عشقيه
فقير صاحب ”عشقيه“ جي اندر درد، فڪر، فـُـقر،
نفي ۽ اثباب جو ذڪر نهايت سادي نموني ۾ ڪيو آهي،
پر اُن جي اندر معنيٰ وڏي آهي. طالب انهن منزلن
تان گذرڻ کان پوءِ ئي وحدت جي ملڪ ۾ واسو ڪري ٿو.
هن ننڍڙي رسالي کي ”مراد“ سائينءَ پنهنجن طالبن
جي رهبريءَ لاءِ لکيو هو.
- بيراڳي
عشقيه
ذڪر ذاتي سان رهن جي، مـُـوران ڪين مـُـنجهن،
اٺئي پهر اندر ۾، ٿا نينهن نظارو ڪن،
”فـَـاذڪـُـرُوني اَذڪـُـرڪـُـمُ“ آهي ريت چڱن،
دلبر جن جي من ۾، سي ٻاهر ڪين ڏسن،
ري مشاهدي محبوب جي، هر دم موت مـَـڱن،
جي ويا واديءَ وحدت جي، سي موٽي ڪين لڀن،
وحدت جي واديءَ جي، ڏکي واٽ ڏَسن،
سانگو ڇڏي سـِـرَ جو، ٻـَـڌن سـِـرَ ڪفن،
ڏسي ٽاڪ ٽـَـڪر کي، ڪڏهن ڪين ڪـَـنبن،
سوريءَ ڏيندي سـِـرَ کي، سالڪ ٿا وهسن.
پهرين منزل
(درد)
پهرين منزل تن جي، گهاٽـِـي دردَ چون،
بانڪا بيپرواهه ٿي، وڏي هيجَ هلن،
جت حاجت ناهه هلڻ جي، سـِـر ڀـَـر اُت رڙهن،
تنگ تاريڪي جاءِ جي، ڏسي ڪين ڀـُـلن،
ٻولي ٻولين ڪينڪي، توڙي سـُـور سهن،
اندر اورن پاڻ سان، ٻاهر ڪين سـَـلن،
سختيون ڏونگر جون ڏسي، طالب نا ترسن،
اکيون ڀريل آب سان، پر ڳوڙها ڪين ڇنڊن،
همت ساڻ ”مراد“ چوي، سي چاڙها سخت چڙهن،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.
منزل ٻي
(فڪر)
لنگهي منزل درد جي، جڏهن طالب تيز ٿيا،
سامهـُـن پنهنجي فڪر جا، تن رستا سؤ ڏٺا،
هلندي پنهنجي راهه تي، ڀـَـلا ڪين ڀـُـليا،
سي صاحب سرت سمجهه جا، پنهنجي واٽ ويا،
جهاٽي اُنهيءَ جهنگ کي، وحدت تي وڌيا،
ونگيون واٽون عقل جون، اوڏانهن ڪين وريا،
”يـَـمشـِـي في الطريق التصوفُ“ ، انهن پـَـهـَـه
ڪيا،
پردا سمجهه صلاح جا، تن ڊاهي سڀ ڇڏيا،
دوئيءَ جي درياهه کان، پـَـتڻ پار ٽپيا،
ڪينو ڪـِـنُ اندر مان، تن ڪوري سڀ ڪڍيا،
ڪڍي ڪام ڪروڌ کي، وڃن خوش کـِـيا،
اوندهه جي اُجهراٽين کان، مٿي نينهن نـِـيا،
اوجهڙ کان آجا ٿي، مـَـرڪن مرد مـِـيا،
”طالب الدنيا مخنث“ ، سي ڄاڻن حال هڪيا،
طالب العقبيٰ، پرتي پنڌ پيا،
طالب المولا مذڪر“ ، ڳڻن ڳاڻ گڻيا،
فائق انهيءَ فڪر سان، روحي رمز رسيا:
محبتي ”مراد“ چئي، سدا قلب ڪڙهن،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.
منزل ٽين
(فـُـقر)
ڇڏي منزل فڪر جي، نـُـوريـَـن ڪئي نظر،
ڏٺو ڏاهن فـُـقر جو، سامهن پاڪ پڌر،
کنيو سامـِـن سـِـرَ تي، ڪيڏو سـُـڃَ سفر،
واڍوڙيا واٽن تي، ڪن گينور ٿا گذر،
بـُـکَ بلائون پاڻ سان، نـِـتُ سورن جو سمر،
راتيون ڪاٽين رڃ ۾، ٻڌي پيٽ پٿر،
ڏکي اِنهيءَ حال ۾، کـِـيا سي خوشتر،
نامرادي نجهرو، جن جو اَٺئي پهر اکر،
هاري آب اکين کان، ڪن اندر کي اوجر،
راتيان ڏينهان سـِـرَ تي، محبت جو مـَـڱـَـرُ،
ظاهر نماڻا خلق ۾، پر باطن ۾ بحر،
ڪڙو لاهي قلب جو، تن آجو ڪيو اندر،
ڏِسي ڪين ڏَڪن سي، آوارو اثر،
ڪڍي ڇڏيو بت مان، ڏاهن سڀ ڏمر،
راضي رياضت ۾ رهن، ڄاڻن ڪين هنر(1)،
وڙهـِـي آماري نفس سان، کٽڻ ٿا خيبر،
تن کي اوڏو ڪينڪي، آهي خوف خطر:
سي فائق فـُـقر کان لنگهي، ٿا اڳتي پنڌ پون،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.
