سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: رياست خيرپور

باب: --

صفحو : 10

سن 1875ع ڌاري منشي ڪشنداس پيرسنيءَجي ڪري گوشه نشين ٿيو ۽ سندس ڀائٽيا منشي سجانسنگ ۽ منشي اتم چند مير منشي ۽ وزير مقرر ٿيا. سن 1877ع ۾ جڏھن مير صاحب دھلي واري درٻار تان ٿي آيو ۽ سندس در جو وڌيو ۽ منشي اُتم چند سندس طرفان مھاراجا پٽيالي جي دعوت تان ٿي آيو، تڏھن مير صاحب انهيءَ پنهنجن منشين سجانسنگ ۽ اُتم چند کي اضافو ڏنو ۽ سندن پگھار ھزار رپيو ڪيائين ۽ جاگيرون به ڏنائين. سن 1878ع ۾ جڏھن بمبئي جو گورنر صاحب سر رچرڊ ٽيمپل خيرپور ۾ تشريف فرما ٿيو، تڏھن منشي اُتمچند جي ڏاڍي سرخروئي ٿي. سر رچرڊ پارسي ڄاڻندو ھو ۽ منشي اتم چند به پارسي عربي ۾ ھوشيار ھو. تنهن ڪري گورنر صاحب منجھانس ڏاڍو خوش ٿيو، ايتري قدر جو کيس بلبل بوستان خيرپور ڪري سڏيائين.

