ڇپائيندڙ پاران
ادب ۾ سفرنامي ۽ سوانحي لکڻين کي خاص اهميت حاصل
آهي ۽ اهي ٻئي صنفون پڻ پنهنجي دور جي تاريخ ٿين
ٿيون، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي سفر يا زندگيءَ جو اُهو
سمورو احوال بنا ڪنهن رک کاءَ جي قلمبند ڪري ٿو،
جيڪو سندس اکين جي اڳيان گذريو آهي.
هيءُ ڪتاب ”سنڌ جو سفر“ به مالوه (گجرات) جي
رهواسي ۽ ڪئپٽن ايسٽوڪ جي استاد ۽ منشي لطف الله
جي زندگيءَ ۽ سفرنامي جي احوال تي مشتمل آهي، جنهن
۾ هن پنهنجي سنڌ ۾ قيام واري زماني جا تاثرات ۽
پنهنجي خودنوشت سوانح قلمبند ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾
سنڌ جي شهرن، ڳوٺن ۽ ماڳن مڪانن بابت ڄاڻ ڏني آهي،
جنهن مان اسان کي اُن دور جي سنڌ جي ثقافتي، سماجي
۽ سياسي حالات جي پروڙ پوي ٿي.
هن ڪتاب کي ڪئپٽن ايسٽوڪ ترتيب ڏئي انگريزي زبان ۾
”Autobiography
of Lutfullah“
جي نالي سان شايع ڪرايو هو، جنهن ۾ سنڌ سان گڏوگڏ
هندستان، افغانستان ۽ ايران جو ذڪر ڪيل آهي. هن
خودنوشت سوانح ۾ فقط سنڌ سان لاڳاپيل احوال کي
محترم قادر بخش نظاماڻي صاحب 1950ع ڌاري سنڌيءَ
ترجمو ڪيو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ سال 1956ع ۾
ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
هن ڪتاب ادبي دنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي ۽
پڙهندڙن ۾ مقبوليت سبب
ستت ئي وري ان جو ٻيو ڇاپو 1965ع ۾ شايع ڪيو ويو.
ڪتاب جي اهميت کي مدنظر رکندي اداري طرفان ان جا
پنج ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي هيءُ
ڇهون ڇاپو
آءٌ
پنهنجي ايامڪاريءَ ۾
شايع ڪندي فخر پيو محسوس ڪريان.
جنهن لاءِ آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمن قبله مخدوم
جميل الزمان صاحب جو بيحد ٿورائتو آهيان، جن
پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي
مرحلي کي آسان ڪيو.
توقع
آهي ته،
اسان جي هيءَ ڪاوش
ادبي حلقن سان گڏوگڏ، مانائتن ادب دوستن
۽
پڙهندڙن
وٽ مانُ
ماڻيندي.
19- جمادي الاول 1436هه
11- مارچ 2015ع |
الهڏتو وگهيو
سيڪريٽري |
پيش لفظ
هنن صفحن جو مصنف هڪ هندستاني مسلمان آهي.
هند جي نون فاتحن، انگريزن، پنهنجي مفتوح قوم کي
وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهي سگهڻ لاءِ ان وقت جي سرڪاري
ٻولي فارسي سکڻ جي ضروت محسوس ڪئي، ان خيال کان هو
پنهنجي اوائلي اقتدار جي دور ۾ فارسيءَ تي گهڻو
ڌيان ڏئي رهيا هئا.
هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن هندستان ۾ ڪافي
فتوحات حاصل ڪرڻ کان پوءِ، انهن کي پختي ڪرڻ جي
خيال کان انگريزن جي دل ۾ افغانستان فتح ڪرڻ جو
سوداءُ سمائجي چڪو هو، ۽ اتان جي پڻ سرڪاري زبان
فارسي هئي.
مالوه (گجرات) جو باشندو لطف
الله، جنهن جي خود نوشت سوانح جا ڪجهه صفحا هتي
پيش ڪيا ويا آهن، سو ان زماني ۾ گجرات ۾ رهيل
انگريز عملدارن کي فارسي پاڙهيندو هو. مالوه جي
علمي ذوق رکندڙ خاندان جي هن فرد کي فارسي زبان ۽
ان وقت جي عام تعليمات ۾ چڱي دسترس هئي.
نومبر 1838ع ۾ هڪ انگريزعملدار ڪپتان ايسٽ
وڪ
(Capt: East – Wick)
کي سنڌ ۾ انگريزي ريزيدنٽ ڪرنل سرپاٽنجر
(Col: Sir Patinger)
جو اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو. ڪئپٽن ايسٽوڪ لطف الله کي
ساڻس گڏ سنڌ هلڻ جي آڇ ڪئي، جا قبول ڪرڻ تي ايسٽوڪ
کيس پنهنجو منشي ۽ فارسي جو استاد مقرر ڪري، پاڻ
سان گڏ سنڌ ۾ وٺي آيو.
لطف الله سنڌ ۾ پنهنجي آمد ۽ هتي پنهنجي قيام واري
زماني جا تاثرات، پنهنجي هڪ خود نوشت سوانح ۾
قلمبند ڪيا، جا پوءِ ڪئپٽن ايسٽ وڪ ٺاهي ٺوڪي
انگريزي زبان ۾
“Autobiography of Lutfullah”
جي نالي شايع ڪرائي. هن تصنيف جا، مصنف جي سنڌ ۾
قيام واري عرصي سان تعلق رکندڙ صفحا، سنڌي ٻوليءَ
۾ ترجمي جي صورت ۾ پيش ڪجن ٿا.
مون کي اميد آهي، ته هي اوراق، اسان جي
وطن جي تاريخ جي چند پهلوئن تي ڪارآمد روشني وجهي،
سنڌ واسين کي ماضيءَ جي چند حالات ۽ واقعات کان
واقف ٿيڻ جو موقعو ڏيندا_ جيئن هو انهن مان پنهنجي
آئيندي لاءِ مفيد نتيجا ڪڍي، فائديمند سبق حاصل
ڪري سگهن.
آخر ۾ آءٌ محترم پير حسام الدين شاهه صاحب
راشدي جي شڪر ادائي ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جنهن
صاحب جي حوصله افزائيءَ مون کي هيءُ ترجمو هٿ ۾
کڻڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ جنهن صاحب ترجمي ٿيڻ بعد ان
کي نظر مان ڪڍي، بندي کي پنهنجي مفيد مشورن سان
نوازيو.
ساڳئي وقت آءٌ محترم غلام مصطفـي قاسمي
صاحب جو پڻ ممنون آهيان، جنهن صاحب هن ترجمي کي
نظر مان ڪڍي ان کي بهتر بنائڻ ۾ منهنبجي مدد ڪئي.