منزل چوٿين
(نفي)
منزل ماڳ نفيءَ تي، وڃي ڪئي لاهوتين،
هڻي نعرو ”لا“ جو، سي پاڻون پاڻ وڃن،
نالو انهيءَ ملڪ جو، ٿا نيهي ”نانهن“ چون،
ڏاها اِنهيءَ ڏيهه جو، ڏاڍو ڏس ڏين،
جي ويا اِنهيءَ ڏيهه ڏي، سي موٽي ڪين ورن،
ڇڏي جار جـُـسي جو، روحي رمز رسن،
”لاَ اِلـٰـہ“ جي لار سان، روز رهاڻيون ڪن،
وڃي پيا ڪـُـن ”ڪـِـيـَـن“ جي ڪـُـٺا ڪين ڪڇن،
دانهـَـه ان درياهه ۾، راتو ڏينهن رَمـَـن،
تارون سي ان تار جا، رهيا موج مگن،
”لا خـَـوف عليهم“ کي ٻڌي، لٿا ڀـَـوَ سندن،
اَجهاڳي عميق کي، جهاڳي چوٽ چڙهن،
اُن ولايت واسئا، جت نڪو سـَـڏ سـُـڻن،
ملڪ اهو آ ماٺ جو، جنهن کي سـِـڪوتيا سمجهن،
هوڏون هستيءَ جون ڀڃي، پنهنجو پاڻ پـَـسن،
ڀولي، ڀرم ۽ ڀيد جو، بت ڀڳو آڌوتين،
ڪيني، ڪامَ، ڪروڌَ جـِـي، رتي ناهه وٽن،
جن نفي ڪيو پاڻ کي، ڀـَـلا ڀاڳ سندن:
محبتي ”مراد“ چوي، سي مري ٿا جـِـين،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.
منزل پنجين
(اثبات)
ڇڏي ملڪ نفيءَ جو، ويا طالب اثباتـِـي،
هرجا ديرو دوست جو، تن جهاتي جان پاتـِـي،
ماري اَماري نفس کي، ٿيا بالا براتـِـي،
”اِلا الله“ جي اور سان، ڪيائون حاصل حياتـِـي،
هر جا موج محبت واري، لات لطيفي لاتي،
چشمو آب حياتي مليو، زائل ٿي ظلماتـِـي،
چوڌر ايڪا ايڪ نظر ۾، وئي دوئي درجاتـِـي،
منزل حق حقيقت واري، ڪوڙي صفت صفاتـِـي،
ذات ملي وڃي ذات جي اندر، هرجا هوڪو ذاتـِـي،
ظاهر حقيقت وارو، ڪنهن حقيقت ڄاتـِـي،
ماٺ جي اندر منزل تن جي، قرب جي ڪنڌ تي ڪاتـِـي،
سڏ پڙاڏو وسريو تن کان، ڇيهه لڳو تن ڇاتـِـي،
چولي اندر تن جي لاتـِـي، هر دم پريم چـُـواتـِـي،
ساهه جي اندر سانڍيو، سانڍين سونهون ساٿـِـي،
عروج نزول کان اڳتي آهي، عجب عشاق اوقاتـِـي،
ڪشف ڪرامت ڄاڻن ڪاٿي، مرد اُهي مصلحاتـِـي،
مـُـونن ۾ سي موجون ماڻن، چارئي پهر چـُـپاتـِـي:
لـِـکـِـي الک اندر ۾، سدا ٿا وهسن،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.
منزل ڇهين
(وحدت)
مـُـلڪ نفي اثبات کان اڳتي، وادي وحدت آئـِـي،
جت”همہ “ جو هوڪو هر دم، ٻي نه ٻـُـڌ جي وائـِـي،
مذهب ملت اوري اُن کان، منزل جنهن هيءَ پائـِـي،
شاهد ۽ مشهود اُتي هڪ، ٻي نه ڪيرت ڪائـِـي،
صاحب واري رمز اها سڀ، ”روحل“ مون سمجهائـِـي:
موج ”مراد“هي حاصل جن کي، مانجهي هو مـَـرڪن،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.