سن 1891ع ڌاري مير صاحب جي درٻار ۾ خيرپور جي رھاڪن کان سواءِ ٻيا ڪي ٻاھريان ماڻھو به نوڪري ۾ وڏن وڏن عھدن تي داخل ٿيا. سيٺ ھوتسنگ  شڪارپور وارو ڪيترا سال مختيارڪار ھو ۽ مالي ڪم ۾ گويا مدار المھام جو نائب ھو. ميان واحد بخش پراڻي سکر  وارو رياست جو وڪيل ھو ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب وٽ مير صاحب جي طرفان آمدورفت ۽ ڪم ڪار ڪندو ھو، پر پوءِ سگھو ئي  انهن ٻنهي کي نوڪري ڇڏڻي پئي. ھڪڙو انگريز مسٽر ائڊسن نالي سيٺ ھوتسنگ جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو، مگر انهيءَ مان به مير صاحب راضي نه ٿيو ۽ منشين سان ھن جو تڪرار ٿي پيو، جنهن ڪري ھو نوڪري مان نڪري ويو. انهيءَ کان پوءِ مولوي محمد باقي ھڪڙو ھندستاني قابل ماڻھو مالياتي ڪمن تي رکيو ويو ۽ پنڊت ديا شنڪر ھڪڙو ھندستاني برھمڻ وڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ وٽ ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو. ڪن سالن کان پوءِ  مولوي محمد باقر اوچتو رياست ڇڏي ڀڄي ويو ۽ مٿس سکر ۾ رياست جي پاران مقدمو به ھليو. ساڳي طرح پنڊت صاحب تي به الزام آيو ۽ آخر ھنن کي به خيرپور ڇڏڻي پئي، جنهن  کان پوءِ ميان علي بخش چوڌري جيڪب آباد جو رھندڙ وڏي درجي تي پھتو ۽ گھڻا ورهيه ھليو، بلڪه مير صاحب جي وفات کان پوءِ به نوڪري ۾ ھو ۽ آخر مير فيض محمد خان جي حڪومت ۾ مسٽر قادر داد خان وزير ھن تي جعلسازيءَ جو مقدمو ھلائي ھن کي سزاياب ڪرايو. انهن کان سواءِ سيد فتح علي شاهه ھالاڻي وارو رياست جي واھن کوٽائڻ ۽ بندن جي سنڀال تي مقرر ھو. ڪن ورھين کان پوءِ انهن کي به نڪرڻو پيو. پوءِ سندس پٽ  غلام حسين شاهه آيو جو پڻ پوءِ نڪري ويو، انهيءَ جو  ننڍو ڀاءُ سيد شھاب الدين شاهه اڃا تائين رياست ۾ مختيارڪار آھي. سيٺ ھوتسنگ شڪارپور جي نڪرڻ ڪري سندس پٽ سيٺ کٽڻ سنگ نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو ۽ وڌي وڃي مختيارڪار ٿيو ۽ مير خان محمد خان مدار المھام جي ھٿ ھيٺ ڪم ڪندو ھو. سن 1882ع ۾ مير خان محمد خان وفات ڪئي، جنهن ڪري مير صاحب کي ڏاڍو صدمو  پھتو، تڏھن مالي ڪارخانو سارو منشين جي حوالي رھيو ۽ کٽن  سنگ انهن جي ھٿ ھيٺ رھيو. سرائي لطف علي خان، مير صاحب جو خاص مقرب ۽ حاضر باش ھوندو ھو ۽ مير صاحب جو مٿس گھڻو اعتبار ھوندو ھو. مير