مسلمان ارادتمند فقير در محمد پنهنجي مرشد جو ذڪر
هيئن ٿو ڪري:
ڪنڊڙيءَ جا پير پرورَ
اچن سوالي وڃن نه خالي
ڏجانءِ ڏاڻ خوشيءَ مان
”در محمد“ مـســـڪـــين چئي |
|
سير وهي تنهنجي سڀ کان سر
روحل تنهنجي در
وهلو وير تون ور
نــــــظــــر نــــمـــاڻـــــــي تـــــي
ڌر. |
جيئن ته دنيا فاني سراءِ آهي ۽ هن مسافرخاني ۾ جو
آباد ٿيو، ان کي هتان هڪ ڏينهن ڪـُـوچ ڪرڻو آهي.
فقير صاحب جي عمر جو ماڻ به ڀرجي آيو. معمولي
بيماريءَ کان پوءِ، سنڌ جو هي آزاد صوفي، پنهنجي
خالق جي حضور ۾ وڃي حاضر ٿيو. روايت آهي ته هن سن
1804ع ڌاري، هـن دنيا کان موڪلايو.
روحل فقير ٻه شاديون ڪيون. سندس پوئين گهر واري
مراد فقير جي نياڻي هئي. پهرئين گهر مان کيس ٻه
پـُـٽ ٿيا، هڪ شاهو فقير ۽ ٻيو غلام علي فقير.
پوئين گهر مان کيس ٻه فرزند ٿيا، دريا خان فقير ۽
خدا بخش فقير.
روحل فقير پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو صوفي ٿي گذريو
آهي. سندس تصنيفات ۾ چار هندي رسالا، من پر ٻوڌ،
ادڀت گرنٿ، سرٻ گيان ۽ آگم وارتا مشهور آهن. انهن
کان سواءِ ٿورا ڀڄن پڻ چيا اٿس.
فقير صاحب جو ڪلام سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ به موجود
آهي، جو ٿورو آهي، پر نهايت مدلل. زبان سادي پر
فصيح آهي. هو ان دور ۾ ٿي رهيو، جنهن کي سنڌي ادب
۽ متقدمين جو دور ٿو چئجي. سنڌ جي عظيم شاعر شاهه
عبداللطيف جي دور سان سندس قريبي تعلق آهي.(1)
ان
دور جي ساده بياني ۽ شگفتگي ضرب المثل آهي. اهوئي
سبب آهي، جو فقير صاحب جي ڪلام ۾ به پنهنجي همعصر
بزرگن واري سادگي موجود آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جي
باريڪ نگاهي موجود آهي ۽ اهو ٻاهرئين رنگ ڪرنگ کان
آزاد ۽ پاڪ آهي. هو رهبر اعظم جي مبارڪ قول
”الاهـُـم اَعـُـوذ بـِـڪَ مـِـن عـِـلم لا
يـَـنفـَـعُ“ ، (خدايا مان توکان ان علم کان پناهه
گهران ٿو، جنهن کان ڪو نفعو نه پهچي) جو پورو پورو
تابع نظر ٿو اچي--- جيئن پاڻ فرمائي ٿو:
ڪهڻي تان هرڪو ڪهي، پر رهڻي اوکي بات،
پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ مان ”روحل“ چوي.
جيئن مٿي لکيو اٿم، فقير صاحب جي ڪلام ۾، اڪثريت
ان فڪر ۽ اجتهاد جي آهي، جنهن ۾ هن صوفيءَ جي مسلڪ
کي نمايان طور پيش ڪيو آهي. هن توحيد جي اهم مسئلي
کي وڏي اهميت ڏني آهي، جو سندس ڪلام جو جوهر چئجي
ته به روا آهي. توحيد جي معنيٰ آهي ”هيڪڙائي“ ،
يعني، خلقڻهار جي هيڪڙائيءَ جي قبوليت. صوفي جيئن
ته پنهنجي ذات جو تعلق فقط، خداوند تعاليٰ سان
ڳنڍيل رکي ٿو، ان ڪري هو توحيد جو دنيا ۾ وڏو
علمبردار آهي. امام غزالي رحمته الله عليه، پنهنجي
تصنيف ”المنقذ من الضلال“ ۾ ”القول في طريقة
الصوفيه“ جي عنوان هيٺ فرمائي ٿو:
”جڏهن مان علوم کان فارغ ٿي، صوفيه جي طريقي جي
طرف متوجهه ٿيس، تڏهن مون کي معلوم ٿيو، ته سندن
طريقو علم ۽ عمل سان تڪميل تي پهچي ٿو. سندن علم
جو نتيجو نفس جي متابعت کي قطع ڪرڻ، بـُـرن اخلاقن
۽ خبيث صفتن کان پاڪ ٿيڻ آهي، تان جو ان جي ذريعي،
قلب کي غير الله کان صاف ڪيو وڃي ۽ ان کي ذڪر
اِلاهيءَ کان معمور ڪيو وڃي.“
فارسي زبان جو مشهور صوفي شاعر، مولانا نورالدين
جامي، پنهنجي تصنيف ”لوائح“ ۾ هن نڪتي کي
سادگيءَ سان هيئن ٿو پيش ڪري:
اي دل طلب ڪمال در مدرسه چند
هر فڪر ڪه جز ذڪر خدا وسـوسه هست |
|
تڪميل اصول و حڪمت و هندسه چند
شـرمــي زخــــدا بـــدار ايــــن وســــوسه
چند |
( اي دل مدرسي ۾ ويهي، ڪماليت جي ڳولا ڪرڻ
ڪيستائين؟ اصول، فلسفي ۽ حسابن جي هيءَ تڪميل
ڪيستائين؟ اهو فڪر جو خدا جي ذڪر کان سواءِ هجي،
سڄو وسوسو آهي. خدا کان ڊڄ هي وسوسو ڪيستائين؟)
حضرت جنيد بغدادي، جنهن کي صوفي پنهنجو سردار ڪري
مڃين ٿا، فرمائي ٿو ته: ”صوفي پاڻ کان فاني ٿي
وڃي ٿو، ۽ خدا سان باقي رهي ٿو.“ رومي فرمائي ٿو:
زندگي مقصود بهر بندگي ست
جز خضوع و بندگي و اضطرار
هرڪه اندر عشق يابـــد زندگي |
|
زندگي بــي بندگي شرمندگي ست
اندرين حضرت ندارد اعتبار
ڪـــــفر بـــاشـــد پيـــش اُو جـــز
بندگي. |
(زندگيءَ جو مقصد فقط خدا جي بندگي آهي. بندگيءَ
کان سواءِ زندگي شرمندگي آهي. نياز، بندگي ۽ دلي
بيتابيءَ کان سواءِ، ٻيءَ ڪنهن به شيءِ کي، ان جي
حضور ۾ دخل نه آهي. جو خدا جي محبت جي اندر زندگي
لهي ٿو، ان وٽ سندس بندگيءَ کان سواءِ ٻيو سڀ ڪفر
آهي.)