(هه 10)
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
سرائڪي ڪلام
بيت
(1)
رندان روز الست ڪنون ڪر چايا نينهن نـَـهنگان،
جوت جمال حسن دڳ وچ پوندڳ آءُ پتنگان،
سـڳ موت ڪنون ڪيون مڙن، جنهان دڳ خاطر نال ختنگان،
پر جي منگين ”مراد“ مشاهدا، تان وڃي ملين مست
ملنگان.
(2)
ميخانـڳ شهه مستانـڳ ٻاجهون، سڌڙيا سهل نه آوڳ،
خراباتيان، دي مجلس دڳ وچ، صوفي ڪيون سماوڳ،
جو سر رکِ تلي تـي آوڳ، تنهن ڪون جام جڳاوڳ،
پر گوءِ ميدان اٿاهين، جو کٽي سو کاوڳ.
(3)
سر ڏيوڻ تان ڪهڙا سانگا، صوفـڳ سوڀ نه ٿيوڳ،
وچ ميدان محبت دڳ، نت ”مـُـوتـُـو“ موت مريوڳ،
سر سرواهه سجن تون صدقـڳ، تن من گهول گهتيوڳ،
يار ”مراد“ ماڻيسي سو، جو جينديان مرڪر جيوڳ.
(4)
جي لک ڪروڙ ڪرين قرباني، تان مويا مـُـول نه جيوڳ،
پر رندي جام مغان دڳ هٿون، هڪواري گهن پيوڳ
(1)،
ته عزرائيل نه آويس نيڙڳ، نت جڳان جڳ
جيوڳ،(1)
”مراد“ مغان دي مجلس دڳ وچ، ڪنين موت نه سڻيوڳ.
(5)
ٿيا ايمان سلامت تان جان زُلف زُنار ٻڌوســڳ،
لٿي قفل ڪفر دڳ سڀــڳ، ڪنجي عشق ڪيتوسـڳ،
دستون ساقي ٿيا عنايت، شوق شراب پيتوسـڳ،
”مراد“ مغان دي مجلس دي وچ، نوشہ ڳول لڌوسـڳ.
(6)
پير مغان ميخانـڳ دي وچ، رندي جام پلايا،
دستون ساقي ٿيا عنايت، رات ڳئي دن پايا،
آب حيات ڪنون ده چندان، آها سرس سوايا،
”مراد“ مغان دي مجلس دڳ وچ، نوشہ الله ملايا.
(7)
ڇوڙ ميست ڳـَـيسُ ميخانـڳ، ٽوڙ زنار ڪفر دڳ،
رندي جام مغان ڀرَ ڏتا، ساقي حوض ڪوثر دڳ،
ڇٽي جند جواب سوالون، لٿــڳ هول حشر دڳ،
ٿيا شفيع ”مراد“ محمد، ولـڳ ورق هجر دڳ.
(8)
جنهن ڏينهن نـُـورمحمد ڪون، مين صدقون سجدا ڪيتا،
تنهن ڏينهن غير سڀو چا ساڙيم، ڏڳ ڪر برهه پليتا،
نـُـور خمارون ٿيا اکئين، جنهان مست پيالا پيتا،
مين ”مراد“ تنهن ڏينهن چا، دست دامن وچ سيتا.
(9)
عشق شراب ڏتوسـڳ ساقي، پي ڪر مست ٿيوسـڳ،
دل ڪعبي وچ بت ڪفر دڳ، ”لا“ دي نال لڙيوسـڳ،
برڪت دين محمد دڳ وڃ، وحدت وچ پيوسـڳ،
مالڪ رضوان دي محتاجي ڪنون ”مراد“ ڇـُـٽوسـڳ.
(10)
جنهن ڏينهن پير مغان دڳ هٿون، شوق شراب پيتوسـڳ،
تنهن ڏينهن يار يقين ٿيا، سڀ دل دا شڪ لٿوسـڳ،
چوڏهن طبق ٿيوسـڳ روشن، اڪبر حج ڪيتوسـڳ،
پر ٿيا ديدار ”مراد“ جڏهان ڪر، هـڳ سر عرض
رکيوسـڳ.
(11)
پر ڪر قدح ڪلال ڏتوسـڳ، روشن جام الستي،
پيوڻ نال وصال ٿيوسـڳ، ڇـُـٽ پئي دل دي خستي،
رهون هوشيار هميشه، توڙڳ مست ڦرون وچ مستي،
ڏڳ سر يار ”مراد“ ڳڌوسـڳ، سودا دست بدستي.
(12)
جــڳ تو طلب ملڻ دي سڄڻا، تان سر ڪون نال نه
چائين،
اول عقلـُـون ڪرين جدائي، پير پيڇــڳ تون پائين،
ڇوڙڳ خام خيال خودي دڳ، ”مئن“ ڪون مار منائين،
چـو جينديان سندي جاءِ نهين، بن مويان ”مراد“
اِٿائين.
