مير سهراب خان کي هڪڙي ديري مان هي چار پٽ هئا.
مير رستم خان مير غلام حيدر خان، مير مبارڪ خان ۽
مير چاڪر خان، ۽ ٻئي ديري مان هڪڙو پٽ مير علي
مراد خان هو جو سڀني کان ننڍو هو ۽ سن 1815ع ۾
ڄائو هو. مرڻ کان ٽيهه چاليهه ورهيه اڳي يعني
1811ع ڌاري مير سهراب خان پنهنجي پڳ ۽ پنهنجي سڀ
ملڪيت پنهنجي وڏي پٽ مير رستم خان کي ڏئي ڇڏي، جو
پاڻ تمام پير مرد ۽ ضعيف هو.
[1]۽ وڃي گوشه نشين
ٿي ڪوٽڏيجي ۾ ويهي رهيو، جنهن کي احمد آباد
سڏيندا هئا ۽ خيرپور جنهن کي تڏهن سهراب پور
چوندا هئا. مير رستم خان جي حوالي رهي.
سن 1833ع ۾ شاهه شجاع الملڪ جو پهرين مهمان ٿي
شڪارپور ۾ اچي رهيو، سو انهيءَ پاسي وارو ملڪ
پنهنجي قبضي ۾ آڻن لڳو، تنهن ڪري حيدرآباد جي مير
صاحبن هڪڙو وڏو لشڪر آندو ۽ خيرپور جو لشڪر به
انهن سان گڏيو. شڪارپور جي ويجهو جنگ لڳي. بلوچن
شڪست کاڌي ۽ افغان فتحمند ٿيا. ليڪن نيٺ ٺهراءُ
ٿيو، جنهن موجب شاهه شجاع اٺ لک رپيا وٺي هليو
ويو. انهيءَ جو مفصل احوال مٿي ڏنو ويو آهي.
انهيءَ سال ۾ حيدرآباد واري مير مراد علي خان
وفات ڪئي ۽ انهيءَ کان پوءِ بلوچن گڏ ٿي ملڪ
ورهايو ۽ ساڳي طرح خيرپور ۾ به مير رستم خان
پنهنجي پيءُ مير سهراب خان[2]
جي جيئري ئي ملڪ ورهائي پنهنجي پٽن کي ڏنو ته متان
تڪرار ٿئي. انهيءَ وقت رياست جون حدون ۽ انهن جا
جدا جدا ڀاڱا هئا ۽ ملڪ جي سالياني پيدائش هيٺين
تفصيل موجب ويهه لک اوڻيتاليهه هزار رپيا هئا.اتر
ڏي سبزل ڪوٽ ۽ ڪشمور تائين، اڀرندي ڏي ٿر ۽
جيسلمير تائين، الهندي ڏي ڪڇي ۽ گندا واهه تائين ۽
ڏکڻ ڏي نوشهري تائين. اتر ڏي گهڻو ملڪ حيدرآباد ۽
خيرپور وارن ميرن گڏجي رياست مان فتح ڪيو، جنهن
ڪري ٽيون حصو رياست خيرپور جو هو ۽ مير سهراب خان
درياهه لنگهي افغانن جا ڪي پرڳڻا، جن کي موغلي
سڏيندا هئا، سي هٿ ڪيا ۽ بلوچن جا به ڪي پرڳڻا هٿ
ڪيائين، جن کي بڙديڪه چوندا هئا، سکر، نوشهرو ابڙو
۽ روپاه ۽ چڪ ۽ مزارچ ۽ محمدا باغ ۽ شاهه ٻيلو اهي
سڀ هٿ ڪيا ويا هئا، بکر جو ٻيٽ مير رستم خان ترار
جي زور سان ورتو. سهڪجي ۽ ڪلواڙي مير مبارڪ خان
تجويز ۽ ڏاهپ سان هٿ ڪيا ۽ شڪارپور به حيدرآباد
خيرپور وارن ميرن گڏجي سن 1823ع ۾ ورتي، جنهن ڪري
ٽيون حصو رياست خيرپور جو ٿيو. مير سهراب خان جي
وصيت نامي ۾ هيئن هو ته مون پنهنجو ملڪ پنهنجن پٽن
کي هن طرح ورهائي ڏنو آهي ۽ هر هڪ کي سندس حصي جي
سند ڏني اٿم. اهو ملڪ ان جي پيدائش سميت مون چئن
حصن ۾ ورهايو آهي. انهيءَ مان ٻه حصا هيٺين تفصيل
وارا مير رستم خان جا آهن. نوشهرو، ڪنڊيارو، سدا
گاگن، بڙديڪه، روپاد، اوٻاوڙو، ينگ ڀارد، سبزل ڪوٽ
جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو، بکر جو قلعو ۽ ڪي ٻيا متفرقه
هنڌ، انهن جي پيدائش جو اڌ، پڳ جي خرچ لاءِ آهي ۽
جنهن کي پڳ ملندي انهيءَ کي اهو ملندو. ٻيو اڌ
خلاصو مير رستم خان جو آهي. ٻين ڀائرن جي حصي
وانگي. ٽيون حصو يعني گهوٽڪي، سعيدپور، مهيسر،
جمسيرا واسطو رکندڙ ديهن سميت ميرپور ماٿيلو،
مهرڪي، مغلي ۽ ڪي ٻيا هنڌ، اهو حصو مير مبارڪ خان
کي ٿو ڏجي. چوٿون حصو، يعني گاگڙي، کميلا، احمد
آباد جو قلعو، خيرپور جو شهر تعلق رکندڙن ديهن
سميت نارو ۽ ڪي ٻيا هنڌ مير علي مراد خان کي. هر
هڪ حصي جو قبضو مون انهن کي ڏنو آهي ۽ هي وصيت
انهيءَ لاءِ لکي اٿم ته پوءِ ڪو تڪرار نه ٿئي ۽
منهنجو خاندان ۾ صلح ۽ آرام رهي ۽ ٻين ميرن حاڪمن
۽ بلوچن کي خبر پوي ته اهو ملڪ منهنجي وصيت موجب
منهنجي اولاد جي قبضي ۾ رهي ٿو. هي وصيت نامو مون
پنهنجي پوري هوش حواس ۾ لکيو آهي. تاريخ 14-
ذوالقعد 1244 هجري مطابق 18 مئي 1829ع ”صحيح مهر
سهراب ٽالپر.“
چوڻ ۾ اچي ٿو ته هي به وصيت ۾ لکيل هو ته ”منهنجي
مرڻ تي پڳ ۽ گادي مير رستم خان کي ملندي. انهيءَ
کان پوءِ مير مبارڪ خان کي ۽ انهيءَ کان پوءِ مير
علي مراد خان کي.“
يعني جيئن حيدرآباد ۾ به پڳ ۽ گادي هڪڙي ڀاءُ کان
پوءِ ٻئي ڀاءُ کي پي ملي، تيئن هتي به انهيءَ رسم
تي هلڻو هو ۽ ڀاءُ کي ڇڏي فوتي ڀاءُ جي اولاد کي
نه ملڻي هئي.
