ٻن ٽن ڏينهن کان وٺي شڪارپور جو شهر گورنر کان
سواءِ هو، اڳوڻي گورنر ڄيٺمل کي خبر پئي ته کيس
سندس ان عهدي تان هٽايو ويندو. ان ڪري هو روپوش ٿي
ويو. ان وچ ۾ حيدرآباد مان احڪام اچي ويا ته کيس
في الحال سندس عهدي تان هٽايو نٿو وڃي. سندس دوستن
کيس اطلاع اتي پهچائي ڏنو. جتي هو رهيل هو. ان بعد
هو وري ظاهر ٿيو، ۽ اڃان پنهنجي عهدي جو ڪم
سنڀاليوئي مس هئائين ته کيس اطلاع مليو، ته سندس
نئون جاءِ نشين پهچي رهيو آهي! ان تي هو ٻيهر غائب
ٿي ويو.
شڪارپور جي نئين گورنر جي عهدي تي اسماعيل
شاهه جي پٽ تقي شاهه کي مقرر ڪيو ويو هو. هو
26
تاريخ هتي پهتو، ۽ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالڻ بعد
پوليٽيڪل ايجنٽ سان ملڻ آيو، جتي هن پنهنجي آقائن
۽ سندن وزير (سندس پيءُ) طرفان خوشامد ۽ ساراهه
ڀريا پيغام پهچايا. هن افسوس ظاهر ڪيو ته سندس پيش
رو (ڄيٺمل) کي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائڻ لاءِ حڪومت جو
منصوبو ناڪام ٿي ويو. جي ائين نه ٿئي ها، ته هو هن
سونيءَ ڪڪڙ کي سونن آنن لاهڻ تي مجبور ڪري، پنهنجو
۽ پنهنجي حڪمرانن آقائن جو فائدو ڪري ها.
6
جون تي، نئون پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر راس بيل پهچي
ويو. هن جو ٻاهريون ڏيک ويک ڏاڍو هو. پر مون کي
جلد ئي معلوم ٿي ويو، ته هن جي ٻاهرين سونهن جي
شان کي سندس وڏائي ۽ خود نمائي ۽ ٺلهي کوکلي غرور
اونداهو ڪري ڇڏيو هو. هو سڀني انسانن کي پاڻ کان
گهٽ خيال ڪندو هو، ۽ سرڪاري ملازمن سان بلڪل غلامن
يا ٻانهن وارو سلوڪ هوندو هوس.
هن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو به بلڪل عجيب نموني
جو ۽ پنهنجو خاص هو، جيڪو مون اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو
هو. هن جو پنهنجي زيردستن ۾ ڪوبه ڀروسو ڪونه هوندو
هو، نه وري سندس زيردستن جي دلين ۾ پنهنجي نوڪريءَ
جي سلسلي ۾، ڏانهنس ڪو وفاداريءَ جو جذبو هو.
شاهي ڪوچ (صوفه) تي ليٽيل حالت ۾ ئي هو
پنهنجي غلام ذهنيت وارن منشين کي خط لکائيندو هو،
جن جي مجال ڪانه هوندي هئي، جو کڻي سندس اڳيان
ڪرسي، نه ته پٽ تي ئي کڻي ويهن. مَسُ ڪپڙي هنن جي
چيلهه ۾ ٻڌل هوندي هئي، ۽ بيٺي بيٺي اهو سڀ لکندا
ويندا هئا، جيڪي مسٽر راس بيل چوندو هو، پوءِ اها
ڪا عقل واري ڳالهه هجي يا محض بڪواس، ڪير اهڙي ذلت
سهي سگهندو! مون کي جيڪڏهن کڻي پوليٽيڪل ايجنٽ
جيترو پگهار ڏنو وڃي، تڏهن به هوند آءٌ هن وٽ
نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيان، پر منهنجو دوست
تريٿان سهاءِ ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ٻيا منشي ڏسجي ٿو
ته کليل پيشانيءَ سان انهيءَ ذلت جو لطف حاصل ڪري
رهيا هئا.
هڪ ڏينهن صبح جو نيرن کان پوءِ، ڪئپٽن
ايسٽوڪ مون کي پاڻ وٽ گهرايو ته جيئن اپر سنڌ بابت
سندس لکيل رپورٽ ۾ خالي ڇڏيل حصن کي آءٌ ڀري پورو
ڪريان. هو مسٽر راس بيل سان گڏ سندس ڪمري ۾ ويٺل
هو، جتي راس بيل پنهنجي منشيءَ کي لکائي رهيو هو.