(13)
ڪيتي عين عنايت ساقي، ڏتس جام پراڻا،
پيوڻ نال شراب طهورا، دل تون غم سڌاڻا،
لٿــڳ هول حساب حشر دڳ، يار مليا من ڀاڻا،
سيج وڇائــڳ ”مراد“ سـُـتا سک، ڏڳ سر هيٺ وهاڻا.
(14)
تـَـن مـَـڪا، من مدينا، دل ڪعبا ڪر ڄاڻـِـي،
رب رسول ڏونهين وچ ٻيٺــڳ، نال يقين سڃاڻي،
”من عرف“ نبي فرمايا، بيشڪ شڪ نه آڻي،
جو حج حضور ”مراد“ اِٿاهين، ٻي سڀ ڪوڙ ڪهاڻي.
(15)
مسلمان مسجد ويندڳ، هندو پوڄيندي پٿر پاڻي،
اُوه مڪا، اُوه مـَـٿرا ويندڳ، ايوين عمر وهاڻي،
اڳ دل عظيم عرش الله دا، جنهن وچ جوت سماڻي،
تن من نال ڪرين تـِـت سجدا، بيشڪ شرڪ نه آڻي،
جو حج حضور ”مراد“ اِٿاهين، ٻي سڀ ڪوڙ ڪهاڻي.
(16)
ڪيا مقصود مسيت وڃڻ دا، جــڳ تون نفس نه مارين،
من دي ميل نه ڌووين من تؤن، ول ول وضو سنوارين،
منهن ڪعبــڳ ڏڳ، سرت سيلاني، سهج نماز گذارين،
لوڪ ريائي ڪرڳ ڪمائي، عمر اَجائي هارين،
پر سڀي فرض ”مراد“ ٿيون، جــڳ دليون دوست نه
وسارين.
(17)
جــڳ مقصود ملڻ دا هووڳ، ڪر گـِـهن ساجهر سعيا،
وچ ميدان محبت دڳ، نت رکين قدم سوايا،
اڳ سودا سر ڏيوڻ ٻاجهون، محض نه پلـڳ پايا،
پر جيندڳ مرڻ ”مراد“ سجايا، پيڇــڳ مرڻ اَجايا.
(18)
عاشق نام سڏاوڻ سوکا، پر عشق اڻانگا لاوڻ،
لافان لـَـک مـَـريندڳ، پر هـڳ مشڪل توڙ نڀاوڻ،
ڪم ڪنهان وريامان دا، سر رک تـَـلـِـي تــڳ آوڻ،
پلپل يار پيارڳ هٿون، ول ول آپ ڪـُـهاوڻ،
ڪـُـٺي مرغي وانگون در تــڳ، رات ڏينهان تڙڦاوڻ،
هر دم باهه برهه دي وچ، مکڻ شـِـيخ پـَـچاوڻ،
دل اندر ديدار تنهان ڪون، ٻاهرپير نه پاوڻ،
ڪامل عشق ”مراد“ تنهان دا، ٻيا سڀ ڪوڙ ڪماوڻ.
(19)
نيهي نيهي سڀڪو آکــڳ، پر سـِـهل نه نيهي ٿيوڻ،
پهلي نينهن نشاني ايها، جينديان مرڪر جيوڻ،
دستون ساقي آب حياتي، پلپل دڳ وچ پيوڻ،
تـَـڏان ”مراد“ مناسب تنهن ڪون، نيهي نام سڏيوڻ.
(20)
جـڳ نيهي وچ نينهن سجن دڳ، هن رنگ رباني رَتـڳ،
رندي جام مغان دڳ هٿون، پي متوالـڳ متـڳ،
بيپرواهه بڻي تـڳ شاڪر، ڪامل عشق ڪمتـڳ،
زلف زنجير ”مراد“ تنهان ڪون، پيچ پيچان وچ
گهتــڳ.
(21)
نيهي دڳ دل اندر دونهان، ڪت ڪون دونهان دُکاوڳ،
نيهي رنگ رباني رَتا، انگ ڀڀوت نه لاوڳ،
نيهي نـِـت رَضا وچ راضي، سهج بڻي سر چاولــڳ
(1)،
نيهي هميشه ”مراد“ سجن ڪون، ويک سڀو سک پاوڳ.
(22)
اول فرض نماز جنازڳ، عاشق ادا ڪـَـريندڳ،
ڏيندڳ ترڪ تعلق سڀڪون، مـَـرُ تڪبير مـَـريندڳ،
چشمــڳ عشق حقيقي دڳ وچ، سر ڏي وضو سـَـريندڳ،
سـڳ مشتاق ”مراد“ پيڇـــڳ وت، ڪيهــڳ قرض
ڀريندڳ.