ان کان سواءِ محترم محمد ابراهيم جويي ۽
جناب ڊاڪٽر يو.ايم. دائود پوٽي صاحب جي پڻ شڪر
ادائي ڪرڻ ضروري آهي، جن صاحبن لطف الله جو اصل
انگريزي ڪتاب دستياب ڪري ڏيڻ ۽ ٻيءَ طرح حوصله
افزائي ڪرڻ سان منهنجي مدد ڪئي آهي.
ڪراچي
بنده
1-
مئي
1956ع
قادر بخش نظاماڻي
سنڌ ڏانهن:
پهرين ڊسمبر
1838ع
جي آڌيءَ رات جو اسان جي جهازن جو آرماڙ سنڌ ڏانهن
روانو ٿي ويو. انهن جهازن ۾ انگريزي فوج جي هڪ
ريجمنٽ سوار هئي.
3
تاريخ صبح جو اسين ”گهوڙي ڪي ڇر“ واري وارياسي ٻيٽ
وٽان اچي مٽياسون، ايتري ۾ شاهي سامونڊي جانورن
(Sharks)
جي هڪڙي جوڙي سمنڊ جي مٿاڇري تي نڪري آئي. منجهائن
هرهڪ هاٿيءَ جيڏو ٿي لڳو. هي جانور اسان جي ننڍڙي
جهازن کي ويجها ٿيا ۽ ڏسڻ ۾ ٿي آيوته هو پاڻ ۾
رانديون ڪري رهيا هئا. ڪنهن مهل هڪڙو ليٽي ٿي پيو
ته ٻيو مٿس چڙهي ٿي ويو، ته ڪنهن مهل وري هڪڙو ٻئي
جي پٺيان ٿي ڊوڙيو، ته ڪنهن وقت وري اسان جي جهاز
جي هيٺان پئي لنگهيا، ته ڪڏهن ان کي پاسن کان پئي
ڦيرا ڏنائون، سندن انهن گهتن ته اسان جي ننڍڙي
جهاز کي لوڏي پئي ڇڏيو. هنن جانورن جي انهن حرڪتن
اسان کي پريشانيءَ ۾ وجهي ڇڏيو هو، اسان جي جهاز
جي ٽنڊيل کي هن تي جوش آيو ۽ هن مون کي خطاب ڪندي
چيو ”هي جانور بعضي جهازن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿين
ٿا، تاهم ڊپ ڪرڻ جو ڪوبه سبب ڪونهي، هي جيڏا وڏا
آهن، ايڏائي ڊڄڻا اٿوَ. مان اجهو هنن جو علاج ٿو
ڪريان.“ ائين چئي هو جهاز جي ڪناري تي آيو ۽ هنن
جانورن کي جهاز سان گڏوگڏ پاڻيءَ ۾ ترندو ڏسي کين
هڪلون ڪري، ڄڻ هو سندن ٻولي سمجهي رهيا هئا. چوڻ
لڳو؛ ”اوهين سمنڊ جا بادشاهه آهيو. خدا جي واسطي ۽
سليمان جي نبيءَ جي نالي ۾ اسان جي پٺ ڇڏيو. اسين
مسڪين آهيون. اسان جي جهاز ۾ ڏهه ماڻهو ئي مَس
آهن، تنهن ڪري ٻين جهازن ڏي وڃو، جيڪي عزت مآب
ڪمپني بهادر جي ٿلهن متارن سپاهين سان ڀريل آهن.“
غريب جمعي (ناکئي) جي انهن لفظن هنن جانورن تي ڪو
ٿڌو ڇنڊو ته ڪونه وڌو، پر اٽلندو هو وڌيڪ مست ٿي
ويا اڳوڻي آزار سان گڏوگڏ پنهنجي شاهي موڪرين ناسن
رستي ڦوڪارا ڪڍي، اسان جي جهاز اندر پاڻي اڇلائڻ
لڳا. تنهن کان سواءِ جهاز جي چوڌاري سندن لڪ لڪوٽي
راند پڻ نئين زور شور سان هلڻ لڳي. صبح جو
7
بجي کان سوائين اٺين تائين اهو سلسلو جاري رهيو.
جنهن کان پوءِ اسان جو ناکئو سمورو صبر وڃائي
ويٺو، ۽ هڪ ٺاهوڪو هڪ پاسي کان تکو ڪيل پهڻ کڻي
ٻيڙي جي ڇيڙي تي آيو ۽ بسم الله چئي ڀر ڪري وڏ ڀري
جانور کي مٿي تي چٽيائين، جنهن کي هيءُ چڱيءَ
ڪهاڙيءَ جي ڌڪ جهڙو لڳو. هن انعام ملڻ تي اهو
جانور پنهنجي ساٿيءَ سميت پاڻيءَ ۾ غائب ٿي ويو ۽
اسان سڀني گڏجي ڌڻيءَ جا شڪرانا مڃيا، جنهن اسان
کي ذري تان هن مصيبت کان بچائي ورتو. مون کي ڏاڍو
افسوس ٿي رهيو هو، جو مان بندوق ساڻ ڪونه آندي
هئي.
”گهوڙي ڪي ڇر“ هاڻي فقط هڪ وڏو وارياسو ڪنارو آهي.
ويهه سال اڳي هتي ”گهوڙي بندر“ نالي هڪ بندر هوندو
هو، جو هاڻي سامونڊي لهرن هيٺان اچي چڪو آهي.
انهيءَ وارياسي ڪناري وٽ پهچڻ تي جمعي مون کي پاڻي
چکي ڏسڻ لاءِ چيو، ۽ منهنجي حيرت جي ڪا انتها نه
رهي جڏهن ڏٺم ته اسان جي جهاز جي هڪڙي پاسي تازو
مٺو پاڻي ته ٻئي پاسي کان صفا کارو پاڻي وهي رهيو
هو. سبب پڇڻ تي مون کي معلوم ٿيو ته درياءَ جي
تکي سير جو وهڪرو ايتري فاصلي تائين سمنڊ اندر
تازو مٺو پاڻي کنيو اچي. رات جو
9
بجي ڌاري اسان ”ويڪر باڙ“ کان 10 ميلن جي مفاصلي
تي اچي لنگر هنيو.