مون ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڏنا، ۽ ڪمرو ڇڏڻ تي
هوس ته هن هٺيلي شخص (راس بيل) پنهنجي منشيءَ کي
هڪ جملو غلط لکايو ۽ سندس منشيءَ به ان کي ائين
لکي وري کيس پڙهي ٻڌايو ۽ وڌيڪ لکڻ جو انتظار ڪرڻ
لڳو. مون محسوس ڪيو، ته جي اهو جملو ائين رهجي
ويو، ته برطانوي مفادن کي نقصان رسندو. اهو خيال
ڪري آءٌ جملو ان جي صحيح صورت ۾ چوڻ کان رهي نه
سگهيس. ان تي هن وڏي ماڻهوءَ اهڙي ته ڇوهه مان مون
ڏي نهاريو، ڄڻ جيڪڏهن سندس وس هجي، ته مون کي ڪچو
کائي ڇڏي. آءٌ هن جي ڪاوڙ جو ڪوبه خيال نه ڪري،
پنهنجي ميز ڏانهن هليو ويس. شام جو ڪئپٽن ايسٽوڪ
مون کي ٻڌايو ته راس بيل کي مون تي سخت ڪاوڙ هئي،
جو مون سندس ڪم ۾ دست اندازي ڪئي هئي.
24
جون جي رات جو
12
بجي مهل مون کي اچي ننڊ مان اٿاريو ويو، ۽ چيو ويو
ته ايجنسيءَ جي پرائيويٽ ڪمري ۾ وڃان، جتي ڏٺم ته
ڪئپٽن ايسٽوڪ ۽ راس بيل ويٺا آهن، ۽ سندن هٿن ۾ ڪي
فارسي زبان ۾ لکيل خط آهن. آءٌ ويٺس مس، ته مسٽر
راس بيل فرينچ زبان ۾ ڪجهه چيو، منهنجو اندازو هو
ته هن ڪئپٽن ايسٽوڪ کان پڇيو ته مون تي اعتبار ڪري
سگهجي ٿو يا نه. ان ڳالهه جي تصديق ملڻ تي ڪاغذات
مون کي ڏنا ويا، ته اهي پڙهي انهن جي سمجهاڻي
ڏيان. مون ائين ڪيو. منهنجو خيال آهي ته اهي ڪاغذ
هن وڏي ماڻهوءَ جي ڪنهن تيز دماغ ملازم پڪڙيا هئا.
راس بيل انهن جا نوٽ ورتا. ان بعد هن ڏهاڪو منٽ
فرينچ زبان ۾ ڪئپٽن ايسٽوڪ سان ان مسئلي بابت بحث
مباحثو ڪيو. جنهن کان پوءِ مون کي هڪدم فتح محمد
خان غوريءَ لاءِ هڪ اهم پيغام کڻي سکر رواني ٿيڻ
جو حڪم ڏنو ويو.
مان ساڳئي رات هڪ بجي مهل شڪارپور مان
روانو ٿيس، ۽
11
بجي صبح جو فتح محمد خان جي ڪئمپ ۾ پهتس. کيس
پيغام پهچايم ۽ ساڻس گڏ ناشتو ڪيم. ان کان پوءِ
پاڻ کي ۽ پنهنجي گهوڙي کي سج جي تپش کان بچائڻ
لاءِ اجهو حاصل ڪري وڃي، پاڻ کي اتي لڪايم. هتي
پنهنجي مهم بابت هڪ رپورٽ لکي گهوڙي سوار هٿان
ڪئپٽن ايسٽوڪ ڏانهن رواني ڪيم. ان بعد
4
ڪلاڪ کن نالي ماتر آرام ڪيم. جنهن وڻ جي ڇانوَ هيٺ
آءٌ آرام وٺي رهيو هوس، اتي پارو
112
ڊگري گرمي ڏيکاري رهيو هو.
3
بجي منجهند کان پوءِ مان واپس شڪارپور روانو ٿيس،
۽ ٿڪجي ٽٽجي رات جو ساڍي يارهين بجي مهل شڪارپور
پهتس.
24 جولاءِ
تي مون کي حڪومت حيدرآباد جي وزير سيد اسماعيل
شاهه جي ملاقات لاءِ وڃڻ جا حڪم مليا، جو ڪلڪتي
ڏانهن ويندي، ان ڏينهن شڪارپور پهتو هو.
85
ورهين جو پوڙهو، مگر هڪ بيحد حريص شخص هو. هن کي
اٺ پُٽ آهن، جيڪي اٺ ئي حڪومت جي مکيه ۽ ذميدار
عهدن تي آهن. چون ٿا ته وٽس
5
لک رپيا نقدي موجود آهي، ۽ ان کان
سواءِ ڪيترا پنهنجا ڳوٺ اٿس. منهنجي نظر ۾ ايتري
دولت تي کيس تسليٰ ڪرڻ کپندي هئي، پر هو آخري دم
تائين هميشه وڌيڪ دولت حاصل ڪرڻ جي پٺيان رهيو.
29
جولاءِ تي ڪئپٽن ايسٽوڪ کي واپس حيدرآباد موٽڻ ۽
اتان جي ريزيڊنسيءَ جي اچي چارج وٺڻ جا حڪم مليا.
