اسان جي سنڌي زبان
از: علامه ع. م دائودپوٽو، مرحوم
[”الوحيد“ جي آزادي نمبر، 14 آگسٽ 1949ع، تان ورتل]
اسان جي پياري ’سنڌي‘، هڪ قديم زبان آهي. اصليت جي نگاهه کان،
سنسڪرت جي ڏوهٽي آهي؛ پر ٻيون ڏوهٽيون، کانئس ساق
ٿي، پنهنجي صورت بگاڙي وئيون آهن، ۽ رڳو سنڌي ئي
هڪ سپوت نياڻي آهي، جنهن پنهنجي ساهري گهر مٽڻ بعد
جو ويس بدلايو آهي، ان کان پوءِ منجهس ٻي ڪا
ڦيرگهير نه آئي آهي. لکجي سا عربي رسم الخط ۾ ٿي،
باقي نحوي بناوتون ۽ اِسمي پڇاڙيون وغيره ساڳيون
ئي قائم رکيون اٿس، جي سندس مادر يعني ’اُپڀرنش
پراڪرت‘ جي مشهور ڀاشا ’وراچڊا‘ ۾ موجود هيون. اڄ
به، علم اشتقاق وارن جو خيال آهي ته اهي لفظ جي
سنسڪرت جي ٻين ڀاشائن ۾ تسخ مسخ ٿي ويا آهن، ۽ جن
جي اصل نسل جو پتو ڳولڻ مشڪل ٿيو پوي، سي هوبهو
پنهنجيءَ اصلوڪي پراڪرتي شڪل ۾ موجود آهن. هاڻ،
گذريل ٽن سون سالن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ساخت ۾ لفظن
جي لحاظ کان گهڻي قدر تبديل آئي آهي، پر اڄ به
جيڪڏهن کيس ديوناگري لباس پهرائجي، ته پنهنجيءَ
مادر ’پراڪرت‘ کان گهڻو مختلف نظر نه ايندي-
ساڳيو، مهانڊو، ساڳيو نڪ، ۽ ساڳيون اکيون.
يقين سان نٿو چئي سگهجي ته ’پراڪرت‘ يا ’پالي‘ هيءَ نئين سنڌي
صورت ڪڏهن اختيار ڪئي. راءِ ۽ برهمڻ گهراڻن جي
ڏينهن ۾ سنڌ جي زبان ضرور ’سنسڪرت‘ يا ’پالي‘
هوندي؛ پر عربن جي فتح بعد پتو پوي ٿو ته ان وقت
به سنڌ جي زبان نياري هئي، جا فقط موجوده سنڌ
تائين محدود نه هئي، پر ڪڇ، گجرات، ڪيچ مڪران،
بهاولپور ۽ ڪشمير تائين پکڙيل هئي. عرب سياح ۽
جغرافيه نويس، جن ان وقت جي سنڌ جو بيان ڏنو آهي،
سي سڀئي يڪ آواز آهن ته ديبل ۽ منصوره ۾ عربي ۽
سنڌي ٻوليون ڳالهائڻ ۾ اينديون هيون. لڳاتار ستن
صدين جي عربيءَ سان لهه وچڙ ڪري، سنڌي زبان هاڻوڪي
صورت ورتي هوندي.
اگرچ پندرهين يا سورهين عيسوي صديءَ تائين ڪوبه اهڙو ذخيرو
ڪونهي، جنهن مان خبر پوي ته سنڌي لکڻ ۾ ايندي هئي
يا نه، ته به يقين سان چئي سگهجي ٿو ته عام ماڻهن
جي ٻولي سنڌي ئي هئي. درٻاري ٻولي جيتوڻيڪ اوائل ۾
عربي هئي، پوءِ ڄامن ۽ ارغونن جي ڏينهن ۾ پارسي
ٿي، ۽ انهن ٻولين سنڌيءَ تي بيشڪ پنهنجو گهرو اثر
ڪيو ۽ منجهس عربي ۽ فارسي لفظن جو وڏو انداز داخل
ٿي ويو، ته به عام ماڻهن پنهنجي اباڻي ٻولي نه
ڇڏي. انهيءَ کان پوءِ انگريزي پنهنجو وارو وڄائي
ويئي، ۽ هينئر وري اردوءَ جي نوبت آئي آهي، تنهن
هوندي به هيءَ لاکيڻي لوئيءَ واري لعل ڪنوار،
پنهنجو وَرُ نه مٽائيندي! باوجود سادگيءَ ۽
گهرائيءَ جي، منجهس ايتري لذت ۽ ڪشش آهي، جو سنڌ
جو هرهڪ فرد سندس بي ساخته ناز ۽ انداز موهت ٿي،
پنهنجي ديهاتي حسين لُڏَڻِ کي گيباڻو ڇڏي ڏيندا؟
نه نه، هرگز نه- جيستائين هن سريءَ ۾ ساهه آهي،
تيستائين انهيءَ وينگس جا پير ڌوئي پيئبا!
اسان جي ٻاجهاري ٻولي، موجوده يورپ جي متعدن ٻولين کان به آڳاٽي
آهي. اهي اڃا وجود ۾ ئي نه آيون هيون، ۽ اردوءَ جو
ته اڃا اير- ڀير به معلوم ڪونه هو، ته سنڌي زبان
هڪ پاڪيزي نموني ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ ايندي هئي.
جهرجهنگ ۾ سنڌ جا اهل الله سنڌي بيت ۽ دوهرا
جهونگاريندا هئا. انهن ۾ ايترو سوز ۽ ساز هوندو
هو، جو ٻڌندڙ محو حيرت ٿي ويندا هئا؛ ۽ ڪيترائي
ڪيفي، ڪباب ٿي، جان فدا ڪندا هئا. ڇا، مخدوم احمد
ڀٽيءَ هڪ سماع جو بيت ٻڌندي ساهه نه ڏنو؟ ڇا، هڪ
سيلانيءَ، شاهه لطيف جو هيٺيون بيت پڙهندي، پنهنجي
حقيقي محبوب جي سڪ ۾ پران نه تياڳيا؟
هيڪليائي هيل، پوريــنديس پرينءَ ڏي،
آڏا ڏونگر لڪيون، سـوريون سڄن سيل،
ته ٻيلي آهن ٻيل، سور پريان جا ساڻ مون!