روحل فقير به ان قول صادق جي هيئن شهادت ٿو ڏئي:
چشما آب حياتي دا، دل اندر حوض حضوري،
سـِـر دي سودي پيندي عاشق، پريت جنهان دِي پوري،
سي جينديان مـُـوتوا ٿي ڪر ٻيٺي، پايا سـُـک
صبوري،
”روحل“ رنگ هڪ دي رتي، سي نـُـور، ملي وچ
نـُـوري.
فقير صاحب جنهن ٻيءَ حقيقت کي وضاحت سان بيان ڪيو
آهي، اها آهي ”پاڻ سڃاڻڻ“ جي قوت آگاهي. فرمائي
ٿو:
جي تون صحيح سڃاڻي پاڻ، اٿئي قيمت سندو قطرو،
ڪوري ڪڍ قلوب مان، مدائيءَ جو ماڻ،
پري نهارڻ پـِـرَ کي، سندو ڄٽن ڄاڻ،
نـِـت سائين توهي ساڻ، راتيان ڏينهان ”روحل“
چوي.
هاڻي ڏسون ته پاڻ سڃاڻن ڇا آهي؟ رومي فرمائي ٿو:
از خود آگه چون نيء اي بي شعور،
پس نبايد برچنين علمت غرور.
(جيئن ته تون پاڻ کان واقف نه آهين، ان ڪري توکي
پنهنجي ڄاڻ تي ايڏو هٺ ڪرڻ نه گهرجي.)
صوفين پاڻ سڃاڻڻ منجهان مطلب ٻانهي ۽ خالق جي توسل
کي ورتو آهي. رومي ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
چون بداني تو ڪماهي خويش را
گرهمي خواهي ڪه باشي حق شناس
بل ز راه ڪشف و تـحـقـيـق و يـقـيـن |
|
علم عالم حاصل آيد مرتوا
خويش را بشناس نه از راه قياس
عارف خود شوڪه حق داني ست اين. |
(جڏهن پنهنجي هستيءَ کي سڃاڻيندين، ته توکي سڄي
جهان جو علم حاصل ٿي ويندو. جيڪڏهن تون گهرين ٿو
ته خدا کي سڃاڻين، ته پاڻ کي سـُـڃاڻ. ٻيو قياس نه
وٺ. ڪشف، تحقيق ۽ يقين جي راهه کي وٺي، پاڻ سڃاڻڻ
جو عارف بڻجي وڃ، ڇو ته اهائي حق داني آهي.)
شيخ محي الدين ابن العربي هن حقيقت جي وضاحت هيئن
ٿو فرمائي:
اَلـُـعـَـبـَـدُ عـَـبـَـد وَ اَن ترقي والرب رب
و اَن تنزل
(ٻانهون، ٻانهون آهي، پوءِ هو ڪيتري به ترقي ڪري،
رب رب آهي، اگرچه هو ڪيترو نزول ڇو نه ڪري.)
مٿئين حقيقت مان صاف ظاهر ٿيندو، ته انسان جڏهن
پاڻ کي صحيح صورت ۾ عبد تصور ڪري ٿو، تڏهن ئي سندس
مقام ۽ منزل جي ترقي ٿئي ٿي. علامه اقبال ”عبده“
جي تشريح هيئن ٿو ڪري:
عبده آ جانفزا ۽ جانستان عبده شيشو به سنگ گران
عبده دنيا آ دنيا عبده
ترجمو:
رنگ سڀ آهيون ۽ هو بي رنگ وبو عبده کي ابتدا بي
انتها عبده کي صبح شام آهي نه ڪا
”عبده“ جي فهم ۽ ادارڪ جي اعليٰ مقام کي علامه
اقبال خوديءَ سان تعبير ٿو ڪري. سنڌ جو صوفي اڳيئي
ان کان پوريءَ ريت واقف آهي. روحل فقير فرمائي ٿو:
وڻج وِهائڻ ڪاڻ، ڇو وڃين ٻئي هـَـٽِ؟
توکي پٽ پٽيهر پانهنجو، اٿي وڻج مڙوئي وَٽِ!
جنهن ۾ نشو نينهن جو، ساڪا ڪوٺي پـَـٽِ!
علامه اقبال انهيءَ قبيل ۾ فرمائي ٿو:
آدمي وٽ ئي نه پهتين، ڪئن خدا ڳولين پيو!
پاڻ کان پرتي وڃي ۽ آشنا ڳولين پيو!
پؤ وڃي ڪنهن شاخ گل ۾، آب نم سان ڪر گذر،
رنگ بگڙيي لئي وري باد صبا ڳولين پيو!
(ترجمو)
صوفيءَ جو خوديءَ بابت ڪهڙو نظريو هئڻ گهرجي، ان
لاءِ ”روحل“ فقير هيئن ٿو فرمائي:
ڄاڻ خودي تان خود ڪون پهچين، نال خودي خود پائين،
بنا ڪيف لطيف نه لـڀدا، سڻ تان سچ آکائين،
”روحل“ رانجهن دل وچ وسدا، ڍونڍ نه سڃيان جائين.
جيئن ته صوفين جي پـَـرِ ”صلح ڪـُـل“ ٿئي ٿي ۽
هو دنيا کي محبت ۽ پيار جو پيغام ڏيندڙ آهن. روحل
فقير جي ڪلام ۾ به اسان کي ان حقيقت جو اظهار ملي
ٿو:
ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀين ابتا ڀيرَ،
هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
اَنڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير!
پر ”روحل“ راهه پرين جي، جان گهڙي ڏٺوسي گهير،
ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير:
سا ڪاڏي ڪندي پير، جا ستي ڪعبة الله ۾!
هڪ فارسي شعر هن قبيل ۾ روميءَ چيو آهي:
ڪفر است در طريقت ماڪينه داشتن،
آئين ما است سينه چون آئينه داشتن.
