ديباچو
هندستان ۾ گهڻو ڪري سڀني هندو توڙي مسلمان راڄواڙن
۽ رياستن جون مفصل تاريخون لکيل آهن جي انهن
رياستن جي والين ڇپائي پڌريون ڪيون آهن، مگر سنڌ ۾
جيڪا فقط هڪڙي رياست خيرپور جي آهي، تنهن جي اهڙي
ڪا مفصل تاريخ ڇپايل نظر ڪا نه آئي. ٻه ٽي ورهيه
ٿيا ته پالن پور رياست جي تازي تاريخ اردو ۾ لکيل
۽ رياست جي ڇپايل، ان جي مصنف سيد گلاب ميان مير
منشي، مهرباني ڪري تحفي طور مون ڏي موڪلي، اها
اهڙي خوشخط لکيل ۽ ڇپايل هئي ۽ ڪاغذ اهڙا عمدا ڪم
آيل هئا ۽ جلد اهڙو خوبصورت ٻڌل هو ۽ وري منجهس
ايتريون تصويرون ڏنل هيون، جو تعريف ڪرڻ کان ٻاهر
آهي. اهڙو ڪتاب هر ڪنهن ڪتبخاني جو زيب زينت ٿي
سگهي ٿو ۽ انهيءَ رياست جو اهو هڪڙو عجيب تحسين
جهڙو تحفو سڏي ٿو سگهجي. اهو ڪتاب ڏسي مون کي دل ۾
آيو ته اسان جي سنڌ ۾ جا خيرپور رياست آهي ۽ تنهن
جي ڇو نه اهڙي تاريخ لکجي، جو اڳئي سنڌ جي تاريخ
انگريزي ۾ لکي اٿم، جا سرڪار ڇاپائي آهي ۽ سنڌي ۾
به لکي اٿم جا سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪم پئي اچي.
انهيءَ ارادي سان آئون انگريزي ۽ فارسي ڪتابن تان
گهربل مضمون گڏ ڪرڻ لڳس. سن 1919ع ۾ جڏهن خيرپور ۾
آل انڊيا محمدن ايڊوڪيشنل ڪانفرنس گڏ ٿي ۽ آئون به
اتي ويس، تڏهن گهربل مڪاني احوال به روبرو گڏ ڪيم
۽ وزير ميان محمد ابراهيم خان صاحب جي مهرباني سان
رياست جي ڪتبخاني مان به ڪي انگريزي، فارسي ۽ اردو
ڪتاب هٿ ڪري مطالعو ڪيم ۽ انهن مان ضروري انتخاب
ڪڍيم، بلڪه رياست جي دفتر مان به ڪي ڳالهيون ڪڍي
موجود ڪيم. اهي ڪتاب هي آهن، بلوبڪ پارليامينٽ جو
يعني سنڌ ڪرسپانڊنس، خاص رياست خيرپور بابت
سرڪاري ڪرسپانڊنس، لانگلي صاحب وارو ڪتاب، برنس
صاحب وارو ڪتاب، سنڌ گزٽيئر ۽ ڪي ٻيا انهن کان
سواءِ پنهنجي انگريزي سنڌ جي تاريخ مون کي زياده
ڪم آئي. ڪتاب جي پوري ٿيڻ کان پوءِ سگهو ئي
هزهائينس مير سرامام بخش خان وفات ڪئي ۽ هزهائينس
مير علي نواز خان صاحب رياست جي گادي تي ويٺو ۽
ميان محمد ابراهيم جي وڃڻ ڪري شيخ محمد قادر وزير
ٿيو. انهيءَ پوئين ورهيه ٻن جو احوال، جو ڪتاب جي
پوري ڪرڻ لاءِ گهربل هو، سو شيخ صاحب مٿين موجود
ڪري ڏنو ۽ ڪتاب ۾ وجهڻ لاءِ گهربل تصويرون به خاص
طرح ڪڍائي موڪليائين ۽ ڪتاب جي ڇاپڻ جو به رياست
جي طرفان ذمو کنيائين، انهيءَ لاءِ آئون مير صاحب
هاڻوڪي واليءَ جو ۽ اڳوڻي وزير جو گهڻو شڪر گذار
آهيان.
حيدرآباد قليچ بيگ
1 جنوري 1922ع
باب پهريون
خيرپور جي جاگرافيائي ۽ ٻيو طبعي احوال
رياست خيرپور جون حدون هي آهن. اتر اڀرندي ڏي سکر
ضلعو، اڀرندي ڏي جوڌپور ۽ جيسلمير جا راڄواڙا، ڏکڻ
۽ ڏکڻ اڀرندي ڏي ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد جا ضلعا ۽ اتر
الهندي ڏي سنڌو ندي آهي. ان جي تمام وڏي ڊگهائي
120 ميل آهي ۽ ان جي تمام وڏي ويڪرائي 70 ميل آهي.