انهن قرب جي وٽين ۾ اڃا به ماکيءَ جهڙو مَدُ آهي، کرو ڪو انهيءَ
جي چاشني چکي:
جي چکين ته چريو ٿئين،
ان مــيخانــي جــو مَـــندُ!
جيتريقدر مون کي معلوم آهي، ”بيان العارفين“ ئي پهريون فارسي
ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌي اڳئين نموني ۾ لکيل نظر اچي
ٿي. اهي آهن شاهه ڪريم (944- 1032هه) بلڙيءَ واري
جا سنڌي بيت، جي ’بيان العارفين‘ جي مصنف، محمد
رضا بن عبدالواسع، انهيءَ بزرگ جي ملفوظات ۾ داخل
ڪيا آهن. مخفي نه رهي ته شاهه ڪريم جا ارشاد ۽ وعظ
پڻ سنڌيءَ ۾ هئا، جن کي محمد رضا خواهه مخواهه
فارسي لباس پهرايو آهي. اهڙيءَ طرح، خواجه محمد
زمان جا مقولا به سنڌي نثر ۾ هئا، جي بزرگ
گروهڙيءَ ڄاڻي واڻي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا. انهيءَ
وقت سنڌي ايتريقدر سڌريل هئي، جو بزرگ تصوف جا
ڳوڙها نُڪتا ان ۾ سولائيءَ سان بيان ڪري سگهندا
هئا. ’بيان العارفين‘ کان اڳ وري مخدوم نوح جي
ملفوظات آهي. ’بيان العارفين‘ جي رستي، قاضي قاضن
(وفات 958هه) جا ست بيت محفوظ رهيا آهن. قاضي قاضن
هڪ وڏي پايي جو عالم ۽ عارف هو، جنهن اهڙي قسم جو
گهڻو ئي ڪلام چيو هوندو، جو هينئر عدم پيدا آهي.
ڪي سطحي ماڻهو چوندا آهن ته سنڌي هڪڙي ٺلهي ۽ سکڻي زبان آهي، ۽
منجهس ادب بلڪل ٿورو آهي- خصوصاً اسان جا حريف ۽
اردوءَ جا دلدادا اهڙي دعوا وڏيءَ هام سان ڪندا
آهن. پر اها سندن عظيم غلطي آهي. سنڌي نهايت ڪشادي
ٻولي آهي، ۽ جيڪي به زبانون سنسڪرت مان ڦٽي نڪتيون
آهن، تن ۾ لفظن جي ڪثرت ۽ گوناگونيءَ ڪري نهايت
برجستي آهي. ڪا اهڙي شي ناهي، جنهن لاءِ ٻيا نالا
يا مترادف نه هجن- مثلاً، ’اُٺ‘ لاءِ درجن کن نالن
جو آهي، جن مان ڪي مترادف آهن، ته ڪن ۾ معنيٰ جي
لحاظ سان قدرتي تفاوت آهي. معنوي يا ذاتي لفظ
سنسڪرت، عربيءَ ۽ فارسيءَ مان آزاديءَ سان ورتا
ويندا آهن، جنهن ڪري سنڌي لغت بلڪل وسيع ٿي پيئي
آهي.
سنڌي ادب بابت هيترو چوڻ ڪافي آهي ته جڏهن انگريزن هندستان ۾
پيرپاتو، تڏهن ڪنهن به ڏيهي ٻوليءَ ۾ ايترو علم
ادب ڪونه هو، جيترو سنڌيءَ ۾ موجود هو. ان جي
مالامالي اڪثر عربيءَ مان ترجمن ۽ مذهبي ڪتابن ۾
منحصر هئي. پوري ڪٿ ڪري نٿي سگهجي، پر ايترو يقين
آهي ته ٻه- ٽي سو قلمي نسخا ڪٺا ڪري سگهبا. نثر جا
ڪتاب اڪثر اسلامي، تاريخي ۽ مذهبي ڪتابن جا ترجما
آهن، جن ۾ قصا ۽ ڪهاڻيون به آهن- اهي گهڻو ڪري
ولين ۽ نبين بابت آهن. انشاء، طب ۽ ٻين علمن تي پڻ
ڪيترائي ڪتاب رچيل آهن.
