سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جو سفر

باب:

صفحو:4 

مون جواب ڏنومانس ته ”مون کي هن جو ڪوبه ڀئو ڪونهي، ڇو ته جيڪڏهن منهنجي قسمت جي ڪتاب ۾ لکيل ئي ڪونه هوندو، ته وڇون مون کي هرگز ڏنگ هڻي ڪين سگهندو.“ ائين چئي مون وڇون جي اڳيان  مٽيءَ  جو  هڪڙو ٽڀو رکيو، جنهن ۾ وڇون سُري اندر هليو ويو، ۽ مون ان جي منهن کي هڪدم مٽيءَ جو ليپو ڏياري بند ڪري، ان کي ڪلاڪ لاءِ باهه جي مچ ۾ وجهايو، جيئن وچون  سڙي رک ٿي وڃي. هن ريت سڙيل وڇونءَ جي رک جو هڪڙو ڪک درد قولنج لاءِ اڪسير سمجهيو ويندو آهي.

        مون کي معلوم ٿيو ته شڪارپور جي ڪُل آمدني ان جي پسگرداين سميت سالانه ٽي لک کن روپيا آهي. هن آمدنيءَ کي ست حصا ڪيو ويندو آهي، جن مان 4 حصا حيدرآباد وارن ميرن هرهڪ نورمحمد خان ۽ نصير خان کي ملندا آهن. باقي ٽي حصا خيرپور وارن ميرن کي ملندا آهن. جن مان وري ٻه مير رستم خان کي ۽ هڪڙو مير مبارڪ خان ڏي ويندو آهي. حيدرآباد ميرن جو حصو ڄيٺمل کي 14 هزار ۾ ٺيڪي ۾ مليل آهي. ڄيٺمل اول شراب جو دڪاندار هو، پر سندس اثر ۽ قابليت کيس ميرن وٽ مقبول بنايو. هو قدآور ۽ بت ۾ ڀريل مڙس آهي، ۽ چوندا آهن ته روزانه رات جو مانيءَ تي هو اڪيلي سر ڇيلو کائي ۽ برانڊيءَ (شراب جو قسم) جي بوتل پي ويندو آهي.

        منهنجي دوست ڄيٺ سنگهه بئنڪر کان مون کي معلوم ٿيو، ته خيرپور جي ڪل آمدني اٽڪل 5 لک رپيا سالانه آهي، جنهن کي پنج حصا ڪيو ويندو آهي. ٽي حصا مير رستم خان کي، هڪ حصو مير مبارڪ خان کي ۽ باقي هڪڙو خاندان جي باقي ماڻهن کي ملندو آهي.

        12 تاريخ صبح جو، ڪئپٽن ايسٽوڪ کي اطلاع مليو ته بلوچ ڌاڙيلن جي هڪ وڏي ٽولِي انگريزي لشڪر جي تاڙ ۾ هتان 30 ميلن جي مفاصلي تي لڪي ويٺي آهي. ڪئپٽن ايسٽوڪ بلوچن تي اوچتي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اٽڪل ويهارو کن گهوڙي سوارن سان منجهند مهل، هو ڪئمپ مان روانو ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير انهيءَ جاءِ تي پهتو. هتي پهچڻ تي هن رک جا ننڍا ننڍا ڍير ڏٺا، جن مان ظاهر هو ته هنن رات جي ماني اتي پچائي هئي. سندن گهوڙن جي لِڏ پڻ پکڙي پئي هئي. رک بلڪل ٿڌي، لِڏ ڪافي خُشڪ ڏسي ڪئپٽن اندازو لڳايو ته هو 7-6 ڪلاڪ اڳ ۾ ئي اهو هنڌ ڇڏي ويا هئا. شام جو دير سان گرم ڏينهن جي مسافري تان ٿڪي ٽٽي هو واپس موٽيو.