انجي پکيڙ 605 چورس ميل آهي، اگرچه اها درياه جي
ڦرڻ ڪري ٿورو گهڻو گهٽ وڌ ٿئي ٿي. سن 1921ع ۾ ان
جي آدمشماري 193152 هئي جا اڳوڻي ڏهه سالي
آدمشماريءَ کان 30636 ماڻهو گهٽ هئي.
هن رياست جي حدن اندر ٽي ٽڪر انگريز سرڪار جي ملڪ
جا آهن، جي ڪنگري ۽ مينگهوالي جا تپا آهن ۽ روهڙي
تعلقي ۽ سکر ضلعي سان لاڳو آهن.
رياست خيرپور جو ڏکڻ اڀرندي وارو اڌ انهيءَ
ريگستان جو ڀاڱو آهي، جو ٿورو سکر ضلعي ۾ ۽ گهڻو
ٿرپارڪر ضلعي ۾ اچي ٿو وڃي انهن ۾ گهڻي آبادي ڪا
نه ٿئي ٿي، مگر اٺن ۽ ڍورن جي چاري جهڙا وڻ ٻوٽا
آهن، رياست جي الهندي ۽ اتر وارا ڀاڱا سکر ۽
حيدرآباد ضلعن جي پاسي وارن ڀاڱن جهڙا آهن ۽
جيستائين انهن کي اڀرندي ناري جو ۽ سنڌو ندي ۽
انهيءَ ما نڪتل واهن جو پاڻي پهچي ٿو سگهي،
تيستائين چڱا آباد آهن. خيرپور شهر جي آسپاس واري
ملڪ ۾ ٽاليءَ جا وڻ گهڻا ٿين ٿا ۽ انهن کي ڏاڍو
سهڻو ڪيو بيٺا آهن. هڪڙي ٽڪرن جي قطار جا اٽڪل
ارڙهن ميلن تائين روهڙي کان ڏکڻ ڏي روهڙي تعلقي ۾
وڃي ٿي ۽ 450 فوٽ سمنڊ جي سطح کان مٿي آهي ۽ 300
فوٽ آسپاس جي زمين کان مٿي آهي، سا انهيءَ کان
پوءِ ساڳئي طرف ٽيهه ميل ٻيا به خيرپور مان هلي
ويئي آهي ۽ اتي وڃي سترهن ميلن ۾ پکڙي آهي. انهن
ٽڪرن ۾ ڪو وڻ ٻوٽو ڪونهي، مگر منجهان برسات جي
موسم ۾ نيون نڪرن ٿيون، جن کان سواءِ ملڪ ۾ ڪا
ندي يا نهر ڪانهي، سواءِ اڀرندي ۽ ناري جي، درياهه
جي اٿل آبڪلاڻيءَ جي ڏينهن ۾ اتر کان سکر ضلعي مان
ناري جي پاسي کان اڳي ايندي هئي، پر هاڻي نٿي اچي،
واٽ تي آئي آبادي جي ڪم ۾ اچي وڃي ٿي.
خيرپور رياست جي آبهوا گهڻو ڪري سنڌ جي اتر واري
ڀاڱي جهڙي آهي يعني سياري ۾ گهڻي سرد آهي ۽ اڪثر
پارو ڄمي ٿو ۽ آرڙهه ۾ گهڻي گرمي آهي ۽ ٿرما ميٽر
120 درجي تائين چڙهي ٿو. سيارو نومبر مهيني کان
شروع ٿئي ٿو ۽ اونهارو مارچ کان، مينهن سراسري ٻه
انچ يا ٿورو مٿي پوي ٿو، جيئن سکر ضلعي ۾ آهي.
