بيت سسئي
(باب وصال)
(1)
وٺي ڪونه ويوءِ، آهي هوت تنهنجيءَ هنج ۾،
ڇا کي ڏورين ڏونگرين، ساڻي هوت سندوءِ،
تو ۾ محب ”مراد“ چئي، نڪي(1)
ڪين لـِـڪوءِ،
پـَـسُ متان پرين پوءِ، اَٿي پاڻئون پرين اوڏڙو.
(2)
هينئڙي هوت ٿيوءِ، تون ڪيچ ڪـُـڄاڙ کي وڃين،
توسان محب ”مراد“ چئي، سڄڻ آهه سندوءِ،
وندر ڪين ويوءِ، کڻي وَرُ نهارج وَٽِ ۾.
(3)
وندر سي وڃن، جنين وَرَ وڃائيا،
منهنجي محب ”مراد“ چئي، مونهين وَٽ وَسـَـنِ،
جي پل پل پرين پـَـسنِ، سي ڇو ڏورنِ ڏونگرين.
(4)
سـُـڏڪيون ڇو سـُـوَر، ٻڌائين ٻين کي،
اوڳي اورج مامَ سان، محبتن مذڪور،
ماندي ٿي مَ ”مراد“ چئي، ڏيهه نه اَٿـِـي ڏُور،
آهن(2)
هوت حضور، پر جي پيهي پاڻ نهارئين.
بيت سسئي
(تاڪيد طلب)
(1)
سرتيون سـِـڪي ساهه، پڻ عينَ اُداسي اُنَ ري،
پسڻ خاطر پـِـر جي، روز نهاريان راهه،
وٺي محب ”مراد“ چئي، ويا آرياڻي ارواح،
آڻين شال الله، ته ڏسيو لاهيان ڏکڙا.
(2)
حجت حبيبن سان، ڪاڻياريون ڪئن ڪن،
جن حق نه رکيو هوت جو، سي ڇو دعوا دم هڻن،
ڪهڙو منهن ”مراد“ چئي، وٺي ڪيچ وڃن،
شل اَوَڳـُـڻَ ڳـَـڻَ نه ڪن، پوي ٻاجهه ٻروچ کي.
(3)
اُٿي سنبهه سسئي، پير پنهوءَ جو پـَـسُ،
تان ڪـِـي ڏورج ڏونگرين، جان ڪي لڳئي وَسُ،
موٽج ڪـِـيم ”مراد“ چئي، ڇڏي گونگن(1)
گـَـسُ،
مـَـنَ ڪو ڏيئي ڏَسُ، سـُـونهون اِنهيءَ ساٿ جو.
(4)
وَڻ وَڻ هيٺ نه ويهه، مرندينءَ ڪين ”مراد“ چئي،
توڪل جا تنبو اَڏي
(1)
ڇـُـلي ڇپر پيهه،
ڏونگر تنهنجو ڏيهه، لوچ ته لهين پـِـرُ کي.
مومل راڻو
(1)
تون سوڍو آهين سو نه، جهڙا ٻيا جهان ۾،
ٻيا جي راڻا، راڄيا، تـِـرُ برابر تو نه،
تنهنجو مـَـٽُ ”مراد“ چئي، آءٌ ڪامل ڪريان ڪونه،
سـَـرُسَ ٿيان کون سونَ، جي اچي پارسَ پاسو تون
ڏئين.
(2)
تون راڻو تون راڄيو، تون راوَن(1)
جو راءُ،
ڪامل قرباني ڪريان، کڻي سوڍا سڀ مٿاءُ،
تنهنجو مـَـٽُ، ”مراد“ چئي، آءٌ لهان ڪانڌ ڪٿاءُ(2)،
عاقلَ اڱڻ آءُ، ته سرتين سـُـکائون ڏيان.
(3)
سرتين سکائون، تو لئه مڃيون مينڌار،
آءُ تان انهن کي ڏيون ، ويتر واڌايون،
عاقلَ اَرڏيون، اچي منهنجون ميٽ ”مراد“ چئي.
(4)
جئن سو ساهه سرير ۾، تئن سوڍو ساماڻو،
ڍَٽ پـَـٽ وائي هيڪڙي، سڀ راڻو ئي راڻو،
پر جي مون جئن ڄاڻو، ته پـَـسو محب ”مراد“ چئي.
عمر مارئي
(1)
عمر ماڻُ مَ ڪر، پسي دَور دَماڪ،
تو ڀليرا ڀونءِ ۾ خان کـَـپي ٿيا خاڪ،
ڪندءِ موت مٿي ٿي(1)،
هاڃي سندي هاڪ،
ڀانئج ڪيم مذاق، کڻي باندي موک ”مراد“ چئي.