مان سمورن ڪاعذن جا نقل اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ،
ڪئپٽن پوسٽنس جي حوالي ڪري حيدرآباد موٽڻ جي تياري
ڪرڻ لڳس.
شڪارپور ۾ موڪلاڻيون:
جن دوستن سان مون الوداعي موڪلاڻيون ڪيون،
تن ۾ عبدالرحمان دراني به هو. انگريزن جي نظر ۾
هيءُ بزرگ نهايت مهذب ۽ اعليٰ تمدن وارو ماڻهو هو،
ڇوجو هن پنهنجي بيگم کي بنا پردي سندس دوستن سان
ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي. مون کي پڻ خوش
قسمتي سان ڪيترا دفعا هن جي بيگم صاحبه سان ملڻ ۽
ساڻس گفتگو ڪرڻ جو موقعو مليو هو. هن دفعي هنن
ٻنهي زال مڙس مون کي پنهنجي گهر دعوت طعام ڏني
هئي. بيگم صاحبه شڪارپور جي شايد حسين ترين عورت
هجي. هوشياري، دانائي، تدبر ۽ لياقتن ۾ هوءَ
پنهنجي سادي سودي خاوند کان گهڻو وڌيڪ هئي. هن جي
نڪ جي مهار سندس بيگم صاحبه جي ئي هٿ ۾ معلوم ٿي
ٿِي.
عورتن کي گهر جي چؤديواريءَ اندر بند رکڻ
کي انگريز غلط ۽ نقصانڪار سمجهندا آهن، پر اسان
مسلمانن جي نظر ۾ اها هڪ بلڪل ضروري ۽ خوبيءَ واري
ڳالهه تصور ڪئي وڃي ٿي. انگريزن وٽ زالن کي مڪمل
آزادي ۽ کين خانگي يا کليو کلايو مردن سان گڏ گهمڻ
يا ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي. پر ڪمزور جنس هئڻ ڪري
ڪيتريون ئي عورتون مردن جي وحشيانه سازشن ۽
چالبازين جو شڪار ٿين ٿيون. هن آزاديءَ ڪيترن ئي
ناميارن خاندانن جي عزت ٻوڙي ڇڏي آهي. چيو وڃي ٿو
ته فقط اڪيلي لنڊن جي شهر ۾ اسي هزار عورتن جا
نالا بلئڪ رڪارڊ (سياه دفتر) تي لکيل آهن. دنيا جي
هن وڏي ۾ وڏي شهر جي هڪ گهٽي ريجنٽ اسٽريٽ ۾
هڪڙيءَ شام جو چڪر هڻو ته توهان کي اتي ڪيتريون ئي
حسين ۽ جميل ٺاٺ دار عورتون ملنديون، جن کي سندن
دوستن يا عزيزن آزاد ڇڏي ڏنو آهي. يا حالتن کان
لاچار ٿي هو سياه ڪرتوتن ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويون
آهن. انهن حالتن لاءِ ڪير جوابدار آهي؟ منهنجي نظر
۾ انهن حالتن جي سموري ذميواري تهذيب ۽ تمدن
سيکاريندڙن جي ڏنل آزادي تي آهي.
مان ائين ڪونه ٿو چوان ته ڪو سموريون مسلم
عورتون پاڪباز ۽ بلند اخلاق آهن. نيڪي ۽ بدي هميشه
گڏوگڏ رهن ٿيون ۽ اهڙي شايد دنيا ۾ ڪابه قوم نه
هوندي جا سؤ سيڪڙو محض نيڪيءَ جي زندگي بسر ڪندي
هجي. اسلامي قانون ۽ ريتن رسمن جون عورت ذات جي
مٿان جيڪي پابنديون آهن، سي مان خاطريءَ سان چوندس
ته گناه ۽ بڇڙائيءَ جي واڌاري کي روڪڻ ۽ نيڪيءَ
ڏانهن مائل ڪندڙ آهن. مسلم عورتن جو وقت
5
دفعا نماز، گهر جي رڌڻ پچائڻ، ٻارن جي پرداخت ۽
سبڻ ۾ صرف ٿئي. ان ڪري کين پنهنجي چاهيندڙ جي خيال
ڪرڻ جي فرصت ئي ڪانه هوندي آهي. انهن جون شاديون
سندن مائٽ ڪرائيندا آهن. جي سندن گهڻ گُهرا ۽
دنياوي معاملن ۾ کانئن گهڻو وڌيڪ تجربيڪار هوندا
آهن، عام طرح ڪنوار کي شاديءَ کان اڳ ڪنهن سوراخ
يا پردي مان پنهنجي ٿيڻ واري گهوٽ کي ڏسڻ جو وجهه
ڏنو ويندو آهي، جيسين ٻئي ڌريون شاهدن جي روبرو هڪ
ٻئي سان شادي ڪرڻ بابت پوري سمجهه سان قبوليت نه
ڏين، ۽ اها تصديق حڪومت جي طرفان مقرر ڪيل عملدار
(قاضي) باقاعدي رجسٽر تي داخل نه ڪري.