صاحب جي مھر سندس  حوالي ھئي ۽ سندس روبرو ڪاغذن جي مھر  ھڻندو ھو ۽ توشا خاني ۽ حبيب خاص يعني خانگي خزاني جو ڪم به ڪندو ھو ۽ صلاحڪار به ھوندو ھو ۽ اپيلن ٻڌڻ ۾ به مدد ڪندو ھو ۽ نير جي پيدائش تي جيڪو خاص ۽ خلاصو عملدار مقرر ھو ۽ جنهن کي فوطو ڪري سڏيندا ھئا، تنهن تي به نظرداري ڪندو ھو. ميان بلي خان لاشاري جاگيردار مينا مدد خان ڀرڳڙي ناري جو ڪاردار به معتبر ۽ مقرب ھوندو ھو، ۽ نازڪ پوليٽيڪل ڪمن سان ڪمشنر صاحبن ۽ گورنر صاحبن ڏي وڪيل ٿي ويندا ھئا. ڊاڪٽري جي عھدي تي راءِ تارا چند ھو جو راءِ جواھر سنگ جو پٽ ھو، جو رياست بلرامپور جي  ھڪڙي معزز خاندان مان ھو. ھو ھميشه مير صاحب سان ھم رڪاب رھندو ھو ۽ مير صاحب جي خاص مصاحبن مان ھڪڙو ھو، وڏي پگھار کان سواءِ ھڪ جاگير به مليل ھوس. جنگي عملدارن مان علي محمد خان پٺاڻ اصل ملتان جو ويٺل ۽ جمعدار الھداد خان ۽ جمعدار حمد ناصر  خان ۽ ٻيا ڪي وڏا  عھديدار ھئا ۽ انهن جي ھٿ ھيٺ  وڏو لشڪر پٺاڻن، مرين، بگٽين ۽ ٻين ٻروچن جو رھندو ھو جن کي زر طلب سڏيندا ھئا. اھي سڀ جنگي عملي وارا مير صاحب جي حياتيءَ جي پڇاڙيءَ تائين ساڻس رھيا ۽ وفادار ۽ نمڪ حلال ٿي گذاريائون.

اھي سڀ عھديدار مير صاحب جي نوڪريءَ ۾ ھئا ۽ معتبر ۽ زور وارا مگر جھڙو زور منشين کي  ھو اھڙو ڪن ٿورن کي ھو. چارئي منشي ڀائر منشي ڪارخانو تمام چڱو ھلائيندا ھئا. اھي چارئي ڀائر رياست جا چار عناصر سڏبا ھئا. انهن جي اولاد مان به ڪي نوڪري ۾ ھئا، جيئن ته منشي منگھارام پٽ منشي وشنداس جو مير صاحب جي خاص ديري عالي سرڪار  جو ساري عمر مختيارڪار ھو ۽ منشي مولسنگ پٽ منشي ڪشنداس جو ۽ منشي ھرگوبند پٽ منشي سجانسنگ جو، جنهن جو ڀاءُ منشي مولراج انگريزي پڙھي بي- اي امتحان پاس ڪيو، انهن کي مير صاحب ولايت ڏي  پڙھڻ لاءِ موڪليو ۽ اتان بئرسٽر ٿي آيو، پوءِ انگريز سرڪار جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو. ھاڻي سکر ۾ سٽي مئجسٽريٽ آھي. منشي سجانسنگ صلح پسند ۽ نرم طبع جو ماڻھو ھو. منشي اُتم چند صاف دل ۽ پرھيز گار ھو ۽ البته نرم مزاج ۽ رعب وارو مدبر ھو. پارسي شعر به چوندو ھو. مسلماني مذھب ۽ قرآن ۽  حديث مان چڱو واقف ھو. شعر ۾ سندس تخلص صبا ھوندو ھو.[] منشي چندا سنگ انگريزي، دان، تيز فھم، انشاءَ پرداز ۽ حاضر جواب شاعر ھو ۽ قاعديدان به چڱو ھو.