(2)
عمر ڪر مَ ماڻُ، پسي ڪوٽ ڪچهريون،
هي سـُـکَ سانگـِـي سومرا، ڪين هلندءِ ساڻ،
هت وايون ويندءِ وسري، جت پاڪ پڇندءِ پاڻ،
نه تا نيئي ميڙ اُماڻ، ماروئڙن ”مراد“ چئي.
(3)
عمر ماڻُ مَ ڪر، پسي ڪوٽ ڪچهريون،
هوندءِ ڪين هميشه، هيءَ دنيا دولت در(2)،
مٿانهين ”مراد“ چئي، کڻج نيڪ نظر،
”ڪـُـل يـَـوم بـَـسـَـرِ“، هي سڻج قول ڪنن سين.
(4)
هن منهنجي حال، جي سڌ نه آهي سومري،
”وَ نحن اَقرب اليہ“ ، واحد ڪـَـيـَـم وصال،
پسي نـُـور نسوهرو، ٿيڙا نيڻ نهال،
ڀلي ڪيڙو ڀال، گڏيا محب ”مراد“ چئي.
بيت نوريءَ جا
(1)
ڪـِـني ڪوجهـِـي ڪـُـوڙِي، نـُـورِي نماڻي،
هٿئون وٺي جنهن جي، ڪو پيئي نا پاڻي،
سا محلن منجهه ”مراد“ چئي، ٿي مرڪي مهاڻي،
جيلهان سمي سيباڻي، تيلهان سونهي منجهه سرتئين.
(2)
ڪـِـني، ڪوجهـِـي ڪـُـوڙِي، نـُـورِي نماڻي،
ٿي آئي ڇٽَ مڇيءَ جي، جنهن مون ڪالهه کـِـکي هاڻي،
اڄ سمي ڄام سهاڳ سان، ڪئي راڻين جي راڻي،
سا مر مرڪي مهاڻي، جنهن سڀ معافيءَ ۾ ”مراد“
ڪيا.
(3)
مر مرڪي ملاحن ۾، نـُـوري نـُـوراني،
جنهن جي جهوليءَ چنڊ جهلي پيو، سمو سلطاني،
تنهن معافيءَ ۾ ”مراد“ ڪيا، ٿيا سمي جا ثاني،
جي هئا ڏيهه سدا ڏاني، تن جو ڏيهه اچي ڏاني ٿيو.
(4)
نـُـوريءَ، سان نيڻن، ڏيئي رمزون راءُ ريجهائيو،
سمي جي سهاڳ سان، ٿـِـي جهولي جهـَـروڪن،
تنهن مـَـٿڪي مهريءَ مصري، لاٿـِـي ملاحن،
سڀ معافيءَ ۾ ”مراد“ ڪيا، کڻي ڄام تماچي تن،
سي مر ڪوڏ ڪينجهر ۾ ڪن، جن تؤن لٿا حرف حساب جا.
(5)
هو جي هئا مَ کٽ، سي راڻي کڻي کٽ چاڙهيا،
ريءَ پـَـٽ پهرن ڪينڪي، ٻيو پير نه ڏين پٽ،
پـِـيئن مـَـٽ ”مراد“ شراب جا، جن ڪالهه مـَـٿي
هئا مـَـٽَ،
سي اڄ ويهي پاسي وَٽَ، وٺن وَٽَ سمي سلطان جي.
ليلا چنيسر
(1)
هيئـَـن ليلان ڀانيو هو نه، ته مڪر ڪؤنروءَ مـَـنَ
۾،
نه ته هارَ مٿؤن هـَـڏِ هيڪڙي، وارُ ڏئي تنهن تو
نه،
سا نماڻي ”مراد“ چئي، ڇاکون پـَـسي ڇو نه،
جنهن جو ڪامل تو ريءَ ڪونه، تنهن کي دَستون ڇڏ مَ،
داسڙا!
(2)
ويچاريءَ ويساهه، آيو ڪؤنروءَ جي ڪـُـوڙن تي،
نه ته مـَـٽي ڪئن مـَـڻئي تي، محب پنهنجو ماهـُـه،
سا نماڻي ”مراد“ چئي، ڏئي ڪهڙي ڏاهه(1)،
جنهن کي ڪنڌي ڪانه ڪا، والي تو ريءَ واهـَـه،
تنهن کي لڳ الله، دَستون ڇڏ مَ، داسڙا!
(3)
جو تو هاري ڀانيو هارُ، سو تان مڻيو مـُـور
مـَـڪـَـر جو،
هن ڪؤنرو ڌُتيون ڪيتريون، ليلان لـَـکَ هزار،
موهي منصوبي سان، نـَـرُ وٺي وئي نار،
انهيءَ مهل ”مراد“ چئي، ويلو اُٿي وار،
نه ته موٽي ڄام(2)
ڄمار، دست نه ايندءِ داسڙو.