سچ، روحل فقير هن اڪسير جو ڀنڊار آهي:
سڀ صورت صاحب دي ڄاڻن، دوئي دل نه لائن،
”روحل“ رنگ هڪي دي رتي، سي سڀ ڪنهن سيس نماون.
روحل فقير جي ڪلام ۾ صوفيءَ جي لاءِ هڪ مفصل
پروگرام موجود آهي. سندس ڪلام ۾ ڪوبه مبالغو يا
اهڙي ڳالهه موجود ڪانه آهي، جنهن کي صوفي شطحيات
سڏين ٿا. شطحيات منجهان مقصد آهي، اُهي ڳالهيون،
جي شرع سان تضاد ۾ اچن. جيڪڏهن ڪٿي ڪو اهڙو نڪتو
بيان به ڪيو اٿس، ته نهايت احتياط سان. فرمائي ٿو
ته:
ٽٻي ڏيئي پاڻ ۾، پسان جان پيهي،
نڪي ملڪ نڪي خلق، نڪي اسيئي،
اسين به ڳوليون جن کي، سي پڻ اسيئي،
ٻي وائي ويئي، ”روحل“ هو نگ پرين جي هڪڙي.
هڪ سنجيده صوفي آهي، جو پنهنجي مواعظ حسنه سان،
دلين کي ڌتاريندو رهي ٿو.
روحل فقير جو ڪلام، جيئن مٿي ٻڌايو اٿم، ڪو زياده
نه آهي. پر هنديءَ ۾ سندس ڪـِـوتا چڱي انداز ۾
آهي. سندس هندي تصنيفات جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم، انهن
کان سواءِ ڀڄن به اٿس، جن جو رنگ هيٺينءَ ريت آهي:
(1)
اپنا روپ پڇان، سمجهه من درسن پيهي.
1- جئسي شنگهه اَجاسنگ ڏولي، آپ نه چيني، ڀرمي
ڀولي،
جانت هوءِ اَجان.
2- کستوري وسي مرگهه ڪي مانهين، بـَـنُ
ٺـَـنُ ڍونڍي سونگهي تانهين،
هوءِ رهيا حيران.
3- جن تمڪو نشچي ڪر جانيا، رمتا رام سڪل گهٽ
مانيا،
سو ساڌو پروان.
4- تين لوڪ مين تمرا واسا، ڪاهي ڦرت هوءِ اُداسا!
جان سڪي ڪو جان!
5- جت ميري پريت صاحب سنگ لاگي ”روحل“ ڀيت
ڀرم ڪي ڀاگي،
آتم مين غلطان.
(پنهنجيءَ صورت کي سڃاڻ اي دل، سمجهه جو اهوئي سچو
ديدار آهي.
جهڙيءَ ريت شينهن ٻڪريءَ جي صحبت ۾ ڦاسي، پاڻ چري
نٿو، پر عجيب وهم ۾ مبتلا آهي. ڄاڻندي به اَڄاڻ
بڻجي ويو آهي:
مشڪ هرڻ جي اندر موجود آهي، مگر هو ان خوشبو کي رڻ
پٽن ۾ ڳوليندو ٿو رهي. اهڙي ريت حيران ۽ پريشان
آهي.
(پر) جن توکي يقين سان ڄاتو ۽ سڃاتو ته اهو سڀ
جاءِ تي وسندڙ رام پنهنجي اندر آهي. اهوئي صادق
صوفي آهي.
ٽن لوڪن
(1) جي اندر تون وسندو رهين ٿو، پوءِ ڇا جي
لاءِ اداس ٿو گذارين! ڪو ڄاڻڻ وارو هن حقيقت کي
ڄاڻي سگهي. جڏهن منهنجي محبت ان مرشد سان لڳي، وهم
۽ سنسي جي ڀت مون کان ڀڄي پئي. (تڏهن) مان روحاني
دنيا ۾ گم ٿي ويس.)
هن شبد يا ڀڄن جي اندر، فقير صاحب، پاڻ سڃاڻڻ جي
تلقين ڪئي آهي، جنهن نظريي بابت مٿي بحث ڪيو ويو
آهي ته اهوئي صوفيءَ جي زندگيءَ جو وڏو مقصد آهي.
ڪوي ڪبير فرمائي ٿو:
ڪاهي ڪو ڀرمت بانوري اوهه تو تيري پاس هي،
وه وياپڪ تيري مانهين، پهولون مين جئسي باس هي،
باهر ڪو دوڙي هاٿ نه آوي، مرگهه ترشنا کهيل،
الک امورت، امر ابناسي، تو مانهين پرڪاش هي.
(اي بيوقوف تون ڇالاءِ وهم ۾ وڪوڙيل آهين، اهو ته
تو وٽ آهي! اهو هر شيءِ تي بسيط، تنهنجي اندر
اهڙيءَ ريت آهي، جيئن گلن جي اندر خوشبوءِ ٿئي ٿي.
تون ٻاهر ڊڪندو رهين ٿو، پر هو توکي هٿ نه ايندو،
هيءُ ته مرگهه ترشنا جو کيل (رڃ ۾ هرڻ جو ڊوڙڻ)
آهي، اهو الک، جنهن کي ڪابه صورت نه آهي، هميشه
جيئڻ وارو، ۽ فنا نه ٿيڻ وارو، تنهنجي اندرئي جلوه
گر آهي.)
شيخ فريد الدين عطار فرمائي ٿو:
چشم بڪشا ڪه جلوهء ديدار تجلي است از در و ديوار،
ڪل شـِـيءِ مـُـحيـُـط مي دانم چونڪه مي بينمش نقش
و نگار،
ثم وجہ الله ايدت بنظر وَهـُـوَ مـَـعـُـڪـُـمُ
نمايدت ديدار،
اين تماشا چه بنگري گوئي لـِـيـُـس في الد ار غيره
بشمار.
(اک کول، جو دوست جو جلوو هر در ۽ ديوار مان نظر
اچي رهيو آهي. هو هر ڪنهن شيءِ جي مٿان محيط
(وياپڪ) ڄاڻ. سڀ ان جوئي نقش و نگار ڏسون ٿا. سڀ
ڪنهن طرف توکي الله نظر ايندو، اهو توسان گڏ آهي،
۽ ائين توکي ديدار (درسن، ڏيکاريندو رهي ٿو. اهو
تماشو ڇا جي لاءِ ٿو ڏسين؟ چؤ ته تنهنجي اندر
انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه آهي!)