مير صاحب جي وفات کان پوءِ، جڏھن مير فيض محمد خان رياست جي واڳ  ورتي ۽ انگريز سرڪار کيس مسٽر قادرداد خان وزير ڪري ڏنو، تڏھن منشي صاحبن کي نڪرڻو پيو. پھريون ڪم جو مسٽر قادر داد خان ڪيو سو اھو ھو ته منشي صاحبن کي رياست مان روانو ڪيائين جو کيس پڪ ھئي ته سندن ھلندي ايتري قدر ھئي، جو خود سندس ھلي نه سگھندي. ھن کي رواني ڪرڻ کان پوءِ ملڪ ۾ سڌارا ڪرڻ لڳو.

انهن منشين جي خاندان جو اصل باني نواب سورجمل ڪڪريجا ھو، جو قريب ٻه سؤ ورھيه اڳي دھليءَ جي پاسي جو رھاڪو ھو، سئو کن ورھيھ ٿيندا جو انهيءَ خاندان جو منشي ڀڳوانداس ملتان مان سنڌ ۾ آيو ۽ مير سھراب خان وٽ اچي نوڪر ٿيو. انهيءَ جو ڀاءُ منشي لالداس قابل حڪيم ۽ طبيب ھو ۽ پالڪيءَ ۾ چڙھندو ھو، جنهن ڪري ھن کي لعلداس پالڪيءَ وارو چوندا ھئا.

باب ويهون

مير فيض محمد خان، مير امام بخش خان ۽

مير علي نواز خان جا وزير

مٿئين باب ۾ مرحوم سر مير علي مراد خان جي وزيرن ۽ ٻين ڪامورن جو احوال ڏنو ويو آھي. ھن باب ۾ سندس پونين جانشينن جي وزيرن ۽ ٻين ڪن خاص ڪامورن جو ذڪر ڪجي ٿو. مٿي معلوم ٿيو ھوندو ته مرحوم مير سر فيض محمد خان کي پھرين انگريز سرڪار جي طرفان خان بهادر قادر داد خان وزير ٿي مليو، جنهن ملڪ ۾ گھڻا سڌارا ڪيا، انهيءَ جي وفات کان پوءِ سندس وزير سردار محمد يعقوب ٿيو، جنهن انهن سڌارن کي وڌايو. انهيءَ جي وفات کان پوءِ شيخ صادق علي وزير ٿيو، جنهن جي وزارت جي ڏينهن ۾ مير فيض محمد خان وفات ڪئي ۽ مير امام بخش خان گادي تي ويٺو. انهيءَ جي حياتيءَ ۾ وري شيخ صادق علي وفات ڪئي، جنهن جي جاءِ تي ميان محمد ابراھيم وزير ٿيو. انهيءَ مير صاحب جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ ميان محمد ابراھيم نڪري ويو ۽ شيخ محمد قادر وزير ٿي آيو جو اڃا ھلندو اچي. سگھو  ئي پوءِ مير امام بخش خان وفات ڪئي ۽ ھز ھائينس مير علي نواز خان گاديءَ تي ويٺو، جنهن جي حڪومت پئي ھلي.

مٿين وزيرن جي ڏينهن ۾ جيڪي سڌاري جا ڪم رياست ۾ ٿيا، سي مٿين مير صاحبن جي حڪومت جي احوال ۾ ڏنا ويا آھن.