(23)
عاشق چشمــڳ عشق وچون، سر ڏڳ وضو سنوارن،
ترڪ ڪرن تـِـديران سڀئي، مـَـر تڪبيران مارن،
دل بيت الله دڳ وچ هردم، نال نماز گذارن،
عشق امام ”مراد“ جنهان دا، سـڳ ڪيوين وقت وسارن.
(24)
مـُـک مهتاب سجن دا قبلا، زلف غلاف سنوارڳ،
هن ابرو محراب عجائب، چشمان نـُـور نظارڳ،
عشق امام، ”مراد“ جماعتي، نت نماز گذارڳ،
سڀي فرض قبول ٿياسـڳ، ڏٺـڳ يار پيارڳ.
(25)
سهج مسيت، صبوري، سـُـتر، سيل، سنتوڪ منارڳ،
مک محراب، تـڳ سنوات مصلا، سکمن وضو سنوارڳ،
مير سکر منبر تـڳ چڙهه ڪر، ”انحد“ بانگ
پـُـڪارڳ،
عشق امام، ”مراد“ جماعتي، نت نماز گذارڳ،
سجدڳ سـَـهو نه پوڳ ڪڏهان، نڪو وقت وسارڳ،
سڀـڳ فرض قبول ٿياســڳ، ڏٺـڳ يار پيارڳ.
(26)
زاهد زور رکــڳ ظاهر تـڳ، باطن ڪنون بيگانا،
پارسائين دڳ پردڳ جنهن ڪون، سمجهــڳ نا نادانا،
ڏينهن دا انڌا مـُـول نه ڏيکــڳ، دوست وَ سـڳ هم
خانا،
پير مغان دڳ مجلس ٻاجهون، ها رڳيا حيوانا،
”مـُـوتـُـوا“ مـُـورک مـُـول نه ٿيوڳ، ڪـِـنان
ڏونهين جهانا،
يار ”مراد“ مليا ميخانـڳ، شڪرانا صد شڪرانا.
(27)
واعظ ڪرڳ بيان نصيحت، ظاهر وچ زمانـڳ،
محشر دڳ مذڪور ڪنون، ڪوئي هول پيا حيوانـڳ،
”ضعطوا“ فرقان نه سمجهي، غرق ٿيا غمخانـڳ،
يار ”مراد“ مليا ميخانـڳ، شڪرانـڳ تي شڪرانـڳ.
(28)
سڀڪوئي عاشق نوشہ دا، ڪيا دانـــڳ ڪيا ديوانـــڳ،
هڪ ٻيٺـڳ پڙهن مسيتيان وچ، ٻـڳ مست رهن ميخانـــڳ،
ڪـڳ ڪعبـي ڪون ڏيوَن سجدڳ، ڪـڳ وڃن بتخانـــڳ،
سوئي وستــڳ دي وچ وسندا، سوئــڳ وســڳ ويرانـــڳ،
جهر جهنگ يار ”مراد“ مليوســڳ، شڪرانـــڳ تـي
شڪرانـــڳ.
(29)
جـــڳ ڪرين رياضت رب دي، تان تون صورت سمجهه
صفاتي،
اول مال زڪوات ڏيوين، سر ڪر هٿ ”لا“ دي ڪاتي،
روزا رکين غير ڪنون، تان عين ٿيوَن اثباتي،
جو حج حضور شريف اِٿاهين، دل وچ پائين جهاتي،
پڙهين نماز ”مراد“ مدامي، رهين ذڪر وچ ذاتي،
تان ملڪ الموت ڪنون جند ڇـُـٽي، حاصل ٿيوڳ حياتي.
(30)
شربت موت پيالا ساقي، سڀ ڪنهون ڪون ڏيسي،
شاهه گدا سنڀال نيسي سڀڪون، هڪو ڪونه ڇـُـڙيسي،
پر جنهن ساهه سنڀال سجن ڪون ڏتا، تنهن ڪون ڪون
مـَـريسي،
يار ”مراد“ جنهان دي جهولي، سا نت ذوق مڻيسي.
(31)
شربت موت، پيالا ساقي، ڏيسن سڀ ڪناهان،
شاهه گدا نه ڇٽسي ڪوئي، ڪرن توڙي لک دانهان،
پر جيڪو جينديان مر ڪر جيوڳ، مين قربان تناهان،
يار ”مراد“ پيو تنهن جهولي، ڏي ٻئي ڳل ٻانهان.
(32)
شربت موت، پيالا عاشق، پيندڳ نـِـت نماٽـڳ،
ساهه سنڀال ڏتوسي تنهنڪون، جنهندڳ دست وڪاٽـڳ،
هر دم نال وصال ڪريندڳ، ڳهلا لوڪ ڪيا ڄاٽـڳ،
يار ”مراد“ جنهان دي جهولي، رب ڀي سـڳ ئي ڀاٽـڳ.