بلوچن کي منهن ڏيڻ جو نئون طريقو:

        هاڻي ڪئپٽن ايسٽوڪ محسوس ڪيو ته بلوچ ڌاڙِيلن جو مقابلو به فقط بلوچ ئي ڪري سگهندا. انهيءَ ڪري هن مڪاني باشندن منجهان ئي هڪ فوجي دستو تيار ڪرڻ جو خيال ڪيو. انهيءَ خيال کان هن سرڪار کي درخواست ڪري اهڙي اجازت گهري، پر سرڪاري طرح کيس اهڙي اجازت ملي ئي ملي، تنهن کان اڳ ۾ هن پنهنجي ئي ذميداريءَ تي پنهنبجي ان تجويز تي عمل به شروع ڪري ڏنو. انگريزن خلاف رهزني ڪاررواين ۾ ڊومبڪين، جکراڻين، بگٽين، مرين، مزارين، لغارين، بليدين، رندن ۽ بروهين جو گهڻي ۾ گهڻو حصو هو.

        انهن قبيلن سان کوسن ۽ ڪهيرين جي سردارن جو تڪرار هو، انهيءَ ڪري ڪئپٽن ايسٽوڪ جي نظر انتخاب انهن ٻن قبيلن جي سردارن تي پيئي.

 

        سڀ کان اول سردار قادر بخش کوسي اسان جي ملازمت اختيار ڪئي. هو 25 ورهين جوخوبصورت نوجوان هو. ساڻس 50 گهوڙي سوار به ملازمت ۾ آيا.

        هو سڀني کوسن ۽ ٻين انهن ماڻهن جو سالار ٿيڻو هو، جيڪي سندس معرفت ڀرتي ٿيڻ وارا هئا. منهنجو ڪم هاڻي ڏاڍو ڏکيو هو. مون کي انهن جهنگلي ماڻهن ۽ سندن گهوڙن جا نالا ۽ نشان باقاعدي رجسٽر ۾ داخل ڪرڻا هئا.

        مون جڏهن سندن نالا ۽ نشان داخل ٿي ڪيا، تڏهن منجهانئن ڪي دل کولي کليا، ۽ ڪن ته مون کي سچ پچ جادوگر سمجهيو ۽ مون کي آزمائڻ لڳا، ته آءٌ سندن نالو هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ڪتاب ۾ ڏسي کين ٻڌائي سگهان ٿو يا نه، ۽ جڏهن آءٌ سولائيءَ سان ائين ڪري سگهيس، تڏهن سندن وات ڦاٽِ ٿي ويا ۽ چپ چاپ اٿي مون وٽان هليا ٿي ويا. هنن کي پنهنجي عمرين جو ڪوبه پتو ڪونه هو. ڪيترا اڇين ڏاڙهين وارا مون کي هيءَ ڳالهه سمجهائڻ تي زور ڏئي رهيا هئا ته سندن عمر 25 ۽ 30 ورهين جي وچ ۾ ٿيندي.

        ان قسم جي هڪڙي اڇي ڏاڙهي واري کان مون پڇيو ته ”مير فتح علي خان جي سنڌ کي فتح ڪرڻ جي کيس سامڀر آهي ڇا؟“       

        تڏهن چيائين، ”انهيءَ واقعي کي ڪي ٿورا سال گذريا آهن، انهن ڏينهن ۾ آءٌ اڃا ڇوڪر هوس ۽ گليلون کڻي مال چارڻ ويندو هوس.“ ههڙي احمقانه جواب تي مان پنهنجي کل کي روڪي نه سگهيس، ڇوته مير فتح علي خان جي ڪلهوڙن سان جنگ 1779ع ۾ لڳي هئي، ۽ حساب ڪرڻ سان معلوم ٿيو، ته هن وقت هو ڪنهن به حالت ۾70 ورهين کان مٿي جو هو. جيتوڻيڪ ظاهري طرح هو 40 ورهين کان مٿي ڪونه ٿي لڳو.