4
تاريخ فضا نهايت سانتيڪي ۽ هوا بلڪل بند هئي، ان
ڪري اهو سڄو ڏينهن ”ويڪر باڙ“ تائين پڄڻ ۾ لڳي
ويو. هتي اسان
12
برطانوي جنگي جهاز، ٻه ٻيا جهاز ۽ سؤ کن بتيلا
بيٺل ڏٺا. جن ۾ انگريز فوجي چڙهي آيا هئا، يا سندن
رسد جو سامان آندو ويو هو. انهن سڀني جهازن توڙي
بتيلن تي انگريزي جهنڊا ڦڙڪي رهيا هئا.
منهنجو دوست، جهونو ٽنڊيل، وارياسي ڪناري تي،
ڪناري سان لڳي تازو تباهه ٿيل هڪ جهاز جي ڀر مان
اچي لانگهائو ٿيو. جنهن تي مون کيس چيو ته ”هن
جهاز جي تباهي اسان جي لاءِ هڪ قسم جو چتاءُ آهي
ته جيڪڏهن اسين هن جهاز واري قسمت نٿا چاهيون ته
اسان کي ڪناري جي گهڻو ويجهو نه اچڻ کپي“. مگر هن
ٻڍڙي دريائي ڌاڙيل جواب ڏنو ته ”ان جهاز جو ٽنڊيل
يا انڌو هوندو، يا جهاز کي ٻوڙڻ ۾ سندس ڪو خاص
مقصد هوندو نه ته هتان جا ته ٻار به هن ڪناري جي
چپي چپي کان واقف آهن“ رات جو اسين ”باڙ“ ۾ اچي
لنگر انداز ٿياسون.
سنڌ جو ڳوٺ:
5
تاريخ، درياءَ جي ڇوڙ وٽان اچي، اسين سنڌونديءَ ۾
گهڙياسون، ۽
6
تاريخ ”ويڪر“ کان
7
ميلن جي مفاصلي تي پهتاسون، جتي درياءَ جي کاٻي
ڪناري تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. مان لهي اهو ڳوٺ ڏسڻ
ويس. ڳوٺ جي پٽيل سان مليس ۽ جمعي ناکئي جي ذريعي
ساڻس ڪچهري ڪيم. هن جي مادري ٻولي سنڌي هئي. اسان
جي سوالن جا جواب هن ٻڍڙي پٽيل اهڙي ته وڏي آواز
سان ڏنا، جو پهريون ته مون سمجهيو ته هو يا ته
اسان کي ٻوڙو ٿو سمجهي يا اسان جي هن طرح سندس ڳوٺ
۾ گهڙي اچڻ تي ناراض آهي، پر جمعي کان پڇا ڪرڻ تي
معلوم ٿيم ته ان ۾ ڪابه برائي نه هئي. ڏاڍي
ڳالهائڻ جو هتي عام رواج آهي، هتان جا ماڻهو نهايت
مسڪين ڏسڻ ٿي آيا، ۽ سندن جهوپڙا اهڙا هئا، جهڙا
هندستان ۾ ماڻهو پنهنجي ڍورن جا وٿاڻ ٺاهيندا آهن.
سارو ڪٽنب هتي يڪي گهر ۾ رهيل هوندو آهي، جنهن ۾
زال مڙس، پٽ، ننهن ۽ ٻار وغيره سمورا هڪڙي ئي يڪي
دالان ۾ گاهه جي مٿان تڏا وڇائي، ان کي هنڌ بنائي
سمهي پوندا آهن، هنن جو کاڌو عام طرح چانورن جي
ٿلهي ماني ۽ تازي يا سڪل مڇي آهي. هي ماڻهو تماڪ ۽
بصرن جا ڏاڍا شوقين آهن. ڳوٺ جي پٽيل پڻ اسان کي
اهي شيون تحفي طور ڏيڻ جي آڇ ڪئي. مون پٽيل کان
سندس ملڪ ۾ ڍلن ۽ محصول جي رواج بابت پڇيو. هن
ٻڌايو ته ”هتي ڍلون يا محصول گهڻو ڪري جنس جي صورت
۾ ورتا ويندا آهن. پوک گهڻو تڻو فقط چانورن جي ٿئي
ٿي. جي هتي چڱي انداز ۾ ٿيندڙ آهن. هاريءَ کي فصل
جو پنجون حصو ملندو آهي. باقي چئن حصن مان اڌ
سرڪار کڻي ٿي ۽ اڌ زميندار کي ملندو آهي.“
7
تاريخ مان ”ويڪر“ ڇانوڻيءَ وٽ اچي لٿس، جتي منهنجي
صاحب ۽ دوست ڪئپٽن ايسٽوڪ
(Capt: Eastwick)
وڏيءَ سڪ سان منهنجي مرحبا ڪئي.
8
تاريخ جو سڄو ڏينهن مون ”ويڪر“ ڳوٺ جي چڪاس ۽ جانچ
پڙتال ۾ خرچ ڪيو. هيءُ ڳوٺ
25-24
ردي جهوپڙن جي هڪ بستي آهي. شام جو ڪرنل پاٽنگر
(Colonel Potinger)
به حيدرآباد کان هتي پهتو.
9
تاريخ اسان پنهنجا تنبو فوجي ڇانوڻيءَ وٽان کڻي،
ريزيڊنٽ جي تنبوءَ وٽ اچي هنيا. ان تاريخ کان
مونکي جنهن ڪم جو ذمو مليو هو، اهو مون باقاعدي
شروع ڪري ڏنو. هتي مون کي ”تلسي شام“ ڳوٺ جي ويٺل
سڪندر خان سان ملڻ جو وجهه مليو، جو منهنجو جهونو
دوست آهي ۽ هن وقت انگريزي فوج ۾ صوبيدار ميجر جي
عهدي تي آهي، اهوئي وڏي ۾ وڏو عهدو آهي، جو ڪنهن
هندستانيءَ کي ملي سگهي ٿو. هو سفر مئنا
(Sapers & Miners)
۾ آهي هن پنهنجي هڪ دوست مرزا علي اڪبر سان منهنجي
واقفيت ڪرائي، جو ڪئپٽن پاويل
(Capt: Powel)
کي فارسي پاڙهيندو هو. هو چڱي ترقي ڪندڙ مغل جوان
ٿي لڳو.
مان هتي سنڌي گرامر سکڻ شروع ڪيو، ۽ ڏٺم
ته اهو ڪو گهڻو ڏکيو ڪين هو. ايشيائي زبانن جي عام
بنيادي اصولن جو ڪوبه ڄاڻو نهايت سولائيءَ سان
سنڌي زبان سکي سگهي ٿو.