بهرحال، هن ساڳيءَ حقيقت کي ٻئي شبد يا ڀڄن ۾ هيئن
ٿو فرمائي:
(2)
ڪاهي ڦرو بنواس؟
1- شــــبـــد ڪـــي ڪـــر سـِـمرنا،
ڀـَـو ســـــاگـــر پار تــــرن ڪـــو، |
وچن ڪا ڪر پاس،
جپ ساسون ساس |
2-ڪي ڦرن مڪي ڪي مانهين،
شـِـنگهه بــــوکـــا جــي ڦـــرڳ، |
ڪن ڪون گنگا ڪي پياس،
ڦر مول نه کاوڳ گهاس |
3- تيرا صاحب تجهه هي مانهين،
|
تم تجو اور آس، |
ســــر دئــــي صــاحــب مــــلـــي،
|
اچرج، اچنبا هاس |
4- گـُـر ته ”روحل“ هم ڪون مليا،
دن رين مجهڪو بيهي هــــي، |
ڪاٿي جم ڪي ڦاس،
تيري چرنون ڪي پياس. |
(ڇاجي لاءِ ويرانين ۾ ڦرندو رهين ٿو؟ رات ڏينهن
خدا جو ذڪر ڪر ۽ اهو ٻول جو ڪري آيو آهين، ان جو
خيال ڪر، هن دنيا جي وڏي سمنڊ کي پار ڪرڻ لاءِ، هر
دم سان ذڪر الاهي ڳنڍيو رهي. ڪي مڪي شريف ۾ ڦرندا
رهن ٿا، ته ڪن کي گنگا جي تيرٿ جي سـِـڪَ آهي،
شينهن توڙي بکيو ڇو نه هجي، پر هو ڪڏهن به گاهه نه
کائيندو. تنهنجو مالڪ تنهنجي اندر آهي ۽ تون ٻي
اميد ڇڏي ڏي، سر ڏي ته توکي مالڪ ملي، هن تي عجب ۽
حيرت ڇو ٿو ڪرين. ”روحل“ اسان کي مرشد مليو آهي
۽ اسان موت جي بند کان آزاد ٿي چڪا آهيون، رات
ڏينهن مون کي تنهنجي قدمن ۾ رهڻ جي آس آهي.)
مرشد جي آمد جو ذڪر، ڪيڏيءَ نه خوشيءَ سان ٿو ڪري،
جنهن جي هر هڪ لفظ مان صداقت ۽ عقيدت جو اظهار ٿو
ٿئي:
(3)
آڄ موري سنت پڌاريا، سنت پڌاريا، هري جن پيارا!
ٻل ٻل جائون ٻلهارا!
1- آج ميري انگنان مين ڀئي واڌائي،
ورتــيــا منگل چارا،
2- ڀاؤ ڀڳـــت ڪـــي ڪـــرون رسوئي، آنند
ڪــــرون اَهارا،
3- سيل سنتوک ڪــــي سيج بڇائون، پائون
مــــوک دوارا،
4- ڪـــهـــتا ”روحـــل“ سنت هــــي آيا،
پائون درسن ديدارا.
(اڄ مون وٽ مرشد آيو آهي، مرشد آيو آهي، جو خدا جو
پيارو آهي، جنهن تان مان هر هر صدقي ٿيان! اڄ
منهنجي اڱڻ ۾ خوشي آئي ۽ خوشي منائجي رهي آهي.
سندس طعام سندس وعظ ۽ نصيحت بڻايان ۽ خوشي سندس
چادر ٺاهيان. صبر ۽ شڪر جي سيج وڇايان ۽ ان جي
رستي ڇوٽڪارو حاصل ڪريان. ”روحل“ چوي ٿو ته مرشد
آيو آهي، شال سندس درسن ۽ ديدار حاصل ڪريان.)
ڀڳت ڪبير جي عظمت جو فقير صاحب هيئن ٿو اعتراف
ڪري:
(4)
مون مين سڪل شڪل سون نيارا
مين داس ڪبير ڪهايا.
1- هماري ديس نهين ماتر ڀومي نهين آڪاشا،
نهيـــن
هـــــي ڌنڌڪارا،
2- هماري ديس نهين هي چندر نهين هي سورج،
نهين هــي نؤ
لک تارا.
3- هماري ديس نهين هي برهما نهين وشنو،
نهين شو شڪتي
سارا.
4- ڪهت ”روحل“ هم روحل بهي ناهين،
ڪبير روپ
هــمــارا.
(مان سڀڪجهه آهيان، جنهن کي ڪابه شڪل نه آهي، مان
ڪبير جو پاڻ کي ٻانهو چوايان ٿو. منهنجي ديس ۾ نه
زمين آهي نه آسمان، نه وري اونداهي آهي، منهنجي
ديس ۾ نه چنڊ آهي نه سج، نه وري اڻ ڳڻيا تارا ئي
آهن، منهنجي ديس ۾ نه برهما آهي نه وشنو، نه وري
طاقت وارو شو آهي. ”روحل“ چوي ٿو مان به نه
آهيان، اسان جي صورت ڪبير جي صورت آهي.)
روحل فقير جي هڪ مريد، ٿانورداس شڪارپوريءَ،
پنهنجي بياض ۾ لکيو آهي، ته هڪ ڀيري، سندس فرزند
شاهو فقير، کيس سوال ڪيو ته
گوري پوري ڪو ڪم جانيان ڪـُـٻـُـڌ پـُـري پڇان
”شاهو“ اب عرض ڪري ديئو سرب گيان
گيان بنا گم ڪم پڙي، جب ستگر ڪهه سمجهاءِ
”شاهو“ پر ديا ڪرو، ديئو ترت دِکاءِ.
(مرشد جي شهر (موقف) کي گهٽ ٿو ڄاڻان، ان جي سڃاڻپ
ڪٿان ڪريان! ”شاهو“ عرض ڪري ٿو ته کيس سڄو ئي
علم عطا ڪريو. انهيءَ علم (سمجهه) بنا خبر ڪانه ٿي
پوي، جيڪو مرشد ئي ٻڌائي ۽ سمجهائي ٿو. شاهو تي
رحم ڪريو ۽ اهو موقف اُن کي جلدي ڏيکاريو.)