اڪثر اوائلي ڪتاب نظم ۾ آهن، جنهن جو آخري قافيي جو حرف ’الف‘
هوندو آهي. مسلم اديبن ۽ بزرگن نثر تي گهڻو ڌيان
نه ڏنو، ۽ ان کي مبتذل ڪري سمجهيو. جيئن ته شعر
هميشه ياد ڪرڻ ۾ آسان هوندو آهي، ۽ ان ۾ نثر کان
وڌيڪ جاذبيت ۽ ترنم هوندو آهي، تنهنڪري، عام ماڻهن
جي نصيحت ۽ اصلاح خاطر، اسانجن بزرگن سڀ قسم جا
ڪتاب نظم ۾ رچيا، جن ۾ اگرچ ڪٿي ڪٿي ڦلهڙائي آهي،
تڏهن به متانت ۽ سنجيدگيءَ سان پُر آهن، جيڪڏهن
صاف نثر ۾ ڪتاب لکيا ويا- جهڙوڪ ”تفسير عزيزي“ يا
ٻيا ته انهن ۾ نثر جي ترڪيب ۽ ترتيب به عربي ۽
فارسي جملن جي مطابق آهي. تنهن هوندي به، ڪلامي
زور ۽ ٻيون خوبيون منجهس جام آهن، ۽ ان جي خاص
خصوصيت اها آهي جو صاف سنڌي ۽ نج ورجيسون ۽ اصطلاح
ڪم آندا ويا آهن. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ جيڪو
نثر لکيو ويو، سو وري اور نموني جو هو، ليڪن ان ۾
موجود زماني جي نثر جي جهلڪ نظر اچي ٿي: اوائل ۾،
سنه 1854ع ڌاري، غلام حسين محمد قاسم قريشيءَ
”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ لکي؛ تنهن کان پوءِ سيد
ميران محمد شاهه متعلويءَ، سنه 1855ع ۾ ”سڌاتوري ۽
ڪڌاتوري جي ڳالهه“، ۽ سنه 1861ع ۾ ”مفيد الصيبان“
لکيا؛ انهيءَ ئي وقت ڌاري، منشي ننديرام ميراڻيءَ
”تاريخ معصوميءَ“ جو سنڌيءَ ترجمو ڪيو؛ سنه 1862ع
۾ ديوان ڪوڙيمل چندنمل ”ڪولمبس جي تاريخ“ جو
انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو، ۽ ساڳئي وقت ”پڪو پهه“
نالي ڪتاب زناني تعليم جي باري ۾ پڻ لکيائين؛ سنه
1870ع ڌاري، ديوان نولراءِ شوقيرام آڏواڻيءَ ۽
منشي اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ، گڏجي، جانسن
صاحب جي ”راسيلاس“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۽ ساڳئي
وقت منشي اُڌارام ”ايسپ جون آکاڻيون“ تيار ڪيون؛
سنه 1864ع ۽ 1870ع جي وچ ۾ ديوان ڪيولرام سلامترا
آڏواڻيءَ ٽي عمدا ڪتاب لکيا، جن مان اصليت جي بوءِ
اچي ٿي. اهي آهن ”سوکڙي“، ”گل ۽ گلقند“ ۽ ”گل
شڪر“، جي سنڌي ادب ۾ پنهنجي نوعيت رکن ٿا، ۽
اخلاقي نڪتن سان معمور آهن؛ سن 1879ع ۾ مرزا قليچ
بيگ صاحب، جڏهن اڃا ڦوهه جوانيءَ ۾ هو، ”بيڪسن
ايسيز“ جو ترجمو ”مقالات الحڪمت“ جي سرنامي سان
ڇپائي پڌرو ڪيو؛ ان کان پوءِ مسلم اديبن جهڙوڪ لطف
الله آخوند، مير عبدالحسين ’سانگي‘، احمد خان تڳيو
خان، وغيره توڙي هندن، نثر جي چڱي خدمت پئي ڪئي
آهي، جنهن جو بيان ڪرڻ باعث تطويل ٿيندو. بهرحال،
اڃا تائين سنڌي نثر پوريءَ ڪڙيءَ تي نه آيو آهي، ۽
منجهس جدا جدا علمن ۽ فنن تي ايترا ڪتاب نه لکيا
آهن.
سنڌي نثر جي بنسبت، نظمي ادب گهڻو گهاٽو ۽ نوعائتو آهي، ۽ ڪنهن
به حالت ۾ مرهٽي، هندي ۽ برج ڀاشا ٻولين (جن ۾
اردو به اچي وڃي ٿي) جي شعر کان درجي ۾ گهٽ نه
آهي. عربي ۽ فارسي عروض جا پيچيدا قاعدا، سنڌيءَ ۾
نامعلوم آهن- رڳو نقلي ۽ تقليدي شعرن ۾ ڪم اچن ٿا.
سنڌيءَ کي پنهنجو ذاتي نظمي قالب آهي؛ مگر ٻيون
پاڙي واريون ٻوليون، پشتوءَ سوڌيون، ڌارين وزنن ۽
بحرن تي مدار رکن ٿيون. سنڌي شعر کي پنهنجو مزو ۽
دلربائي آهي؛ لفظي طرز ادا سان گڏ منجهس اصطلاحي
جزالت ۽ متانت، خيالي تازگي ۽ غرابت، ججهي انداز ۾
موجود آهي. سنڌي ڀاشائن جي گهڻت ڪري، اعليٰ درجي
جا شاعر، پنهنجيءَ عبارت کي ڀرپور بنائي، ڪنهن به
قصي يا ڳالهه جي مڪاني چهچٽي کي اتاهون جي ورجيسن
۽ لفظن سان واقفيت جو رنگ ڏيئي سگهن ٿا. ’سرحرفي‘
هڪ مطلوب ۽ مرغوب صنعت آهي، جنهن جي وسيلي ۽ حالتن
جي پڇاڙين ۽ ٻين رُکن ۽ لسن پيوندن کي دور ڪرڻ
سان، هڪ قسم جي نياري ۽ دل- وڻندڙ ڌنڪ پيدا ٿئي
ٿي. سنڌين تي جو پنهنجي وطني شعر جو ايترو اثر
آهي، تنهن مان ثابت آهي ته سنڌي شعر ۾ متافت ۽ طرز
ادا ٻئي موجود آهن. انهيءَ ڪري، صوفي عالم پڻ
پنهنجين عربي ۽ فارسي تصنيفن ۾ بعضي بعضي سنڌي
بيتن آڻڻ کان ڪين گسندا آهن. هيٺيان شعر جا قسم
سنڌي ۾ موجود آهن؛ (1) مداحون ۽ معجزا، (2)
مناجات، (3) مرثيو، (4) ڪوار يالعنت، (5) فتحنامو
يا جنگنامو، (6) ڪافي يا وائي، (7) بيت، ۽ (8)
سنيهڙو يا نياپو. انهن مان پهريان چار قسم قديمي
ادبي ٻولين تان ورتل آهن، ۽ ساريءَ اسلامي دنيا ۾
موجود آهن؛ ۽ پويان چار وڌيڪ اصلائتا ۽ طبعزاد
آهن. موجوده زماني ۾ وري مخمس، مسدس، ترجيع بند، ۽
رباعي وغيره داخل ڪيا ويا آهن. مطلب ته سنڌيءَ ۾
هر ڪنهن قسم جي صلاحيت رکيل آهي، جا کيس دنيا جي
ادبي ٻولين ۾ ڪَرَ کڻائي سگهي ٿي.