        هن کي منهنجو کلڻ نه وڻيو ۽ مون کي هٿ کان جهلي چيائين ته ”منهنجا دوست تون مسلمان معلوم ٿو ٿين، پر گهڻو فرنگين جي صحبت ۾ گذارڻ ڪري، تون پنهنجو ضمير وڃائي ويٺو آهين، تنهن ڪري ئي توکي ڪنهن به مسلمان جي ڳالهه تي اعتبار ڪونه ٿو اچي.“

        مون هن کان معافي طلب ڪئي ۽ کيس چيو ته منهنجي کلڻ جو دل ۾ ڪوبه خيال نه آڻي. منهنجي اها خراب عادت ٿي وئي هئي. مان کيس يقين ڏياريو ته آئيندي هو مون کي هميشه هر ڪنهن مسلمان جي ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ڏسندو.

        26 تاريخ، اسان کي پنهنجي جاسوسن کان خبر ملي ته هڪڙو مشڪوڪ قسم جو ايراني ماڻهو شهر ۾ آيل آهي. اسان هڪدم سندس رهائش جي جاءِ تي پهتاسون ۽ ڏٺوسون ته سندس نوڪر ٻن اُٺن تي سندس سامان ٻڌي رهيا هئا، ۽ هن هاڻي پنهنجي رٿيل مسافريءَ تي وڌڻ ٿي چاهيو. اسان ساڻس ڳالهين ٻولهين مان هڪدم سمجهي وياسون، ته سندس مسافري جو ڪو لڪل مقصد آهي، جنهن کي هو مخفي رکڻ ٿو چاهي ڇوته هن ڳالهين جي موضوع بدلائڻ جي ڪوشش ڪندي، ظاهر ڪيو ته هڪڙو درويش انسان آهي، جنهن جي دنيا جي معاملن سان ڪوبه واسطو ڪونهي، ۽ سندس نالو نورشاهه آهي. ان تي ڪئپٽن ايسٽوڪ کيس چيو ته هو پاڻ کي هن بعد گرفتاريءَ هيٺ سمجهي، ۽ جيستائين هن ملڪ ۾ داخل ٿيڻ بابت هو ڪو مناسب سبب نه ٻڌائي سگهيو آهي. تيستائين هو قيدي رهندو. ڪئپٽن جا اهي لفظ ٻڌي ايرانيءَ جي ڄڻ زمين ئي پيرن هيٺان نڪري وئي. هن زوردار فارسيءَ زبان ۾ سخت احتجاج ڪيو، پر ان مان ڪجهه به ڪونه وريس، کيس سرڪاري قيدي ڪري ايجنسيءَ ۾ آندو ويو.

ڪهيري سردار وٽ:

منجهند کان پوءِ مون کي خانپور وڃڻ جا حڪم مليا، جو ڳوٺ هتان 13 ميلن تي ٿيندو، ته جيئن اتي وڃي ڪهيرين جي سردار ڪمال خان سان ملان، کيس ڪئپٽن ايسٽوڪ سان گڏجڻ لاءِ آمادو ڪريان ۽ سرڪاري ملازمت جو وعدو ڏيان. مون کي کيس هيءُ به ذهن نشين ڪرائڻو هو ته ڊومبڪي سردار بجار خان کيس ۽ سندس قوم کي جيڪي تڪليفون ڏنيون آهن، اهي به کيس وسارڻ نه گهرجن.