14
تاريخ پنهنجي دستوري ڪم ڪار کان واندي ٿيڻ بعد،
مان سرڪاري خزاني جي صندوقن کي ڳڻڻ ۽ انهن جا نمبر
لکڻ شروع ڪيا. انهن مان،
178
صندوقون تازو بمبئي مان آيون هيون. انهيءَ شام جو،
خودڪشيءَ جو هڪ نهايت افسوسناڪ واقعو ٿيو. ڊرئگون
دستي جي هڪ عملدار پاڻ کي گولي هڻي ماري وڌو. سندس
اهڙي قدم جي سبب جو ڪوبه پتو ڪونهي.
سياست تي بحث:
15
تاريخ مون کي ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر سان واقفيت حاصل
ڪرڻ جو شرف مليو. چهري مان ئي سندس لياقتون ۽
مستقل مزاجي بکي رهي هئي.
هاڻي آءٌ سنڌين سان لهه وچڙ ۾ آيس ۽ ساڻن
ڳالهائڻ ٻولهائڻ وسيلي سندن ٻوليءَ جا محاورا
سکيس. سستي ۽ بيڪاري سنڌين جي مکيه عادتن مان آهي.
درياءَ جا ناکئا سارو ڏينهن منهنجي تنبوءَ جي
ٻاهران ويٺا بحث مباحثا ڪندا ۽ يٽ شٽ هڻندا هئا.
عام طرح هنن جي گفتگو جا موضوع سرڪاري
معاملات ئي هوندا هئا، هڪ دفعي هڪ ڌر چيو ته ”ملڪ
هاڻ ڄاڻ ته ويو، سگهو ئي انگريزن جو مٿس مڪمل قبضو
ٿي ويندو، ان ۾ ٽالپرن جو پنهنجو ڏوهه آهي، خاص
طرح مير صوبدار جو، جيڪو اڃا تائين انگريز جهڙيءَ
هڙ کائو قوم جي دوستيءَ جا دم پيو ڀري، انگريزن
سڄي هندستان تي قبضو ڪري ورتو آهي. هو اهڙيءَ طرح
سنڌ تي به قبضو ڪري ويندا“ ٻيو چوڻ لڳو ته ”دوست!
اوهين ڀليا آهيو، حيدرآباد جا مير کڻي ڪرستان ئي
ڇونه ٿي وڃن، پر جيستائين ميرپور وارو مير شير
محمد اسان جي پاسي آهي تيستائين ڪوبه ڊپ ڪونهي.
اعليٰ حضرت مرحوم مير ڪرم علي خان جي بيگم صاحبه
هن کي انگريزن جي مقابلي لاءِ ڪافي خزانو ڏئي
ڇڏيوآهي، ۽ اڃا به ايترو ڏيڻ لاءِ تيار اٿس جو هو
ساري دنيا جي فرنگين جي خلاف دائمي جنگ جاري رکي
ٿو سگهي، ۽ جي خدا چاهيو ته انگريز جيڪو خزانو،
هٿيار ۽ ٻيو ساز و سامان هن ملڪ ۾ آڻي رهيا آهن
اهو سمورو اسان جو ٿيندو. قرآن پاڪ ۾ ڪين چيل آهي
ته هڪڙو ايمان وارو ڏهن ڪافرن کي شڪست ڏيڻ لاءِ
ڪافي آهي.“
ان تي هڪ ٽيون اڇي ڏاڙهيءَ وارو سنڌي ٿڌو
ساهه کڻي چوڻ لڳو ته ”اوهين رڳا هوائي خواب پيا
ڏسو. اوهان ٽه رنگا يعني اڇا، ڳاڙها ۽ ڪارا شيطان
ڏٺائي ڪين آهن، جي جنگ جي ميدان ۾ گڏجي وڙهن ٿا.
آءٌ جڏهن پيشوا (مرهٽا حاڪم) جي نوڪريءَ ۾ هوس،
تڏهن دکن ۾ مون انهن جون جنگيون ڏٺيون هيءَ انهيءَ
ڳالهه جي ثابتي ڏسو!“ ائين چئي، هن ٻانهون کنجي،
پنهنجي ٻانهن ۾ لڳل گوليءَ جو نشان ويٺلن کي
ڏيکاريو، ۽ چوڻ لڳو، ”برابر، مڙس مڙس جو مٽ آهي ۽
بعضي جوان ته ٻن ٽن کي به منهن ڏئي ٿا سگهن؛ پر
بشرطيڪ تلوار جو تلوار سان مقابلو هجي. هنن بزدلن
(انگريزن) وٽ تلوارون ڪين آهن ۽ جي اٿن ته اهي
اسان جي لٺين کان به چٽ آهن پر هو پنهنجي گولين
واري شيطاني هٿيار سان پري کان ئي مڙس کي ڪيرائي
ٿا وجهن. جڏهن ماڻهو کانئن اڃا ميل پنڌ تي هوندو
آهي، ان جو ڪهڙو علاج ڪجي.؟“
منهنجي تنبوءَ جي ٻاهران هن قسم جا بحث
مباحثا اڪثر مون کي وندرائيندا هئا، ۽ بعضي آءٌ
پنهنجي جاءِ تان اٿي، هنن جي بحث ۾ دل ڏئي، پنهنجي
ڀڳل ٽٽل سنڌيءَ ۾ چوندو هوس ته ”انگريز اوهان جي
بکئي ملڪ تي ڪڏهن به قبضو ڪونه ڪندا، پوءِ کڻي
اهو کين اڇلائي ڏيو! هن ملڪ ۾ مڇي ۽ چانورن کان
سواءِ ٻيو ڇا رکيو آهي؟ انگريزن جي حڪومت هيٺ اڳ ۾
ئي ڪافي زرخيز ملڪ موجود آهن. تنهن کان سواءِ
انگريز ميرن جا دوست آهن، انگريزي فوجون رڳو
هندستان ۾ پنهنجي هٿ آيل ملڪن جي حفاظت ۽ خود
ميرن جي ملڪ کي ڌارين جي اڳرائيءَ کان بچائڻ لاءِ
سنڌ مان لنگهي رهيون آهن.“ ان جو جواب هو سڀئي هڪ
ٽهڪ سان ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته ”سائين اوهين
جيڪي فرمايو ٿا، اهو صحيح هوندو. اسين ڄٽ ماڻهو
حڪومتن جي اوچي سياست کي ڪٿي ٿا سمجهي سگهون.“
ائين چئي وري به سڀئي وٺي ٽهڪ ڏيندا هئا.