شعر جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي! ساري ملڪ ۾ پکڙيو پيو آهي، جو ڪنهن
ڪتاب ۾ گڏ نه ڪيو ويو آهي، ۽ شايد ڪڏهن به گڏ ٿي
نه سگهندو. انهيءَ شعر مان ڳچ جيترو اهڙو آهي، جو
سنڌي عالمن کي ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سڄو نظمي ادب
باطراوت، ورجيسن سان ڀريل، طبعزاد، ججهو، لفظن
توڙي عبارتن ۾ گوناگون، ۽ ساڳئي وقت سادو ۽ فطرتي
آهي. انگريزي تعليم جي سرشتي هيٺ لکندڙ زياده تصنع
کي لڳي ويا آهن، ۽ ٻين عالماڻين ٻولين جي تقليد
ڪرڻ ۽ انهن مان خيال اڌارا وٺڻ لڳا آهن؛ انهيءَ
ڪري شايد سنڌي نثر کي تقويت پهچي، باقي شعر کي سو
اهڙي قسم جي اهل ضرور زيان رسائيندي.
مٿئين مختصر احوال مان خبر پوندي ته ’سنڌي‘ هڪ تونگر زبان آهي،
رڳو اسان جي غفلت ڪري مٿس ورهين جي لَٽ چڙهي ويئي
آهي: منجهس هڪ عاليشان همه گير ادب جون سڀئي
صلاحيتون موجود آهن. ڇا، اهڙيءَ ٻوليءَ کي سنڌي
پنهنجي هٿان وڃائيندا- پرائي محلات کي پسي پنهنجو
اباڻو ڀونگو ڊاهي ڇڏيندا، ۽ پراون دهلن تي احمقن
وانگر نچندا؟
ڀائرو، جيڪڏهن اوهان ۾ غيرت آهي، ته اُٿو- پنهنجي اباڻي ورثي جي
سنڀال ڪريو! جا ٻولي مخدوم عبدالحسين، مخدوم محمد
هاشم، سيد عبداللطيف، بزرگ گروهڙيءَ ۽ ٻين عاليشان
هستين جي هنج ۾ پلي آهي، ۽ جيڪا لفظن ۽ اصطلاحن ۽
ٻين ڪلامي خوبين جي ڪري ڪنهن به ٻوليءَ کان گهٽ نه
پر گهڻو بلند ۽ بالا آهي، تنهن کي اوهين نڌڻڪو ڇڏي
ڏيندا؟ جنهن قوم کي پنهنجو ’ادب‘ نه آهي، سا اڄ
ڪنهن به قطار ۾ نه آهي: جيڪڏهن اوهان پنهنجو ادب
وساريو، ته ڌوٻيءَ جي ڪتي وانگر نه گهر جا ٿيندا،
نه گهاٽ جا! اکيون پٽيو، جاڳو، پنهنجو ورثيو
سنڀاليو، نه ته ستت اوهان کي پڇتاءَ جون تريون
مهٽڻيون پونديون!
شمس العلماءِ ع. م دائودپوٽو
”سُرها گل“ جي تمهيد
[مرحوم علامه صاحب، سنه 1934ع ۾، جڏهن پاڻ جوگيشوري (بمبئي) جي
’اسماعيليه ڪاليج‘ ۾ عربيءَ جا استاد هئا، ”سُرها
گل“ نالي، سنڌي شعر جو انتخاب ڇپائي پڌرو ڪيو هو.
انهيءَ ڪتاب جي مقدمي ۾، سنڌي شاعريءَ جي جن عوامي
خوبين کي سامهون رکي پاڻ ان جو انتخاب ڪيو هئائون،
تنهن جي وضاحت انتهائي مفيد ۽ دلنشين پيرايي ۾ ڏني
اٿن. اسين انهيءَ مقدمي کي ’مهراڻ‘ ۾ نئين سر پيش
ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهيون- ادارو]
l
گذري جي ويا، سي زمانا ياد پيا،
وسري جي ويا، سي ترانا ياد پيا،
دل تي آيا ’وامق‘ و ’فرهاد‘ و ’قيس‘،
ڏسندي ئي دانہ، ديوانا ياد پيا.
فصل جي خواهش ۾ وسري اصل ويو،
سنگ چونڊيندي نه ڪانا ياد پيا.
واديءِ مجنون ۾ ڏسندي سنگ و خار،
عقل وارن جا خزانا ياد پيا.
جڏهن چريو ٿي چوطرف جي ڪيم چڪاس،
تڏهين مون کي دوست دانا ياد پيا.
ڏسندي ئي نَودولتن جون دولتون،
اصل جي خانن جا خانا ياد پيا.
وصل جو وعدو جي ڪنهن کان ڪو ٻڌم،
تڏهين دلبر جا بهانا ياد پيا.
ٿيو يقين، ’سانگي‘، ته آهي سڀ گذر،
شان شاهن جا شهاڻا ياد پيا.
