75-
•
مون لئه تنهنجو غم ڪافي ٿيو
اِنجو ئي ماتم ڪافي ٿيو
قسمت جو ته اِهوئي هڪڙو
دل لئه جور ستم ڪافي ٿيو
دلداريءَ جو هڪڙو دلبو،
زخمن جو مرهم ڪافي ٿيو
دردن جي هوندي دنيا جو
جيڪو ٿيو سو ڪم ڪافي ٿيو!
عمر وڇوڙي ۾ ڪاٽيسين،
وصل جو هڪڙو دم ڪافي ٿيو
•
76-
•
جي جذبات دنيا ته ماري ڏنا
سي سڀ عشق نئين سر جياري ڏنا
جگر، جان، دل، وقت، دنيا سڀئي
اسان تنهنجي هڪڙي اشاري ڏنا.
وڏا بخت سڀ وقت ٽاري ڏنا
اُهي زندگي، شام ڌاري ڏنا.
نه مون دل لڳائي ڏٺي، عقل سان،
نه هُن سور جاچي، نهاري ڏنا.
اسان پئي محبّت کي ڳوليو ڪٿي
هن صدما سڏي ۽ پڪاري ڏنا.
سڄي جڳ نه گڏجي اُهي غم ڏنا،
جي هڪڙي ئي دلدار پياري ڏنا.
لکين شڪر جو ٿيا سڄا غم گذر
سهارا سي تنهنجي سهاري ڏنا.
•
77-
•
پاڻ نه ظاهر سامهون آيو
جانب جا جلوا هئا هر جاءِ
سڏ ڪندڙ جو سايو ڪونهي
پر چوڌاري گونجن پڙلاءُ
سؤ سِر گهوري ڇڏجن سؤوار
سر به ڏني جي ريجهي هو راءُ
شوق نه بخشي شڪ وارن کي
پويان پير نه پاءُ، منهنجا ڀاءُ!
ڇا هِي دنيا، ڇا هوءَ دنيا،
يار پٺيان ڪر هيڪر سڀ داءُ
نيڻ نهاري راهه ٿڪي پيا
موٽي ماڳ اچ ڪنهن ورندي واءُ
مون جهڙن گندن گولن تي
عشق نه آندو ڪو گيرب گاءُ.
عشق اندر سي ڪيسين جيئندا
ماريو ماءُ! جن کي گهاءُ تي گهاءُ
•
78-
•
وريو بخت آخر مليو مان توسان
لڳي سر، لڳي جان ايمان تو سان
جي هوشيار تو سان ته نادان توسان
رهياسين جو هر وقت فرحان تو سان.
نه انسان ڪنهن جو به محتاج ڪج ڪجهه
مرڻ توڙي جيئڻ سڀ آسان تو سان
زمانو سڄو آزمائي ڏٺوسون
ته هر درد جو آهه درمان توسان.
سوا تو گلستان، گلستان ڪونهي
نه آهي ڪو زندان، زندان تو سان.
ڳڻڻ کان مٿي آهن احسان اڳ ۾
سمورا ئي اڳتي به ارمان توسان.
نڀايا نه ٿيا، زور هئا جو اسان کان
ڪيا عشق ۾ جيڪي پيمان تو سان
•
79-
•
ڪڏهن ڪي جي تقدير دڙڪا به ڏي ٿي
دلين کي قيامت جا ڌڙڪا به ڏي ٿي.
جهّنم جي هڪ خاصيت هي به آهي
سندس باه اُڀري ۽ ڀڙڪا به ڏي ٿي.
جلي روح ٿو جسم سان گڏ به جاني
جو اِهڙا هي قهري ڪي ڪڙڪا به ڏي ٿي.
هلِي ٿو وڃي غم گهڻو زندگي سان
خوشي پر گهڻا ئي اَٻڙڪا به ڏي ٿي.
ڏٺوسين ڪري هر دفعي پاڻ تدبير
ته تدبير حاصل نه هڙڪا به ڏي ٿي.
•
80-
•
ڇڏي ويا سچا، حال همدرد انسان
اُهي خاص ماڻهو، حياتيءَ جو حاصل.
نفاست ۾ ڪامل ۽ صورت ۾ سهڻا،
قرابت جي قابل، فضيلت ۾ فاضل.