پنهنجي صاحب جي خواهش موجب مون ڪراچي جي
سنڌي هندو واپاريءَ نائون مل سان تعلقات قائم ڪيا،
جو سنڌ ۾ انگريز اختياريءَ وارن لاءِ نهايت مفيد ۽
ڪارآمد ثابت ٿيو. هو وقت بوقت مون سان ملندو رهندو
هو، ۽ اسان جي فوج جي گهرجن ۽ ضرورتن جي پورائيءَ
لاءِ هن ڪابه ڪسر نه ڇڏي. هو وڏي پئسي وارو ماڻهو
هو. سندس شاهي ڪٽنب هو، جنهن ۾ هڪڙو پيءُ، ڇهه
ڀائر، ڪيتريون ئي زالون ۽ ٻار هئا، لاڙ ۾ نائون مل
جو چڱو اثر ۽ هلندي پڄندي هئي.
19
ڊسمبر تي پهرين شوال يعني عيدالفطر جو ڏينهن هو.
اها اسلامي دنيا ۾ نهايت شان شوڪت سان ملهائي
ويندي آهي، جو اها هڪ مهيني جي محنت، مشقت ۽
آزمائش جي خاتمي تي ايندي آهي. فوج سان ڪوبه ملان
يا مولوي ساڻ نه هو، ان ڪري ڪن دوستن جي چوڻ تي
مون کي ئي اهي فرائض بجا آڻڻا پيا. جيتوڻيڪ عرصي
کان مون کي انهن جو ڪوبه تجربو نه رهيو هو. مون
مسلم فوجين کي جن ۾ ڪمپنيءَ جا پيادا ۽ سوار سپاهي
هئا. عيد نماز ادا ڪرائي، ۽ خطبو پڙهيو، فوج جي
مسلم عملدارن پاڻ ۾ ڦوڙي ڪري دستور مطابق مون کي
رومال ۽ دستار پيش ڪئي، جا چاليهه رپيا کائي وئِي
هئي.
انهن ڏينهن ۾ اڪثر اسان کي مير شير محمد
خان جي حملي جا ڪوڙا افواه پريشان ڪندا هئا.
20
ڊسمبر تي خطري جو چتاءُ مليو. ساري فوج سجاڳ رکي
وئي ۽ مکيه عملدار واري تي پهرو ڏيندا رهيا.
منهنجو خيال آهي ته هن ملڪ جا ڪُڪڙَ غير معمولي
طرح مذهبي آهن، جو صبح پوياڙيءَ جي وقت وارين
دستوري ٻانگن کان سواءِ رات جو به هو ٻه ڪلاڪ وڌيڪ
ٻانگن ڏيڻ ۾ صرف ڪندا آهن.
هي ٻانگون هو رات جو اٺين بجي شروع ڪري ڏهين بجي
ختم ڪندا آهن. هندستان ۽ ايران ۾ ڪُڪڙن جي بي
وقتو ٻانگن ڏيڻ کي خراب اهڃاڻ يا بد سوڻ سمجهيو
ويندو آهي ۽ ان قسم جي حرڪت اڪثر ويچاري ڪُڪڙ جي
حياتي وڃائڻ جو باعث ٿيندي آهي. پر
هي سنڌي ان جي ڪا پرواه ڪانه ٿا ڪن.
گهوڙا ٻاريءَ ۾:
گهوڙا ٻاريءَ جو ڳوٺ ڏسڻ ويس جو هتان ميل
پنڌ تي آهي. هيءُ هڪ وڏو ڳوٺ ڪري سمجهيو وڃي ٿو.
منجهس
100
کن ردي جهوپڙا آهن. سياري جي هن موسم ۾ هن ٽڪر ۾
درياءُ فقط ڏيڍ پُره مس اونهو آهي ۽ سندس ويڪر به
عام طرح اڍائي سؤ کن والن کان مٿي نه آهي. هتان جي
زمين جي نوعيت موجب پاڻي مٽيءَ وارو آهي ۽ منجهس
ريتي گڏيل آهي.
23
تاريخ اسان کي اهو ٻڌي خوشي ٿي ته ”اسان کي منزل
ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ملي ويو آهي“ ۽ سڀاڻي اسان جي ٺٽي
ڏانهن مسافري شروع ٿيندي. پنهنجو سامان سڙو فوج جي
مڏيءَ سان گڏ روانو ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن اسين
پنهنجا تنبو پٽي گهوڙن تي چڙهڻ وارا هئاسون ته
منهنجي صاحب کي ريزيڊنٽ وٽان حڪم پهتا ته هو في
الحال جتي آهي اتي ئي ترسي، جيستائين بار کڻندڙ
اُٺن جو وڌيڪ بندوبست ٿي سگهي، جو انهن جي طلب وڌي
رهي هئي.
24
ڊسمبر جو سڄو ڏينهن اُٺن لاءِ بندوبست ڪرڻ ۾ لڳي
ويو، پر ڪجهه ڪم ٻئي ڏينهن به ڪرڻو هو، آءٌ ان رات
ڪئپٽن ايسٽوڪ سان سندس تنبوءَ ۾ سمهيس. رات جو
ڏاڍو سيءُ پيو. اهڙي ٿڌ هندستان ۾ مون اڳ ڪٿي به
محسوس نه ڪئي هئي، هينئر اسان ڏاڍي اڪيلائي پئي
محسوس ڪئي، جو هڪ ڏينهن اڳ اسين ڏهن هزارن ماڻهن
جي شاهي فوج جي وچ ۾ هئاسون ۽ اڄ اسان سان فقط ٻه
پٽيوالا ۽ ٻه سنڌي سئيس ساڻ هئا. اسان کي پنهنجن
انهن چئن نوڪرن تي ڏاڍو رحم پئي آيو، جي سيءَ ۾
ڏڪي رهيا هئا، اسان کين چيو ته هوبه اسان جي
تنبوءَ ۾ اچي سمهن پر هنن ان کي بي ادبي سمجهي
ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ساري رات تنبوءَ ٻاهران
قنات وٽ پيا هئا. اهو سارو ڏينهن ڪم ڪرڻ کان پوءِ
اسان وٽ نڪي کاڌي لاءِ ڪجهه هو نه پچائڻ وارو نوڪر
هو جو اسان کي پنهنجي بک جي باهه اجهائڻ ۾ مدد ڪري
سگهي. خوش قسمتيءَ سان مون کي ڪجهه ڪتل هٿ اچي
وئي. ڪجهه پئسا ڏئي چانورن جي سنڌي ڍوڍي جو اڌ وٺي
آيس، جنهن سان اسان پنهنجو پيٽ ڀريو. مون ۽ ايسٽوڪ
صاحب ڏاڍي شوق سان ڪتل سان ماني کاڌي. مون کي ته
اهڙو مزو آيو جهڙو مون کي وري لندن جي ميوارٽ هوٽل
جي کاڌي ۾ مليو. ڪئپٽن ايسٽوڪ عيسائي دستور موجب
ماني کائڻ کان پوءِ خدا جا شڪرانا مڃيا، جو اسان
جي عيبن کي نظر انداز ڪري هميشه اسان جون گهرجون
پوريون ڪندو رهي ٿو. ان کان پوءِ مون پنهنجي رفيق
جي آزمائش وٺڻ لاءِ کيس چيو ته ”اسان کي خدا جا
شڪرانا نه مڃڻ کپن؛ ائين ڪنداسون ته هو ڪڏهن به
اسان کي چڱو کاڌو نه ڏيندو.“ ان تي ڪئپٽن ايسٽوڪ
مشڪي چوڻ لڳوته ”اول اهو ثابت ٿيڻ گهرجي ته اسان
کي جيڪو مليو هو سو خراب هو. پوءِ ئي وڌيڪ بحث ڪري
سگهجي ٿو“. ان طرح ڳالهين ۾ وقت ڪاٽيندا رهياسون،
تان جو هن کي ننڊ وٺي وئي ۽ پوءِ آءٌ به پنهنجو
چروٺ پي وڃي بستري ليٽيس .