سمنڊ جي اجهاڳ ۽ بي انت تري ۾ سهسين بي بها موتي سپجن ٿا، جي هوند جهان کي
وڌيڪ جرڪائين ۽ اجالو ڪن؛ هزارين گلابي گل، پنهنجو
محجوبي منهن لڪائي، برپٽ کي واس ڏين ٿا، جن مان
هوند سنسار کي سڳند ملي: اسان جي پياري سنڌڙي به
ڪنهن سمي اهڙن امل ماڻڪن جي کاڻ هئي، ۽ اهڙن سهڻن
گلن جو چمن هئي. ڪٿي آهن اهي غواص، جي پاتال ۾
پيهي سپون وجهي ڪڍن، ۽ جوتيون جواهرن جون عالم کي
آڇين؛ ڪٿي آهن اهي واس وڻندڙ ڪوڏيا، جي بيراني
بيابان جهاڳي، نازل گلن جي سرهاڻ سنگهن، ۽ ان جي
عطر سان دنيا جي دٻيل دماغ کي دَئي ڏين؛ ڪٿي آهن
اهي ڪاتيءَ ڪرامت جا صاحب، جن جي فيض مان پرت جا
پهيڙا پُرجام پيئندا هئا؟ اڄ انهن جي جاين تي ڌپ
سڙيا الغارون ڪري رهيا آهن.
جتي هنج هئا، ات ڪانون ڪانگيرا ڪيا،
ويچارا ’وليداد‘ چئي، ولسر ڪري ويا،
اچـي اَلءَ پــــيا، انهـــن اوطــاقـــن ۾!
اسان جي قسمت جي ڪوتاهي آهي جو اهڙن الماسن کان منهن موڙي، فراق
۽ ڦوڙائي جي ڳالهين ۾ ڦاسجي ويا آهيون، ۽ وصل ۽
ميڙائي جي وائي وسري ويئي اٿئون. ڪنهن زماني اسان
جو ديس آريه ۽ اسلامي تهذيبن جو مرڪز هو، جتي مسلم
۽ هندو، پياري هند وطن جي اکين جا تارا، ريجهه-
رهاڻ ۾ رهندا هئا، ۽ جڳ کي وحدانيت ۽ ايڪتا جو سبق
سيکاريندا هئا. هينئر ته اهڙو ڪو هير- گنبذ جو
واءُ لڳو آهي، جو ماڻهو ئي مٽجي ويا آهن! وڏڙا
ويچارا، پنهنجو منهن لڪائي، مقامن ۽ مساڻن مان
اسان جي شوم بختيءَ جو نظارو ڪري رهيا آهن؛ انهن
جا روح تاڻي رهيا آهن ته ’آهي ڪو، جو سڪل ڪسيءَ ۾
پاڻي آڻي، ۽ وڃايل وٿون واري هٿ ڪري!‘ اهي مڻيادار
مَرڪڻ، جن جي صحبت رس- ڀري هوندي هئي، جن جي وات
مان پليل سياڻپ جا سندر سخن نڪرندا هئا، جي چپي
چپي تي پهاڪا ۽ چوڻيون ۽ سگهڙن جا قول مثال طور
آڻيندا هئا، جن جي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ۾ نڪي عربيءَ
۽ فارسيءَ جا اڙانگا لفظ هوندا هئا ۽ نڪي سنسڪرت
جا ڳاٽي ٽوڙ ڪلما، ۽ جن جي زبان ۾ عجب قسم جي
رواني ۽ شستگي هوندي هئي، تن جا پويان اڄ اڪثر رڳو
شيڪسپيئر ۽ شبلي جا شيدائي ٿي، پنهنجو ورثو وساري،
پراون دهلن تي احمقن وانگر نچي رهيا آهن: نڪي
مغربي شائستگيءَ مان ڪا هڙ حاصل ٿي اٿن، ۽ نڪي
پنهنجن وڏن جي فيض مان ڪو حصو پڙپيو اٿن- ڪانوَ
وانگر، مور جي رفتار تي موهت ٿي، پنهنجو چلڻ به
کاري ڇڏيو اٿن! اها سڀ اسان جي بيپرواهيءَ جي شامت
آهي. هينئر به جيڪڏهن ڪوشش ٿئي، ۽ هرهڪ ننڍو وڏو
پڪو پهه ڪري پنهنجي اباڻيءَ ميراث لاءِ واجهه
وجهي، ته هوند تاريخ ۽ علم ادب جو چڱو سرمايو
موجود ٿي پوي. اڃا به ويل نه ويئي آهي- ڪنهن نه
ڪنهن قبيلي ۾ وڏا حيات هوندا، جن وٽان اڳين جا سخن
سکڻ گهرجن. جيڪڏهن وڌيڪ غفلت ڪئيسون، ۽ وڏڙا سفر
سڌاري ويا، ته پوءِ ارمان ۽ پڇتاءَ جون تريون
مهٽڻيون پونديون.
منهنجي ڪا وڏي عمر نه آهي، پر منهنجيءَ ئي سانڀر ۾ سنڌ جي حالت
آور هوندي هئي. ماڻهو زياده خوش ۽ آسودا هوندا
هئا، ۽ ان- پاڻي آجو هوندو هو. عيدن براتن، ميڙن
ملاکڙن تي هو پنهنجيءَ سرهائيءَ جو اظهار ڪندا
هئا. ملهه وڙهڻ ۽ ڪُشتيءَ کيڏڻ ڪري، سندين قوت
قراري رهندي هئي. مردانيون ڪسرتون- جهڙوڪ ٻلهاڙو ۽
ونجهوٽي- کين لڱن- مروڙ ۽ مضبوط رکنديون هيون.
اهڙيءَ طرح، سندن زالون به زيرزنگ هونديون هيون.
عيد ايندي هئي ته صبح جو جماعتون ۽ ماڻهن جا ٽولا،
مولود چوندا ۽ زيلون ڏيندا، ميدان ڏي نڪرندا هئا.
نماز بعد ’سماع‘ ٿيندو هو، ۽ حلقا لڳندا هئا.
مخالف جماعتن جي، سماع وقت، پا چٽاڀيٽي لڳندي پئي.