مير علي مراد خان صغير هو، تنهن ڪري پيءُ جي وصيت
موجب پنهنجي ڀاءُ مير مبارڪ خان جي سنڀال هيٺ رهيو
پر مير مبارڪ خان هن جي حصي ۾ بيجا تصرف ڪرڻ لڳو،
تنهن ڪري جڏهن مير علي مراد خان وڏو ٿيو، تڏهن
تڪرار ڪرڻ لڳو، تنهن کان سواءِ مير سهراب خان جي
مرڻ کان پوءِ ٻيا وڏا ڀاءُ انهيءَ ورهاڱي ۽ وصيت
نامي تي اعتراض اٿارڻ لڳا.
مير رستم خان پنهنجي پيءُ جي جيئري ئي پنهنجي ٻين
باقي ڀائرن مير غلام حيدر ۽ مير چاڪر کي به ڪي
جاگيرون ڏنيون هيون، انهن مان مير غلام حيدر جي
مرڻ ڪري اهي ساڳيون جاگيرون سندس ٽن پٽن مير محمد
خان، مير احمد خان ۽ مير غلام مصطفيٰ خان کي
ورهائي ڏنيون ويون.
سن 1838ع ۾ انگريز سرڪار ۽ حيدرآباد توڙي خيرپور
وارن ميرن سان عهدنامو ٿيو، جنهن موجب ميرن قبول
ڪيو ته سندن جيڪو تڪرار راجا رنجيت سنگهه ۽ شاهه
شجاع الملڪ يا سرڪار جي ٻين ڪن دوستن سان ملندو،
ان جو سرڪار فيصلو ڪندي ۽ انهيءَ تي هو راضي
رهندا، ۽ انهيءَ جي عيوض حيدرآباد ۽ خيرپور ۾
ريزيڊنٽ ورهاڻو ڪيائون. شڪارپور ۽ بکر سرڪار جي هٿ
۾ رهڻ به انهيءَ عهد نامي جي زور تي ٿيو.
سن 1839ع ۾ مير مبارڪ خان وفات ڪئي، کيس پنج پٽ
هئا. مير نصير خان، مير محمد علي خان، مير فضل
محمد خان، مير علي محمد ۽ مير ولي محمد جي سڀ
منگهن والي ۾ رهندا هئا. وڏو پٽ مير نصير خان،
پيءُ جي سڀني جاگيرن جو وارث ۽ مالڪ ٿيو. تنهن ڪري
هينئر مير علي مراد خان پنهنجي حصي جي لاءِ مير
نصير خان سان تڪرار ڪرڻ لڳو. مير رستم خان مير
نصير خان جو طرف ورتو، ڇا لاءِ جو مير علي مراد
خان سندس وزير فتح محمد غوري جي برخلاف هو ۽
انهيءَ کي بي آبرو ڪيو هئائين. انهيءَ جي چورت تي
مير رستم خان به سندس برخلاف ٿيو. ٻئي سال 1840ع ۾
اتي جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل صاحب جاچ ڪري اهو
تڪرار مير علي مراد خان جي فائدي ۾ ڪيو، پر طرفين
جي صلح ڪرڻ کان اڳي راس بيل صاحب کي ڪوئيٽا ڏي
وڃڻو ٿيو، جتي سگهو ئي هو فوت ٿي ويو ۽ سندس جاءِ
تي ميجر اؤٽرام مقرر ٿي ويو. انهيءَ صاحب به جاچ
ڪري راس بيل صاحب واري فيصلي جي فائدي ۾ مٿي رپورٽ
ڪئي ۽ گورنر جنرل صاحب بهادر اهو فيصلو منظور
ڪيو، مگر ڌرين کي انهيءَ جو اطلاع نه مليو. تنهن
ڪري اهي لشڪر گڏ ڪري وڙهڻ لاءِ نڪتا. 15 تاريخ
سيپٽمبر سن 1842ع
[3] جي نونهار وٽ جنگ
لڳي، جنهن ۾ مير علي مراد خان فتحياب ٿيو ۽ هنن
ميرن نو ديهون ڏيئي صلح اختيار ڪيو. انهن مان ست
ديهون مير رستم خان جون هيون ۽ ٻه مير نصير خان ۽
مير محمد علي جون اهي ٻه ديهون ماٿيلو ۽ دادلوءِ
هيون. مير رستم خان ست ديهون ڏيئي صلح ڪيو سو هن
ڪري جو سندس پٽ مير غلام محمد خان قيد ٿي پيو هو،
انهيءَ کي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ اها چٽي لاچار ٿي
ڀريائين. ڪي مهينا اڳي مير رستم خان جي وزير فتح
محمد غوري انهن جي وچ ۾ صلح ڪرايو هو، جو هيستائين
مير علي مراد خان جو جاني دشمن هو، هو مير علي
مراد خان وٽ ڏيجي جي ڪوٽ ۾ وڃي پيش پيو ۽ پنهنجي
لاءِ به معافي گهريائين ۽ پنهنجي ڌڻي مير رستم خان
جي لاءِ پرچاءُ جو عرض ڪيائين. نيٺ مير علي مراد
خان سندس منٿ قبول ڪري ساڻس گڏجي خيرپور آيو. پر
انهيءَ هوندي به پاڻ ۾ کونسيا به پي. مير رستم خان
پاڻ ۾ هنن جي تڪرار فيصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪري
نه سگهيو ۽ مير علي مراد خان جو وڪيل شيخ علي حسين
به ڪپتان برائون صاحب وٽ انهيءَ لاءِ پي ويو ته
تڪرار فيصل ڪري نئين حد مقرر ڪري، پر انهيءَ صاحب
هٿ نه ٿي وڌو ۽ چيائين پئي ته اهو ڪم رئيس جو يعني
مير رستم خان جو آهي.