نباتي، معدني ۽ حيواني پيدائش هي آهي: 331 چورس
ميل ٻيلي هيٺ آيل آهن، جن مان 200 چورس ميل خاص
شڪارگاهه آهن، ٻيلن ۾ ٻٻر ۽ ڪنڊي جا گهڻا وڻ آهن ۽
ڪنڊ ۽ لَين جو جهنگ گهڻو آهي، ٻيلي جي نظرداريءَ
لاءِ عملدار مقرر آهن ۽ ڪاٺين جي وڪري مان چڱي
پيدائش ٿئي ٿي. هڪڙي سال ۾ اٽڪل 36. 37 هزار ٿيندي
آهي، درياهه کي ويجهو بهڻ ۽ ٽاليءَ جا وڻ گهڻا ٿين
ٿا، عمارتن جي ڪم لاءِ ٽڪرن مان پٿر اچن ٿا. مگر
ٻي ڪا ڪمائتي معدني پيدائش ڪانهي، سواءِ ميٽ ۽
چانيهي جي، ميٽ ٽڪرن مان نڪرندو آهي ۽ چانيهو ٿر
وارين ڍنڍن مان گڏ ٿيندو آهي. هن حد جو چانيهو
ٿرپارڪر جي چانيهي کان بهتر آهي، جو منجهس لوڻ
تمام ٿورو ٿئي ٿو، تنهن ڪري انهيءَ جو گهڻو انداز
انگريز سرڪار جي ملڪ ۾ وڪري لاءِ ويندو آهي، جهڙو
سنڌ ۾ تهڙو بمبئي جي پاسي، انهيءَ مان رياست کي
چڱي پيدائش ٿئي ٿي.
رياست جي حد ۾ نباتات مان هيٺيان قسم لڀن ٿا، جي
ٻيلن، جهنگ ۽ باغن ۾ ٿين ٿا، ٻٻر، ڪنڊي، سرنهن،
ٻير، ٽالي، نم، گدامڙي، گيدوڙي، ليسوڙي، ليار،
لئو، ڪرڙ، کٻڙ، ڪانڊيرو، اڪ وغيره. ٻنين ۾ هيٺيون
جنسون پوکبيون آهن، جهڙوڪ: ساريون، ڪڻڪ، جوار،
ٻاجهري، جَوَ، چڻا، مٽر، مڪائي، سرنهن، ڄانڀو، تر
چونئرا وغيره. ميون مان هيٺيان ٿيندا آهن: انب،
صوف، توت، ڏاڙهون، نارنگيون، زيتون، ڪيوڙا، ڊاک،
ڄمون، صوفي ٻير، ليمان، ڇاهيون، گدرا، ونگا، ڪدو،
ميها ۽ ٻيون سنڌي ڀاڄيون .
حيوانات مان رواجي چوپائي مال ۽ وهٽن کان سواءِ
ٻيلن ۽ جهنگن ۾ هيٺيان جانور آهن: گدڙ، بگهڙ،
لومڙ، سَها، جهنگلي ٻلا، هرڻ، ڦاڙا، چراغ وغيره،
سرندڙ جانورن مان گهڻن قسمن جا نانگ ۽ بلائون، نور
نوريئڙا، ڄاها، ڳوهون، ڪرڙيون، ڪئا وغيره، پکين
مان پاليلن ۾ ڪڪڙن ۽ بدڪن کانسواءِ هي آهن. ڪانگ،
جهرڪيون، بلبليون، ڪٻريون، ٻٻرا، چٻرا،
وهيا،ڳيرا،پاريل ڪبوتر، مور، ڪهنگ ۽ پاڻي جا پکي،
پاڻي جي ساهه وارن مان پلا ۽ ڏنڀرا ۽ ٻيون رواجي
مڇيون ۽ انهن کان سواءِ ڪميون ۽ ڪڇون ۽ سيسر
واڳون به آهن.
خيرپور رياست جي ڪل آدمشماري سن 1921ع واري پوئين
سينس موجب 193152 آهي، جيئن مٿي به ڏيکاريل آهي.
اها اڳوڻن آدمشمارين کان گهڻو گهٽيل آهي، سراسري
آدمشماري مان سَوَ تي اٽڪل 18.3 هندو آهن ۽ 81.7
مسلمان آهن. هندن مان گهڻا مڙئي لوهاڻا يا واڻيان
آهن، مسلمانن مان گهڻا سنڌي آهن ۽ٿورا ٻروچ، سنڌين
مان به گهڻا سَما آهن ۽ ٿورا سومرا ۽ ٻروچن ما
مکيه رند، مري، چانڊيا، جتوئي ۽ ٿورا بڙدي ۽ ڊومڪي
آهن. ساري آدمشماري مان سَوَ تي 69 سيڪڙو پوک ڪندڙ
آهن. خلاصي خيرپور شهر جي آدمشماري پندرهن هزارن
کان مٿي آهي.