مان 7_6 بلوچ نگهبانن سان خانپور روانو ٿيس، جتي اسين رات جو دير سان پهتاسون، منهنجا بلوچ نگهبان ڏاڍا خوش مزاج ماڻهو هئا. جيئن ئي ڇانوڻيءَ جون حدون ڇڏي جهنگ ۾ گهڙيا، تيئن ئي ڄڻ سندن دل اُمنگن سان ڀرجي وئي، ۽ هو کلندا، ڳائيندا ۽ پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وقت ڪاٽيندا هليا. مون کانئن پڇيو ته ”جيڪڏهن اوڇتو ڌاڙيلن اسان تي حملو ڪيو، ته پوءِ؟“ ان تي هنن هڪدم جواب ڏنو”اسان کي به مٿن حملو ڪرڻ گهرجي. پر اوهين ڪوبه خيال نه ڪريو. جيسين اسين جيئرا آهيون، تيسين اوهان جي وار جو ڪير نالو نه وٺي سگهندو.“

ٻڍڙي ڪمال خان قبائلي دستور موجب منهنجي گهڻي گرم جوشيءَ سان مرحبا ڪئي. هن اسان جي لاءِ 2 دنبا پچرايا ۽ گيهه سان مانيون تيار ڪرايون مون ۽ ڪمال خان سندس ڪيترن عزيزن سوڌو گڏجي ماني کاڌي. رات جي نماز جي موقعي تي مون کي پيش امام ٿيڻ لاءِ چيو ويو، ۽ مون اهي فرائض بجا آندا. سمهڻ کان  اڳ مون ڪمال خان سان پنهنجي مطلب جون سموريون ڳالهيون ڪيون، ۽ هڪدم اسان جي ملازمت اختيار ڪرڻ ۾ کيس جيڪي بي حساب فائدا هئا، تن کان کيس واقف ڪيم.

هن رضامندي ظاهر ڪئي، ۽ چيو ته انگريز جيڪڏهن ساڻس وعدو ڪن، ته هو سندن مذهبي معاملن ۾ ڪوبه دخل نه ڏيندا، ته هو پاڻ ۽ سندس قوم انگريزن جي خدمت لاءِ حاضر آهن. ڇوته ڪن ماڻهن مشهور ڪيو آهي ته انگريز اول اوهان جي ملڪ تي قبضو ڪندا ۽ پوءِ اوهان کي پنهنجي مذهب ڇڏڻ تي مجبور ڪندا.

مون کيس يقين ڏياريو ته هن کي اهڙو ڪوبه خطرو نه ڪرڻ گهرجي، ۽ انگريزن خلاف اهي ڳالهيون ڪن مطلبي ماڻهن جون مشهور ڪيل آهن، جن تي کين هرگز اعتبار نه ڪرڻ گهرجي. مون کانئس پڇيو ته هن ڪڏهن ٻڌو آهي ته انگريزن هندستان ۾ ڪڏهن ڪنهن ٻئي مذهب واري تي ڪا زيادتي ڪئي آهي. هڪ سؤ ورهين کان سندن حڪومت هلي رهي آهي. پنهنجي بيان جي ثبوت طور مون فوج جو مثال سندس اڳيان رکيو، جنهن ۾ هو پاڻ ڏسي سگهيا ٿي، ته هر مذهب ۽ قوم جا ماڻهو شامل هئا، هرڪو پنهنجي پنهنبجي مذهب ۽ ضمير مطابق عمل ڪري رهيو هو. پڇاڙيءَ ۾ مون کيس خود پنهنجو مثال پيش ڪندي کانئس پڇيو ته منهنجي باري ۾ سندس ڪهڙو خيال آهي؟ مان 22 سالن کان به وڌيڪ عرصي کان انگريزن سان گڏ آهيان!

اهي ڳالهيون ٻڌي هن پنهنجون آڱريون پنهنجي اکين تي رکڻ سان ظاهر ڪيو، ته هو دليون جانيون مون تي اعتبار ٿو ڪري. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ڪمال خان سان گڏ اسين خانپور مان روانا ٿياسون ۽ 8 بجي صبح جو شڪارپور ايجنسيءَ ۾ پهتاسون. مون ڪمال خان کي پوليٽيڪل ايجنٽ (ڪئپٽن ايسٽوڪ) وٽ پيش ڪيو، جنهن کيس رفيقن سميت ان وعدي ڪرڻ تي ڪمپنيءَ جي ملازمت ۾ رکيو، ته هو انگريزن جي مفادن جا دليون جانيون وفادار رهندا.