ان طرح ڪيترن ئي دائمي جهڳڙن ۽ دشمنين کان
بچي وڃجي ٿو، جيڪي مقابل ڌرين جي دلين کي اڪثر
آلود ڪري ڇڏينديون آهن. هن قسم سان ٿيل شادين ۾
جهڳڙن جو ڪو بنياد ئي ڪونه رهندو آهي.
مختصر لفظن ۾ عورتن جي مردن کان علحدگي
کين گهڻن فريبن ۽ آزمائشن کان بچائي ڇڏي ٿي، جيڪي
اول ذهن کي خيالي خوشين جي چڪر ۾ وجهي، پوءِ هميشه
لاءِ تلخ پڇتاءُ ۽ پشيمانيءَ ۾ مبتلا ڪري ٿا ڇڏين.
يورپ ۾ حسن کي جيڪا سرفرازي ۽ ڪامراني حاصل ٿي
ٿئي، اها اسان جون عورتون چکن ئي ڪين ٿيون. ان ڪري
طاقت وڃڻ جو ڏک ۽ ڪومائيندڙ حسن جي حسرتن جي آزار
کان هو آجيون رهن ٿيون.
حيدرآباد واپسي:
12
آگسٽ
1839 تي،
اسين شڪارپور مان حيدرآباد روانا ٿياسون. ڪئپٽن
ايسٽوڪ وڏي مشڪلات سان پنهنجي ملاقاتين جي انبوهه
کان پنهنجي جند ڇڏائي سگهيو، جي کيس الوداع ڪرڻ
آيا هئا. منجهانئن ڪي ته اسان کي ان وقت اچي مليا،
جڏهن اسين شهر کان پنجن ڇهن ميلن تي نڪري چڪا
هئاسون. شهر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي درياءَ جي
هڪ شاخ (سنڌ واهه) ۾ اسان جي لاءِ ٻه وڏيون
تراکڙيون ٻيڙيون ميسر ڪيون ويون هيون. هن موسم ۾
پاڻيءَ جي چاڙهه جي ڪري ٻيڙيءَ مان آسپاس جو
نظّارو نهايت دلڪش نظر ايندو هو. پنهنجي هن سفر ۾
اسان کي ٽن دشمنن سان منهن ڏيڻو پيو، سج جي گرمي،
ٻيڙيءَ جا ڪُئا ۽ درياءَ جا مڇر، سج جي اُتت سڄو
ڏينهن اسان کي ستايو ٿي، رات جو ڪُئن اسان کي بي
آرام ٿي ڪيو ۽ مڇر وري سڄي رات اسان جو رت ڇوسيندا
رهندا هئا. چئن ڏينهن جي مسافري ۽ واهه ۾ ٻيڙين جي
ڇڪ ڇڪان کان پوءِ
15
تاريخ اسين وري سکر پهتاسون. هتي ٻئي ڏينهن تي مون
کي ڪئپٽن ايسٽوڪ جي ننڍي ڀاءُ سان ملڻ جو وجهه
مليو، جنهن کي پوليٽيڪل ايجنٽ جو نائب مقرر ڪيو
ويو هو. مون ڏٺو ته هو ايشيا جي ڪيترين ئي ٻولين
جو ڄاڻو هو. اسين هڪ هفتو سکر ۾ رهياسون. هتي ئي
اسان کي سر جان ڪين جي غزنيءَ فتح ڪرڻ جي خوش خبري
ملي.
اپر سنڌ ۾ سياسي حالتون تيزيءَ سان
بگڙنديون پئي نظر آيون. اتان جي نئين پوليٽيڪل
ايجنٽ ڏسجي ٿو ته گهڻو وقت جهيڙن جهٽن ۾ پئي صرف
ڪيو. خاص طرح برگيڊيئر جنرل سان، سندن هن قسم جي
روش ظاهر هو ته نقصان ڪار هئي.
24
آگسٽ، اسين سکر مان نڪتاسون، ۽
28
آگسٽ تي سڀ صحيح سلامت حيدرآباد پهچي وياسون. اسان
هتي ڪئپٽن ليڪي جي صحبت ۾ پنج ڏينهن ئي مس گذاريا،
ته ڪئپٽن ايسٽوڪ کي بخار اچي ويو، جنهن ڪري هن کي
مجبور ٿي ٺٽي جي رستي ڪراچيءَ روانو ٿيڻو پيو. مون
کي ۽ اسان جي اسباب کي ٺٽي ۾ ڇڏي، هو اتان سڌو
ڪراچيءَ روانو ٿي ويو. مون کي به بخار اچي رهيا
هئا، پر ڪنهن ڊاڪٽري بندوبست نه هئڻ ڪري مون
پنهنجو علاج پاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ سنامڪي ڪتب
آندم ۽ ناگد ئون يا افسنتين جا پوسارا پيتم، ناگد
ئون تي خودرو ۽ عام جام ٿيندو آهي.