ھن باب ۾ مٿين سڀني وزيرن جي حياتيءَ جو مختصر احوال يا سوانح عمري ڏني ويندي. مگر انهن جي احوال ڏيڻ کان اڳي وزيرن کان ھيٺ ڪن مکيه عملدارن جا نالا ڏينداسين جي مرحوم مير فيض محمد خان ۽ مير  امام بخش خان جي ڏينهن ۾ ھئا ۽ جن مان ڪي اڃا به آھن ۽ ٻين جي جاءِ تي جيڪي نوان ٿيا سي ھز ھائينس مير علي نواز خان جي حڪومت جي احوال ۾ ڏنا ويا آھن.

1.   ميان محمد پريل خان نائب وزير مير واهه ڊويزن جو، ميان محمد ابرھيم وزير جي وقت ۾ انگريز سرڪار کان ورتو ويو. دادو تعلقي جو ويٺل آھي ۽ ذات جو پنوھر آھي. ھن کان اڳي ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس ۾ مير منشي ھو.

2. بابو غلام محمد خان نائب وزير خيرپور ڊويزن جو، مرحوم خان بهادر قادر داد خان جي وقت کان رياست ۾ نوڪر ٿيو. اصل ضلع جلندھر چودرن جو ويٺل آھي. ذات جو اعواڻ آھي، پنجاب يونيورسٽيءَ جو بي اي آھي.

3. ملڪ شير دل جان رياست ۾ ناظم پوليس جو آھي، جو اڳوڻي ناظم مرزا نواز علي بيگ ولد مرزا محمد باقر بيگ گردي جي خرابي ڪري، وفات ڪرڻ تي انهيءَ جي جاءِ تي مقرر ٿي آيو. اڳي انگريز سرڪار جي ملڪ ۾ پوليس انسپيڪٽر ھو. ھو مشھور نومڙين جي خاندان مان آھي جو ڪوھستان جي ٿاڻي احمد خان جو ويٺل آھي. سندس وڏو ڀاءُ ملڪ صوبدار خان فرسٽ ڪلاس جاگيردار آھي. ھن سن 1823ع ۾ وفات ڪئي آھي، ڪوٽري سندن جاگير ۾ آھي. سندس ننڍو ڀاءُ شاھنواز خان انگريز سرڪار وٽ پوليس انسپيڪٽر آھي.

4. ميان گل حسن خان نائب وزير ڪئمپ شاھيءَ جو، جنهن کي ھميشه مير صاحبن جي خدمت ۾ رھڻو ٿو پوي. ھو شڪارپور جو رھاڪو آھي ۽  پٺاڻن جي دراني خاندان مان آھي. ھي نئين انتظام جي شروعات ۾ خان بهادر قادر داد خان جي زماني کان وٺي ھليو اچي ۽ وزير ميان محمد ابراھيم سان گڏ رياست مان نڪتو.

5.   ميان احمد رحمت اللھ متصدي جي عھدي تي رھيو. وڪالت جو امتحان پاس ڪيل ھوس. ڪراچي جو ويٺل ۽ ميمڻ ذات جو آھي. ھي به جھونو آھي ۽ مرحوم قادر داد خان جي زماني کان رياست ۾ نوڪر ٿي رھيو.

6. ميان محمد الياس ملٽري سيڪريٽري ھو ۽ ميان محمد ھارون جيلن جو سپرنٽينڊنٽ ھو. اھي ٻئي ميان محمد دائود جا پٽ آھن، جو وزير ميان محمد ابراھيم جو ڀاءُ ھو. اھي به وزير سان گڏ رياست مان نڪري ويا.