تڪرار جا ٻيا به سبب اچي گڏ ٿيا. مير رستم خان
پنهنجي نياڻي مير علي مراد خان جي وڏي پٽ مير
سهرراب خان کي مڱائي هئي. اهو مير سهراب خان
انهيءَ سال جي آگسٽ واري مهيني ۾ مري ويو. مير علي
مراد خان جي مرضي هئي ته اهو سڱ سندس ٻئي پٽ مير
شاهنواز خان کي ملي، پر مير رستم خان انهيءَ کان
انڪار ٿي ڪيو.
انهيءَ کان سواءِ مير رستم خان هاڻي ارادو ڪيو ته
پنهنجي وڏي پٽ مير محمد حسين کي ولي عهد مقرر ڪري.
انهيءَ ڳالهه ۾ ٻيا بلوچ سردار سڀ راضي هئا، مگر
مير علي مراد خان ۽ مير رستم خان جا ٻيا ڪي پٽ
راضي نه هئا. مير رستم خان کي اٺ پٽ هئا، جي ٽن
ديرن مان هئا. مير محمد حسين خان، مير علي اڪبر
خان ۽ مير مريد حيدر هڪڙي ديري مان. مير علي مراد
خان، مير شير محمد خان، مير علي بخش خان ۽ مير
غلام محمد خان ٻئي ديري مان، ۽ مير دوست محمد خان
ٽئي ديري مان، اهي مهراب پور ۾ رهندا هئا.
اهي ئي تڪرار هئا جن جي ڪري نيٺ نونهار واري جنگ
ٿي، جو هنڌ خيرپور کي ويجهو آهي ۽ جنهن جو مٿي ذڪر
ڪيو ويو آهي. انهيءَ جنگ ۾ مير علي مراد خان جا 12
ماڻهو هئا ۽ مير رستم خان ۽ مير نصير خان جي طرف
جا 60 ماڻهو. مير نصير خان جو ڀاءُ مير محمد علي
زخمي ٿي پيو، جنهن پهرين ڪاه شروع ڪئي. ٻيا مير به
هن سان شامل هئا. آخر هنن شڪست کاڌي ۽ مير محمد
علي خان زخمي ٿي چاليهه پنجاهه ماڻهن سميت نونرن
جي ڪونرن ۾ وڃي پناهه ورتي. اتي مير علي مراد خان
جو لشڪر هنن کي وڪوڙي ويو. بک ۽ اڃ ڪري هو قيد ٿي
پيا. مير رستم خان اهو حال معلوم ڪري پنهنجي پٽ
مير علي مراد، هٿان پنهنجي مهر مير علي مراد خان
ڏي موڪلي ڏني ۽ چوائي موڪليائينس ته جيڪي شرط ڪرين
سي مون کي قبول آهن. مير علي مراد خان جواب ڏنو ته
مون جنگ انهيءَ لاءِ ٿي ڪئي ته منهنجي صغيريءَ ۾
جيڪي زمينون مير رستم خان ۽ مير مبارڪ خان کسيون
آهن سي مون کي موٽي ملن، جڏهن مير علي مراد خان
موٽي آيو تڏهن مير رستم خان ۽ سيد علي گوهر شاهه
پاڻ سان قرآن کڻي مير علي مراد خان جي لشڪر گاهه ۾
ويا. آخر نَوَ ديهون مير علي مراد خان کي ڏنائون
۽ صلح ٿيو، مگر سندن دل ۾ ڪينو رهجي ويو.
سگهو ئي پوءِ مير رستم خان ۽ نصير خان وري لشڪر گڏ
ڪرڻ لڳا ۽ توبن جي مرمت ڪرائڻ لڳا، انهيءَ لاءِ ته
وجهه وٺي مير علي مراد خان سان وڙهن. مير رستم خان
پنهنجي وڏي پٽ مير محمد حسين خان کي به پاڻ وٽ
گهرايو ۽ چوائي موڪليائينس ته جي تون ڊپ کان يا
ڪنهن ٻئي سبب کان نه ايندين ته آئون مير نصير خان
کي ولي عهد ۽ ٽالپرن جو رئيس ڪندس. ساڳئي وقت ۾
گذري ويل جنگ ۾ جي جاگيردار ۽ بلوچ سردار مير علي
مراد خان جا طرفدار ٿيا هئا، تن جون جاگيرون ضبط
ڪري انهن کان کسي ورتائين.
هي حال ڏسي مير علي مراد خان ڪپتان برائون صاحب
وٽ آيو ۽ جيڪو قبضو مير رستم خان گذريل جنگ کان
پوءِ قرآن تي کيس لکي ڏنو هو، سو ڏيکاريائينس ۽
چيئينس ته جيڪو ملڪ انهيءَ انجام نامي موجب مير
رستم خان ڏيڻو ڪيو هو سو نه ٿو ڏئي ۽ مون پنهنجي
والده ۽ پڦيءَ به مير ڏي ڏياري موڪلي ته به هو
انجام نامي جي شرطن موجب نٿو هلي. پر انهيءَ صاحب
هٿ نه وڌو.