15
سيپٽمبر تي ڏينهن ڪافي گرم هو، پر رات ٿڌي ۽ ڏاڍي
وڻندڙ هئي. آسمان تي هرطرف تارن جي جهرمر لڳي پئي
هئي. ايتري ۾ ڪنهن مهل اوچتو ڏکڻ کان ڪارا ڪڪر
چڙهيا ۽ ٿوري دير ۾ اڳوڻي سُهڻي نظاري عوض سارو
آسمان اونداهي چادر سان ڍڪجي ويو. جهٽ ۾ طوفان ۽
وڄن جي چمڪاٽ سان ڏاڍو سخت مينهن وسڻ شروع ٿي ويو.
سنڌ ۾ گذريل چئن مهينن ۾ مون ٽي طوفاني
برساتون ڏٺيون هيون، پر هيءَ سڀني کان زور هئي.
ڪيترن ئي عملدارن جا تنبو طوفان اڏائي ڇڏيا.
منهنجو ننڍڙو تنبو پٿر ۾ کُتل لوهي سيخن سبب سلامت
رهيو. جيتوڻيڪ اندر ٻه فوٽ پاڻي گڏ ٿي ويو هو،
جنهن ۾ منهنجو بسترو ۽ سمورو فرنيچر تري رهيا هئا.
ڏيڍ ٻه ڪلاڪ ساندهه اها حالت هئي. خوش قسمتيءَ سان
ساڍي اٺين ڌاري، برسات بند ٿي وئي. اسان پسيل ڪپڙن
۾ ئي اها رات گذاري.
20
تاريخ تائين هڪ نه ٻئي ڏينهن اها مينهوڳي هلندي
رهي.
وحشتناڪ نظارو:
28
تاريخ شام جو، مون کي نهايت ئي وحشتناڪ نظارو ڏسڻ
۾ آيو. ديسي پيادهه فوج جي
26
ريجمنٽ جي
2
ڪمپني جي هڪ سپاهيءَ پنهنجن ٻارن جو خون ڪري. پاڻ
آپگهات ڪري ڇڏيو. هو
30
ورهين جو مرهٽو سپاهي هو. ڏهه
ڏينهن اڳ سندس نهايت ئي پياري عورت ٻار ڄڻڻ بعد
ويم ۾ گذاري وئي هئي، ۽ ٻارن جي سنڀال جو سمورو
بار، هن جي مٿي تي اچي پيو هو. انهن ۾ هڪڙو
5
ورهين جو، هڪ ٽن جو ۽ ٻيو تازو ڄاول ٻار هو. ان
کان سواءِ هن کي انگريزي فوج جي هڪ سپاهيءَ واريون
نهايت سخت ڊيوٽيون پڻ ڪرڻيون پيون ٿي. انهن
مشڪلاتن ۽ مصيبتن کان گهٻرائجي، هو ويچارو پنهنجو
هوش وڃائي ويٺو ۽ سندس عقل کيس سواءِ ان جي ٻيو
ڪوبه رستو نه ٻڌائي سگهيو ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي
معصوم ٻارن جي زندگين جو انت آڻي. چنانچه رات جو
ڏهين بجي مهل، هن اول پنهنجي ٻن وڏن ٻارن جون
سسيون وڍي کين خون ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي بندوق هڻي
ماري وڌائين. هنن جي لاشن کي ڏسي آءٌ پنهنجي لڙڪن
کي روڪي نه سگهيس، ۽ هنن جي بي بختيءَ جي خيال هيٺ
منهنجي سڄي رات بي آراميءَ ۾ گذري وئي.
5
هفتن جي غير حاضريءَ کان پوءِ
19
آڪٽوبر تي ڪئپٽن ايسٽوڪ ٺٽي واپس موٽيو، ۽
21
تاريخ اسين وري حيدرآباد ڏي روانا ٿي وياسون. جيئن
اتي پهچي ريزيڊنسيءَ جو ڪم سنڀاليون. هينئر
اوڏانهن اوڀاري وڃڻ ڪري اسان کي چار ڏينهن لڳي ويا
۽ ٻيڙيءَ کي گهلي
25
تاريخ مس حيدرآباد پهتاسون. اتي پهچڻ تي مون ڏٺو
ته منهنجي دوست ڪئپٽن ليڪي کي تپن هڻي پڄائي ڇڏيو
هو، ۽ هو بلڪل هڏن جو پڃرو پئي لڳو.