1- خان بهادر قادر داد خان جو احوال

ھو ڪاڪڙ  پٺاڻن جي خاندان مان ھو. سندس وڏا اصل قندھار کان آيل ھئا، جي اچي شڪارپور ۾ رھيا. سندس پيءُ ڏاڏو ٻئي سوداگر ھئا. سندس والد قندھار ۾ ڄائو ھو. ھو اڃا اٺن ورھين جو ھو ته سندس پيءُ ٻار ٻچا وٺي سنڌ ۾ آيو. اڳي گھڻا پٺاڻ سياري جي موسم ۾ قافلا ڪري ميوا ۽ پوستينون ۽ ٻيو مال کڻي شڪارپور مان لنگھي سنڌ ۾ ايندا ھئا ۽ گرميءَ جي موسم ۾ وري موٽي ويندا ھئا. انهيءَ طرح ھن جو پيءُ به آيو ھو. پنهنجو سڀ مال وڪڻي وطن ڏي موٽڻ جي بدران سودي ڪرڻ لاءِ دھليءَ ڏي روانو ٿيو ۽ ٻار ٻچا شڪارپور ڇڏي ويو، رستي ۾ چورن اچي ورايس. مال به ڦري ويس ۽ کيس به ماري وڌائون. انهيءَ وقت قادر داد خان  يتيم ٿي پيو. پي جي ملڪيت مان ڪن ٿورن سون رپين کان سواءِ ٻيو وٽس ڪين بچيو. ھن کي سندس والده ۽ سندس مامي رحمت خان پالي وڏو ڪيو ۽ پڙھايو. پندرھن ورھين تائين ھن پارسي پڙھي پوءِ گذران لاءِ نوڪري جو خيال ڪرڻ لڳو ۽ اٺين رپئي پگھار تي ھڪڙي سرڪاري آفيس ۾ دفتر بندٿيو، پوءِ محنت ڪرڻ ۽ پاڻ کي سڌارڻ جي اھڙي ڪوشش ۽ جانفشاني ڪيائين جو ٿورن ئي ورھين ۾ منشگيري جي درجن مان لنگھي مختيارڪار ٿيو. نَوَ ورھيه مختيارڪاري ڪيائين ۽ ھوشياري ۽ چالاڪي ۽ ايمانداريءَ جي ڪري ڏاڍو نالو ڪڍيائين، جنهن ڪري سندس آفيسر منجھانس نهايت خوش ٿيا. پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. ارڙھن ورھين ۾ ڊپٽي جي درجي ۾ به چڙھي پھرئين درجي کي پھتو. سن 1892ع ۾ کيس سي. آءِ . اي جو خطاب مليو. خان بهادر جو لقب ته اڳيئي مليو ھوس. سن 1894ع ۾ نوشھره جي ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تان رياست خيرپور ۾ وزير مقرر ٿيو، جڏھن مرحوم مير فيض محمد خان رياست جي گاديءَ تي ھو. رياست ۾ ھن کي اڳوڻي بندوبست جي بدران نئون بندوبست رکڻو ھو، تنهن ڪري پھرين گھڻي مشڪلات پيش آيس، پر پوءِ آھستي آھستي ڪري ھن سڀ ڪنهن کاتي ۾ نوان سڌارا ڪيا. اھڙا عمدا بندوبست رکيائين، جن جي نموني تي کانئس پوءِ ٻيا وزير ھلندا آيا ۽ جن جو چڱو نتيجو اڃا تائين معلوم پيو ٿئي. رستا واهه، پليون، اسڪول ۽ ٻيون ضروري ۽ ڪمائتيون سرڪاري عمارتون  جوڙايائين ۽ حڪومت جي سلسلي ۾ انتظام کي اھڙي پڪي پائي تي  بيھاريائين جو اڃا ھلندو اچي. پھرين تاريخ جنوري سن 1903ع ۾ جڏھن  دھلي ۾ درٻار ٿي ھئي، تڏھن پاڻ ھز ھائينس مير فيض محمد خان سان گڏ اُتي  ھو. ساڳئي سال جي مئي مھيني جي 31 تاريخ 57 ورھين جي عمر ۾ وفات ڪيائين، سندس نوڪري 32 ورھيه ھئي، کيس ٻه پٽ آھن، ھڪڙو غلام دستگير خان، جو بئريسٽر آھي ۽  سب ججيءَ جي عھدي تي آھي ۽ ٻيو غلام حسين خان، جنهن وڪالت جو امتحان پاس ڪيو آھي ۽ پھرين ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ ٿيو ۽ ھاڻي مختيارڪار آھي.[] قادر داد خان نهايت محنتي ۽ ايماندار ۽ ھوشيار ۽ آزمودگار ۽ ھر دلعزيز ماڻھو ھو. تمام نهٺو ۽ ميلاپي ھو ۽ احسان وسارڻ وارو نه ھو. ھن کي سندس مامي پالي وڏو ڪيو ھو، انهيءَ نظر ڪري ھو پنهنجي حياتي جي وقت ۽ انهن پنهنجي مامي جي  اولاد کي معقول تنخواھ ڏيندو  رھيو ۽ انهن جي شادين غمن جو خرچ پيءُ وانگي سمورو پاڻ ڪندو ھو، پنهنجي  ٻي غريب برادريءَ سان به ھميشه شادي غمي جي مجلسن ۾ شريڪ ٿيندو ھو ۽ انهن کي عزت ڏيندو ھو.  پاڻ فخر ۽ وڏائي ڪڏھن ڪا نه ڪيائين. ھو ديسي ھنرن جو مددگار ھو. نوشھري  ڊويزن  ۾ ڊيپوٽي ھو، تڏھن اُتي ڪنڊياري ۽ نوشھري ۾ ھنرن جا وڏا ڪارخانا جاري ڪيائين ۽ رياست ۾ به اچڻ شرط ساڳيا جاري ڪيائين، جي اڃا ھلندا اچن ۽ انهن مان ڪيترا غريب ماڻھو ڪاريگر ٿي نڪتا ۽  پنهجو چڱو گذران پيا ڪن. ھو ڏاڍو سخي ۽ فياض ھو  ھميشه بيواھ عورتن ۽ يتيم ٻارن کي مدد ڪندو ھو ۽ ماھوار پگھار ڏيندو ھو. رحمدل اھڙو ھو جو سندس خانگي نوڪرن يا پٽيوالن مان ڪو بيمار ٿيندو ھو ته انهيءَ جي  جاءِ تي وڃي انهن کان پڇندو ھو ۽ انهن جي دوا درمل جو بندوبست ڪندو ھو.