باب ٻيو
سنڌ جو قديمي تاريخي احوال
هاڻوڪي خيرپور واري ڀاڱي سميت
رياست خيرپور جو قديم تاريخي احوال سنڌ جي قديم
تاريخي احوال ۾ اچي وڃي ٿو. هاڻوڪو خيرپور جي
آسپاس وارو ملڪ سنڌ جي قديم گادي جي هنڌ الور يا
اروڙ جي ويجهڙائيءَ ۾ هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾
پنجاب به شامل هو، هاڻوڪي سنڌ کان ٻيڻو ٽيڻو وڏو
هو. ڊگهائي ۾ ڪشمير کان وٺي عربي سمنڊ تائين هو ۽
ويڪرائي ۾ ايران کان وٺي راجپوتانا تائين هو.
افغانستان ۽ بلوچستان جا ڀاڱا به انهيءَ ۾ داخل
هئا. انهيءَ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ جدا جدا قلعا هئا ۽
جدا جدا حاڪم هئا. الور گادي جو هنڌ هو. انهن
ڏينهن ۾ درياهه الور وٽان وهندو هو. الور يا
هاڻوڪو اروڙ روهڙي يا لوهري کان ٽي چار ميل پري
هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جا حاڪم راءِ گهراڻي جا هئا،
جن جي حڪومت اٽڪل سوا سؤ ورهيه هلي، انهيءَ گهراڻي
جو پنجون راجا راءِ سهسي هو، جو بنا اولاد مري ويو
۽ سندس راڻي انهيءَ راجا جي وزير چچ برهمڻ کي کڻي
تخت تي ويهاريو ۽ پاڻ انهيءَ سان شادي ڪيائين.
انهيءَ طرح برهمڻ گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي. اهي
برهمڻ ٻڌ ڌرم جا هئا. انهن جي حڪومت اسي ورهيه
هلي، پڇاڙي جو راجا ڏاهر نالي هو، جو چچ جو پٽ
هو، جڏهن هو ٽيٽيهه ورهيه راڄ هلائي رهيو، تڏهن
ڌارين سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ راجا ڏاهر کي ماري سنڌ
پنهنجي هٿ ڪيائون. اهو هجري سال 92 ۽ عيسوي 711ع
هو. محمد بن قاسم ثقفي عربن جو سپهه سالار هو،
جنهن الور ۾ اچي راجا کي ماريو ۽ الور ورتو. تنهن
کان پوءِ بني اميه ۽ بني عباس گهراڻن جي خليفن هيٺ
سنڌ ۾ چڱو سڌارو ٿيو. اها عربن جي حڪومت اٽڪل پوڻا
ٽي سؤ ورهيه هلي، پوءِ خليفن جي ضعيفي ڪري سنڌ ۾
فساد ٿيڻ لڳا ۽ هڪڙا زور وارا ماڻهو ٻين ڪمزورن
تي غالب پئجي حڪم هلائڻ لڳا. اهو بي بندوبستيءَ
جو زمانو به چاليهه ورهيه هليو، جڏهن 1024ع ۾
محمود غزنوي هندستان تي ڪاهه ڪئي تڏهن وري سنڌ ۾
آرام ٿيو.
غزنوي گهراڻي جي هٿ ۾ به سنڌ پنجويهه ورهيه رهي،
پوءِ جڏهن غزني ۾ فساد ٿيڻ لڳو، تڏهن سنڌ ۾ به
زور واريون قومون خود مختيار ٿيڻ لڳيون، انهن مان
مکيه سومرا ماڻهو هئا جي اصل ۾ هندو هئا، پوءِ
مسلمان ٿيا، ۽ جن جو سردار ابن سومار ملتان جو
حاڪم هو. سومرن جو راڄ به سنڌ ۾ قريب ٽي سؤ ورهيه
هليو، پوئين حاڪم حمير سومري جي ظلمن ڪري فساد ٿيڻ
لڳو ۽ سما ماڻهو جي زور ڀريا هئا تن هن کي ماري
پنهنجي سردار ڄام انڙ کي گادي تي ويهاريو. اهو
واقعو 1351ع ۾ ٿيو. سما به سومرن وانگي اصل هندو
هئا جي پوءِ مسلمان ٿيا هئا، هنن بکر هڪڙي پاسي ۽
ڪڇ ٻئي پاسي ورتو. انهي گهراڻي جي حڪومت هڪ سئو
ستر ورهيه هلي، پويون ڄام نظام الدين هو، جنهن جي
ڏينهن ۾ شاهه بيگ ارغون قنڌار کان سنڌ تي ڪاهه