29
تاريخ مون کي به سخت تپ ٿي پيو، جو هفتي تائين
روزانه وڌندو پئي رهيو. هنن تپن منهنجو ست ئي ڪڍي
ڇڏيو هو. آءٌ اهڙو ته ڪمزور ٿي ويس جو سهاري کان
سواءِ هنڌ ۾ پاسو به ورائي ڪونه ٿي سگهيس. ڪئپٽن
ايسٽوڪ هيءُ وقت منهنجي صحت لاءِ اهڙو ته انتظام
پئي ڏيکاريو، جهڙو هوند ڪو پيءُ پنهنجي پُٽ لاءِ
ڏيکاري. شل خداوند ڪريم کيس پنهنجي هن درياءَ
دليءَ جو اجورو بخشي!
هتي ڪو ڊاڪٽر ته هوئي ڪونه، جنهن جي کڻي
مدد وٺجي، ان ڪري مون اهوئي سنا ۽ ناگد ئون وارو
نسخو آزمايو. نائين ڏينهن نيٺ بيماريءَ گهٽجڻ شروع
ڪيو. ان کان پوءِ کنڊ جي ٿڌن شربتن مون کي آرام
ڏنو، ۽ ٽن ڏينهن اندر آءٌ پاڻ کي بلڪل ڀلو محسوس
ڪرڻ لڳس، پر تپن منهنجو اهڙو حال ڪري ڇڏيو هو، جو
ڪجهه ڏينهن تائين مون ۾ اٿي بيهڻ يا هلڻ جي به
سگهه ڪانه هئي، هاڻي رمضان جو مهينو به شروع ٿي
چڪو هو، پر ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ روزا رکي نه
سگهيس.
انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ دفعي صبح جي پهر، مون
سير پئي ڪيو ته هڪ نوجوان جنهن کي هٿ ۾ هڪڙي سادي
لٺ ۽ ڪلهي تي هڪ ڳٺڙي هئي، سو سڌو مون وٽ آيو، ۽
هڪ پڪي مسلمان وانگر سلام ورائي مون کان پڇيائين
ته وڏو صاحب ريزيڊنسيءَ ۾ آهي يا نه؟ ڇا هو ساڻس
ملي سگهي ٿو؟ مون کيس ڪو پينو مسافر سمجهي رکو
جواب ڏنو ۽ پٺ ورائي ويندو رهيس. ان بعد هو
ريزيڊنسيءَ جي دروازي وٽ آيو، پر چوڪيدارن سندس
برا حال ڏسي کيس اندر وڃڻ نه ڏنو، پوءِ هو پويان
هڪ وڻ هيٺان وڃي ويٺو، ۽ پنهنجي ڳوٿريءَ مان
مانيءَ جا ٽڪر ڪڍي، انهن کي کائڻ ويهي رهيو. مان
پنهنجو صبح جو سير پورو ڪري جاءِ تي موٽيس ۽ نيرن
ڪرڻ ويٺس ته هن نوجوان پينو فقير جي بدحاليءَ جو
خيال آيم، ۽ پنهنجي نوڪر کي ڪجهه ماني ٽڪر ۽ ٿوري
ترڪاري هن کي ڏيڻ جو حڪم ڏئي روانو ڪيم. پر ان
فقير جو ڪٿي به پتو نه پيو. شام جو جڏهن مان ڪي
ڪاغذات کڻي صحيحن لاءِ ڪئپٽن ايسٽوڪ وٽ پهتس ته
منهنجي حيرت جي ڪا حد ئي نه رهي، جو ڏٺم ته اهو
ساڳيو نوجوان ڪئپٽن ايسٽوڪ سان گڏ ميز تي ويٺو هو
۽ ساڻس اعليٰ درجي جي صاف انگريزي زبان ۾ ڳالهيون
ڪري رهيو هو. ڪئپٽن ايسٽوڪ هن سان منهنجو تعارف
ڪرايو. هن جو نالو مسٽر ڪرزن هو. مون پوءِ معلوم
ڪيو ته هو هڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪيل ۽ نهايت قابل
ماڻهو هو. هندستاني فارسي ۽ عربي زبان ۾ هو اهڙو
ته ماهر هو، جو صبح جو هو مون کي دوکو ڏئِي ويو
هو. مون هن کي ڪو ديسي ماڻهو سمجهي ڏانهس ڪوبه
توجهه نه ڏنو هو. هو ان حالت ۾ ئي ڪلڪتي کان هتي
پهتو هو.
21
نومبر تي هو وري به ويس بدلائي اسان کان موڪلائي
ترڪيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو. خوش قسمتيءَ سان
منهنجي پوءِ ساڻس وري
1844
۾ لنڊن ۾ ملاقات ٿي.
قلات جي خان جي شهادت:
27
تاريخ، اسان کي سرڪاري طرح اطلاع مليو ته خان
محراب خان شهيد ٿي ويو آهي، ۽ قلات تي قبضو ڪيو
ويو آهي.