29 تاريخ ڪن دوستن جي صلاح تي آءٌ هڪ نهايت ئي دلچسپ شخصيت سان مليس، قدرت پنهنجي دستوري راهه کي ترڪ ڪري، هن شخص کي هاٿيءَ جهڙي سونڊ ڏني هئي، جا سندس مُنهن جي ساڄي پاسي پيشانيءَ وٽان شروع ٿي، سندس کاڏيءَ تائين پهچي ٿي وئي، جنهن سان سندس ساڄي اک به ڍڪجي ويل هئي ۽ هو فقط پنهنجي ڏائيءَ اک سان ڏسي ٿي سگهيو. هو ويهن ورهين جو نوجوان ۽ بلڪل سالم دماغ جو هو ڇو ته مون سنڌي ٻوليءَ ۾ کانئس جيڪي به سوال پڇيا، تن سڀني جا هن ٺيڪ جواب ڏنا.

سرڪاري معاملن ۾ هاڻي نئين مشڪل پيدا ٿي پئي هئي. اسان جي اصلوڪن ملازمن لاءِ، بلوچ ڌاڙيلن ۽ اسان جي نوڪري ۾ آيل بلوچن جي سڃاڻپ ڏکي ٿي پئي ۽ جڏهن به اسان جي نوڪريءَ ۾ بيٺل بلوچن مان ٽن يا چئن ڄڻن کي اسان جا ماڻهو ڇانوڻيءَ جي ويجهو ڏسندا هئا، ته هڪدم مٿن 30-20 ديسي سپاهي حملو ڪري، کين وڃي ماري ڪُٽي يا بعضي ته زخمي ڪري، اسان وٽ وٺي ايندا هئا.

اسان پنهنجي نون شينهن کي پاليندي ئي چيڙائي ڇڏڻ مناسب نه سمجهي کيس صلاح ڏني، ته هو اسان جي نوڪري ۾ هئڻ جي نشاني طور هڪ ڪمر پٽو ٻڌن، ڏاڍين مشڪلاتن سان سندن غلاميءَ جي ان نشان پائڻ تي کين آماده ڪري سگهياسون.

5 مئي تي، پوليٽيڪل ايجنٽ حڪم ڏنو ته سندس عربي گهوڙو، جنهن تي اڪثر آءٌ سواري ڪندو هوس، اهو سرور خان لوهاڻي کي ڏنو وڃي، انهيءَ تي هو پنهنجي گهوڙي کي طبيلي ۾ ئي ڇڏي، هن خوبصورت گهوڙي تي چڙهي، سخت ڪاڙهي ۾ اسان جي ڪجهه بلوچ سوارن سان گڏجي ڌاڙيلن جي پٺيان روانو ٿي ويو شام جو هو پنهنجي ٽوليءَ سميت ڪاميابيءَ سان واپس موٽيو. سندس چوڻ هو ته هنن هڪ ڌاڙيل کي وڃي جهليو، جنهن جي سسي هو وڍي پاڻ سان کڻي آيا هئا. جيئن پنهنجي بهادريءَ جو ثبوت پيش ڪن. ويچاري گهوڙي، هن پنهنجي وحشي سوار کي ته آڻي منزل تي پهچايو، پر طنبيلي ۾ مٿانس اڃا هَنو لاٿو ئي مس ويو ته ڦهه ڪري زمين تي ڪريو ۽ بروقت جان ڏنائين.

گرمي هاڻي بيحد وڌي وئي هئي. مون حڪم ڏنو ته سج جي گرميءَ جي اندازي ڪرڻ لاءِ ڪجهه آنا اُس ۾ وڌا وڃن، چاليهه منٽن اندر ڏٺوسون ته اُهي آنا بلڪل پچي تيار ٿي چڪا هئا.