سي ڪيڏانهن هليا ويا ۽ آيا ڪٿان کان،
وري سي مسافر ڏٺا ڪونه منزل.
ڪيائون هزارن عذابن کي آسان،
جفا ناشنا سا، وفائن جا قائل.
پريشان ڏينهن جي راحت جو سامان،
۽ خاموش راتين جي فرحت ۾ شامل.
ڪيو هو ڪڏهين جن حياتي تي احسان
ڪري ويا اسان جو هينئر موت مشڪل.
لڪل سور، ظاهر جي دردن جا درمان
سدا يار دمساز همرازِ محفل.
•
81-
•
دوست! وئين ڪيڏانهن گم ٿي،
ڪهڙو ملڪ پسند آيو.
ڪنهن شئي تنهنجي دل وندرائي؟
ڪنهن تنهنجي من کي هرکايو؟
هجر اسان جي قسمت ٿي وئي
اوسيڙو بخت ۾ لکجي آيو
قرب گهڙي بي ڌيان گذاري،
پڇ نه ته ڪيڏو ٿم پڇتايو.
پاڻ وڃي سولو ٿئين ساٿي!
توکي منهنجو خيال نه آيو.
•
82-
•
اتان ئي آزمائش ڪا ضرور ايندي
هلي، هيڏي محبّت آ جتان آئي
خوشيون ئي ياد رک، صدمان وساري سڀ
جو دل هڪڙي ۾ ايڏي جاءِ ڪٿان آئي.
اسين دوست! جدا ٿيڻا نه آهيون مور
نه هي دنيا نه هُو دنيا اسان کنئون دور
اِهو سوچي سياڻا رهه نه تون رنجور
اِهي ڪر منظور، جي مون ڪيون منظور
اٿئي سختيون سموريون هي هلڻهاريون
اجايو پوءِ ڇو ويهي هنجون هاريون
ڪيا احسان دل تي عشق سِي بيحد
ڪري جيڪي نه پنهنجو ۽ نه ڪو ڌاريون.
•
83-
•
سوالن ۾، جوابن ۾، ڪتابن ۾
ڪٿي هو يار سمجهڻ ۾ صفا آيو
اسان ۾ صبر اڄ ايڏو ڪٿان آيو
ستم جيڏو ڪرڻ توکي ادا آيو
انهيءَ جي پنڌ مهندان ڪنڌ ڪجهه ڪونهي
اِهو ٻيجل ڀلي آيو، سدا آيو
مڻيي جي معاملي ماريو هو ليليٰ کي
هتي سو پيش فتنو برملا آيو
اوهان جي رحم جي ”عابد“ اُميدن تي
کڻي روزِ قيامت لک خطا آيو.
•
84-
•
توکي پهچي آوازِ دل
چوڻو آهي ڪوئي رازِ دل
نه ته ڇا ٿيندو شعر لکڻ مان
ڪهڙي مطلب جو سازِ دل؟
تون ئي جذبا، تون ئي اُڌما
تون ئي دم، تون دمسازِ دل
تو سان روشن دل جي دنيا
تون انجام ۽ آغازِ دل
آس اُميد سموري توسان
نازِ دل، تون اعجازِ دل.
•
85-
•
تون قاتل ٿي يا قاضي ٿي
جو ٿين سو ٿي پر راضي ٿي
هيءَ خوشبختي جا تازي ٿي
ڪيئن يڪدم منهنجو ماضي ٿي؟
وصل جدائي گڏجي آيا
بس هڪ دم لاءِ دمسازي ٿي
اهڙي ڪهڙي ناراضي ٿي
جنهن تان هيڏي ناسازي ٿي.
سڀ ڪجهه صدقي، سڀ ڪجهه قربان
جاني، جيئن ٿين تيئن راضي ٿي.
توسان رشتو ناتو ڇا ٿيو
تخت يا تختي جي بازي ٿي
ڇاجي شاعري ڇا جا شعر ئي
سارو عرض، ايلاز، آزي ٿي.
•
86-
•
روزانو ڇو ٽاري ڇڏجي
مرڳو صاف انڪاري ڇڏجي
ڪاته بهار ڏسي گلشن ۾
ائين هيڪر مئو جياري ڇڏجي
ڪنهن جو پيار وساري ڇڏجي
تنهن کان پاڻ کي ماري ڇڏجي
ڪيئن توکي ويساري ڇڏجي
هاڻ اِهو به وساري ڇڏجي
هرڪا تنهنجي مرضي هلندي
مارڻ چاهين ماري ڇڏجي
جنت دوزخ ٻئي ڏيکاري
پوءِ تن جي وچ ڌاري ڇڏجي.