ٻئي ڏينهن ميرن کي سرڪاري طرح انگريزن جي
انهيءَ سوڀ جو اطلاع ڏنو ويو. جنهن تي ميرن حڪم
جاري ڪيا ته ان فتح جي خوشيءَ ۾ قلعي کان
21
توبن جي سلامي ڇوڙي وڃي، ۽ سڄي حيدرآباد ۾ خوشيءَ
جا ڏيا ٻاريا وڃن. خانگي طرح ملندڙ احوالن مان
ظاهر هو ته ميرن کي قلات جي شڪست ۽ محراب خان جي
شهادت جو سخت ارمان ٿيو آهي. جو محراب خان سان نه
فقط سندن دوستانه تعلقات، پر سڱابنديءَ جي ڪري
عزازت پڻ هئي. مير محمد جي والد مير غلام علي خان
جي محراب خان جي همشيره سان شادي ڪيل هئي. دنيا جا
اهي عجيب رنگ آهن. ڀاڻيجي کي پنهنجي مامي جي موت
جو جشن ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پوي ٿو.
1 ڊسمبر
تي، ڪئپٽن ايسٽوڪ کي وري بخار ٿي پيو، جنهن ڪري هو
هڪدم بستري داخل ٿي ويو. هن جو اهو بخار سڄو هفتو
وڌندو رهيو. ان وچ ۾ هو نهايت ڪمزور پڻ ٿي چڪو هو.
انهيءَ ڪري ڪراچي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
8
ڊسمبر تي شام جو، ريزيڊنسيءَ کي
11
ريجمنٽ جي ليفٽينٽ وائيٽ جي چارج ۾ ڏئي، اسين
روانا ٿي وياسون.
10
تاريخ اسين وري به ٺٽي پهچي وياسون، ۽
11
تاريخ ڪراچيءَ پهتاسون. اسان جي نوڪرن جي به اسان
وانگي خراب حالت هئي. اسان جي نوڪرن مان هڪڙو حسين
نالي نهايت قدآور ۽ تنومند هوندو هو، ۽ فقط هڏا
وڃي بچيا هئس. هو پور بندر جو هو. هڪ سنڌي ٻيڙي ان
طرف وڃي رهي هئي. ان جو وجهه وٺي مون کيس اوڏانهن
موڪلي ڏنو.
هنن جي حالتن کي ڏسي مون کي به وڏا خطرا
محسوس پئي ٿيا. ان ڪري مون ڪئپٽن ايسٽوڪ کي ٽن
مهينن جي موڪل لاءِ درخواست ڏني، جا هن منظور ڪئي،
۽ مون کي منهنجي خدمتن لاءِ هڪ عمدو سرٽيفڪيٽ پڻ
ڏنو. هن پنهنجو هڪ نوڪر عبدالڪريم نالي منهنجي
حوالي ڪيو ته منهنجي گهر پهچڻ تائين هو مون سان
ساڻ رهي، ۽ منهنجي سار سنڀال ڪري.
سنڌ مان واپسي:
هن وقت سورت طرف ڪابه ٻيڙي وڃڻ واري ڪانه
هئي. ”رحمتي“ نالي هڪڙو سنڌي واڻ قاسم ناکئو سڪل
مڇي کڻي بمبئي ڏانهن وڃي رهيو هو. منهنجي پڇا ڪرڻ
تي ناکئي مون کي چيو ته هو واٽ تي مون کي ڪنهن به
ويجهي بندر تي لاهي سگهي ٿو. مون کيس چيو ته ”قاسم
آءٌ هوند وڏيءَ خوشيءَ سان تنهنجي ٻيڙيءَ تي هلان،
پر اها تمام ننڍي آهي ۽ منهنجي صحت ٺيڪ نه آهي. ان
ڪري سمنڊ جا لوڏا منهنجي طبيعت ڪٿي وڌيڪ خراب نه
ڪري وجهن.“ ٿلهي متاري قاسم هڪدم وراڻيو، ”دوست
تون ڪوبه فڪر نه ڪر، آءٌ تنهنجي لاءِ هڪ ننڍڙي
ڪيبن (ڪوٺڙي) خالي ڪرائيندس، جتي توکي ڪنهن به قسم
جي بوءِ ڪانه ايندي. باقي جيتري قدر سامونڊي سفر
جي بيماريءَ (الٽين وغيره) جو تعلق آهي، جي اهي
توکي ٿيون ته انهن جو پاڻ سٺو اثر ٿيندو ۽ سمنڊ
جون هيرون تنهنجي صحت کي سڌاري ڇڏينديون.“
انهن آسرن ۽ حوصلي افزائيءَ تي لڳي، مون
هن ٻيڙيءَ کي روبرو وڃي ڏسڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي،
۽
19
ڊسمبر تي پنهنجو سامان سڙو ”رحمتيءَ“ تي چاڙهڻ
لاءِ موڪلي ڏنو.