روحل فقير سندس جواب مختصر مگر جامع ٿو ڏئي:
ستگر پـُـري پـُـرس هي سدا بيپرواهه
”روحل“ اُو راجا ڀـَـئي، راجن ڪي پتشاهه
اننگ اڪثر نه ملي نين نين ڀرپور
”روحل“ وچن ٻولي، ڪو چڳي هنسا سور
نر ڪامي، نر ڪروڌي، نر لوڀي، نر موهه
”روحل“ آشنا، ترشنا وانڪي نهين دغاباز نهين
دروهه.
(مرشد جي شهر (موقف) وارو مرد، سدا بي پرواهه
آهي. ”روحل“ اهو راجا آهي، راجائن جو به راجا
آهي. ڪامديو جي اکر سان هن جو واسطو نه آهي، سندس
اکيون سچيءَ محبت سان ڀرپور آهن، ”روحل“ ڳالهه
جو اهو موتي ٿو ڏئي، جنهن کي ڪو هنس ئي چڳي سگهي
ٿو. اتي نه ڪاوڙ آهي نه شهوت، نه لوڀ نه موهه، نه
وري ڪا آس جي رڃ آهي ۽ نه دغا نه ڊوهه آهي.)
روحل جي ”ستگر پوري“ به اُها آهي، جا مخدوم
عبدالرحيم گروهڙي جي ”لقاپور“ آهي. قلب جي
صفائي، اخلاق جي عظمت ۽ محبت جي فراواني، صوفين جا
بين الاقوامي اصول آهن.
فقير صاحب جي هڪ شبد ڏيڻ کان پوءِ، مان سندس هندي
شاعريءَ جو ذڪر ختم ڪندس(1)،
جنهن جي هر نڪتي مان سندس روحاني ڪمال جو اظهار
ٿئي ٿو:
اگم پنٿ ڪي مهما باري ڪبهي نه اُتري پريم خماري
1- گيان نهين ڌيان جوڳ نهين ساڌن
سمجهن ڪي مت چيتن هاري
ساکي نه شبد، اونگ نهين سوهنگ
بيد ڪتيب سڪل سون نياري
2- هندو نه ترڪ، جوڳي نه سنياسي
رهت آڏول نهين بيک ڌاري
سورا سوئي، جوئي سنمـُـک جهولي
ڀيت گنوا ڪي گيرو ڌاري
3- انمول پرش مليو گهٽ مانهين
جانڪي پريت لاگي اُت پياري
انتر جامي انتر کوليا
من ڪي ممتا سهج سون ماري
4- دنيا ايهه ڪڇ ناهين، ناهي ڪڇ پايا
ستگور صاحب تون ٻلهاري
”روحل“ رين ڳئي دن آيو
ارس
پرس سنگ مليو مراري(1)
(جتي عقل گم ٿيو وڃي ٿو، ان طريقي جي عظمت جي
ڪهاڻي گهڻي مٿي آهي، ڪڏهن به محبت جو خمار لهي نٿو
سگهي.
الاهي علم نه ڌيان سان ملي ٿو نه جوڳي ٿيڻ سان ملي
ٿو، هن نصيحت کي ڪي سمجهه وارا سمجهن ٿا. ان جو
شاهد، نه آواز آهي نه ننڊ نه جاڳ، ويد ۽ ڪتاب کان
روحاني دنيا نياري آهي. نه هندو نه مسلمان، نه
جوڳي نه سنياسيءَ تي مدار آهي، محڪم رهت لباس ۽
صورت تي نه آهي. بهادر اهو آهي، جو انهن سڀني جي
سامهون ميدان ماري، سڀ ڀيد وڃائي، گيڙو جي لباس ۾
ڍڪجي وڃي. مون کي پنهنجي اندر اهو مليو، جنهن جي
قيمت ڪُڇي نٿي سگهجي. ان جي محبت سڀ کان بيحد
پياري بڻجي ويئي آهي. منهنجي اندر رهڻ واري منهنجي
اندر کي کوليو، دل جي دوئي، پنهنجي ذوق سان ماري
ڇڏيائين. دنيا ڪابه شيءِ نه آهي، نه وري ان مان
ڪجهه هٿ آيو، مان مرشد تان صدقي وڃان! ”روحل“
رات ويئي، ڏينهن آيو، ان وصال واري مرد جي ذريعي،
دوئي کي مارڻ واري جي سنگت حاصل ٿي.
روحل جي هندي ڪلام ۾ جو رس ۽ ڪمال آهي، ان کي ڏسي
تعجب ٿو ٿئي ته سنڌ جي اندر ڪهڙا نه صاحب ذوق ۽
صاحب دل عالم ٿي گذريا آهن.
روحل سائينءَ جو سرائڪي ڪلام به بيحد سنجيده ۽
متين آهي. روحل جي ڪلام ۾ جو سوز و گداز، رس ۽
ڪمال آهي، ان کي ڏسي تعجب ٿو ٿئي ته سنڌ جي اندر
ڪهڙا ڪهڙا نه صاحبِ ذوق ۽ صاحب دل رهنما ٿي گذريا
آهن، ۽ اڄ:
”ويا اُو وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي.“
مون مٿي روحل صوفيءَ جي اولاد جو ذڪر ڪيو آهي،
سندس هڪ ارادتمند ڀائي جيوڻ لعل، شڪارپوريءَ، سندس
گاديسرن جو ذڪر نهايت شرڌا سان ڪيو آهي، جنهن ۾
ان خاندان جي سڀني شاعرن جو ذڪر اچي ٿو:
روحل رام اوتار، ڪنڊڙي آهي پريم منڊلي،
1- شاهو سائين ڀيد بتايو، غلام علي گلعذار.
دُرس درياء خان دولهه آهي نظر علي نروار
2- روحل ٻيو رمزن وارو محمد حسن موچار.
غلام علي ٻيو ٻهڳڻ ٻالڪ صورتوند سردار.
3- سائين فيض علي فيضن وارو جو آهي صاحبِ دستار.
خاص خليفو سائين سڀاڳو، جنهن کي ڏات ڏني ڏاتار.
4- جهڙي ڪاشي تهڙي ڪنڊڙي، وٿ نه ڀانيان وار.
”جيوڻ“ آکي آهيان بندو، ستگر تو آڌار.
