاظ کان
ڏکيو. مجموعي طور سندس شاعري، اسان جي دور جي ادب
جو اهم ورثو آهي.
تنوير عباسي
سرمد جو گهر
خيرپور- 27 جنوري 1995ع |