25
ڊسمبر، حضرت عيسي عليه السلام جي ولادت جي ڏينهن
تي، ساري مسيحي دنيا ۾ خوشيون ڪيون وينديون آهن،
ان ڏينهن صبح جو سوير ٻن عملدارن مسٽر جينڪنس ۽
ڪپتان وارڊ اچي اسان کي ننڊ مان اٿاريو. هو ان
ڏينهن مانڊوي کان هتي پهتا هئا.
هنن ڪپتان ايسٽوڪ کي عرض ڪيو ته فوج
ڏانهن وڃڻ جي سلسلي ۾ هو سندن رهبري ڪري. پر جيئن
ته اُٺن بابت سمورو معاملو اڃا اوٺين سان طئي نه
ٿيو هو، ان ڪري کيس ڪجهه وڌيڪ وقت هتي رهڻو پيو،
جنهن سبب ڪئپٽن ايسٽوڪ مون کي مٿين آفيسرن سان گڏ
وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ پوئتي ئي رهيو.
اسين
12
ميل گهوڙن جي سواري ڪري ”سرمڙيا“ جي
30
جهوپڙين واري هڪ ننڍڙي ڳوٺ وٽ وڃي فوج کي پهتاسون.
ڪئپٽن ايسٽوڪ به پنهنجو ڪم پورو ڪري شام جو اچي
اسان سان مليو. هتان اسان کي ويهن ميلن تائين جي
ڊگهي منزل ڪرڻي پئي، جا پوري ڪري، اسين ڪرمپور جي
ننڍڙي ڳوٺ وٽ پهتاسون. هن ڳوٺ ۾ پنجاهه کن جهوپڙا
آهن. هيءُ ڳوٺ سنڌونديءَ مان نڪرندڙ هڪ شاخ جي
اورئين ڪناري تي آهي، ۽ ان جي ٻيءَ ڀر ايڏوئي هڪڙو
ٻيو ”غلام جو ڳوٺ“ آهي.
ٺٽي ۾:
27
تاريخ اسان اتي رهياسون، ۽
28
تاريخ ٺٽي جي قديم تاريخي شهر ۾ پهتاسون. اسان صبح
جو سوير ڪرمپور مان منزل کنئي هئي، ۽
9
بجي ڌاري مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي اچي پهتاسون، جا ٺٽي
کان ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي. اڄ صبح اسان جو رستو
ڪجهه پنڌ ۾ وارياسو ۽ ڪجهه ٽڪر ۾ پٿريلو ۽ ناهموار
هو. واٽ تي هتان ٻن ميلن جي پنڌ تي اسين ڪلان ڪوٽ
جي کنڊرن وٽان لنگهيا هئاسون. هن جون قلع بنديون ۽
ديوارون وغيره نهايت مضبوط ۽ قديمي ڏسڻ ۾ ٿي آيون.
هن جون اڏاوتون سموريون گچ ۽ پڪين سرن جون هيون.
جيڪي هيتري زماني گذرڻ کان پوءِ به بلڪل مضبوط ۽
نيون پئي لڳيون. انهن کنڊرن مان بعضي مڪاني ماڻهن
کي پراڻا سڪا ۽ ٻيون اهڙيون قديم شيون هٿ اينديون
آهن. جي هو وڏن اگهن ۾ وڃي وڪڻندا آهن.
30
تاريخ جهڙ ۽ ڏاڍي ٿڌ هئي، صبح جو مون جڏهن وضو ڪرڻ
لاءِ ڪؤنرو کنيو، تڏهن ڏٺم ته ان جي اندر به پاڻي
ڄمي پارو ٿي ويو هو، جنهنڪري لاچار تيمم ڪري نماز
ادا ڪيم.
ٺٽي کي شهر پناهه طور ڪي به ديوارون نه
آهن، ۽ شهر جو وڏو حصو ويران ٿيو پيو آهي. اٽڪل
ڏهاڪو هزار گهرن ۾ ماڻهو رهن ٿا. مارڪيٽون بلڪل
تنگ ۽ شهر جون گهٽيون نهايت گنديون آهن. شهر جا
باشنده گهڻو ڪري ڪو نه ڪو ڪم ڪندڙ آهن. هتي جا کيس
۽ لنگيون اتر سنڌ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عمدا ٿين ٿا. هن
شهر جون عورتون سنڌ جي باقي حصن جي عورتن وانگر
نهايت سادو ۽ سستو لباس پهرين ٿيون. هتي اٽي ۽ تيل
جون چڪيون ۽ گهاڻا آهن. جي اُٺ ڇڪيندا آهن. ٺٽي ۾
چئن سون کان مٿي مسجدون آهن پر ڀائنجي ٿو ته اهي
سموريون ائين ئي فنا ٿي وينديون.
جامع مسجد ڏسڻ ويس جنهن جي اڏاوت
1057
هجري مطابق 1647ع ۾ شاهجهان بادشاهه شروع ڪرائي ۽
1072 هجري مطابق
1661ع
۾ اورنگزيب مڪمل ڪرائي هئي. جا ڳالهه مسجد جي
عمارت تي به لکي پئي آهي. هيءَ نهايت شاندار عمارت
ٻه سؤ وال ڊگهي ۽ سؤ وال کن ويڪري آهي. ۽ سڄي پڪين
سرن سان ۽ گچ جي ٺهيل آهي. هن عمارت جو اندريون
پلستر اڇي ۽ نيري رنگ جو آهي. هيءَ سڄي جاءِ هڪ سؤ
ٿنڀن تي بيٺل آهي، جن مان هرهڪ ٿنڀ تي ڌار ڌار
نموني جي نقاشي ٿيل آهي. محراب جي پٿر ۽ تاريخ
وارن پٿرن تي نهايت صاف وڏن اکرن ۾ ڪتبا لکيل آهن.