ڪئي ۽ اهو ملڪ ورتائين ۽ بکر ۽ ٻين هنڌن تي ڪوٽ
جوڙايائين. اهڙيءَ طرح 1521ع ۾ ارغون گهراڻي جي
حڪومت شروع ٿي، شاهه بيگ ۽ سندس پٽ شاهه حسن
ٽيٽيهه ورهيه سنڌ ۾ حڪومت ڪئي. پوءِ سنڌ جي حڪومت
ڇڄي ٻه ڀاڱا ٿي ۽ ارغون گهراڻي جي ٻن وڏن سردارن
مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمد پاڻ ۾ اهي ڀاڱا
ورهائي ورتا. پهريون ٺٽي ۾ رهيو ۽ ٻيو بکر ۾ سگهو
ئي انهن ٻنهي جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو. سلطان محمد ڌيءُ
جو سڱ دهلي جي مغل بادشاهه اڪبر کي ڏنو هو، سو
جڏهن پاڻ مئو ۽ ٻيو وارث ڪو نه هئس، تڏهن بکر اڪبر
بادشاهه جي هٿ ۾ آيو، جنهن پنهنجي پاران سنڌ ۾
نواب مقرر ڪيو. اهڙيءَ طرح 1590ع ۾ دهلي جي
شهنشاهن جي نوابي يا صوبيداري شروع ٿي. ميان نواب
ميان يار محمد ۽ سندس پٽ ميان نور محمد عباسي
ڪلهوڙا هئا. 1939ع ۾ جڏهن نادر شاهه پهرين هندستان
تي ۽ پوءِ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن ميان نور محمد،
جنهن پاڻ کي انهيءَ گڙٻڙ ۾ خودمختيار ڪيو هو، تنهن
کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪري پنهنجو ڍل ڀرو ڪيائين.
اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت شروع ٿي جا
1781ع تائين هلي. پويون حاڪم ميان عبدالنبي هو،
جنهن جي ڏينهن ۾ ٽالپر بلوچن زور ورتو ۽ ميان جي
مٿن ظلم ڪرڻ ڪري هنن انهن تي ڪاهه ڪري سنڌ ورتي ۽
پوءِ ٽالپرن جي حڪومت شروع ٿي جا 1843ع تائين
هلي، جڏهن سنڌ انگريز سرڪار جي هٿ ۾ آئي.
اها آهي مختصر ڳالهه سنڌ جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي تاريخ
جي جا اسان هن وقت تائين آندي آهي، جنهن وقت
هاڻوڪي خيرپور جي رياست ۽ انهيءَ جي هاڻوڪن حاڪمن
جي خاندانن جو واسطو شروع ٿيو. رياست خيرپور واري
ڀاڱي الور، روهڙي ۽ بکر وارن شهرن سان ته تعلق
رهيو آهي، جي اڳي حڪومت جون مکيه جايون هيون ۽
رياست جا ڪي مڪان آهن جن جا نالا اڳوڻي تاريخ ۾
اچن ٿا، مثلاً ٻٻرلوءِ جو ڳوٺ، جو رياست جي حد
اندر آهي ۽ روهڙيءَ کي ويجهو آهي، مرزا شاهه حسن
ارغون جي ڏينهن ۾ مرزا ڄام فيروز سمي کي آخري شڪست
ڏئي انهيءَ ڳوٺ ۾ آيو. گهڻا ڏينهن اتي شڪار ڪري
پوءِ بکر ۾ آيو ۽ اوٻاوڙي ۽ ماٿيلي جي ڏهرن، ماڇين
۽ ٻين قومن کي ماري مڃايائين.
وري جن ڏينهن ۾ دهليءَ جي غزنوي ۽ غوري گهراڻن جي
بادشاهن جا نواب سنڌ ۾ حاڪم هوندا هئا، تن ڏينهن ۾
ڪلهوڙن جي وڏن مان ڄام چينه لوهري جي پرڳڻي
پرالوءِ جي تعلقي ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. جنهن کي
سندن نالي جي پٺيان چينه ٻيلي چوندا هئا. پرالوءِ
جو ڳوٺ جو هاڻي رياست خيرپور ۾ داخل آهي، روهڙي کي
ويجهو آهي ۽ انهن ڪلهوڙن جي بزرگن مان ميان آدم
شاهه هو، جو بکر ۾ رهندو هو، جتي آدم شاهه جي
ٽڪري اڃا مشهور آهي ۽ جنهن کي نواب خان خانان
چانڊڪي تعلقي ۾ زمينداري ڏني، جنهن کي هاڻي
لاڙڪاڻو ٿا چون.