هن جي مرضي سان ”عابد“
پنهنجو قول سو پاري ڇڏجي.
•
87-
•
غمن سان ٺهي وڃ، ۽ تون اشڪ پي وڃ
پڄئي يار، جنهن ريت، تنهن ريت جي وڃ
رکي شاد وعدن تي ويران دل کي
قضا جي رضا تي رضامند ٿي وڃ
نصيبن ۾ آيا نه جي ڏينهن، ڇا ٿيو
رهڻ لاءِ هتي رات اڌ ڪا رهي وڃ
خوشيون خواب ٿي ويون ته ڇڏ خواب جي ڳالهه
دکي! درد جو داستان ئي چئي وڃ
بيابان به آخر هلي ختم ٿيندا
انهيءَ آس تي ئي هليو هل، ڪهي وڃ
رڻن ۾ خيابان به هوندا ته آهن
ملن ٿا ته ٺيڪ آ جي ناهن ته ڀي وڃ
نه گل ڏس، نه گلشن، بهاري، نه بادل
رڻن جا مسافر رڻن ڏانهن ئي وڃ.
ستم گر جي مرضي جو اظهار ٿي وڃ
هِتي هن جي مرضي سان برباد ٿي وڃ.
جيئڻ لاءِ رڳو هي ئي دنيا ته ڪانهي
خيالن جي دنيا ۾ آباد ٿي وڃ.
•
88-
•
جو برباد ڪري ٿو آباد
سو برباد آباد ڪرڻ لئَه
ڏس ته اسين ٿياسين ئي ناشاد
هڪ دوست کي شاد ڪرڻ لئَه
صبر، سچائي، صدق کپي ٿو
عشق ۾ هيئن برباد ٿيڻ لئَه
عشق، وفا، تسليم سراسر
شيرين جو فرهاد ٿيڻ لئَه
روه رُلي وئين راهه مسافر
نڪتو هئين سندباد ٿيڻ لئَه
شعر، نياپا، هي خط، پيغام
حيلا توکي ياد ڪرڻ لئَه
ڪا دلداري، ڪو به دلاسو
ڏي ناشاد کي شاد ڪرڻ لئَه.
•
89-
•
اذن ملي جي داد ٿيڻ جو
خيال ڪريون فرياد لکڻ جو
تنهنجن وعدن کي ويساهي
شوق وڌيو برباد ٿيڻ جو
تنهنجا حڪم اکين تي سرڪار
عرض ڇڏيوسين شاد رهڻ جو
هي جا دانهن، شڪايت، شڪوو
سو ته بهانو ياد ڪرڻ جو
پنهنجي مرضي سان قيد آهيون
فڪر ڇڏي آزاد ٿيڻ جو
درد ٻڌايون ڇا دنيا کي
دم به هجي بيداد ٻڌڻ جو
مقصد ناهه مراد ملڻ جو
تعميلِ ارشاد ڪرڻ جو.
•
90-
•
چيون ڳالهيون اوهان جي شان جون هر روز
ڪَيَو احسان تي احسان نئون هر روز
ڪيون غلطيون نيون نادان مون هر روز
ڪرين مشڪل کڻيو آسان تون هر روز
جتي ديس ۾ واقف نه ڪائي واهه
بڻي گلزار سا ويران ڀُون هر روز
اچي سامهون اکين مهندان جي ظاهر ٿين
ڪِري قدمن مٿان قربان ٿيون هر روز
ڏسي سئو معجزا ۽ سي به هر ساعت
سڀئي ويا شڪ، وڌيو ايمان نئون هر روز
ڪرين پورا به جي ارمان چئون هر روز
ڪرم هي ويو ڏسي شيطان ونئون هر روز
سدا جا قول ڪوڙا هي اسان پارا
اڳيون ٽوڙي ڪريون پيمان نئون هر روز
اسان پنهنجا گناه، هن جا ڪرم جاچي
اڪيلائي ۾ ٿي حيران، رُون هر روز
ڪري هن کي متان ناراض ٿيون برباد
رهون خائف اِنهي امڪان کنئون هر روز.
• |