بيت گهاتو جا
(1)
ڪوڏيا ڪـُـنَ ڪلاچ جا، عاشق جي اچن،
سي عشقَ ڪـَـڇونءَ جي وات مان، موٽي ڪين وڃن،
جن کي موت مشاهدو، سي ڇو نه ”مراد“ مرن،
آءٌ قرباني تن، جن جيئريءَ جيءُ نه واريو.
(2)
عاشقَ ڪـُـنَ ڪلاچ ۾، اچي جي پيا،
سي عشق ڪـَـڇونءَ جي وات مؤن، موٽي ڪين ويا،
مشاهدا ”مراد“ چئي، تن مري منجهه ڪيا،
سي جانڪـِـيتا جـِـيا، جن جيئري جيءُ نه واريو.
(3)
عاشقَ ڪاهون ڪاهه، ٿا اچن ڪـُـنَ ڪلاچ تي،
ڪاتُ ڪڇونءَ جي وات ۾، ٿو لاهي ڪنڌ ڪلاه،
پـِـيئي رَت رڳن جي، مهٽيو کائي ماهه،
سي هـُـتِ سانگو ڪن نه ساهه، جن کي موت ”مراد“
مشاهدو.
بيت سامونڊي
(1)
جنين جي جهاز کي، ساڄا سڙهه سـُـکان،
ڏَس ڏهاڙي ڏيهه جا، معلم ڏي مهندان،
سي کٽي آيا خير سان، سفر صاب پيان،
ستڙ ساويرا ڍڪيا، بندر بار سندان،
سـُـڀي سنگ مٿان، ٿيڙا معاف ”مراد“ چئي.
(2)
جنين جي جهاز کي، سدا لڳي سـُـواءُ،
ڏَس ڏهاڙي ڏيهه جا، ڏي معلم تن مهنداءُ،
ستڙ ساويرا ڍڪيا، نـِـڱيا ناکوجاءُ،
تن جي مال مٿاءُ، ٿيا معافي سـُـنگ ”مراد“ چئي.
بيت پـِـرڀاتي
(1)
آءٌ ڏَڏُ، ڏَڏان ئي ڏَڏُ، ڏڏ نه ڏڏن جيهڙو،
سڻي آيس سڏ، ڏاتر! تنهنجيءَ ڏات جو.
(2)
ڏاتر! تنهنجيءَ ڏات جو، نڪي آرُ نه پارُ،
جـَـهـِـڙُءِ ڪونه جهان ۾، ٻيو ڏاتارين ڏاتار،
دان مڱان ديدار، ڪر سائل سرفراز تون.
(3)
سائل سڻي آئيو، سـَـڀـَـرُ سـِـرُ سندوءِ،
ڪڏهن ڪونه ٻـُـڌوءِ، ته ڪو هتون موٽيو منگتو.
(4)
سڀر تنهنجي سـِـرَ ۾، نه ڪا اُڃ نه بک،
اچن جي آس ڪري، ڏُور تنين تون ڏک،
لهن سدائي سـُـک، هت مڱڻهار ”مراد“ چئي.
(5)
نه مون ڪـُـلهي ڪـِـينرو، ڪيرت ڄاڻان ڪانه،
تون اجهو اٻوجهن جو، مهر پويئي مانَ،
مون تي ڪر ”مراد“ چئي، عنايت احسان،
جو تون سدا سلطانَ، ٿو نالائق نوازئين.
(6)
مون جيهو ڏڏ ڏيهه ۾، تو جيهو ڏاتار،
جان چڪاسم چوتار، تان ٻيو ڪونهي مور ”مراد“ چئي.
(7)
آءٌ اوڳڻ ڳڻيان ڪيترا، جي بيحد کون بيان،
پر جان نالو تو رحمان، تان مون ڪونهي وهم ”مراد“
چئي.
(8)
آءٌ ڳـَـڻي ڳڻيندس ڪيترا، عيبن اَنت نه ڪوءِ،
پر صمد نانءُ سندوءِ، تان مون ڪونهي وهم ”مراد“
چئي.
(9)
اوڳڻ عيبَ آپار، لـِـکڻ ليکو ناهه ڪو،
پر جان سندوءِ نانءُ ستار، تان مون ڪونهي وهم
”مراد“ چئي.
بيت پورب جا
(1)
نانگا ڇڏ نه ننگ، ٿو لائين رکَ لڱن کي،
توکي چـُـوسَ چـُـوسڻَ جـِـي، رامَ نه لڳڙءِ رنگ،
مايا ساڻ ”مراد“ چئي، ڪـُـوڙو ڪيو(1)
ڪـُـسنگ،
ڌوئـِـي ڌُوڙ نـِـسنگ، ويئي لڄا نڪري.
(2)
جوڳي تو نه جـُـڳاءِ، جو ٿو ڪـَـنَ چـِـيرائين
ڪاپڙي،
سامي سانت صبر جي، مـَـن ۾ مـُـندرا پاءِ،
سـِـڪَ سـَـڱي ڪر سڄڻا، ويٺو وير وڄاءِ،
سيلهي سـِـيل، پريت پٿر، اندر الک جـَـڳاءِ،
لـِـڱين رک لقاءَ جي، لاهوتي تون لاءِ،
روح ۾ رام ريجهاءِ، ڇڏ ٻاهريان مڪر ”مراد“ چئي.