20 تاريخ
مون پنهنجي آقا سان موڪلاڻي ڪئي ۽ سندس ڪاميابيءَ
لاءِ دعائون ڪندي، کيس خداحافظ چيم. هتان جو گورنر
صادق شاهه مکيه واپاري سيٺ نائون مل دڪي تائين مون
کي اماڻڻ آيا، جتي مون ساڻن هميشه لاءِ الوداع
ڪيو، هتان هڪ ڊگهي ڊونڊيءَ ۾ چڙهيس، جنهن اچي مون
کي ”رحمتي“ ۾ چاڙهيو.
هتي پهچڻ تي مون کي ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو ته
سڄي ٻيڙي ننهن کان چوٽيءَ تائين سڪل مڇيءَ سان ڀري
پيئي هئي. خود جيڪا ڪئبن مون لاءِ مخصوص ڪرڻ جو
وعدو ڪيو ويو هو، ان ۾ به مڇيءَ جا بنڊل پکڙيا پيا
هئا، ناکئو پاڻ اڃا ڪونه آيو هو. ۽ ٻيڙيءَ تي ڪوبه
اهڙو مکيه ماڻهو موجود ڪونه هو، جنهن سان هن سوال
بابت ڳالهائي سگهجي. مون خلاصين سان ڳالهايو ۽ کين
ٻڌايم ته جيڪڏهن هو منهنجي لاءِ ڪئبن کي صاف نه
ڪندا، ته آءٌ ٻيڙيءَ تي سوار ڪونه ٿيندس. هنن
نهايت فضيلت سان ڳالهايو ۽ چيائون ته آءٌ ناکئي جي
اچڻ تائين ترسان، ته پوءِ منهنجي آسائش جو هرڪو
انتظام ڪيو ويندو.
ان بعد مون وڃي ٻيڙيءَ ۾ مٿاهين پاڇيل تي
پنهنجو هنڌ وڇايو، ۽ چوڌاري ڪجهه عطر هاري ڇڏيم،
بستري ڪرڻ بعد مون وهاڻي تي مٿو ئي مس رکيو، ته
مون کي ننڊ کڻي وئي ۽ ان وقت تائين سڌ ڪانه پيم
جڏهن صبح جو لنگر کنيو پئي ويو. ان مهل ناکئن جي
رڙين ۽ هڪلن تي منهنجي اک کلي وئي. اسين سڀ مسلمان
هئاسون ۽ تلاوت ڪلام پاڪ ۾ لڳي وياسون. جو اڪثر
اهڙن موقعن تي ڪلام مجيد جا حصا پڙهيا ويندا آهن.
الله جي نالي ۾ اڳتي وڌڻ ۽ بيهڻ وقت، جو الله
مهربان ۽ ٻاجهارو آهي.
صبح جي وڻندڙ هيرن تي اسان جي ٻيڙي
سولائيءَ سان جهٽ پٽ ڪنارو ڇڏي آئي ۽ کن ۾ ڪراچي
اسان جي نگاهن کان اوجهل ٿي چڪي هئي. 21 تاريخ جي
شام جو اسين گهوڙا ٻاريءَ جي سامهون اچي پهتاسون،
۽
22
تاريخ آءٌ پنهنجي دوربينيءَ جي وسيلي ڪڇ جي ڪناري
کي ڏسي پئي سگهيس.
23
تاريخ اسين مياني وارين ٽڪرين جڳت نقطي وٽ
پهتاسون، ۽ اتان اڳتي لنگهي وياسون،
24
تاريخ هوا جي بلڪل بند هئڻ ڪري اسان جي رفتار ڏاڍي
گهٽ هئي. ناکئي منهنجي ڪئبن صاف ڪرائي ڇڏي ۽
پنهنجي ماڻهن کي هدايت ڪئي ته هو منهنجي هر ڪم جي
پوريءَ طرح بجا آوري ڪن. ڏينهون ڏينهن بدبوءِ پڻ
گهٽ ٿيندي وئي، شايد منهنجو نڪ ان تي هري چڪو هو.
25
تاريخ اربع تي، ناتال جو ڏينهن هو، اسين بلاول پتڻ
جي سامهون پهتاسون. هن کان پوءِ ”رحمتيءَ“ تي وڌيڪ
سفرڪرڻ منهنجي برداشت کان ٻاهر ٿي چڪو هو. مون
قاسم کي چيو ته مون کي اتي ئي لاهي ڇڏي. جنهن جي
هن هڪدم تعميل ڪئي، مون هڪ دوست جي حيثيت ۾ ساڻس
موڪلاڻي ڪئي، ۽ ڪجهه رپيا هن کي ڏنا، جيڪي هن شڪر
ادائي سان قبول ڪيا.
(هيءُ جهوناڳڙهه رياست جو ڪنارو هو. هتان لطف
الله خشڪيءَ رستي پنهنجي وطن سورت ڏانهن روانو ٿي
ويو ۽ وري سنڌ ۾ واپس نه آيو- مترجم.) |