ــــــــــــــ
(2)
مراد فقير
ڪلام جي عظمت کان، مراد فقير جو شمار، سنڌ جي
مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو. مراد فقير، روحل فقير جي
قريبي صحبتين مان آهي. هن قريبي رشتي جي خبر اسان
کي هن مان پوي ٿي، ته مراد فقير، روحل فقير سان
سفر ۽ حضر ۾ گڏ ٿي رهيو. کيس خلافت جو منصب حاصل
هجي، ته ڪهڙو شڪ آهي.
مراد فقير جي والد جو اسم گرامي، منهنجي محترم
دوست پروفيسر عطا محمد حاميءَ، شامو فقير ورتو
آهي، جو غلط آهي. جيئن اسان مٿي ڏيکاريو آهي، روحل
فقير جي والد جو نالو شاهو فقير هو. ڪنڊڙيءَ جي
ڪيترن فقيرن کان معلوم ڪيو اٿم، جن ٻڌايو آهي ته
فقير مراد جي والد جو نالو محمد حيات هو، جو روحل
فقير جي سؤٽن مان هو. فقير صاحب به زنگيجو بلوچ
هو. مراد فقير ۽ روحل فقير جي عمرين ۾ قريباً ڏهن
سالن کن جو تفاوت هو. جيڪڏهن زباني روايت تي
اعتبار ڪجي، ته مراد فقير سن 1742ع يا 1743ع ۾
تولد ٿيو هو.
ننڍي هوندي فقير صاحب جي تعليم چڱيءَ ريت ٿي. هو
هندي، فارسي، سرائڪي ۽ سنڌي زبانن جو پوريءَ ريت
ڄاڻو هو. سندس جوانيءَ جو عرصو ڪيئن گذريو ۽ ڪهڙي
شغل ۾ گذريو، انهن بابت ڪابه معلومات نٿي ملي. فقط
هيتري خبر ملي ٿي، ته فقير صاحب، ننڍي ئي هوندي
روحل فقير جي صحبت ۾ وڃي پهتو. اُن وقت جڏهن هو
پدمات جي پٽ تي وڃي گوشي نشين ٿيو هو، تڏهن مراد
فقير به ساڻس گڏ هو. جيئن فرمائي ٿو:
ور پسي پدمات جي، ٻن هڻي هالار،
جي هوون هيڪاندا يار، ته ڏکيا ڏينهن نه ساريان.
ان کان پوءِ هو فقير صاحب سان، سندس سير ۽ سفر ۾
شريڪ رهيو. مون کي هن روايت جي مڃڻ ۾ به تامل آهي،
ته هو روحل فقير جو پير ڀائي هو. جيتريقدر زباني
روايتن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي، انهن مان معلوم ٿو ٿئي
ته هو روحل فقير جي صحبت ۾ اچڻ کان پوءِ کانئس هڪ
دم به ڌار نه ٿيو آهي. جيڪڏهن سندس ارادتمندي ڪنهن
ٻئي صاحب سان هجي ها ته هو ڪڏهن به روحل فقير جي
صحبت کي پنهنجي لاءِ اڪسير نه سمجهي ها. هن کي
روحاني مقام، جو حاصل ٿيو، سو سڄو ئي روحل فقير جي
فيض جو اثر هو. هيڏيءَ کليل وضاحت کان پوءِ، هن ۾
شڪ ۽ گمان آڻڻ جو ڪو سبب ئي پيدا نٿو ٿئي.
ڪلهوڙن جي زوال پذير، پر آشوب زماني ۾، روحل فقير
وانگر مراد فقير به ٽالپرن جو طرفدار هو. ان زماني
۾ جڏهن عبدالنبي، افغانستان جي نامور حاڪم تيمور
شاهه کان مدد طلب ڪئي هئي، ۽ مدد خان سنڌ ۾ اچي
هاڃا پئي هنيا، تڏهن ان کان مراد فقير متاثر ٿي
چيو هو:
ماري ”مدد“ ڪو دور ڪرو، ڇوڙ وڃي يهودي يزيد
ميان.
يهودي ۽ يزيد جا لفظ، فقير صاحب، انتهائي نفرت سان
مدد خان لاءِ لکيا آهن. انهيءَّ ۾ ڪو شڪ نه آهي،
ته هن خونريز انسان جا مظالم به حد کان وڌيل هئا.
ميان عبدالنبيءَ جي اخراج کان پوءِ، جڏهن ٽالپرن
حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ورتيون، تڏهن مراد
فقير کين هيئن دعا ڪئي ته:
ٽاريون ٽالپرن جون پرور پوکايون،
دائم تنين دعا جو اسين پاڻي ٿا پايون،
سي سدائين سايون، جن جي مدد ”محمد مراد“ چئي.
ڪلهوڙن جي پر آشوب دور گذرڻ کان پوءِ، جڏهن ملڪ ۾
سڪون اچي ويو، تڏهن پنهنجي رهنما سان گڏجي هو ڪوٽ
ڏيجيءَ جي ڀرسان ڪوٽلي ۾ اچي رهيو. جتي
هن
روحل فقير کي پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏنو، جنهن مان خدا بخش ۽ فقير
دريا خان تولد پيدا ٿيا.
ان وقت ڌاري ڪوٽلي جي لڳ هڪ سيد شڪر شاهه نالي
رهندو هو. هنن خدا وارن فقيرن ڏانهن عام ماڻهن جي
رجوع کي ڏسي، هو فقيرن جي رنجائڻ جي پويان اچي
پيو. پر فقيرن طرفان صبر ۽ شڪر کان سواءِ ٻيو ڪوبه
جواب نه هو. کيس ٻيو ته ڪوبه وجهه نه ملي سگهيو،
آخر هن فقير صاحبن جي زمين تي قبضو ڪرڻ گهريو.
روحل فقير ته هن معاملي ۾ خاموش رهيو، پر مراد
فقير کي هيءَ ڳالهه نه وڻي. هن چاهيو ته شڪر شاهه
کي ان جو بدلو ڏئي. روحل فقير کي ان جي کڻڪ پئجي
ويئي، جنهن مراد فقير کي پاڻ وٽ گهرائي، جوابي قدم
کڻڻ کان روڪيو ۽ کيس هدايت ڪيائين ته ”فاني شينءِ
جي لاءِ وڙهڻ ڇا جو؟ مرد اهو آهي، جنهن پنهنجي نفس
سان وڙهي، ان کي زير ڪيو.“ فقير صاحب جي هدايت تي
مراد فقير پوري پوري تعميل ڪئي، پر ان واقعي جو
ايڏو گهرو اثر مٿس پيو، جو هن واقعي کان ٿورا
ڏينهن پوءِ بيمار ٿي پيو ۽ ان بيماريءَ ۾ وصال
ڪري ويو. هي واقعو سن 1796ع ڌاري ٿيو. کيس ڪوٽلي ۾
دفن ڪيو ويو. فقير صاحب جي وفات کان پوءِ، روحل
فقير به ڪوٽلي کي ڇڏي، وڃي ڪنڊڙيءَ ۾ رهيو.