(3)
جت نانگا نينهن لائين، تت ”نانهن“ بنان ٻيو
نانهين ڪي،
ڳـُـوڙها ڳالهيون ڳـُـجهه جون، ڪاٿي ناڳائين،
جي پـَـرجهڻ کان پري ٿيون، سي واتون نا وائين،
سي روح ۾ رام ريجهائين، جن جي مالها ماٺ ”مراد“
چئي.
(4)
گيان گنگا دل دوارڪا، ڪايا ڪاسي، جن،
سي پورب ۽ پڇم جا، ڇاکون پنڌ پڇن،
ماري من ”مراد“ چئي، ٿا ريءَ تـَـن تـَـيرٿ ڪن،
سي نـِـت نانگا ناٿ پسن، جن کي گڏيو گـُـر گرنار
۾.
(5)
تـَـرڪ ڏنائون تـَـنَ کي، ماد ڪيائون مـَـن،
سي بابو بديهي ٿيا، ويئڙا منجهه وطن،
لامڪان ”مراد“ چئي، ڪيا آسـَـڻ آڌوتن،
سي نـِـت نانگا ناٿ پـَـسن، جي واحد وحدت ۾ ٿيا.
(6)
جي رنگ رتا رام جي، تن ڪالهه ڇڏي ڪاسـِـي،
ويئي تن کون وسري، چـِـتـوَن چوراسي،
لنگهي پيا لاهوت کون، اوڌو ابناسي،
تن جوڳين جاٽون پـُـنيون، جي هئا پيءُ جا پياسي،
لامڪان ”مراد“ چئي، ٿيا وحدت جا واسي،
سي سنمک سناسي، وڃي نانگا گڏيا ناٿ کي.
(7)
سـُـک نه ڏئي سرتيون، ويراڳين ويراڳ،
لوچي لامڪان ۾، ملڪوتين ڪيو ماڳ،
جيئري مرڻ ”مراد“ چئي، لاهوتين جو لاڳ،
ڏيئي ڏِيل ڏُهاڳ، وڃي سامي سـُـهاڳي ٿيا.
(8)
سـُـکن جو سرتيون، سامين چـَـکيو ساءُ،
هردم هلن هـُـو ۾، چـِـت جـَـنين جي چاءُ
منجهه ئي منجهه ”مراد“ چئي، ڪيو لاهوتين لقاءُ،
تون پڻ تنين کاءُ، وڃي سـِـک ته سـُـک پـِـرائيين.
(9)
سامي سي چئجن، جن کي سـِـڪ سرير ۾،
سي لاهوتي لال ٿيا، جي هـُـو ۾ هـُـو هلن،
ماري مـَـنُ ”مراد“ چئي، ٿا نانگا ناٿ پـَـسن،
تون پڻ وٽؤن تن، وڃي سـِـک ته سـُـک پـِـرائيين.
(10)
جن لاٿا نـِـيـَـرَ ننگ جا، تن ڪـِـيهو ننگ نانگن،
لنگهي ڪيا لاهوت کون، آسڻ آڌوتن،
روح رتائون رام سان، ٻيون وڌائون ٻـَـن،
منجهه ئي منجهه ”مراد“ چئي، ٿا جوڳي جاٽون ڪن،
تون پڻ وٽؤن تن، وڃي سـِـک ته سـُـک پـِـرائيين.
(11)
نانگي کي ناسوت، کڻي پير پـَـسايو پـِـرَ جو،
تنهن کاهوڙي کرو پيو، ڏَس منجهون ملڪوت،
سڃاتائين سپرين، جاءِ وڃي جبروت،
لنگهيو جن لاهوت، تان ٿيو هـُـو ۾ محو ”مراد“
چئي.
(12)
گهر چورن جي گهـَـلِ، ۽ ٻاهر سانگ ڪرين ساڌن جا،
مڪر جي ”مراد“ چئي، ڌوڙ مَ منهن کي مـَـل،
تـَـسيو ڏئي تـَـنَ کي، جهيڙي جهـَـٽي جهـَـل،
پاڻ پنهنجو پـَـل، ته ٿئين سنگت جوڳو سڄڻين.
بيت متفرقه
(1)
چاڪـِـي چـِـتُ ”مراد“ ڪري، گهاڻو من گهماءِ،
ساري سـُـرت نـِـرت جا، ڏينهڪ ڏاند وهاءِ،
تـُـهه تاري ڪڍ تـَـنَ مؤن، سـِـرهه صاف پيڙاءِ،
تهان پوءِ تون لاءِ، لڱين تيل لقاءَ جو.