اها هئي نونهار جي جنگ ۽ اهو هو نونهار جو عهد
نامو، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو ۽ جنهن جو هيٺ به
وري ذڪر ايندو، جو انهيءَ مان گهڻا گل نڪرڻا آهن.
اهو دستاويز قرآن جي مهڙ وارن خالي صفحن مان چئن
صفحن تي لکيل هو. ٻاهريون صفحو ڇڏي اندرئين صفحي
کان شروع ڪيل هو. فارسيءَ ۾ لکيل هو. اهو جنسي
صفحي وار هتي ڏجي ٿو ۽ پوءِ انهيءَ جو سنڌي ترجمو
ڏجي ٿو.
پهريون صفحو
بسم الله الرحمان الرحيم
الحمدالله رب العالمين- انجام کرد و عهد بست مير
صاحب مير رستم خان ٽالپر با مير عليمراد خان ٽالپر
بر اينمعني آنکه چون فيمابين مير علي مراد خان و
مير نصير خان بر مقدم دنگ سندر بيلي خرخشه بوقوع
آمده و زيادتي بطرف مير نصير خان بابت شده بعد آن
مير علي مراد خان مبالغ لکها خرچ سپاه کرده مشعد
جنگ با مير نصير خان شده آمده در حال اينجانب بنا
بردفعيه فساد طرفين و بمد نظر اخراجات مبالغ نقد و
جاگيرات مير مذکور که در تصرف سپاه جود داده ديهات
خانوواهن واياني و بچه و دري و عرقمون رانيه و
بليجه بمرضي خود و ديه دادلو و پرکنه ماتيله بمرضي
خود و مير شير خان.
ٻيو صفحو
در درست مير علي مراد خان دادم که آنرا از ابتدائي
فصل خريف 1253 بتصرف خود آرد و بران انجام و کيل
خود دادم دستخط صاحبان انگريز هم اختاده خولهم داد
وگاهي مزاهم ديهات مذڪور نحوا هم شد و پسران من
خواه مير نصير خان وچه برادرانش دعوا داري اين ملڪ
نخواهند کرد و اگر کر ديد کاذب خواهند بردو آنچه
ديهات ٻٻر لوي واري شاه ٻيله
ٽيون صفحو
و محمدا باغ و مهلاني حق و ملڪ مير عليمراد خان در
تصرف مير مبارڪ خان بود و مير علي مراد خان حالا
بمعرفت صاحبان انگريز گرفته متصرف شده مير نصير
خان خواه اولاد اوگاهي دعوا دار ديهات صدر بسر خود
يا معرفت صاحبان انگريز هر گز نحواهد شد و اگر شد
کاذب ست و اينجانب بمع پسران.
چوٿون صفحو
خود طرف دار مير علي مراد خان خواهم بود که حق
بجانب اوست و دنگ سندر بيلي موجب امانت امينان
بدست مير علي مراد خان خواهم داد در اين انجاهم
تفا وت نيست و نخواهند شد کفي باالله شهيدا.
تحرير تاريخ نهم ماه شعبان 1258
صحيح مير نصير خان ٽالپر صحيح رستم فقير ٽالپر
مهر مير علي اڪبر
سنڌي ترجمو
شروع ٿو ڪجي خدا جي نالي سان جو رحمان ۽ رحيم آهي.
تعريف آهي انهيءَ خدا جي جو عالمن جو پروردگار
آهي. مير صاحب مير رستم خان ٽالپر مير علي مراد
خان سان انجام ڪيو ۽ عهد ٻڌو هن ڳالهه تي ته جڏهن
مير علي مراد خان ۽ مير نصير خان جي وچ ۾ سندر
ٻيلي جي دنگ جي ڳالهه تي تڪرار ٿي پيو ۽ زيادتي
مير نصير خان جي طرف ثابت ٿي ۽ انهيءَ کان پوءِ
مير علي مراد خان لکين رپيا لشڪر تي خرچ ڪري مير
نصير خان سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. تڏهن هاڻي
مون طرفين جي فساد دفع ڪرڻ لاءِ جيڪي پيسا نقد
توڙي جاگيرون مير مٿئين لشڪر جي بلي خرچيا آهن،
تنهنجي نظر تي ديهون خانواهڻ ۽ ابياني ۽ بڇ ۽ دڙي
۽ غرقڻو رانيه ۽ پليجا پنهنجي مرضيءَ سان ۽ ديهه
داد لوءِ ۽ پرڳڻو ماٿيلو پنهنجي مرضي ۽ مير نصير
خان جي مرضيءَ سان مير علي مراد خان جي هٿ ۾ ڏنا،
جي هو فصل خريف 1253 کان پنهنجي قبضي ۾ آڻي ۽
انهيءَ انجام تي پنهنجو وڪيل ڏنم ۽ انگريز صاحبن
جا هٿ اکر به ڪرائي ڏيندس ۽ ڪڏهن به مٿين ديهن ۾
دست اندازي ڪا نه ڪندس ۽ منهنجا پٽ خواه مير نصير
خان توڙي سندس ڀائر، انهيءَ ملڪ تي دعويٰ ڪا نه
رکندا ۽ جي ڪيائون ته ڪوڙا ٿيندا ۽ ديهون ٻٻرلوءِ
۽ ابري ۽ شاهه ٻيلو ۽ محمدا باغ ۽ مهلاني، جي حق
۽ ملڪيت مير علي مراد خان جون هيون ۽ مير مبارڪ
خان جي قبضي ۾ هيون ۽ جي هاڻي مير علي مراد خان
انگريز صاحبن جي معرفت وٺي پنهنجي قبضي ۾ آنديون
آهن، انهن تي مير نصير خان پاڻ يا سندس اولاد
پنهنجي سر يا انگريز صاحبن جي معرفت ڪڏهن به دعويٰ
داري نه ڪندو ته ڪوڙو آهي ۽ آئون پنهنجن پٽن سميت
مير علي مراد خان جي پاسي ٿيندس ڇا لاءِ جو حق
انهيءَ جي طرف آهي ۽ سندر ٻيلي جو دنگ امينن جي
امانت موجب مير علي مراد خان جي هٿ ۾ ڏيندس. هن
انجام ۾ تفاوت نه آهي نه ڪو ٿيندو، انهيءَ جي لاءِ
خدا شاهد بس آهي. لکيل تاريخ 9 شعبان 1258.