اوليائن جي درگاهن تي ساليارو ۽ ماهون- پهرئين-
جمعي تي مولودين، مداحين ۽ معجزاين جو مقابلو
ٿيندو هو. خود شاعر به، حاضر ٿي، پنهنجي هنرمنديءَ
۽ حرفت جو داد ڏيندا هئا. هينئر ڏسندا، ته اها
سرهائي ۽ خوشي ماڻهن ۾ ڪانهي: سڀ ڪنهن جي دل تي
ڳڻتين جو بار آهي؛ آرام ۽ ايڪانت جو مزو نڪري ويو
آهي؛ ۽ سڀڪو، دنيا جي چڪر ۾ اچي، پنهنجيون شاندار
اڳوڻيون روايتون وساري ويهي رهيو آهي. تان جو اڄ
ته عيدن تي سماع جو نالو به ڪونه ٻُڌجي، ۽ هرڪو
ڪَنَ ٻوساٽيو گهر هليو وڃي! اهڙيءَ طرح، هندن ۾
’ڀڳت‘ جي رسم هوندي هئي، پر انهن ۾ به ايترو جوش
خروش نه رهيو آهي- سڀني کي مايوسي ۽ غمگيني گهيري
ويئي آهي. ازان سواءِ، ورهيارو، ڀَٽ فقير، دف هٿن
۾ کڻي، وڏا پهراڻ پهري، اڇون پڳون ٻڌي، ملائڪن
وانگر سفيد گهوڙن تي چڙهي، سڀ ڪنهن در تي ايندا
هئا، ۽ گذريل زماني جون تاريخي ڪهاڻيون ۽ قصا
نهايت خوش اسلوبيءَ سان بيان ڪندا هئا. هاڻي ته
اهي به ويچارا هائيءَ هڄي ويا. سندن ناخلف پوين
ٻوٽو ڪونه ٻاريو، ۽ وڏن جو نام نشان گم ٿي ويو.
اڳوڻي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ، ڀَٽن جي هستي به هڪ
ڪاردار طريقو هئي. اسان کي گهرجي ته جتي ڪٿي اهي
ڀٽ فقير ملن، اتان کين هٿ آڻي، سندين تربيت ڪريون،
۽ پنهنجي وڃايل تاريخ کي نئين سر لهون، ۽ وڏن جي
روايتن کي هڪواري برقرار رکون.
سنڌ جي تاريخ ۽ ٻوليءَ جو واڌارو ان جي ماضيءَ تي منحصر آهي.
ماضي راس ٿيو، ته حال ۽ مستقبل پاڻيهي پوري پيماني
تي ايندا. ماضيءَ جي جيارڻ لاءِ جهُٽ پٽڻ، هرهڪ
سنڌيءَ جو وطني فرض آهي. سنڌي ٻولي نهايت ڪشادي ۽
وسيع آهي؛ پر مٿس صدين جو لٽ چڙهيل آهي، سو مٿاڪٽ
ڪري لاهڻ گهرجي. هڪ اهڙي انجمن تيار ڪجي، جا وقتاً
فوقتاً سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جو دورو ڪري، نوان
نوان الفاظ ۽ اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون، ۽ اڳين
شاعرن جو ڪلام ۽ ڪارناما ڪٺا ڪري، ۽ انهن کي پڌرو
ڪري. سنڌ جي گوشي گوشي ۾ اڃا به اهڙيون عجيب
هستيون لڀنديون، جن کي اڳئين زماني جا نقل ۽ نظير
ياد هجن. مثال طور، اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيترا اهڙا
ماڻهو هئا، جي ميرن جي صاحبي سنڀرندا هئا. جهڙوڪ
وڏيرو جڙيو ۽ عيسو فقير ميربحر- پر اسان جي
لاغرضائيءَ ۽ غفلت وچان اهي راهه رباني وٺي ويا، ۽
ڪنهن به انهن مان بهرو نه ورتو. سال 1931ع آڪٽوبر
واريءَ تعطيل ۾ وطن وڃڻ ٿيو، اتي اوچتو پور آيم ته
ڇونه پنهنجيءَ فرصت جا ٻه ٽي ڏهاڙا پراڻن شاعرن جي
ڪلام گڏ ڪرڻ ۾ سجايا خرچ ڪريان. چاچي نِدي (نظام
الدين) کي اهڙا گهڻا نڪتا ياد آهن، تنهن وٽان
رمضان ڪنڀر جو ڳچ ڪلام، امير علي شاهه، احمد علي،
نورمحمد ۽ پير امين محمد جون ڪافيون، ۽ ٻيا گفتا
هٿ ڪيم؛ اهڙيءَ طرح، ڏاڏي محمد صديق وٽان رمضان
ڪنڀر، حافظ ولي ۽ عثمان جون ڪافيون لکيم؛ باقي
هرڻيءَ جو معجزو ۽ ڪانگ جا ٽيئي ڪلما، اوائلي
شاگرديءَ جي ڏينهن قلمبند ڪيا هئم. انهن مان
هرڻيءَ جو معجزو ۽ ڪانگ جو ٻيو ڪلمو، ڏاڏي محمد
صديق وٽان لکيا هئم؛ پهريون ڪلمو بابي کي ياد آهي،
۽ ٽيون ڪلمو، مرحوم ملا هارون لاءِ، مرحوم پير بخش
کٽيءَ وٽان اتاريو هوم. موڪل جي پڄاڻي آئي، ۽ باقي
ڏاڏو حاجي سائينڏنو رهجي ويو: خيال هوم ته آئيندي
سندس پڪي فصل مان ڪي سنگ لڻندس، پر هن جي حياتيءَ
وفا نه ڪئي، ۽ بمبئيءَ موٽڻ کان پوءِ ستت سندس
لاڏاڻي جو ٻڌوسون؛ نه ته هو ڳالهين جو ڳهير، ۽
نقلن نظيرن ۾ بي نظير هو، ۽ سندس صحبت به غنيمت
هئي. خدا شال مرهيس، ۽ جنت ۾ جاءِ ڪريس! چاچي ندي
ته ٿڌو ساهه کڻي چيو ته ”ابا، هينئر اسين قبر جي
ڪنڌيءَ تي ويٺا آهيون؛ اڳيان دفتر دلين تان ڌوپي
ويا؛ ۽ دل گهريا سنگتي، جن سان حال اورجي ۽ هينئين
جا غبار لاهجن، سي سڀ برقعو مٽائي ويا: جنڊ آهي
آهوڙئي سان، ۽ گذريل ڳالهيون ۽ ڳڻ تڏهن ياد پون،
جڏهن ڪو اهڙو موقعو ملي، ۽ ڪو همدم همراهه هجي، جو
وٽ- وراڻي ڪري. پوءِ هيءُ بيت پڙهيائين):
”اوٺَر پــيم اَپـــارَ، هِنيڙو لَـٽُ لَٽي ويو،
هئا هنِـياريءَ وچ ۾، پِريَـم تنهنجا پارَ،
سُتي پيم نه سارَ، تيلانهه وَهه وَهِي ويو!