(2)
ڪر ڪبوتر روح کي، دل پڃري پارينس،
سـِـرهه صاف سـُـرت جي، چـُـوڻي چـِـت وارينس،
پاڻي پاڪ پريت جو، پلپل پيارينس،
هـُـو ۾ محو ”مراد“ ڪري، ٻي وائي وسارينس،
سا ڪا بازي سيکارينس، جنهن سان وڃي وحدت ۾ پوي.
(3)
نـِـڪر ”نانهن“ ڪلهي ڪري، وِڄا سڀ وِڃاءِ،
رياضت جا روح ۾، فڪر ڪر فناءِ،
حال هلي حيرت سين، تون منهن مهندا پاءِ،
عدم منجهان ”مراد“ چئي، ڪنهن کي رسي نه ڪاءِ،
هت ٻـِـئي جي جـُـڙي نه جاءِ، ٿو پاڻ سڃاڻي پاڻ
کي.
(4)
نـِــِـڪر ”نانهن“ ڪلهي ڪري، ڇڏ تعين تات،
هليو وڃ حيرت ۾، جتي ڏينهن نه رات،
عدم منجهه ”مراد“ چئي، جهت ڪانهي جهات،
نفي نڪو اثباب، ٿو پاڻ سڃاڻي پاڻ کي.
(5)
تنهن کي سـَـل مَ سور، جنهن کي سڌ نه آهي سـُـور
جي،
جنهن کي گهاءُ نه آهي گهٽ ۾، ڀڄ تنهن کان ڏور،
جي وهم پريان جي وڍيا، رهج تن حضور،
هيءُ اَٿـِـي محبت مـُـور، ”مـُـوتـُـوا“ ٿي
”مراد“ چئي.
(6)
هـِـتون لوڀي من! لڏي، وڃي پاڙي ويهه پرين جي،
پکا پکن سامهون، اوڏا ويهه اڏي،
موٽي ڇيڪ ڇڏي، توکي شال ڇڏيندا ڪينڪي.
(7)
هـِـن تـَـن ۾ من!مَ ويهه، جو آهي چوڪس چلهه چورن
جي،
ٺڳندءِ ٺڳيءَ سان، اَٿئي ٺڳ ٺڳن جو ڏيهه،
انهيءَ مهل ”مراد“ چئي، وڃي پکي پـِـرَ جي پيهه،
سندءِ سو ساڻيهه، جنهن ۾ وار ونگوئي نه ٿئي،
(8)
رهزن نفس نفيءَ سان، توڻي ڪوڙين ڪارون ڪن،
توءِ گڻ ڏسي اوگڻ ڪري، ڏئي ڏهاڙيون ڏک تن،
تنهن کي مار ”مراد“ چئي، جيئرو ڇڏ مَ ڇـَـن،
سا ٻيلهه کڻي وجهه ٻـَـن، جنهن مؤن جيءَ جوکو ٿئي.
(9)
توکي معلوم سڀڪي، منهنجو حال حبيبَ،
چئي چونديس ڪيترا، اوڳڻ آءٌ عجيبَ،
پنهنجو قرب ڪريج تون، مون سان ڪرم قريبَ،
جو تو ريءَ تـَـنَ طبيبَ، ٻيو ڪونهي مور ”مراد“
چئي.
(10)
اديون مون گهر عيد ٿي، آيم اڄ عجيبَ،
ٿي سـَـرهائي ساهه کي، لڌي ڪـَـرَ قريبَ،
پسي حال حبيبَ، ڪيو مون تي مهت ”مراد“ چئي.
(11)
اوڏِي ٿيان نه اَرٽِ، ڪاڻ ڪوريءَ جي نه ڪڍان،
هڪ پڇن پڃارن کي، ٻيو هر هر وڃن هـَـٽِ،
مـَـٽينديون ”مراد“ چئي، کوٿ جنهين جي گهٽ،
وَرَ منهنجي وَٽِ، ڪمي ناهه ڪَپَڙَ جي.
(12)
پهرين ماءُ جي پيٽ ۾، جڏهن هـُـئڙين نـُـطفو نير،
پاري تنهن پيدا ڪيئين، وجهي ساهه سرير،
تو هون مهند ”مراد“ ڪيو، تنهن رَت رڳن مون کير،
جو اهڙي سـُـک سـُـڌير، سو ڪيئن ڇڏيندءِ قوت ري!
(13)
جان ڪر منهنجي جيءَ کي، لڳي عشق لپاٽَ،
تان ڪر هـَـڏ حرام ٿي، نيڻين ننڊ نِپاٽَ،
صبـُـر سـِـڪ وڃائيو، ويٺي پـَـسان واٽَ،
اکين اُڃ اُساٽَ، اچي وَٽـِـي ڏيج وصال جـِـي.