صحيح رستم فقير ٽالپر صحيح مير نصير خان.
مهر مير علي اڪبر جي
باب يارهون
مير سهراب خان جي حڪومت
ڀاڱو ٻيو: مير رستم خان جي نظربند ٿيڻ تائين
انهيءَ وقت ڌاري ميجر اوٽرام سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر
ٿيو ۽ سر چارلس نيپئر به سنڌ ۾ آيو. ڪراچي ۾ لهي،
حيدرآباد مان ٿيندو سکر ۾ آيو. وبا جي بيماري ۽
ڏڪار به انهيءَ سال سنڌ ۾ پيو. جنرل انهيءَ وقت 54
ورهين جي عمر جو هو ڪراچي جي قلعي ۾ آزمائش جي
لاءِ هڪڙي جنگي هوائي کوليائين، جا ڦاٽي پئي ۽
ٽنگ جي بڪيءَ ۾ زخم ٿي پيس ڏهه ڏينهن ته بيمار
پيو هو، پوءِ اٿيو پر منڊڪائيندو رهيو. جڏهن
حيدرآباد ۾ ميرن جي ملاقات تي آيو تڏهن به
منڊڪائيندو وتيو. ساڳي وقت ڌاري افغانستان ۾
گڙٻڙ هئي. راجا رنجيت سنگهه سان انگريز سرڪار صلح
ڪيو، رشيا جي افغانستان ۾دست اندازي ڪرڻ جو ڊپ هو.
انگريز سرڪار کي شاهه شجاع کي تخت تي ويهارڻو ٿيو
۽ انهيءَ ڪم لاءِ درياهه جي رستي لشڪر بمبئي کان
ڪراچي جي رستي موڪلڻو ٿيو. انهيءَ ڪم جي سهولت
لاءِ سنڌ جي ميرن سان از سرنو عهد نامو ڪرڻو پيو.
پهرين پهرين اهو عهد نامو ڌار مير رستم خان سان
ڪرڻو پيو، جنهن سکر بکر سرڪار کي لشڪر جي وهارڻ
لاءِ ڏنا ۽ درياهه سان وڃڻ جي به اجازت ڏني ۽
ٻيڙين تي ڪو به محصول نه وٺڻو ڪيو. مير رستم خان
انهيءَ عهد نامي موجب اهو به انجام ڪيو ته انگلينڊ
کان سواءِ ٻئي ڪنهن ملڪ سان دوستي نه رکندو ۽
تڪرارن جي صورت ۾ انگريز سرڪار جي صلاح وٺندو
رهندو، درياهه تي واپار جي ڪم ۾ مدد ڪندو رهندو ۽
پاڻ وٽ ريزيڊنٽ وهڻ ڏيندو ۽ افغانن جي جنگ ۾
انگريز سرڪار کي مدد ڪندو، انهن سڀني شرطن جي عيوض
۾ سرڪار هن
جي ملڪ کي اصل هٿ نه لائيندي ۽ پاڻ خود مختيار
حاڪم رهندو.
اهڙو عهد نامو حيدرآباد وارن ميرن سان ڌار ڪيو
ويو، جن سنڌ ۾
لشڪر رکڻ لاءِ هڪ لک ڏيڻو ڪيو. مگر اهو عهد نامو
هنن لاچار ڪيو، خوشيءَ مان نه ڪيو.
جڏهن افعانستان ۾ گڙٻڙ هئڻ ۽ انگريز سرڪار کي
نقصان پهچڻ جون ڳالهيون ميرن جي ڪنن تي پيون تڏهن
هنن سرڪار جي بر خلاف سازشون ڪيون. انگريز سرڪار
کي اهڙيون لکپڙهون هٿ آيون جن ۾ حيدرآباد واري مير
نصير خان ملتان جي سک سردار سان لکپڙهه ڪئي ۽ مير
رستم خان پنجاب جي مهاراجا شير سنگهه سان، انهيءَ
وقت ڌاري لارڊ آڪلند وائسراءِ ويندو رهيو ۽ لارڊ
ايلمبرو وائسراءِ ٿيو، جو زبردست ۽ بيدار مغز هو،
تنهن سر چارلس نيپئر ڏي سخت تاڪيد لکيو ته سنڌ جي
ميرن تي سخت نظر رکي ۽ جيڪو سرڪار سان بيوفائيءَ
يا دغا ڪري انهن کي سخت سزا ڏئي بلڪه اهڙو خط ميرن
ڏي به لکي موڪليائين.
جڏهن سر چارلس نيپئر سکر ۾ آيو تڏهن وائسراءِ جي
حڪم جي تعميل جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. سن 1842ع جو
سيپٽمبر مهينو هو. درياهه مان ايندي آس پاس جو ملڪ
ڏسي ۽ ماڻهن جو اهو حال معلوم ڪري سندس وات پاڻي
ڪرڻ لڳو ۽ ارادو ڪيائين ته جنگ کان سواءِ هي ملڪ
سرڪار جي هٿ هيٺ هجي ته ڏاڍو سڌري پوي ۽ ٻاهريان
خوف خطرا به لهي پون، آڪٽوبر مهيني ۾ پهريون عذر
مليس جو پڪارون پهتيس ته مير درياهه تان عهدنامي
جي برخلاف ٻيڙين تان محصول ٿا وٺن. انهن بابت ميرن
ڏي لکيائين. هنن جواب ڏنو ته اسين پنهنجي رعيت
کان ٿا وٺون. اوهان کان ته نٿا وٺون، انهيءَ هوندي
به سر چارلس لکين ته عهدنامي جي اها شڪست آهي ۽
غريبن سان ظلم ٿو ٿئي.