انهيءَ مان معلوم ٿيندو ته قديم وقت کان وٺي
هاڻوڪي خيرپور جو آسپاس وارو ملڪ روهڙي ۽ اروڙ،
بلڪ مٿي اوٻاوڙو ۽ ميرپور ماٿيلو ۽ هيٺ بکر،
شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي حد تائين ۽ درياهه جي هن
پاسي اترادي يا ساهتي پرڳڻو يعني ڪنڊياري ۽ نوشهري
وارو پاسو، اهو سڀ ملڪ هڪڙو ڀاڱو شمار ٿيندو هو.
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي حڪومت ۾ به ائين شمار ٿيندو
هو، ۽ مٿي اتر ڏي بهاولپور يعني دادپوٽن جي پرڳڻي
سان دنگئي هوندو هو.
باب ٽيون
اوائل وارن ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جو احوال
هاڻي اسين پهرين ٽالپرن، ميرن جو ۽ پوءِ خاص
خيرپور وارن مير صاحبن جو ذڪر ڪنداسين. سنڌ جي
تاريخ ۾ ٽالپرن ميرن جو نالو پهرين ميان يار محمد
ڪلهوڙي جي حڪومت وارن ڏينهن ۾ اچي ٿو، جڏهن دهلي
جي شاهزادي محمد معزالدين ميان کي خدا يار خان جو
خطاب ڏئي سيوي جو حاڪم ڪيو، ۽ ميان انهيءَ پاسي
روانو ٿيو، ڪلهوڙا تڏهن سرائي سڏبا هئا ۽ فقير ۽
پير گهر سمجهيا ويندا هئا ۽ مريد رکندا هئا، جيئن
ته ميان آدم شاهه، ميان شاهل محمد ۽ ميان فقير
محمد چانڊڪي پرڳڻي ۾ اڳئي ٿي گذريا آهن، ۽ ٽالپر
بلوچ به سندن مريدن مان هئا. انهن بلوچن مان مير
شهداد خان انهيءَ وقت ۾ ميان يار محمد وٽ زور هو.
انهيءَ وقت واري ديرن واري پرڳڻي ۾ يعني ديري غازي
خان ۽ ديري اسماعيل خان جي پاسي فساد برپا ٿيو هو.
شاهزادو بکر کان ملتان مان ٿيندو انهيءَ پاسي ويو
۽ مير شهداد خان ٽالپر بلوچ کي لشڪر جو مهندار ڪري
فساد بند ڪرڻ لاءِ اوڏانهن موڪليائين. هن ڏاڍي
بهادري ۽ تجويز سان فساد وڃي بند ڪيو، جنهن ڪري
شاهزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي پَٽَ باران واري
زمين جاگير ڪري ڏنائين.
اهو ئي مير شهداد خان آهي، جو ٽالپرن جو وڏو ڏاڏو
شمار ۾ اچي ٿو ۽ جنهن جي پٺيان هو شهداداڻي سڏجن
ٿا ۽ جنهن پوءِ شهدادپور جو شهر ٻڌو، اهو هوتڪ خان
ولد سليمان خان جو پٽ هو، جو وري شاهي خاندان جو
پٽ هو، هوتڪ خان کي ست ڀائر هئا، جن مان هڪڙي جو
نالو مالڪ خان هو جو ميرپور خاص وارن ماڻڪاڻي ميرن
جو ڏاڏو هو ۽ جنهن جو پٽ الهيار خان هو، جنهن جي
پٺيان الهيار جو ٽنڊو ٿو سڏجي. مير شهداد خان کي
ٻه پٽ هئا، هڪڙو مير چاڪر خان ۽ ٻيو مير بهرام
خان. مير چاڪر خان خيرپور وارن ميرن جو ڏاڏو هو ۽
مير بهرام خان حيدرآباد وارن ميرن جو ڏاڏو هو. مٿي
جيڪو شاهو خان سڀني ٽالپرن جو وڏو ڏيکاريو ويو
آهي. تنهن جي چاچي جو نالو ٽالو خان هو، جو
انهيءَ وقت ڌاري سڀني کان وڏو هو ۽ ٽالپرن کي اهو
نالو به انهيءَ کان مليو آهي. مير شهداد خان جي
قبر شاهپور جي ويجهو ديهه قبا شهداد ۾ آهي، سندس
وفات جي تاريخ 2 رجب 1147هه مطابق 1734ع ڏيکاريل
آهي.
ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مرڻ تي سندس پٽ محمد
مرادياب خان کي دهلي جي شهنشاهه سر بلند خان جو
خطاب ڏيئي سنڌ جو نواب مقرر ڪيو، سگهو ئي هو ظلم
ڪرڻ لڳو، تنهن ڪري سردار کانئس ناراض ٿيڻ لڳا.