(14)
ويچارا وِرسيا، ويهي ڏيئي وَٽ،
مهندان مرُليڌر جي، پاڻ هڻن ٿا پـَـٽ،
موٽي مهاڏيو ڏي، ڪن سوالي سـَـٽ،
سو گـَـهڙي نه پسن گهـَـٽ، جنهن ۾ محب ”مراد“
چوي.
(15)
جتي سوئي ڄاڻ، جنهن جي جويون ڏين شاهدي،
تنهن سـَـتَ ڀـَـريي سورهيه جي، ويهي ڪن واکاڻ،
سائين جـَـهين ساڻ، تنهن کي مهت ”مراد“ چوي.
(16)
جئن اُٺَ ناڪيري نڪ ۾، ۽ جـَـت هٿ مهار،
اٿي، ويهي ۽ هلي، سر تي کڻي بار،
جو جيڏهن تاڻي تنهن کي، تڏنهن ترت تيار،
تئن وس وڃي پيو يار، منهنجو من ”مراد“ چوي.
(17)
جيلهائي هٿ ڪري هاري، تيلها ڪـُـني ٿي ڪارِي،
ڄر ڄراٽيو ڄندڙو، سڀ عمر سارِي،
ڏهاڙي ڏويـِـن جـِـي، ٿـِـي مارَ جهلين مارِي،
مري ٿـِـي ”مراد“ چئي، سکي قرارِي،
ڇو ڏاگهه چڙهين ڏارِي، ڀڄ ته ڇـُـٽين باهه کان.
(18)
طوطا توکي ڪهڙو، اندر قيد قرار،
آءُ اُڏام ”مراد“ چئي، هت ماريندءِ منجهار،
هيڪر هندستان جا، جي پـَـسين باغ بهار،
ته موٽي سڀ ڄمار، پير نه ڏئين پـِـڃري.
(19)
سو(1)
ساءُ مـَـٽايو سڄڻا! ڪو جو واڻون واءُ،
ياري(2)
يارن کان وئي، مٽي مـِـٽَ نه ڪاءُ،
پـُـٽ نه وڻي پيءُ کي، ٻيو ڀائن ڇڏيو ڀاءُ،
سـُـوجهي سڀ ڪنهن جو، جان لڌوسين تر ڀاءُ،
ته هڪ ڌڻي! تو ڌاراءُ، ٻي ڪانهي ماڙ ”مراد“ چئي.
(20)
منهنجا مـِـٺا چـِـتَ وٺڻا، دل جا دغا بازَ،
جن کي عادت عداوت جي، ٻـِـي هڏ نه ڄاڻن هاجَ،
پر پٺ گوز گلا جا، منهن تي ڪن ميٺاج،
جن جا اهڙا ڪـُـوڙا ڪاجَ، تن کي مـُـور نه پـَـس
”مراد“ چئي.
(21)
ٻـَـن حلوا هالار جا، ور پـَـکن جي پـَـت،
جي سڄڻ هونِ سنگت، ته ڏکيا ڏينهن نه ساريان.
(22)
ور پـُـسـِـي پدمات جـِـي، ٻن حلوا هالارَ،
جي هونِ هيڪاندا يارَ، ته ڏکيا ڏينهن نه ساريان.
(23)
ويا هـَـنجهه هـَـلي، آيا ڪانءَ ڪـُـنبن تي،
مورن جي، ”مراد“ چئي، مـُـرن جاءِ جهلي،
چـِـٻن سان چـُـلي، ٿي مـَـينا مقالون ڪري!
(24)
باري پروردگار ڪيا، وڻ ڪامل ڪڪاڙين جا،
ٽاريون ٽالپرن جون، ٿيڙيون باغ بهار،
سي مـَـرڪن شال ”مراد“ چئي، سنڌ صوبي سردار،
جن کي ڏنو ڏيهـُـه ڏاتار، مر کائن خانَ خوشيءَ
سان.
(25)
ٽاريون ٽالپرن جون، پرور پوکايون،
دائم تنين دعا جو، اسين پاڻي ٿا پايون،
سي سدائي سايون، جن جي مدد محمد ”مراد“ چئي.
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
سي حرفي
(الف) الله العالمين، ساراهيان سـُـبحان،
جنهن قادر ”ڪـُـنَ فـَـيـَـڪـُـونَ“ سان، جوڙيو
سڀ جهان،
خلافت خلق جي، ڪيائين آدم تي احسان،
تنهن ۾ وڌو روح رحمان، ”مـِـن رُوحـِـي“ ،
”مراد“ چئي.
(ب) بدعات ڇڏ تون، خودي خام خيال،
سچو ٿي صاحب سان، اَٿئي وقت وصال،
وَنءُ وهي وحدت ۾، جتي جوت جمال،
”دَع نـَـفسـُـڪَ وَتـَـعالُ“ ، ته پـَـسين محب
”مراد“ چئي.