”هينئر تون آيو آهين جو اها تند تنواري اٿئي، نه ته اهڙين
ڳالهين کي ڪير پڇي!“
هيٺيان گڏ ڪيل بيت، جي ڪلام ۾ نه ڏنا ويا آهن، ۽ جي پڻ درج ڪيل
ڪلام وانگي اڃا ڇاپي جي منهن نه آيا آهن ۽ نڪي
مشهور ٿيا آهن، سي تمهيد ۾ انهيءَ لاءِ آڻيان ٿو
ته نوجوان پڙهندڙ انهن مان حظ وٺن، ۽ منجهن اتساهه
جاڳي جو اهڙي ڪم لاءِ ڪمرڪشي ڪن؛ ۽ اهڙا دُرلڀ
هيرا، جي اسان جي غفلت وچان غائب ٿيندا ٿا وڃن، تن
جي تلاش ڪن. افسوس، جو جلاوطنيءَ ۾ وڌيڪ نٿو ڪري
سگهجي.
اصل موجودات
سنگ ٻه، ٻُوڙو هڪڙو، ذاتيون لک هزار،
ثابت پڪا سنگ ۾، ڪڻا ساڻ قرار،
ٻڌي ڳاهَه فراق جي، ڪَيائون ڌاروڌار،
نڄاڻان ٻيهار، ته ڪير ملندو ڪن کـي!
- انهن چئن سٽن ۾ ڪيترو فلسفو ۽ دانائي ڌريل آهي، تنهن جو
پڙهندڙ خود اندازو ڪري سگهندا.
مُلو، مــجاور، ڪـانءُ- ٽيئي اکر هيڪڙي،
هو سَٽِ نه اچي سِڱ جي، هو نينهن نه ڳنهي نانءُ،
هو هلي ڪين حفظ سان، پُرجهِي ڌري نه پــانءُ،
اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀڃي کڻي ڀورا ڪــــجي!
- هن بيت مان وڏن جي آزمودي جي پروڙ پوي ٿي، ته سندين مشاهدي جي
قوت ڪيتريقدر نه زور هوندي هئي.
سورن جا ڍاڪون
اڻ سانڀر لاڪون، سُورَ مُئيءَ کي سِنجريا،
وڃن نٿا ويڙ مون، تِرَ جيڏا تاڪون،
اديون، ’ابوبڪر‘ چي، ڪيم فراقن ڦاڪون،
سُورَ ڍَڪي ڍاڪون، پيڪن منجهـه پِڙي ڏنا!
شاهه صاحب، ڪنهن وقت کرڪو ٻڌندي چيو:
تون وڄين ٿو گهنڊ، تو مون کي ڇونه ٻڌائيو،
ته تنهنجا سڀئي سنڊُ، هُندَ سڀ مڙهايم سون ۾؟
کرڪي زبان حال سان جواب ڏنو:
الله جي آس ڪري، جڏهن مون ٿي وڌائون لار،
رکي ميغ سنداڻ تي، گهڻو ڪُٽيس لُهار،
هڪڙي ڄَرَ ڄيري سندي، ٻيو مهترن جي مار،
تهان پوءِ تنوار، مون ۾ پــيئي پِــــرَ
جـــي!
جوڀن کي جٽاءُ نه آهي
هَي هَي، جوڀن! جاڙ ڪيتوئي، ڇورا ڪر اِوين ڇوڙ ڳِيُون:
مَين ڀايان هَلسين توڙ تائين، پر يار يارانا ٽوڙ
ڳِيون؛
حُسن حشمت لُٽ نِتوئي، ماههُ رَڳان دا روڙ ڳِيون؛
لوهه ڪَنُون لِنڱ ڏاڍي هوئي، سي هِيڻي هڏ اُلوڙ
ڳِيون؛
ڪالي ڪڍ ڪلُور ڪيتوئي، اَڇي وال وَڪوڙ ڳِيون؛
هرڪا آکي ’ماما‘ ’چاچا‘، جُٺ اها ڀي جوڙ ڳِيون؛
ڪنهن دي نال وفا نه ڪيتوئي، ڪُل ڪُون نيٺ نِهوڙ
ڳِيون؛
’حمل‘ دا ول حال نه پڇ، مـِهر مَٽان منهن موڙ
ڳِيون.
سڀ ڪنهن کي هلڻو آهي
اِهين زمين سِر صاحب آئي، ڪا هي ڪَل تنان دي؛
ڪير هوئي وت ڳِئي ڪا ڏاهِ، جو تون ٻيٺين جاه جِنان
دِي؛
لک ڪروڙين لڏ ڳئي، ڪِنہ ولدِي خبر نه آندِي؛
هرهڪ آيا هيٺ زمين دي، جو خاڪ ڳِئي ڪُل کاندِي؛
’حمل‘ هڪڙي ڇوڙ ويندي، جو آئندِي وار
ٻــِنانـدي.