سگهو ئي ٻيو عذر به مليو. انگريز سرڪار کي ڪابل ۾
جا شڪست پهتي هئي، جنهن ڪري سندن لشڪر انگلينڊ
صاحب هيٺ بولان دري مان نڪري موٽي آيو، تنهنکي
روڪڻ ۽ انهيءَ سان وڙهڻ جي لاءِ بگٽي بلوچن جي
سردار بيبرڪ کي توڙي ٻين بلوچن کي ميرن، خاص مير
رستم خان، چوريو ۽ حيدرآباد واري مير نصير خان به
مير پور واري مير شير محمد خان سان وڙهڻ جي بهاني
تي لشڪر به گڏ ڪيو. اهو حال معلوم ڪري جنرل نيپئر
وائسراءِ ڏي رپورٽ لکي ۽ ايترو نه لکيائين ته سنڌ
جا ماڻهو ميرن جي ظلمن کان تنگ آهن ۽ انگريز سرڪار
ڏي سندن رغبت گهڻي آهي، تنهن ڪري بهتر آهي ته
ڪراچي، سکر، بکر، شڪارپور ۽ سبزلڪوٽ سرڪار پنهنجي
هٿ ڪري ۽ درياهه جي ٻنهي پاسي آڳبوٽن جي ڪاٺين
لاءِ جاءِ وٺجي اهڙو نئون عهد نامو ٻنهي هنڌن جي
ميرن کان وٺجي.
وائسراءِ صاحب بهادر ڪاغذ موٽائي موڪليا ۽ چيائين
ته پهرين پڪي ثابتي گهرجي ته سک مهاراج ۽ بڙدين جي
سردار سان سازش جي لکپڙهه ڪئي آهي يا نه. جنرل
نيپئر هٿ آيلن خطن جي ثابتي هٿ ڪري مٿي اهڙي رپورٽ
ڪئي.
انهيءَ وچ ۾ مير علي مراد خان اچي جنرل نيپئر سان
ملاقات ڪئي جو اهو سرڪار جو خير خواهه شمار ڪيل
هو. هن جنرل کي عرض ڪيو ته پڳ ۽ گادي مون کي ملي.
جنرل ورندي ڏنيس ته هينئر پڳ تنهنجي وڏي ڀاءُ مير
رستم خان کي آهي، انهيءَ جي جيئري ڪي به ڪري نٿو
سگهي. باقي انهيءَ کان پوءِ عهد نامي موجب موروثي
دستور تي هلبو ۽ پوءِ توکي مدد ڏني ويندي. سگهو
ئي مير رستم خان به جنرل سان ملاقات ڪرڻ جو ڏينهن
ٺهرايو پر انهيءَ تي نه آيو. نومبر مهيني ۾ جنرل
شڪارپور ۾ آيو. اتي جو چلتو ڏسي وري به وات پاڻي
ڪرڻ لڳس ۽ ماڻهن کي انگريز سرڪار ڏي مائل ڏٺائين.
ٿورو وقت اتي رهي وري سکر آيو ته پڪار مليس ته مير
رستم خان بهاولپور جي هڪڙي شاهوڪار جي ٻيڙيءَ تان
محصول ورتو آهي. جنرل سخت ڪاغذ لکيس ۽ چيائينس ته
ورتل محصول هڪدم انهن کي موٽائي ڏجي ۽ ٻيو ته
جيڪو نقصان انهن کي ٿيو آهي اهو ڀري ڏجيس نه ته
سرڪار اوهان کي دشمن سمجهندي. مير رستم لاچار ٿي
انهيءَ حڪم جي تعميل ڪئي، مگر جاسوسن جي معرفت
جنرل کي خبر پئي ته هن مخفي طرح هڪڙي درٻار ڪئي
جنهن ۾ اهو ٺهراءُ ٿيو ته انگريز سرڪار جيڪي پيسا
گهري سي انهيءَ کي ڏجن، بلڪه زالن جا جواهر به ڏئي
ڇڏجن، پر هنن کي سنڌ مان ڪڍجي ۽ جي نه نڪرن ته زور
سان ڪڍجين، ٻئي پاسي کان وري خبر آئي ته سڀ بلوچي
سردار ڊسمبر جي 7 تاريخ گڏ ٿيڻا آهن. جنرل انهن
خبرن جي انتظار ۾ هو ته نومبر جي 30 تاريخ لارڊ
ايلمبرو جو حڪم آيو ته جنرل وارين رٺلين ڳالهين
بابت نائون عهد نامو ميرن سان ڪجي.
جڏهن اهو عهد نامو پيش ڪيو ويو، تڏن ميرن اعتراض
اٿاريا. جنرل کي افواهه ٻڌڻ ۾ آيا ته سکر ۾ مٿس
ڪاهه ٿيڻي آهي، تنهن ڪري دڙڪي جو خط مير رستم خان
ڏي لکيائين ته جي ڪو اهڙو ڪم ٿيو ته آئون هڪدم
خيرپور تي ڪاهه ڪري سڄو شهر ناس ڪري ڇڏيندس. تنهن
تي مير رستم خان توڙي حيدرآباد وارن ميرن عهد
نامي بحال رکڻ جو دلاسو ڏنو، مگر جنرل ڏٺو ته
جيسين ميرن جا اعتراض لارڊ ايلمبرو ڏي وڃن ۽ انهن
تي ويچار ٿئي ۽ جواب اچي ۽ فيصلو ٿئي، تيسين سياري
جي موسم گذري ويندي ته پوءِ سخت گرمي ۾ ڪجهه ڪري
ڪين سگهبو. ڊسمبر جي 15 تاريخ حڪم ڪيائين ته جن
شهرن جو ذڪر عهد نامي ۾ آهي في الحال ته وڃي
والارجن، ڇهه هزار ماڻهو وٽس سکر ۾ موجود هئا ۽ ٻه
هزار ڪراچي ۾ هئا. ميرن جو لشڪر جاسوسن جي معرفت
معلوم ٿيس ته ويهه ٽيهه هزار آهي، بلڪه سٺ هزار به
پئي چيائون، جو هيڏي هوڏي پئي چريو پريو. جنرل
هڪدم حڪم ڏنو ته لشڪر درياه لنگهي روهڙي ۾ اچي،
جتي منزلگاهه ڪيائين ۽ بنگال وارو لشڪر جو ساڻس هو
تنهن کي موڪليائين ته وڃي سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ بارا جو
قبضو وٺي. سکر ۾ ايترو لشڪر ڇڏيائين جو جيڪڏهن
لاڙڪاڻي مان ميرن جو لشڪر ڪاهي اچي ته شهر بچائي
سگهن. الور وٽ جنرل جي منزل گاهه هئي.