(33)
گردش دور فلڪ دا هنر، ڪوئي علاج نه ڄاٽـڳ،
توڙڳ لک طبيب مڙن، سڀ افلاطون سياٽـڳ،
تان بي شهه سليمان، سڪندر جيهـي، صاحب ڇوڙ سڌاٽـڳ،
فـَـلڪي مار فلڪ دڳ نيتــڳ، نانگــڳ گئـــڳ
نماٽـڳ،
پر يار ”مراد“ ڏيون جند جينديان، ڇوڙ نـِـڪمي
ماٽـڳ.
(34)
همت ڏيک هندو دڳ زن دي، ڪيها ڪم ڪريندي،
جو ٻولي سو پالــڳ اپنا، پيڇا پير نه ڏيندي،
سيج وانگر چڙهه ٻهـــڳ چکيا اُتـــڳ، مرڻ قبول
ڪريندي،
سترُ جهولي رک صدقــڳ ٿيندي، جيندئين جان جليندي،
وچ ميدان محبت والــڳ ”مراد“ ويندي گوءِ مريندي.
(35)
لاف ماريندڳ لـڄ نهين آوندي، عاشق نانءُ سڏيندا،
همت هندو دي زن جـِـلتي، تون ڪاهر نهين ڪرَيندا،
اُو مـَـر پوندي مـُـردڳ اُتي، تون دل دلبر نهين
ڏيندا،
پر يار ”مراد“ مريسي سوئي، جو جيندئين مـَـر ڪر
جـِـيندا.
(36)
جــڳ دل ويندي وحدت ڏڳ، عادت وڃڻ نه ڏيندي،
بـَـڇ هزار، هزاران خطرڳ، رهزن راهه مـَـريندي،
غول بيابان وانگر کڙي، کٻــڳ سڄــڳ سڏيندي،
هادي حق ”مراد“ جـَـنهين دا، سا دل وچ ديدار
ڪريندي.
(37)
يار يقين جنهان دا هويا، ســڳ اَٽڪي رهن نه عادت،
روح دي راهه روان ٿي، وڃ سالڪ پوڳ وچ وحدت،
اُلٽي آپ ”اناالحق“ هوئـڳ، ڪنهن دي ڪرن عبادت،
محض ”مراد“ محقق ڪـُـون، هــڳ ڏيوڻ سر سعادت.
(38)
سـِـرَ ڏتــڳ سـِـر حاصل هوئـــڳ، دل ڏتــڳ دل
جاني،
روح ڏتـي دل روح ٿيوي، ”سبحاني اعظم شاني“ ،
قطرا وڃ پيا وچ قلزم دڳ، هويا بحر حقاني،
ٿيا محيط ”مراد“ وهم وچ، رهندا لا مڪاني.
(39)
نـَـين سوداگر دلبر سودا، عشق دلال ڪيتوسـڳ،
سـِـر سـَـرواهه سڀو وچ سودڳ دڳ، تن من نال
ڏتوسـڳ،
مليا دوست، مـِـٽي دلگيري، سودا ساب پيوسـڳ،
رب سبب ”مراد“ ڪيتا، جو ڪـَـک ڏئي لک ڳڌوسـڳ.
(40)
دل درياهه، محبت ٻيڙا، کوُها توڪل ڪيتا،
ٻڌُ سـُـکان صبر دا محڪم، سڙهه همت دا سيتا،
معلم وچ وطن دڳ سونهان، ڪامل مرشد ڪيتا،
مال ”مراد“ يقين تنهين وچ، صحيح سلامت نيتا.
(41)
چوراسي لـَـک پڃرڳ دي وچ، هڪو ٻولڻ هارا،
تنهن نرمل نـُـوري طوطي دا، نـِـڪو انت نه پارا،
ڀانتو ڀانت ٻوليندا ٻولي، روپ ورن سڀ نيارا،
کاوڳ پيوڳ موجان ماٽڳ، ڪون ”مراد“ ويچارا.
(42)
آپ ڪنون لـُـڪ ٻيٺا آپــڳ، ڪنهن نا آپ لڪائـڳ،
آپــڳ ٻيٺا ويکـڳ سڀڪجهه، اندر آپ الائـڳ،
دل دي تخت اُتي چڙهه نوشهه، هر دم حڪم هلائـڳ،
هي اول آخر، ظاهر باطن، ٻــڳ دي جاءِ نه ڪائـڳ،
ڪيا وچ ”مراد“ ويچارـڳ دا، جو ناحق نانءُ
ڳڻائـڳ.
(43)
تن من دي وچ تونهين تون، ڦـِـر تن من تو بـِـن
ناهــڳ،
دل دي اندر ديرا تيڏا، هـَـئين تحقيق اَٿاهين،
آپــڳ کاوي آپــڳ پيوي، سڀ رس سنجهه صباحين،
منهن ٻوليندا، ڪـَـنين سڻيندا، نيڻين نال نگاهين،
”مراد“ ڪنون هـُـڻ ڪيون ڪرِ لـُـڪسين، جو
لـَـڌڙا جاءِ بجائين.