7 تاريخ اسان جي ملازم بلوچن جي هڪ ٽولي، مصري خان کوسي جي اڳواڻيءَ هيٺ بلوچ ڌاڙيلن جي هڪ ٽوليءَ کي پهتي. ٻنهي ڌرين ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ خود مصري خان پاڻ به ڪلهي ۽ ٽنگ ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري ڦٽجي پيو، مگر هو چئن ڌاڙيلن کي قيدي بنائي وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اهي بلوچ ڊومڪي ۽ دستي قبيلن جا هئا، ۽ مشهور رحمان ڌاڙيل جي ساٿين مان هئا.

ڌاڙيلن کي موت جي سزا:

        پوليٽيڪل ايجنٽ، هنن قيدين بابت، شڪارپور جي گورنر ديوان ڄيٺمل سان صلاح ڪئي، جنهن راءِ ڏني ته کين هڪدم ايذاءَ ڏئي خوار خراب ڪري ماريو وڃي، مگر پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ سندس انگريز دوستن فيصلو ڪيو ته هنن کي ايذائن پهچائڻ کان سواءِ فقط موت جي سزا ڏني وڃي. جنهن ڪري فيصلو ڪيائون ته روزانو هڪ هڪ ڪري کين ڦاسي چاڙهيو وڃي.

        جڏهن مون هنن بلوچ قيدين کي سندن موت جي وحشتناڪ خبر ٻڌائي، ۽ خاص طرح منجهائن هڪ ڏانهن اشارو ڪري چيم، ته ٻئي ڏينهن تي هن کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويندو، تڏهن هنن نهايت ڇتي ۽ غصي سان ڀريل نگاهن سان مون ڏي گهوريو، مگر زبان سان ڪجهه به نه ڪڇيا، جنهن ماڻهوءَ ڏانهن مون اشارو ڪيو هو، فقط ان شخص بيپرواهيءَ سان چيو؛ ”جيڪا رضا رب جي!“

        منهنجي دوست مصري خان جي ڦٽن کي اسان جي ڊاڪٽر سبيو ۽ پٽيون ڪيون، مگر انهيءَ عرصي ۾ هن هڪ ٻِڙڪ به ڪانه ڪئي. ڊاڪٽر جي شڪر ادائي ڪيائين، سندس هيڏي رت هارجڻ جي باوجود، جنهن ۾ سندس سمورا ڪپڙا خراب ٿي چڪا هئا، هو بنا ڪنهن سهاري جي اٿيو ۽ پنهنجي گهر هليو ويو. هن جي روانگيءَ وقت مون کيس چيو، ته مون کي ساڻس همدردري آهي، جو هو بدقسمتيءَ سان هن حادثي جو شڪار ٿيو هو. مگر گهڻي حد تائين اهو سڀ سندس ئي اجائي جوش و خروش جو نتيجو هو.

        ان تي هن ڪاوڙ مان وراڻيو ته ”بدقسمتي وري ڇاجي آهي. مقابلا مڙسن جو مرڪ آهن. هيءَ هڪ اهڙي فخر ۽ عزت جي ڳالهه آهي، جنهن جا نشان هميشه منهنجي بدن تي موجود رهندا.“ ان بعد مون سندس ترت صحتيابيءَ جي تمنا ظاهر ڪندي، ساڻس موڪلاڻي ڪئي.

        ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، اسان جو فوجي دستو ۽ ميرن طرفان مقرر ٿيل هتان جي گورنر جا ڪجهه ماڻهو، جيڪي گڏجي قيدين مان هڪڙي کي شهر جي ٻاهران ڦاسي ڏيڻ لاءِ وٺي ويا. مگر قدرتي اتفاق ڏسو هي اهو ماڻهو نه هو، جنهن کي اڄ ڦاسي ملڻي هئي جنهن کي وٺي ويا هئا، ان جو نالو زرڪ ڊومبڪي هو. هونئن ته اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي، جو فيصلي موجب اڳي يا پوءِ سڀني کي ڦاسيءَ تي چڙهڻو هو، پر ڏسجي ٿو ته هن جي حياتيءَ جو پيالو ٻين کان اڳ ڀرجي چڪو هو ۽ ٻين کي اڃا ڪجهه وقت زندهه رهڻو هو. هو هڪڙو لفظ واتان ڪڇڻ بنا، خاموشيءَ سان پنهنجي مقتل ڏي هليو آيو.