ڪڏهن ڪيئن، ڪڏهن ڪيئن
ڪڏان شِير شڪر ڪَنا مِٺا هُياسين، ڪڏان کاري ڪنان کاري؛
ڪڏان تُرندي ئون بيچِ ڦُلان دي، ڪڏان باري ڪنان
باري؛
مار نه تاڙي، اُڏار نه اسان نون، ميان ’باهو‘،
اسين آبي اُڏڻ هاري.
اهڙا گهڻا سخن ماڻهن جي سينن ۾ ستل آهن- آهي ڪو، جو انهن کي
جاڳائي، نظاري نروار ڪري!
هاڻي، هن انتخاب لاءِ ٻه ٽي حرف چوڻا آهن انتخاب ڪرڻ ۾ هيءَ
ڳالهه مدنظر رکي ويئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جون
خوبيون نروار ٿين؛ ۽، اگرچ سنڌيءَ کي پراڻيءَ جوئر
جي آٽي سان مشابهت ڏني ويئي آهي، ته به ڏسجي ته
منجهس استعداد ڪيترو آهي، ۽ ڪهڙا نازڪ خيال منجهس
ادا ٿي سگهندا. اڪثر اهڙو ڪلام گڏ ڪيو ويو آهي، جو
صاف ۽ نغميدار آهي، جنهن کي سڀڪو ذوق ۽ شوق سان
جهونگاري سگهي، ۽ جنهن جي عبارت ۽ طرز آئيندي لاءِ
مثال ٿئي. اڳوڻن شاعرن جي ڪلام کي پوين جي ڪلام تي
ترجيح ڏني ويئي آهي، ڇاڪاڻ جو اهو اجائيءَ
تڪبنديءَ کان عاري آهي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي طبع تي
موزون آهي. هاڻوڪا شاعر گهڻو ڪري سگهڙ آهن:
جيستائين ڪلڪ ۽ مس هٿ ۾ کڻي، ڪاغذ تي قافين جي
لانڍ نه لکن، تيسين نظم به لُچي گهوڙي وانگر کين
لغام وجهڻ نه ڏئي- پوءِ به، گهڻيءَ قلمخراشيءَ
بعد، مس مس سنوت ۾ اچين. مگر، اڳين لاءِ شعر اندر
جي اڇل هو- گويا وهيءَ وانگر سندين دل تي لٿو ٿي.
سندن قلب کليل هو، ۽ زبان روان: بس، امنگ آيو، ۽
شعر جا موتي بي اختيار سندين زبان مان ٻاهر نڪتا؛
۽ جهڙي سانچي جا لائق هئا، تهڙي ۾ پلٽيا. بحر ۽
قافيي جي کين ڪاڻ ڪانه هئي. بلڪ بحر ۽ قافيو سندن
سلامي هئا. انهيءَ ڪري ئي سندن ڪلام ۾ رواني،
ميٺاج ۽ زور آهي، جو موجود شاعرن ۾ مشڪل لڀندو.
بيشڪ بحر، وزن ۽ تڪبندي شعر لاءِ ضروري آهن؛ پر
انهن سان گڏ جيڪڏهن دلي جوش ۽ روحاني ريلو نه
هوندو، ته شعر اڀوڳو ۽ الوڻو ٿي پوندو. تنهنڪري،
شاعرن کي گهرجي ته رڳو بندن ۽ بحرن کي چهٽي نه
پون، پر ذوق پرائين، ۽ معنيٰ ۽ مطلب جو لحاظ رکن.
خود اڳين شاعرن به بي اختيار اهڙا شعر چيا آهن، پر
انهن معنيٰ ۽ مطلب کي هرگز هٿان نه ڇڏيو آهي. هن
کان وڌيڪ ضروري ڳالهه آهي، ته شاعرن کي گهرجي ته
پنهنجي شعر جي دائري کي گهڻو وسيع ڪن. گل ۽ بلبل
جي گلا، موهومي معشوقن جا ماڻا ۽ ناز نخرا، خط ۽
خال جون خوبيون، ۽ ڏندن ۽ چپن جي تعريف- اهي سڀ
پراڻيون ڳالهيون آهن، جن کي شاعرن گهڻو ئي پٽاڙيو
۽ کوهيو آهي: انهن کي ڇڏي، نون نون مضمونن تي
شعرگوئي ڪئي وڃي. مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
انهيءَ باري ۾ گهڻي قدر ڪيو آهي، جنهن جو احوال
سندس تذڪري ۾ ڏنو ويندو؛ ۽ ’بيوس‘ پڻ گهڻي جس
لهڻي. اميد اٿئون ته ٻيا شاعر، جن مان گهڻا هن
بندي جا پڻ واقف آهن- جهڙوڪ ’فاني‘، ’مسافر‘،
’نياز‘، ’رفعت‘، وغيره ۽ جن جي ڪلام کي هن محدود
انتخاب ۾ گنجائش نه ڏني ويئي آهي، سي به ساڳي طرز
اختيار ڪندا.
سيد ميران محمد شاهه، مسٽر حيدر بخش جتوئيءَ ۽ مسٽر ’بيوس‘ جو
شڪرگذار آهيان، جو پنهنجن نظمن ڇپڻ جي موڪل ڏني
اٿن. آخر ۾ آرزو اٿم ته پڙهندڙ هن منهنجيءَ جرات
تي خندو نه وٺن، ۽ عيب جوئيءَ ۽ نڪته چينيءَ کي
نظرانداز ڪري، سهو ۽ خطا تي چشم پوشي ڪن. والله
الموفق للصواب.
باندرا،
جون، 1932ع |
مسودالاوراق،
عمر بن محمد دائودپوٽو |
|