(ت) توبهه ڪر تن کون، ڏينس ترڪ تمام،
پردو ڪـَـڍُ پرينءَ کون، ننگ ناموس ۽ نام،
”مـِـن عـَـرفَ نـَـفسہ“ ، ٻيو ڪـُـڇج ڪين ڪلام،
جو آهي اِسلام، محمدي ”مراد“ چئي.
(ث) ثابت ڪر سچ کي، ڪـُـوڙُ نه ايندءِ ڪم،
ڪايا، مايا، مال ڌن، دام نه هوندءِ دم،
تـِـرُ نه نيندين تنهن مؤن، جو جوڙي ڪيڙءِ جـَـم،
پوءِ غافل کائيندين غم، نه ته ساجهر سمجهه
”مراد“ چئي.
(ج) جدائي ڇڏ تون، وٺ پرين جو پير،
هٿ نه ايندءِ ايهڙي، پوءِ ورونهن وير،
صبح سين مَ سمهه تون، ٿي هيڪاندو هير،
سـُـري وڃ سوير، تو منجهه حضور ”مراد“ چئي.
(ح) حياتيءَ ڏينهڙا، تون پرينءَ گڏ گذار،
ماري من ”مراد“ چئي، وحدت ڏي وِکَ وار،
دلبرُ اَٿي دل ۾، دائم ڪر ديدار،
کڻي نيڻ نهار، آهن سڀ جاءِ سپرين.
(خ) خمر مؤن عشق جي، جنين چکي چـَـس،
ويا سڀيئي وسري، روح تنين جي رَس،
مـِـٺايا ”مراد“ چئي، محمودي، مجلس،
عام لنگهيائون لس، محو ٿيا محبوب سان.
(د) دلاسو دل کي، ڏنو پاڻ پرين،
وائي ساڻ وصال جي، جيءُ جياريو جن،
”نـَـحن اَقرَب اِليه“ ، آءٌ قرباني تن،
ٻيو سڀ ڏيئي ٻن، آءُ تان ڪريون ”مراد“ مشاهدو.
(ذ) ذڪر ڪر ذات جو، ٻيا وهم سڀ وسار،
راتو ڏينهان روح ۾، پرتئون ڪج پچار،
”فـَـاذڪـُـرُوني اَذڪـُـر ڪـُـم“ ، سڄڻ لهندو
سار،
جي اهڙا سيڻ ستار، تن کي مور مَ ڇڏ ”مراد“ چئي.
(ر) رياضت رب جي، آهي فرض فنا،
اٿي موت مشاهدو، عاشق ٿئين ته آ،
”مـُـوتـُـوا، قـَـبلَ اَنتمـُـوتـُـوا“ ، آڻج
اَمر بجا،
پوءِ هر دم ذوق بقا، ويٺو ماڻ ”مراد“ چئي.
(ز) زڪوات ڪڍيج تون، ڪري نفس نفي،
اَٿي وقت وصال جو، اچي عاشق ٿي،
سڀ گڻ لائق سپرين، ڪندو توهه تـُـسي،
پوءِ جانڪـِـي تون جي، ڪونهي موت ”مراد“ چئي.
(س) سيني ۾ تنهنجي، دل بيت المعمـُـور،
”ڪل شيءِ محيط“ ، آهي نسورو نـُـور،
ويٺو پڙهه پريت سان، هر دم حج حضور،
تون ڏور ”مراد“ مَ ڏُور، اَٿـِـي ساهئون اوڏا
سپرين.
(ش) شراب وٺيج تون، صاف هٿئون ساقـِـي،
پي طهورا تـِـڪ ڏئي، مؤن من مشتاقـِـي،
نئين عمر ”مراد“ چئي، بخشيندءِ باقـِـي،
مرشد ملاقـِـي، ڪندءِ پهرئين جام ڀرڻ سين.
(ص) صبر جو رک تون، روزو اندر روحَ،
هوا، حرص، ”مراد“ چئي، کـِـڏ کڻي وجهه
کـُـوهـَـه،
اَٺئي پهر پرينءَ سان، ويٺو ڪر ورُوهـَـه،
پوءِ هردم سنجهه صبوحُ، عيدون ڪج عجيب سين.
(ض) ضرور ”مراد“ ڪج، وحدت سين واپار،
منجهون حوض حضور جي، ويٺو وضو سار،
منهن محراب پرينءَ جو، نـِـت نمازَ گذار،
تهان پوءِ ٻيهار، توتي ڪونهي حرف حساب جو.
(ط) طلب ڪر تـَـڪيو، وحدت ۾ ٿي ويهـُـه،
ريءَ حقيقت حق جي، ٻيا سڀ مڪر ميهـُـه،
”لـَـم يـَـلـِـد“ ، ”مراد“ چئي، پسج پنهنجو
ڏيهـُـه،
سندءِ سو ساڻيهـُـه، جت ناهي ٻيو ”نانهن“ ري.