انگريز سرڪار وٽ سندس ايتري عزت ھئي جو ھڪ دفعي جڏھن بمبئي جو گورنر صاحب رياست ۾ آيو ھو، ۽ خان بيمار ھو ۽ ملاقات وقت حاضر نه ٿي سگھيو.  تڏھن گورنر صاحب جي بدران خير عافيت پڇڻ لاءِ ڪمشنر صاحب سرجيمس سندس خانگي جاءِ تي ويو ۽ سندس وڏي پٽ غلام دستگير خان کي اسڪول مان گھرائي سندس بدران درٻار ۾ ڪرسي تي ٻن صاحبزادن سان گڏ وھاريائون ۽ گورنر صاحب سان ملاقات ڪرايائون.

2- سردار محمد يعقوب خان جو احوال

ھو شيخ محمد اسماعيل جو وڏو پٽ ھو، جو فرسٽ بلوچي پلٽڻ ۾ ميجر صوبدار ھو ۽ ورھين جا ورھيه ملٽري کاتي ۾ نوڪري ڪري ۽ گھڻيون جنگيون ڏسي انهيءَ عھدي تي رسيو ھو ۽ پوءِ گھڻا ورھيه پينشن تي رھيو ۽ پير مرد ٿي وفات ڪيائين.

ھو اصل دکن جي ھڪڙي بني اسرائيل خاندان جو ھو، جو پوءِ مسلمان ٿيو. ھن دھليءَ جي ھڪ مغل خاندان مان شادي ڪئي ھئي ۽ کيس چار پٽ ھئا، جن مان وڏو محمد  يعقوب خان ھو. ھو 14 اپريل سن 1858ع ۾ ڄائو ھو ۽ سن 1875ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جو مٽريڪيوليشن امتحان پاس ڪيائين ۽ سنڌ جي سڀني شاگردن کان مٿي آيو. 20 جون سن 1876ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڪلارڪ ٿي داخل ٿيو ۽ پوءِ درجي به درجي چڙھي مختيارڪار ٿيو. ڊپارٽمينٽ امتحان پاس ڪري 23 مئي سن 1891ع ۾ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيو. تمام چڱي نوڪري ڏيڻ ڪري جنوري سن 1898ع ۾ سرداريءَ جو لقب مليس ۽ جنوري سن 1900ع ۾ سي. آءِ. اي جو خطاب مليس. سن 1901ع جي اپريل ۾ ھو ٿرپارڪر جو ڊيپوٽي ڪمشنر ٿيو ۽ ساڳي سال جي ڊسمبر مھيني ۾ ڪالنائزيشن آفيسر جمڙائو ڪئنال جو مقرر ٿيو. سن 1903ع ۾ خان بهادر قادر داد خان جي وفات ڪرڻ تي، رياست خيرپور جو وزير مقرر ٿيو ۽ اتي جي ملڪي انتظام ۽ ٻين ڪمن ۾ گھڻا سڌارا ڪيائين ۽ جيڪي ڪم اڳوڻي خان بهادر اڻ پورا ڇڏيا ھئا، سي پورا ڪيائين. خيرپور ۾ انگريزي اسڪول ۽ بورڊنگ ھائوس جاري ڪيائين ۽ ميرواهه جي پل وارو رستو ۽ فيض محل ۽ ٻيون چڱيون عمارتون جوڙايائين.  سن 1904ع ۾ ھو سنڌ جي طرفان بمبئي جي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو يو ۽ سنڌ جي ماڻھن کي عام طرح ۽ زميندارن کي خاص طرح ڪيترا فائدا پھچايائين. ڍاڪا جي محمدن ايڊوڪيشنل ڪانفرنس ۾ پريزيڊنٽ چونڊيو ويو ھو. ڪراچيءَ ۾ به ايڊوڪيشنل ڪانفرنس ٿيڻ لاءِ نواب محسن الملڪ بهادر سان لکپڙهه ڪئي ھئائين، مگر عمر وفا نه ڪيس، تنهن ڪري جڏھن اھا ڪانفرنس اتي ٿي تڏھن انهيءَ ۾ حاضر نه ھو، مگر ڪانفرنس سندس وفات جي نسبت ۾ افسوس ۽ معذرت جو ھڪڙو ٺھراءُ پاس ڪيو. 24 جنوري  سن 1907ع ۾ اوچتو دل جي بيماريءَ کان خيرپور ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس لاش حيدرآباد ۾ آڻي دفن ڪيو ويو. ھن جيڪا نوڪري انگريز سرڪار وٽ يا رياست ۾ ڪئي تنهن جي ڪري ھو ھر دلعزيز ٿيو ۽ سرڪار وٽ ھن جو ايترو قدر ۽ مان ھو جيترو خان بهادر قادر داد خان جو ھو.

سردار محمد يعقوب ڏاڍو ھوشيار، چالاڪ، تجويز ۽ جرئت وارو ۽ چڱي طبيعت وارو ماڻھو ھو. سڀ ڪم ايمانداريءَ ۽ ھوشياريءَ سان ڪندو ھو ۽ خلق جو خير  خواهه ھوندو ھو. ھن کي ھڪڙو پٽ محمد سليمان نالي ھو جو جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو ۽ ٻيو ننڍو پٽ محمد لقمان نالي اٿس جو اسڪول ۾ پڙھي پيو. سورت ۾ نوابن جي ڪنهن خاندان مان شادي ڪئي ھئائين، جنهن مان اھو پويون پٽ حيات اٿس. کيس ٽي ڀاءُ ھئا. ھڪڙو ميان محمد دائود جو پينشنر پوليس انسپيڪٽر ھو ۽ ھاڻي تازي وفات ڪيائين. ٻيو ميان محمد يوسف جو ڀاءُ ھوس، جو مختياريءَ جي عھدي تي ھو ۽ انهيءَ به جوانيءَ ۾ وفات ڪئي، ٽيون ڀاءُ ميان محمد ابراھيم ھوس جو پريندي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو ۽ پوءِ شيخ صادق علي جي وفات کان پوءِ خيرپور جو وزير ٿيو ۽ ڪن ورھين کان پوءِ موڪل تي ويو. سردار مرحوم جي انهن سڀني ڀائرن کي به گھڻو اولاد آھي.[]