(44)
تن ڀي تـَـئين تون، من ڀي تئين تون، سر ڀي گهول
گهمائين،
هڪ پل پاســڳ مـُـول نه ٿيوين، نـِـت اکئين نال
وکائين،
سيج سـُـتيان ڳل ٻانهن سيراندي، ماٽـڳ سـُـک
سدائين،
دلبر دل ديان لاهين سـِـڪان، سڀ ”مراد“ پڄائين.
(45)
دل دلبر بـِـن رهندي ناهـڳ، آپـــڳ عشق لـَـيوئي،
درد چـَـيوئي،
وڃ بند دام زلف دڳ وچ، قابو قيد پيوئي، سـُـک
ڪيوئي،
نت مريندڳ ناز نينان، دڳ ڪـِـيتا پيش آيوئي، جوڳ
ٿيوئي،
پر غبغب دڳ وچ مار غوطا، جــڳ يار ”مراد“
مليوئي، بخت وليوئي.
(46)
درد سهڻي دلبر دا مين تان سـَـؤ سـُـک سٽ ڪر چايا،
مـِـٽ ڳئــــڳ خام خيال خودي دڳ، جان دل اندر آيا،
شالا هووڳ هميشه نوان نـِـت روز بروز سـَـوايا،
برڪت نال ”مراد“ جنهين دڳ، نوشهه الله ملايا.
(47)
درد نهين ڪو دارون دل دا، جو پيوڳ سو جيوڳ،
جـي روز چـَـکن رمز خماري، مرون هميشه کيوڳ،
مـِـٽ وڃن سڀ مستي ۾، ڏڳ مستي حق لـَـڀيوڳ،
يار ”مراد“ وســــڳ وچ ويڙهي، جو ڪو عاشق ٿيوڳ.
(48)
درد دوائي محبوب جنهن ڪون، عشق طبيب کـِـوائـڳ،
رَتي روڳ نه رهـڳ اندر وچ، غير گمان وڃائــڳ،
”مئين“ دا پڙدا ڦاڙ ڪرا هـُـڻ، اکين ”عين“
وِکائــڳ،
يار ”مراد“ وسـڳ وچ ويڙهـڳ، جو ڪو جهاتي پائــڳ.
(49)
”مئين“ ڪون سمجهه ته ”مئين“ ڪون پائين، جو
”مئين“ وچ ”مئين“،
”مئن“ دڳ وچ ملين تون مئين ڪون، ڍونڍ نه سڃيان
جائين،
”تون“ وچ ”مئن“ تي ”مئن“ وچ ”تون“ ، جا دل
دا غير وڃائين،
”الانسان“ ، ”مراد“ سڃاڻين، ”مئن“ وچ ”مئن“
ملسائين.
(50)
سڀڪو لوچــڳ ساڌي ڪون، تـڳ اسان چوري چائي،
رستـڳ ڇوڙ پيا سـڳ جهنگل، سائين سـُـڃ وسائي،
پيران ٻاجهون پنڌ ڪيتوسـڳ، هٿان ٻاجهه ڪمائي،
سمجهين ملڪ ”مراد“ امولڪ، ڀاڳا پراپت پائين.
(51)
ننڌڪ لوچن سنگي ڪون، تـڳ نيهي ننڌيا چائي،
جنهن ملامت وچ سلامت، سا اوهه پـَـلـــڳ پائي،
سـُـڻ ڪر سمجهه جواب نه ڏيندا، ويندا ڪنڌ وَلائي،
پر چائي گوءِ ”مراد“ جنهين، مـَـن ڪو مار منائي.
(52)
جنهن دا ڍول سلامت هووڳ، ساڪت ڪارڻ ڪــتــڳ،
ڦـِـري البيلي، راڄ ڳهيلي، چرخي تند نه گهتــڳ،
ڏيهون اڳــي ڦرڳ، رکــڳ رنگ برنگ رَتــڳ،
جنهن مهر ”مراد“ خضر دي، ڀاڳ تنهين دڳ متــڳ.
(53)
ايوين ماڻ ڪرين نا ڪوڙڳ، ڪتڻ مـُـول نه ڇوڙين،
ويک سهاڳ نه ڪيجئـڳ حجت، هوند ڪنون منهن موڙين،
چيتي نال ڦرائين چـَـرخا، هـِـڪا تند نه ٽوڙين،
هو حليم ”مراد“ هميشه، نال ادب هٿ جوڙين.
(54)
نا مئين رنگ نه روپ نه صورت، نا مئين ڪيرت ڪائي،
نا مئين سـُـرخي سـُـرما پايا، نا مئين ميندي
لائي،
نا مئين مـَـکيا چڪيون چندن، نا مئين ڌڙي ڳنڌائي،
نا مئين هار سينگار بنايا، نا مئين ڪـَـران ڪمائي،
ڪـُـل ڪـُـلکين سڀئي مئين وچ، ڪت ڪون ڪـَـران
وڏائي،
پر جنهن تي مهر ”مراد“ خضر دي، جڳ سهاڳڻ سائي.