(ظ) ظاهر ٻيو ذات ريءَ، قطرو آهي ڪين،
سڀ حقيقت حق جي، ٻولي ٻولـج ٻي نه،
”هـُـو الاَول، هـُـوَ اَلاخر“ ، سچي ساک سندين،
سو دنيا سو دين، جي تون پـُـرجهين مام ”مراد“
چئي.
(ع) عدم مان سپريم، جان واصل ٿيا وجود،
ته مـَـلڪن اَمر مڃيو، سڀني ڪيو سـُـجود،
پـَـسي منهن ”مراد“ چئي، ماڻيائون مقصود،
جي هئا ماڳ اُنهيءَ موجود، وڏا طالع تن جا.
(غ) غين ڀانئج غير، هي عين اُهوئي آهه،
نقطا جي نفيءَ جا، سي ”لا“ سوڌا ئي لاهه،
ثابت ڪر اثبات کي، روح سڃاڻج راهه،
ڏِس مَ ڏيا باهه، هي سڀ سـُـهـِـائي سج جي.
(ف) فنا في الله ٿي، پهرين ماڻج پاڻ،
پري ڀانءِ مَ پـَـر کي، ساجن تو هـِـي ساڻ،
”فـَـاينـَـما تـُـولـُـوا“ ، ”مراد“ چئي، ثابت
ڪر سڃاڻ،
مـُـول مڙين مهراڻ، نه ته لهرين ليکو ناهه ڪو.
(ق) قلوب المؤمنين، آهي عرش الله،
مٿي تخت ”مراد“ چئي، پاڻ ويٺو بادشاهـَـه،
وڃي پهتو پـِـرَ کي، روح سڃاڻي راهـَـه،
پر هي سانڍ برابر ساهـَـه، ڳالهه پريان جي ڳـُـجهه
جي.
(ڪ) ڪـَـڙو هڻ قلب کي، لاهه ڪثافت ڪـَـسُ،
اوجر ڏيئي آرسي، منهن پريان جو پـَـسُ،
”والظاهر و الباطن“ ، ٻيو سڀ ڏورون ڏَسُ،
هي عام ”مراد“ مَ پـَـس، جو ٻي ڪانهي لـِـکَ
لطيف ري.
(ل) لطف ڪيو سڄڻا، ٻاجهون ٻاجهايا،
نماڻيءَ جي نجهري، اچي پرينءَ پير پايا،
سـَـوَن ورهين جا ڏکڙا، لحظي ۾ لاهيا،
سي شل موٽي مَ آيا، جي ويا وڇوڙي ڏينهڙا.
(م) مڙوئي سپرين، آءٌ ڪهڙو ڪريان بيان،
عقل اُت اوڏو نه ٿئي، ذڪر ناهي زبان،
”اَلاِنسان سـِـري“ ، سڀوئي سبحان،
جامع ڪـُـل جهان، آهه حقيقت حق جي.
(ن) نهايت نانهن ڪا، چوان ڪڄاڙو آن،
بي نمود ”مراد“ چئي، جنهن جو جسم نه جان،
سو پرجهڻ کان پـَـري ٿيو، لاهيو لامڪان،
هت ماڳ نه آهي مان، ريءَ هدايت حق جي.
(و) وصال پرين جو، ڪوڙين مان ڪي ڪن،
وايون تن وساريون، واتون ڪين ڪڇن،
وڃي وحدت ۾ پيا، محب جنين جي من،
سي سونهان ڪين مـُـنجهن، جن جو مهدي محب ”مراد“
چئي.
(هه) هدايت رب جي، ٿيءُ رهبر سان رهبر،
پـَـسي ڪين پرينءَ ري، ”ما زاغة البصـَـرُ“ ،
يار سڃاتو يار کي، ساڻ يقين نظر،
جئن سو شـِـير شڪر، تئن پرين مـِـٺا ٿيا پاڻ ۾.
(لا) لقاءُ پرين جو، پلپل ۾ پيو پـَـسُ،
جاڏي ڪاڏي سپرين، خالي ڪونهي خـَـسُ،
”عـَـرَفت رَبي رَبي“ ، راهه تنهين کي رَسُ،
تون پاڻ ”مراد“ مَ پس، جو آهي نـُـور نسوهرو.
( ء) ”الـَـست بـِـرَبڪـُـم“ ، جڏهن سجدو روح
ڪيو،
سڃاتائين سپرين، وحدت منجهه ويو،
بنا محب ”مراد“ چئي، پـَـسي ڪين ٻيو،
وڃي تـِـتِ پيو، جت نـُـور نهايت ناهه ڪا.
(ي) يقين ڪريج تون، ٻيو ناهه ذرو ريءَ ذات،
اڄ ”مراد“ مشاهدو، ڏاتر ڏني ڏات،
اَٿي ڏينهن الست جو، ويهي وڃاءِ نه رات،
ڪلمو جنين وات، هوندا سي ايمان سين.
--------
|