هوڏانهن مير رستم خان جي پٽن جي ساڻس گڙٻڙ هئي ۽
هيڏانهن انگريزي سرڪار جو ڊپ پاڻ تمام ضعيف ۽ پير
مرد، فڪر ۽ انتظار جو بار سهي نه سگهيو، ارادو
ڪيائين ته پڳ ۽ گادي جي پچر ڇڏي وڃي پوئين عمر ۾
ڪي ڏينهن آرام وٺان. خود سندس پٽن ۾ به تڪرار هو،
هر ڪو ڀانئي ته مون کي پڳ ۽ گادي ملي. سڀني جي
مرضي هئي ته مير علي مراد خان کي نه ملي، جنهن جو
حق زياده سمجهڻ ۾ ٿي آيو. جنرل ڏي لڪ چوري پيغام
موڪليائين ته آئون تو وٽ اچي پناهه وٺڻ ٿو گهران،
متان پٽن مان ۽ ٻين مائٽن مان مون کي نقصان پهچي،
جنرل جواب موڪليس ته منهنجي منزلگاهه جي پناه
لاچاري جي وقت حاضر آهي، مگر بهتر ائين آهي ته تون
پنهنجي ڀاءُ جي پناهه وٺين، يعني مير علي مراد جي،
اگرچه اهو پيغام ڳجهو موڪليائينس ته به ظاهري طرح
سندس پٽن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ سرڪاري طرح حڪم
لکيائين ته سرڪاري ٽپال پهچڻ ۾ حرڪت ٿي ٿئي، تنهن
ڪري اوهين لشڪر گڏ ڪرڻ بند ڪريو ۽ ڪي به هٿيارن
وارا ماڻهو گهمڻ نه ڏيو.
جنرل جي صلاح وٺي مير رستم خان عيال اطفال سميت
پنهنجي ڀاءُ مير علي مراد خان ڏي ڪوٽ ڏيجي ڏي ويو.
انهيءَ ڪري مير علي مراد خان زور وٺي ويو ۽
انگريز سرڪار وٽ اڳئي برک هو، تنهن ڪري سنڌ جي
انهيءَ اتر واري ڀاڱي جي خاطري ٿي. مگر مير رستم
خان جا پٽ ڊپ کان ٿر ڏي ڀڄي ويا هئا ۽ لشڪر به حڪم
موجب ڪڍي ڪين ڇڏيائون، تنهن ڪري جنرل ارادو ڪيو ته
ٿر وارو قلعو امام ڳڙهه جتي هو گڏ ٿيا آهن، جيڪو
سئو ميلن تي آهي، انهيءَ کي وٺي.
انهيءَ وچ ۾ مير رستم خان پهرين مير علي مراد خان
کي سمجهايو ته انگريزن جو پاسو نه وٺي جو هو ملڪ
ڦريو ٿا وڃن ۽ ائين ڪرڻ ڪري کيس پڳ ڏيڻ جي لاءِ
تيار آهي ۽ حيدرآباد وارن ميرن به صلاح ڏنين ته
ٻار ٻچا ڪڍي ٿر ڏي موڪلين جو اتي انگريزن کي اچڻ
مشڪل ٿيندو ۽ پوءِ پاڻ ملڪ جي لاءِ وڙهن، پير علي
گوهر شاهه جو مير علي مراد خان وٽ برکه هو، سو به
مير نصير خان ۽ مير محمد حسين کي ڌتاري ڪوٽ ڏيجي ۾
وٺي آيو، انهيءَ لاءِ ته مير علي مراد خان وٽ پيش
پون ۽ انهيءَ جي صلاح تي هلن. پهرين افواهه اهي
هئا ته مير علي مراد خان ائين ڪندو ۽ ٻين ميرن سان
شامل ٿيندو، جيئن مير رستم خان جي فسادي وزير فتح
محمد غوريءَ جي رٿ هئي. آخر مير رستم خان قرآن تي
پڳ مير علي مراد خان کي لکي ڏني. مير علي مراد خان
خانگي طرح انهيءَ جو اطلاع جنرل نيپئر کي ڏنو جنرل
جواب ۾ لکيو ته انهيءَ هوندي به منهنجي مرضي آهي
ته مير رستم خان کي ملان ۽ روبرو خاطري به ڪريان ۽
هن کي به خاطري ڏيان ۽ انهيءَ لاءِ مير رستم خان
ڏي لکيائين به، پر مير رستم خان کي ڊپ ٿيو ۽ شڪ
پيو ته شايد هن کي قيد ڪرڻ ٿو گهري يا ن ته مير
علي مراد خان جي مرضي نه هئي ته هن جي ملاقات ٿئي،
تنهن ڪري مير رستم خان کي اهو ڊپ ۽ شڪ ڏنائين تنهن
ڪري مير رستم خان جيئن خيرپور ڇڏي هئي، تيئن ڪوٽ
ڏيجي به ڇڏي عيال اطفال سوڌو ٿر ڏي ويو.