مختصر لفظن ۾ هن مسجد شريف جو سڄو نظارو نهايت
سهڻو ۽ گنڀير آهي.
هن شهر جون سرون ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ نهايت
مضبوط ۽ جٽادار ٿين ٿا. مان سمجهان ٿو ته ان جو
سبب هتان جي خاص قسم جي زمين آهي جا اڇي چيڪي مٽي
۽ واريءَ گڏيل آهي. هتي عام طرح گهر ڪچيءَ مٽيءَ ۽
ڪاٺ مان ٺهيل آهن، ڇتيون سڌيون اٿن، جن جي مٿاڇري
کي مٽيءَ سان لنبيو وڃي ٿو. اندر وارين ڀتين کي
ٻنهي پاسن کان مٽيءَ جو ليپو ڏنل هوندو آهي. شهر ۾
شاهوڪارن جون ڪي ٿوريون جايون پڪين سرن جون ٺهيل
آهن ۽ بعضي مٿان ماڙي پڻ اٿن.
هتي مارڪيٽ ۾ اوچتو منهنجي هڪ سهڻي عرب
نوجوان سان واقفيت ٿي، جنهن جو نالو سيد محمد هو ۽
مديني منور جو باشندو هو. هن جي معرفت مون شهر جي
مکيه عالم مخدوم شيخ عبدالله سان ملاقات ڪئي. هنن
ٻنهي شخصن جو شهر ۾ گهڻو اثر آهي. پهرئين جو اثر
سندس پيش امام هئڻ جي ڪري آهي. هنن بزرگن سان آءٌ
ٻه ڪلاڪ ڳالهيون ٻولهيون ڪندو رهيس.
سيد محمد ٽن سالن تائين بغداد ۽ ايران ۾
سير سفر ڪرڻ بعد تازو واپس وريو آهي. هتي سندس
”خمس“ گڏ ٿيندو پئي ويو. ”خمس“ سندس هر شيعي معتقد
جي آمدنيءَ جو پنجون حصو آهي. جو هو کيس مذهبي ڏن
طور ڏيندا آهن. ان طرح هڪ يهودي وانگر هو چڱو
دولتمند بنجي ويو آهي. جيتوڻيڪ هو هڪ عرب آهي، مگر
ان هوندي به کيس فارسي سٺي ٿي اچي. عام طرح عربن
کي نين ٻولين سکڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي منهنجو هيءُ
ميزبان هڪ عالم ۽ چڱي خاندان جو فرد آهي ۽ وٽس
ڪتابن جو وڏو ذخيرو ۽ عمدي لائبريري آهي.
پهرين جنوري
1839
تي حيدرآباد جي ميرن جا چار پنج وڏا عملدار آيا،
جن سان جنرل ڪين ۽
(General Kean)
ڪرنل پاٽنگر
(Col: Potinger)
ملاقاتون ڪيون. ٻنهي (انگريزي ۽ ميرن جي ) حڪومتن
جي باهمي دوستي ۽ محبت جي ڳالهين ڪرڻ بعد ميرن جي
نمائندن طرفان ڪن اختلافن ۽ ميرن جي ناراضگين بابت
پڻ ڳالهيون ٿيون. جنهن کان پوءِ سندس رضامندي سان
اها ميٽنگ ملتوي ڪئي وئي، جيئن هو اسان جي فوج جي
وڌيڪ اڳتي مارچ لاءِ سهولتن مهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾
ضروري انتظام ڪري سگهن.
مڪليءَ جو سير:
4
تاريخ آءٌ موڪل وٺي، مڪليءَ جي سير تي ويس. آءٌ
صبح جو سوير اوڏانهن روانو ٿيس ۽
4
بجي تائين اتي گهمندو رهيس. هيءَ مشهور ٽڪري ٺٽي
کان هڪ ميل جي مفاصلي تي آهي، ۽ شهر جي اولهه کان
اتر ڏانهن وڃي ٿي. اٺ ميل ڊگهي ۽ هڪ ميل کن ويڪري
آهي ۽ سندس سراسري اوچائي
55
فوٽ آهي. چيو وڃي ٿو ته هن ٽڪريءَ تي اهو نالو اتي
رهندڙ هڪ مهاڻيءَ عورت تان پيو آهي. جنهن جو ڪنهن
زماني ۾ اتي مڇين ۽ پَلن جو ڪاروبار هوندو هو. هن
مختصر ٽڪريءَ
500
کن قبن واريون، ۽ بيشمار اهڙيون قبرون آهن، جن تي
ڪابه ڇت ڪانه آهي. هيءُ ڄڻ هڪ تمام وڏي آباديءَ
وارو شهر خموشان آهي. مون کي فقط هيٺين وڏين جاين
کي چڱيءَ طرح ڏسڻ جو وقت ملي سگهيو.
1.
عيدگاهه، جا هڪ شاندار مسجد آهي، جتي هر سال ٻه
دفعا شهر جا سمورا مسلمان گڏ ٿي خداوند ڪريم جي
حضور ۾ شڪراني جي نماز ادا ڪندا آهن، اها مسجد
(عيدگاهه) سنڌ جي هڪ گورنر يوسف خان جي ٺهرايل
آهي، ان تي وڏن سهڻن نستعليق اکرن ۾ هيٺين عبارت
جو هڪ ڪتبو لکيل آهي.
”هيءَ عبادتگاهه طاقتور حاڪم يوسف خان جي
ٺهرايل آهي. هن ان کي اهڙوئي عظيم الشان بنايوآهي،
جهڙي عظيم سندس قسمت آهي“.
هن عمارت جي تڪميل جو سال
1043هه
مطابق
1633ع
ڄاڻايل آهي.
2. ٻن اڳوڻن وزيرن، مرزا جانيءَ ۽ مرزا غازيءَ جا
مقبرا- هي
1695ع
جا ٺهيل آهن.
3.
طغرل جي ٺهرايل شاهي مسجد، جنهن جي تعمير
1090ع
بمطابق 1679هه ۾ ٿي آهي.
4.
ٺٽي جي ٻن سابق گورنرن مرزا عيسيٰ ۽ مرزا عنايت
الله جا مقبرا. هي نهايت عمدي پيلي رنگ جي پٿرن جا
ٺهيل آهن، جن تي سهڻيون گلڪاريون اُڪريل آهن. هي
مقبرا مڪليءَ جي سڀني عمارتن ۾ سهڻا آهن.