انهن ۾ مکيه مير شهداد خان جو پٽ مير بهرام خان
هو، انهيءَ ٻين سردارن سان صلاح ڪري ميان کي گادي
تان لاهي سندس ڀاءُ عطر خان کي ويهاريو. پر هن به
گهڻو سوجهرو ڪو نه ڪيو، تنهن ڪري عطر خان کي به
گادي تان لاهي سندس ڀاءُ ميان غلام شاهه کي گادي
تي ويهاريائون، پوءِ ته ڪنهن ڏينهن تائين ٻنهي
ڀائن جي وچ ۾ جنگ پي هلي. مير بهرام ميان غلام
شاهه جو سپهه سالار هو ۽ عطر خان کي احمد شاهه
دراني جي مدد هئي. آخر عطر خان اوٻاوڙو ۾ شڪست
کاڌي ۽ ميان غلام شاهه دهلي جي بادشاهه جي طرفان
شاهه وردي خان جي خطاب سان سنڌ جو نواب مقرر ٿيو.
(1762ع).
ميان غلام شاهه جي مرڻ تي 1772ع ۾ سندس پٽ ميان
محمد سرفراز ”خدا يار خان“ جي خطاب سان سنڌ جو
نواب ٿيو. خدا آباد جو تازو ٻڌل شهر تن ڏينهن ۾
ڪلهوڙن حاڪمن جو تخت گاهه هو. مير بهرام خان جو
ميان غلام شاهه وٽ ڏاڍو مان هو، جيئن ته هو پير
مرد هو، تنهن ڪري پنهنجي پٽ مير بجار خان کي درٻار
۾ پاڻ سان آڻڻ ۽ ملڪ جي صلاح مشورن ۾ شامل ڪرڻ
لڳو. سگهو ئي راڄي ليکي جي حسد ۽ چورت ڪري ميان جي
مير بهرام ۽ سندس پٽن مير بجار ۽ مير صوبدار سان
اڻ بڻت ٿي پيئي، نيٺ ميان مير بهرام ۽ سندس پٽ مير
صوبدار خان کي مارائي ڇڏيو ۽ مير بجار خان ڀڄي حج
ڪرڻ لاءِ هليو ويو. ميرن کي خدا آباد ۾ دفن ڪيو
ويو.
انهيءَ کانپوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دشمني شروع ٿي،
مير صوبدار خان کي مرڻ وقت چار پٽ هئا، مير فتح
علي خان، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير
مراد علي خان، اهي سڀ اڃا ننڍا هئا، منجهن وڏو
ٽالپر مير فتح علي خان هو، جو هن جي پيءُ جو سؤٽ
هو. سو بلوچ لشڪر وٺي ميان تي ڪاهي ويو ۽ حيدرآباد
جو قلعو وٺي، ميان کي شڪست ڏيئي پوءِ موٽي وڃي
پنهنجي ڳوٺ شهدادپور ۾ رهڻ لڳو، جيستائين مير بجار
موٽي اچي تيستائين ميان ڀڄي ويو.
انهيءَ وچ ۾ راڄي ليکي محمد سرفراز جي جاءِ تي
سندس پٽ محمود خان کي ويهاريو، پر پوءِ انهيءَ کي
به ناپسند ڪري ميان غلام نبي کي گادي تي
ويهاريائين جو ميان نور محمد جو پٽ هو. سگهو ئي
مير بجار خان حج پڙهي موٽي آيو ۽ پنهنجا بلوچ ڇهه
هزار ماڻهو گڏ ڪري ميان غلام نبي سان لانياريءَ ۾
وڃي وڙهيو، جنهن ۾ ميان مارجي ويو ۽ بلوچن فتح
ڪئي. مير بجار خان حيدرآباد مان ميان عبدالنبي کي
گهرائي گادي تي ويهاريو، جو ڪلهوڙن مان باقي اهو
جيئرو هو ۽ ٻيا حقدار هن اڳيئي مارائي ڇڏيا هئا.