(55)
جيڪو ڄاٽـڳ مئين ڪـُـڇ ڄاتا، ڄاڻ نسي ڪڇ ڄاتا،
جنهن ڄاتــڳ وچ ڄاڻ نه پايس، سو ڄاتا ٿيا ناڄاتا،
پر ڄاتا ڄاڻ ”مراد“ تهين، جنهن اڻڄاڻا ڪر ڄاتا.
(56)
وچ ميدان محبت دڳ، جي عاشق آءُ وِڪاٽـڳ،
اندر عيش ”مراد“ تنهان ڪون، ٻاهر ڦـِـرن
ڪوُماٽـڳ،
درد مندان دا درد مندان بن، ڪهڙا قـَـدر
سـُـڃاٽـڳ،
ڳـُـڙن ڄاٽـڳ يا ڳڙ دي لذت، ڳـُـڙ کاوڳ سو ڄاٽـڳ.
(57)
سنگي سو جو تن من سنگي، سک رهـڳ يڪرنگي،
تنهن سنگي ڪون ڏڳ نه سنگين، جـڳ سنگي سر منگي،
بن يڪرنگـِـي ڪيها سنگي، بن سنگي ٻـَـهـُـه سنگي،
مورک سنگ ”مراد“ نه ڪيجئـڳ، فرق رهي فرسنگي.
(58)
بيوفائي ڪار زنان دي، مـَـردان وفاداري،
جي لائين تان سـِـر ڏئي چاهين، توڙ نباهين ياري،
ڪـُـوڙڳ قول نه ڪرين ڪڏاهان، پاس سخن سچاري،
ســڳ وريام ”مراد“ ٻيان ڪم، ڪرن نه جـِـند
وِساري.
(59)
ايهه رن نال جنهان دي ياري، سو ڪيونڪر رب ڀاوڳ،
روڳي راون ڪيتا رن سوگها، چمڙي تـــڳ دل لاوڳ،
ڪوڏي بدلـڳ لعل لکيڙان، نامعقول مـَـٽاوڳ،
سو زن مريد ”مراد“ اسان ڏي، مولا مـُـنهن نه
لاوڳ.
(60)
دنيا دنيا سڀڪوئي آکــڳ، دنيا نهين اڳ ڌُتي،
اڳ رنڊڻ رن راهه نه وڃين، ڪـُـتليان ڪڍڳ مـُـتي،
جنهان نال نڪاح پڙهيايس، تنهان سنگ نه سـُـتي،
گهـَـتي وير وڙهائي ڪـُـتي، ڪـَـتي ماهه دي
ڪـُـتي،
پر لاهه ”مراد“ مڙهين منهن تي، پيران دي جـُـتي.
(61)
دل وچ درد نهين دلبر دا، عشق نه چـُـوچي لايا،
ٻاهر ويس فقيري دا، تي من وچ مقصد مايا،
ڇوڙ توڪل تڪيا رب دا، بـــڳ لڄي لـڄ وڃايا،
جنهن دنيا ڪارڻ دوست وساريو، ساتا ڪوڏي ڪم نه آيا،
يار ”مراد“ کٿوري دا سـَـٽِ ڪر، چا ڪـِـني کاري
چايا.
(62)
دل وچ درد نهين دلبر دا، عاشق نانءُ سڏايو،
چت وچ جـُـوتي، سـِـر تــڳ ٽوپي ڪرڪـڳ بيک وکايو،
نانگا ٿي ڪر، ننگ نه ڇوڙيو، اُلٽا ويس لڄايو،
ساري عمر ”مراد“ مڪر ڪر، حارص هٿ ڪيا آيو.
(63)
جو ڪـُـڇ ڪـَـتڻ واليان ڪيتا، سو مئن ڪـَـت نه
ڄاڻان،
ڪامل ڪانڌ ڪـُـڇين مئن ڪون، هينئڙڳ مـڳ هرساڻان،
ماڻ ”مراد“ ڪيها تنهن سيتي، جنهن هٿ جيءُ
وڪاڻان.
(64)
جــڳ تون عاشق ٿيوين مئن تــڳ، مئن معشوق ٿوائين
ڦولهه ٻهائين،
جـــڳ تون معشوق ٿيوين، تان مئن تو سيتي دل لائين
جـِـنديان تائين،
جـي تون سيج اُتـــڳ چڙهه آوين، تان مئن سهج ڪنون
ڳل لائين سؤ سـُـک پائين،
وس ”مراد“ پيا وڃ تيڏڳ، سـُـڻ تان سچ آکائين
سهڻا سائين!
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
|