ميرن جي نڪرڻ ڪري خيرپور ۾ اچي ڀاڄ پئي، شهر خالي
ٿيو. مير علي مراد خان پنهنجو وزير شيخ علي حسين
موڪليو، جنهن وڃي خيرپور جو قبضو ورتو، ۽ مال
خزانو جيڪو هٿ آيو سو قابو ڪيائين ۽ ميرن جا ديرا
سڀ ٿر جي رستي حيدرآباد روانا ٿيا، انهيءَ لاءِ ته
اتي حفاظت ۾ رهن.
مير محمد حسين ۽ ٻيا ڪي مير لشڪر گڏ ڪرڻ لڳا. ولي
محمد چانڊيو جو ڀائٽيو جلي به ساڻن شامل ٿيو. علي
مراد ابڙو ترائي وارو، جنهن جو حڪم لاڙڪاڻي تائين
ٿي هليو. سو به ساڻن شامل ٿيو. اٺن ڏهن هزارن
ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو امڪان هو. ارادو هو ته انگريزن
سان وڙهن ۽ پوءِ مير علي مراد سان، نه ته به ملڪ
ڦري ناس ڪري ڇڏين، ڪي مير شاهه ڳڙهه ۾ وڃي گڏ ٿيا
۽ ڪي امام ڳڙهه ۾.
هوڏانهن مير علي مراد خان جو وزير شيخ علي حسين،
جيڪو انگريز سرڪار جي فائدي ۾ هو، تنهن وجهه وٺي
مير رستم خان جي وزير فتح محمد غوري کي کڻي قيد
ڪيو، جو انگريز سرڪار جي برخلاف هو ۽ ميرن توڙي
ٻين بلوچن کي پيو چوريندو هو.
جنرل نيپئر جنوري جي شروع ۾ روهڙي مان ڪوٽ ڏيجي
آيو ۽ ٻئي ڏينهن امام ڳڙهه ڏي روانو ٿيو. اهو تمام
مضبوط قلعو شمار ۾ آيل هو. مير علي مراد خان به
جنرل سان هو ۽ جنرل کي چيائين ته آئون پاڻ اهو
قلعو وڃي ٿو وٺان. پر جنرل چيس ته ڀلي آئون وٺان
ته سڀني ميرن کي خبر پوي ته اسين ٿر کان به نٿا
ڊڄون.
جنرل کي معلوم ٿيو ته ميرن جو وڏو لشڪر ڊنگي ۾ آهي
۽ لارڪاڻي کان به پندرهن هزار ماڻهو اتي مدد لاءِ
آيا آهن، انهيءَ لاءِ ته سکر تي ڪاه ڪن ۽ ٻه هزار
ماڻهو ٿر واري قلعي امام ڳڙهه ۽ جيسلمير جي حد
واري شاهه ڳڙهه ۾ آهن. پندرهن سو اٺ هٿ ڪري ٻن
توبن سان جنرل نيپئر ٿر ڏي امام ڳڙهه ڏانهن روانو
ٿيو. پنج سئو ماڻهو ساڻ هئس. پندرهن ڏينهن جو کاڌو
۽ چئن ڏينهن جو پاڻي کنيائون. 5 تاريخ جنوري 1843ع
جي روانا ٿيا ۽ اٺن ڏينهن ۾ اتي وڃي پهتا. رستي ۾
ڏاڍيون تڪليفون ڏٺائون، ويجهو وڃي توبن سان قلعو
ڀڳائون ۽ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيائون. ميرن جو گهڻو
لشڪر اڳي نڪري ويو هو، باقي جيڪو هو سو به ڀڄي
ويو، حالانڪه امام ڳڙهه پڳ واري جي ملڪيت هئي ۽
مير علي مراد خان ساڻ هو، تنهن هوندي به جنرل جي
خيال ۾ آيو ته متان اهو قلعو سلامت رهي، يا وري
خود مير علي مراد خان جو پوءِ خيال بدلجي يا پس
پيش وري ڪم اچ، بهتر آهي ته تنهن کان انهيءَ کي
ڊاهي پٽ ڪري ڇڏڻ گهرجي. قلعو ڊاهي جنرل نيپئر اڳتي
ڊنگيءَ ڏي هليو. پر اتي جو لشڪر به اڳي ئي ڀڄي
ويو، تنهن ڪري جنرل وري پٺ تي موٽيو ۽ اوٽرام صاحب
کي اڳي ئي خيرپور موڪليائين ته اشتهار ڪرائي ته 25
تاريخ جنوري جي سڀ مير پنهنجي سِر يا وڪيلن جي
مرفت اچي حاضر ٿين ۽ عهد نامو پورو ڪن. رستي ۾
اوٽرام صاحب کي مير رستم خان گڏيو جو ستن ماڻهن
سان پنهنجن ڀائٽين جي مدد لاءِ ڊگيءَ جي پاسي ٿي
ويو. شايد امام ڳڙهه جي ناس ٿيڻ جي خبر ڪا نه هيس.
اوٽرام صاحب صلاح ڏنيس ته هلي خيرپور جنرل سان
گڏج. انهيءَ مهل انجام ڪيائين، پر اوٽرام صاحب جي
رواني ٿيڻ تي پاڻ حيدرآباد جي پاسي ڏي رخ رکيائين.
هجري سن 1246 ع سندس وفات جي تاريخ ابجد جي
حساب سان هن طرح ٿي نڪري- طشت ازبام افتاد ۽
هن مصرع مان به زبام فلڪ شد فرود آفتاب ۽ هن
مان محب خاص پنجتن.
شاهنامي ۾ سهراب رستم پهلوان جو پٽ هو، پر
هتي رستم سهراب جو پٽ هو.
نونهار اصل لفظ نونار آهي، يعني لوڻ ٺاهڻ جي
جاءِ تي اهو نونر يا نونار خيرپور جي نزديڪي ۾
هئا.
|