فقير صاحب پنهنجي دور جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي.
هن نه فقط سنڌيءَ ۾ شعر چيو آهي، پر فارسي، هندي ۽
سرائڪيءَ ۾ به سندس ڪلام موجود آهي. فارسيءَ ۾
سندس هڪ ننڍڙو ديوان آهي. هنديءَ ۾ سندس تصنيف جو
نالو ”پريم گيان“ آهي.
سنڌي شعر ۾ هو پنهنجي پيشرو شاعرن، شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ ۽ سيد عنايت اللہ شاهه رضويءَ جي نقش قدم
جو تابع نظر اچي ٿو. سندس ڪلام جو گهڻو حصو سنڌ جي
قديم قصن ۽ ڪهاڻين تي ٻڌل نظر اچي ٿو. سندس سنڌي
ڪلام جو ذخيرو ڪو ايڏو وڏو نه آهي، پر روحل فقير
جي ڀيٽ ۾ ڪي قدر زياده نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ۾
پختگي ۽ رواني آهي. سندس عشقيه شاعريآٿاهه درد سان
ڀريل آهي. پتنگن جي پر جو ذڪر ڪندي، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي، سر يمن ڪلياڻ ۾، فرمايو آهي:
پڇ پتنگن کي، سنديون کامڻ خبرون،
آڻيو وجهن آگ ۾، جيءُ پنهنجو جي،
جيري جني جي، لڳا نيزا نـِـيهن جا.
مراد فقير فرمائي ٿو:
سا مـَـنَ سـِـک ”مراد“ چئي، جا پـَـرِ پتنگن،
اَچن اَجل سامهان، سـِـر جو سانگ نه ڪن،
جن کي موت مشاهدو. سي رَتي ڪين رهن،
ساعت سين نه سهن، پاڻ برابر پـِـرَ جي.
صوفين شمع ۽ پتنگ جي، حالت کي حيرت جو مقام سڏيو
آهي، جتي حق جي طالب کي پنهنجي هستيءَ جي ڪابه
ٻوجهه نٿي پوي. فريدالدين عطار پرواني ۽ شمع جو
بيان هيئن ٿو ڪري:
يڪ شبي پروانگان جمع آمدند
در مضيفي طـــلـــبِ شـــمــع آمدند
جملگي گفتند مـــــي بـــايد يڪي
ڪـو خبر آرد ز مطلوب انـــدڪي
شد يڪي پروانه تــا قصري ز دور
در فضايء قصر يافت از شمع نور
باز گشت و دفتر خــــود باز ڪرد
وصف اُو بر قدر فهم آغاز ڪــرد
ناقدي ڪو داشت در مجمع مهي
گفت اُو را نيست از شــــمع آگهي
(هڪ رات پروانا اچي گڏ ٿيا، ۽ مجلس ۾ شمع جا
ڳولائا ٿيا. سڀني چيو ته اسان مان هڪ کي وڃي،
مطلوب جي خبر آڻڻ کپي. انهن مان هڪڙي، محلات ۾ پري
کان شمع جي روشنيءَ کي ڏٺو. هو موٽي ويو ۽ پنهنجي
سمجهه موجب ان حقيقت کي بيان ڪيائين. انهن ۾ هڪ
نڪتچين به هو، جو سندن سردار به هو. هن چيو ته هن
کي شمع جي ڪهڙي خبر!)
شد يڪي ديگر گذشت از نور در
خـــــويـــش را بــــر شمع زد از دور در
دست درڪش ڪرد با آتش بهم
خويش را گم ڪـرد با اُو خوش بهم
چون گرفت آتش ز سرتا پايء اُو
ســــرخ شــــد آتــــشـــــي اعـــضائي اُو
ناقد ايشان چو ديد اُو را ز دور
شمع با خود ڪـــرده همرنگش ز نور
گفت اين پروانه درڪار است بس
ڪـــس نه دانـــد اُو خبردار ســـت بس
(اُنهن مان هڪ ٻيو اُن روشنيءَ جي در کان گذريو ۽
در کان اندر ويندي ئي پاڻ کي شمع تي ڦٽو ڪيائين.
هو باهه ۾ وڪوڙجي ويو ۽ پاڻ کي وڏيءَ خوشيءَ سان
ان ۾ گم ڪري ڇڏيائين. جڏهن باهه ان کي ورتو، تڏهن
سندس عضوا باهه ۾ پچي ڳاڙها ٿي ويا. نڪتچين ان کي
پري کان ڏسي چيو ته ”شمع پنهنجي نـُـور سان هن کي
همرنگ ڪري ڇڏيو،“ چيائين ته اهڙي پتنگي جي گهرج
آهي، جنهن جي لاءِ هي معلوم ٿي نه سگهي ته هو با
خبر آهي.)
آنڪه شد هم بيخبر هم بي اثر
تانگردي بيخبر از جسم و جان |
از ميانِ جمله دا رد اُو خبر
ڪي خبر يــا ز جانــان يڪ زمان |
(اُهو، جو بيخبر ۽ بي اثر بڻيو، ۽ سڀني ۾ اهو ئي
خبردار آهي. جيستائين پنهنجي جسم ۽ جان کان بيخبر
نه ٿيو آهين، تيستائين توکي دوست جي خبر ئي ملڻ
محال آهي.)
ڀٽائي هن حقيقت جو اظهار هيئن ٿو فرمائي:
پتنگن پهه ڪيو، مـِـڙِئا مٿي مـَـچَ،
پـَـسي لـَـهس نه لـِـچئا، سڙيا مٿي سـَـچَ،
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.
مراد فقير، ان نظاري جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:
جي ٻارين تان ٻار، اندر باهه برهه جي،
مٿي مچ ”مراد“ چئي، ڪئي پتنگن پچار،
ته جيئري جانب نه مڙي، توڻي حيلا ڪرين هزار،
دوساڻي درٻار، ٿا مـُـئا ڪن مشاهدو.