        11 تاريخ اسان کي اطلاع مليو ته اسان جي بمبئي واري 5 نمبر پيادي فوج  بلوچ گهوڙي سوار سان خانڳڙهه (جيڪب آباد) جي کوسن جي چڪري لڳي آهي جنهن ۾ اسان جا چار ماڻهو ڌڪي ٿيا  آهن ۽ هڪ صوبيدار ۽ هڪ انگريز عملدار مسٽر اسٽئنلي کي هلڪا زخم رسيا آهن. هن بدبختيءَ جو اصلي سبب مڪاني ٻوليءَ جي ناواقفيت هئي. پوليٽيڪل ايجنٽ اڳيان پوءِ ثابت ٿيو ته خانڳڙهه جي کوسن جيڪي به دوستانه اشارا ڪيا ۽ سگنل ڏنا. اهي اسان جي ماڻهن دشمنيءَ جون حرڪتون سمجهي کوسن تي حملو ڪري ڏنو. ٻئي ڏينهن جڏهن کوسن جي ڦٽيلن ۽ قيدين کي حاضر ڪيو ويو، تڏهن پوليٽيڪل ايجنٽ قيدين کي ڇڏي ڏنو، ۽ ڦٽيلن کي علاج لاءِ اسان جي يورپي ڊاڪٽر ڏانهن روانو ڪيو.

سنڌ واهه تي ميلو:

        شهر کان اٽڪل ميل پنڌ تي درياءَ جي هڪ شاخ (سنڌ واهه) تي سالانه هڪ شاهي ميلو لڳندو آهي.  هيءُ آبڪلاڻيءَ جو ميلو آهي. آءٌ هيءُ ميلو ڏسڻ ويس. ميلي تي ماڻهن جو بيحد وڏو تعداد آيل هو، جنهن ۾ مرد خواهه زالون وڏي انداز ۾ آيل هيون، هتي مون کي پهريون دفعو سنڌي هندو سنڌرين کي بنا پردي ۽ حجاب جي ڏسڻ جو وجهه مليو. آءٌ بنا هٻڪ ائين چوڻ لاءِ تيار آهيان، ته هنن مان ڪيتريون برطانيه جي پري چهرن سان به مقابلو ڪري سگهن ٿيون.

        هر طرف ايڏي ته خوشي ۽ مسرت جي ڌوم هئي، جو هڪ پاسي ڏٺم ته هڪڙي مجمعي ۾ هڪ ڊگهيءَ اڇي ڏاڙهيءَ وارو پيرسن سنڌي تنبوري جي سُرن تي بلڪل وجد ۾ اچي نچي ڳائي رهيو هو. تنبورو هڪڙي نوجوان هندو سندري وڄائي رهي هئي، ۽ وقت بوقت هن خوش مزاج پير مرد جي گيتن ۾ پنهنجي سريلي ۽ مٺڙي آواز سان آواز ملائي سندن سُر به جهلائي رهي هئي.

        18 تاريخ، آءٌ هتان جي مشهور صراف ڄيٺ سنگهه سان ملڻ ويس. هن وٽ گروي رکيل شين ۾ سچن زمردن سان دُرن (ايرينگن) جو هڪ جوڙو به هو. زمرد ڪبوتر جي آنن جيڏا هئا، ۽ انهن دُرن جي قيمت 20 هزار روپيا ڪٿي وئي ٿي. ڄيٺ سنگهه وٽ اهي 18 هزارن ۾ گروي رکيا ويا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org