5
. هڪ وزير جو مقبرو، جو
1084هه
مطابق
1638ع
۾ جڙيو آهي.
6.
هڪ نواب جو مقبرو، جو
966هه
۾ مطابق
1558ع
۾ جڙيو آهي.
7.
قاضي پير اسد جو مقبرو، جو
9
فوٽ ڊگهو آهي. ان جي تعمير جو سن پڙهڻ ۾ نٿو اچي.
8.
بغداد واري بزرگ سيد پيران پير عبادالقادر
جيلانيءَ جي فرزند سيد عبدالله جو مقبرو.
9
. ميران محمد جو مقبرو، جو
1059هه
مطابق
1649ع
۾ جڙي راس ٿيو آهي.
10.
شيخ ضياءَ جو مقبرو، جو
1129هه
مطابق
1719ع
۾ ٺهيو آهي.
11.
هڪ بادشاهه جو مقبرو، جو
1109هه
مطابق
1797ع
۾ تعمير ٿيل آهي.
12.
بابا عيسيٰ لنگوٽيا بند جو مقبرو، جيڪو
920هه
مطابق
1514ع
جو جڙيل آهي.
13.
جوکيا قوم جي مرشد سيد علي شيرازي جو مقبرو، جيڪو
1190هه
مطابق
1776ع
۾ ٺهي راس ٿيو آهي.
مون کي پنهنجي سرڪاري ذميدارين جي سلسلي ۾
هن دفعي
13نقطن
واري ان رٿيل معاهدي کي فارسيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو
فخر نصيب ٿيو، جيڪو انگريز ميرن جي حڪومت تي، مڙهڻ
وارا هئا، مون سڄي رات جاڳي هيءُ ڪم ڏهن ڪلاڪن
اندر پورو ڪيو. صبح جو هي ترجمو منظوريءَ لاءِ
ريزيڊنٽ صاحب جي اڳيان پيش ڪيم، جنهن (پنهنجي ڏکئي
خط ۾ لکيل) انگريزي مسودو هٿ ۾ جهلي مون کي ان جي
فارسي ترجمي پڙهڻ جو حڪم ڏنو، جو صحيح ثابت ٿيو، ۽
ريزيڊنٽ ان جي منطوري ڏني. ڪئپٽن ايسٽوڪ منهنجي
خدمتن لاءِ پسنديدگي ڪندي، پنهنجي کيسي مان مون کي
500
رپيا انعام ڏنا ۽ ريزيڊنٽ ان کان به وڌيڪ انعام
ڏيڻ جو واعدو ڪيو.
پنجين تاريخ جو، اسان جي پهريدارن هڪڙي
مڪاني بلوچ باشندي جو خون ڪري وڌو. هن کي ڪئمپ ۾
ديسي شراب وڪڻندي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس دُرن جي
سزا ڏني وئي هئي. هن غريب ڏوهه ته ڪيو هو، مگر کيس
ان جي سزا جي ڪابه خبر نه هئي. جڏهن کيس پڪڙي گارڊ
ڪوارٽر ڏانهن نيو پئي ويو، ته هو پنهنجي تلوار ڍال
کان ڪم وٺڻ لڳو هڪ پهريدار تي هن تلوار جا ٽي وار
ڪيا، جن ۾ هن جي بندوق جو قنداق به ڀڄي پيو.
چوڪيدار کي ڦٽي هو اٿي ڀڳو. مگر جڏهن سرجان ڪين ۽
ڪرنل مئڪڊونالڊ جي تنبن وٽ آيو، ته مٿس گوليون
ڇٽيون، جن مان هڪ سندس سيني مان پار ٿي وئي ۽ جوان
اچي هيٺ ڦهڪو ڪيو. زمين تي ڪرڻ شرط سندس روح خاڪي
جسم مان پرواز ڪري چڪو هو. ان طرح هو چهبڪن جي سزا
کان بچي ويو!
اڄ رات وري به اسان جي ڪئمپ تي حملي ٿيڻ
جا افواهه اٿيا. لکپت جي ويجهو پنجويهه سنڌين جي
هڪ ٽوليءَ انگريزي فوج جي ڪيترن ئي ماڻهن کي ڦريو
هو، جيڪي اسان جي پٺيان اچي رهيا هئا.
حيدرآباد ڏانهن:
جنوريءَ جي
16تاريخ
، ڪئپٽن ايسٽوڪ کي حيدرآباد رواني ٿيڻ جا حڪم
پهتا، ۽ اسين روانگيءَ جي تيارين ۾ لڳاسون، ٻئي
ڏينهن صبح جو سوير اسين پتڻ ڏي وياسون، جتان اسين
هڪ ننڍڙِي آگبوٽ تي سوار ٿي روانا ٿي وياسون. هتان
ڪئپٽن جيمس آئوٽرام
(Capt: J. Outram)
به اسان سان شامل ٿي ويو.
گذريل ساري رات ڏاڍو مينهن وسندو رهيو،
جنهن ڪري اڄ صبح سخت ٿڌ هئي. سڄي ڏينهن ۾ ويهارو
کن ميل سفر ڪري، هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي ڀر ۾ اچي، اسان
لنگر هنيو، واٽ تي ڪيترن ئي شڪار گاهن وٽان
لنگهياسون. هي درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي ٻيلن جا
شاهي ٽُڪر آهن، منجهن هر قسم جو شڪار موجود رهي
ٿو، چئن ڏينهن جي دريائي سفر کان پوءِ
20
تاريخ اسين حيدرآباد پهتاسون، درياءَ جي ٻنهي پاسن
وارو ملڪ ۽ ٽَڪريِن جو نظارو ڏاڍو وڻندڙ هو.
سهڻن جا پکين جا ولر اڪثر درياءَ مٿان
ترندا نظر ايندا هئا.
18
تاريخ صبح جو اسان هڪ شاهي واڳون ڏٺو، جو درياءَ
جي ساڄي ڪناري تي ننڊ ڪري رهيو هو، ڪئپٽن آئوٽرام
هن کي بندوق هنئي. پر گولي سندس رُڪ جهڙيءَ پٺيءَ
تي هڪ ڀتر وانگر لڳڻ بعد، هٽي پوئتي وڃي ڪري،
جانور تي بندوق جي ڌڪ جو فقط ايترو اثر ٿيو، جو
سندس ننڊ ڦٽي پئي ۽ هو تيزيءَ سان پاڻيءَ اندر
هليو ويو.
|