مراد فقير جو بيت، فريدالدين عطار جي ڊگهي نظم جو گويا اختصار آهي، جنهن ۾
هن حقيقت جي راز کي پـُـر تاثير لفظن ۾ آڻي جمع
ڪيو آهي. هن حقيقت کي ٻيءَ تشبيهه سان هيئن ٿو پيش
ڪري:
محبت جي ميدان ۾، ڏيڻ سر ثواب،
جو آڏو عجيبن کي، آهي هي حجاب،
مـَـرُ ته ٿين، ”مراد“ چئي، محبوبن جو باب،
جيئن سو گـُـل گلاب، ٿي پيش چـِـڪايو پاتشاهه.
هن مان مطلب آهي ته جهڙيءَ ريت گلاب جي گلن کي
چڪائڻ کان پوءِ عطر کي قرب سلطاني حاصل ٿئي ٿو،
اهڙيءَ ريت هڪ ارادتمند کي پنهنجي سر کان به گذرڻو
پوي ٿو ۽ پوءِ ئي حقيقي وصال سان مالا مال ٿئي ٿو.
حق ۽ صداقت جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏيون نه قربانيون
ڏيڻيون پون ٿيون. جيڪڏهن اسان صوفي حضرات جي تصنيف
شيخ فريدالدين عطار جي تصنيف ”تذڪرة الاوليا“ ۽
مولانا جاميءَ جي تصنيف ”نفحات الانس“ کي پڙهي
ڏسنداسون، ته اسان کي خبر پوندي ته صوفين جي
زندگيءَ جو شغل ۽ ماحصل ڇا هو؟ اهڙيءَ ريت مراد
فقير جي ڪلام ۾ اسان کي راست رويءَ جو اهو سڄو
پروگرام حاصل ٿئي ٿو، جو صوفين جي لاءِ طرهء
امتياز آهي. وحدت الوجود جو سادو مثال هيئن ٿو
ڏئي:
تون آهين تئن پرينءَ سان، جئن پاڻي ۾ ماڪ،
ڦوڙائو فراق، توتي ڪونهي مـُـور ”مراد“ چئي.
فارسي شاعرن، محمود شبستري، مغربي يا بيدل دهلويءَ
وانگر، پرشڪوه لفظن جو انبار نظر نٿو اچي، مگر
سادي تشبيهه آهي، جنهن کي ٿوريءَ سمجهه وارو ماڻهو
به پوريءَ ريت سمجهي سگهي ٿو. جيڪڏهن فصاحت مضمون
جي باريڪيءَ کي آسانيءَ سان بيان ڪرڻ آهي، ته مراد
فقير جي ڪلام جي فصاحت جو اسان کي قائل ٿيڻو پوي
ٿو. همه اوست جي خيال کي به ان ئي سادگيءَ سان ادا
ڪري ٿو:
تن پرين، من پرين، چت پرين، دل يار،
اندر ٻاهر سپرين، وٿ نه آهي وار،
اکين منجهه ”مراد“ چوي، ٻيو ڪونه قريبن ڌار،
جاڏي ڪريان نهاري، تاڏي سڄڻ پسان سامهان.
گويا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رنگ نظر اچي رهيو
آهي:
ڪاڏي ڪاهيان ڪرهو، جوڏس چٽاڻو،
منجهي ڪاڪ ڪڪوري، مـَـنجهي لـُـڊاڻو،
راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ناهه ڪو.
اهڙيءَ ريت، اسان کي مراد فقير جي ڪلام ۾ سنڌي
شاعريءَ جي ضرب المثل سادگي نظر اچي ٿي. ان
سادگيءَ جي نقش جي وضاحت هيٺئين بيت مان ظاهر ظهور
نظر اچي ٿي:
چاڪي چتُ ”مراد“ ڪري، گهاڻو من گهماءِ،
ساري سـُـرت نـِـرت جا، ڏينهڪ ڏاند وَهاءِ،
تـُـهه تاري ڪڍ من مون، سـِـرنهه صاف پيڙاءِ،
تـِـهان پوءِ تون لاءِ، لڱين تيل لقاءَ جو.
عبادت اِلاهيءَ جي لاءِ، من جي گهاڻي کي رات ڏينهن
گهمائڻو آهي. جهڙيءَ ريت چاڪيءَ جي گهاڻي لاءِ ٻن
ڏاندن جي ضرورت آهي، اهڙيءَ ريت، هڪ مريد کي رياضت
۽ مجاهدي لاءِ سـُـرت ۽ نرت جي ضرورت آهي، جن سان
دوئي ۽ شرڪ دور ٿي وڃي ٿو، ۽ دوئيءَ ۽ شرڪ جي وڃڻ
سان خالص محبت الاهي ئي وڃي بچي ٿي. هڪ سادي ملڪي
تشبيهه ڪيڏي نه معنيٰ خيز بڻجي پيئي آهي. سندس
آرزوءَ ڀري دعا به ايڏي ئي سادي آهي:
هادي هدايت جو، ڪو پيالو مون پيار،
مستي جا محبت جي، سا مون ڏات ڏيار،
وِسرُ ڪيم، ”مراد“ چئي، مَ ڪي مون وسار،
سا ڪا نظر نهار، جنهن سان تنهنجي رنگ رچي رهان.
سندس ڪلام جي اوصاف جو جيڪڏهن تفصيل سان بيان ڪبو،
ته اهو سندس هر بيت جي تشريح ٿي پوندو. ان ڪري، هن
تفصيل کي ڇڏي، مان سندس ”سي حرفيءَ“ جو ٿورو
بيان ڪندس، جا پنهنجي حسنِ بيان ۽ زبان جي شستگيءَ
سببان سنڌي زبان جو هڪ شاهڪار آهي. سي حرفيءَ جي
ابتدا حمد سان ڪري ٿو. حمد به سادگيءَ ڀريل، جنهن
۾ حقيقت جو اظهار آهي:
الف- الله العـَـالمين، سارهيان سبحان،
جنهن قادر”ڪـُـن فـَـيـَـڪـُـون“ سان، جوڙين سڀ
جهان،
خلافت خلق جي، ڪيائين آدم تي احسان،
تنهن روح وڌو رحمان، من روحـِـي ”مراد“ چئي.
|