پهرين ته بلوچ سردار ميان جي پاران جنگيون ڪندا
رهيا، پر نيٺ ميان بدگمان ٿيو ۽ ڪن دشمنن چورت تي
جوڌپور جي رراجا جي مدد سان ميربجار خان کي مارائي
ڇڏيائين (1781ع). هن جي مرڻ تي سندس پٽ مير
عبدالله بلوچن جو سردار ٿيو. اهو مير چاڪر جي پٽ
مير سهراب خان ۽ مير صوبدار جي پٽ مير فتح خان سان
گڏجي ميان ڏي ٿي ويو ته ميان ڊپ کان ملڪ ڇڏي قلات
ڏي ڀڄي ويو، تنهن ڪري مير عبدالله سندس هڪڙي عزيز
ميان صادق علي کي کڻي گادي تي ويهاريو. سگهو ئي
پوءِ ميان عبدالنبي جا پٽ جيڪي جوڌپور ڏي ڀڄي ويا
هئا سي راجا جي مدد وٺي سنڌ ۾ آيا. ميان بلوچن جو
لشڪر وٺي وڃي هنن کي شڪست ڏني، بلوچن جي لشڪر ۾
مير عبدالله خان وچ لشڪر ۾ هو ۽ مير سهراب خان
هڪڙي پاسي هو ۽ مير فتح علي خان ٻئي پاسي،مير فتح
علي خان وري سڀني جي اڳيان لشڪر وٺي هليو، انهيءَ
لڙائيءَ ۾ بلوچن کي ڏاڍو لٽ جو مال هٿ لڳو، تنبو،
غاليچا، توبون، هاٿي، اُٺَ ۽ سون جا ڪنگڻ وغيره.
اڃا فتحمند بلوچن آرام مس ورتو ته مير غلام علي
خان جو خط هڪڙو قاصد کڻي آيو، جنهن ۾ لکيل هو ته
ميان عبدالنبي قلات جي خان محمد نصير کان بروهين
جو لشڪر وٺي لاڙڪاڻي ۾ آيو آهي ۽ لشڪر جو مهندار
سندس نالي زرڪ آهي. هي به لکيل هو ته ميان خان سان
اهو انجام ڪيو آهي ته انهيءَ مدد جي عيوض ۾ هو خان
کي ٽي لک رپيا ۽ ملڪ جو ڪو ڀاڱو ڏيندو. انهيءَ
بروهي لشڪر سان سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ مهراب، ڌڱاڻو
جتوئي، جنجهڻ، کوسا ۽ ٻين قومن جا ماڻهو به اچي
شامل ٿيا هئا. جڏهن مير عبدالله ۽ سندس عزيزن اها
خبر ٻڌي تڏهن هڪدم انهيءَ پاسي روانا ٿيا ۽ جالڪ
جي پل وٽ وڃي انهن کي رسيا ۽ دشمن جي لشڪر گاهه جي
سامهون منزل ڪري لهي پيا. ميان ڄاتو ته بلوچ پري
کان پنڌ ڪري ٿڪجي آيا آهن، تنهن ڪري هو هڪدم لشڪر
وٺي مٿس آيو. پاڻ جتوئي ۽ کوسا وٺي وچ ۾ ٿيو ۽ سڄي
هٿ پاسي قلاتي ۽ بروهي پنهنجي سردار زرڪ جي هٿ هيٺ
هليا ۽ کٻي پاسي نومڙيا ٿيا. انهيءَ ترتيب ۾ جنگ
لاءِ ايندو ڏسي مير عبدالله به پنهنجي لشڪر جا ٽي
ڀاڱا ڪيا. ميان صادق علي جو هاٿي تي چڙهيل هو،
تنهن کي مرزو فقير ۽ سندس پٽ باشو ڏئي ميان سان
مقابل ٿيڻ لاءِ موڪليائين، مير فتح خان ۽ نظاماڻي
لشڪر کي نومڙين سان وڙهڻ لاءِ مقرر ڪيائين. پاڻ
مير فتح علي خان سهراب خان کي ساڻ ڪري بروهين سان
سامهون ٿيڻ لاءِ تيار ٿيو، پهرين لڙائي بندوقن سان
شروع ٿي، سگهو ئي مير فتح خان جنهن کي راجپوتن
واري گذريل جنگ ۾ زخم ٿيا هئا ۽ پورو تندرست نه هو
سو هٽڻ لڳو ۽ پوءِ ميان صادق علي به پٺ تي هٽڻ جون
نشانيون ظاهر ڪيون. هي حال ڏسي مير عبدالله ڏاڍي
همت ڪئي. سندس حڪم سان سڀ بلوچ گهوڙن تان لهي پيا
۽ تراريون هٿ ۾ کڻي دشمن جي لشڪر جي وچ واري ڀاڱي
تي ڪاهي آيا. اهڙي همت ڪيائون جو هنن ۾ گڙٻڙ پئجي
ويئي. زرڪ بروهي ۽ مهراب جتوئي ۽ ڪيترائي ٻيا
بهادر سپاهي مارجي ويا، نتيجو اهو ٿيو ته سارو
لشڪر اٿي ڀڳو ۽ بلوچن کي ڏاڍو لٽ جو مال مليو.
پوءِ سڀ خوشين ۾ موٽي خدا آباد ۾ آيا. |