3- خان بهادر شيخ صادق علي صاحب جو احوال

شيخ صادق علي صاحب شيخ شير علي جو پٽ ھو، جو انگريز سرڪار جي نوڪريءَ ۾ دفتر دار ٿي گذريو. ھو انصاري خاندان مان ھو جو چوٽيھين پيڙھي سان خواجھ عبداللھ انصاريءَ سان وڃي ٿي لڳو. ھن جا وڏا انبهٽ ضلع سھارنپور جا ويٺل ھئا، پوءِ شڪارپور ۾ اچي رھڻ لڳا. سندس چاچو شيخ جعفر علي مرحوم مير علي مراد خان وٽ وزير ھو، جنهن  جو ذڪر مير صاحب موصوف جي حوال ۾ آيو آھي ۽ جنهن جا پٽ شيخ ھدايت علي ۽ شيخ ممتاز علي ھئا. شيخ صاحب مئٽرڪيوليشن امتحان پاس ڪري 17 آڪٽوبر 1873ع جي سرڪاري نوڪريءَ ۾ منشي ٿي داخل ٿيو. 7 ڊسمبر 1881ع جي مختيارڪار ٿيو ۽ ڊپارٽمينٽ امتحان پاس ڪري 12 مئي سن 1888ع جي  ڊپٽي ڪلڪٽر ٿيو. 11 مئي سن 1907ع جي رياست خيرپور جو وزير مقرر ٿيو. سن 1911ع ۾ ھن کي خان، بهادريءَ جو خطاب مليو. رياست ۾ فيض امام لئبرريءَ جو جيم خاني جو بنياد وڌائين ۽ ٻيا گھڻا تعليمي ۽ قومي فائدي جھڙا ڪم ڪيائين. ڪوٽڏيجي ۾ خانگي شاھي محل ٺھرايائين. ڪراچيءَ ۾ ھڪڙو وڏو بنگلو خريد ڪري رياست جي ڪم لاءِ ۽ ھز ھائينس مير صاحب جي رھڻ لاءِ تيار ڪرايائين. 19 اپريل سن 1912ع ۾ لاھور ۾ وفات ڪيائين، جتي بيماريءَ جي سبب علاج لاءِ ويو ھو. سندس لاءِ اتان آڻي شڪارپور ۾ علوين جي مقام ۾ دفن ڪيائون. کيس ھيٺيان پنج پٽ آھن. شير علي، مظھر علي، محمد علي، احمد علي ۽ غلام لقمان انهن مان وڏو شيخ شير علي خان ھيڊمنشي ۽ محالڪار ۽ مختيارڪار ٿيو ۽ ھاڻي رياست ۾ نائب وزير آھي.  ٻيو شيخ مظھر علي  ولايت مان پڙھي آيو آھي. کين گھڻي زمين آھي، جنهن جي ھو سنڀال ڪن ٿا. مرحوم شيخ صادق علي خان بهادر قادر داد خان جي زيردستي ۾ ڪلارڪ ٿي رھيو ھو،  جڏھن خان جيڪب آباد ۾ ڊپٽي ڪلڪٽر ھو. انهن جي سنگت مان جن گھڻائي گڻ پرايا. انهيءَ وانگر ھو ننگ پرور، ساده لباس، ساده طبع، ايماندار، سچو خداپرست، فياض ۽ خلق جو خير خواھ ھو.  پاڙي وارن غريب عزيزن ۽ ٻين سان شادي غميءَ ۾ شامل ٿيندو ھو، بلڪه پاڻ ھنن سان گڏجي ڪم ڪندو ھو. انهيءَ ڪري ھو ھر دلعزيز ھوندو ھو. تنهن کان سواءِ ھو نمازي  ۽ شريعت تي قائم ھوندو ھو ۽ دين مذھب مان چڱو واقف ھو ۽ مذھبي تعليم پکيڙڻ ۾ گھڻي مدد ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ جيڪا آل انڊيا محمدن ايڊوڪيشنل ڪانفرنس ٿي ھئي سا سندس وقت ۾ ٿي، جڏھن پاڻ رياست ۾ ھو ۽ انهيءَ جي ڪم ۾ گھڻي مدد ڏنائين.[]

4- خان صاحب ميان محمد ابراهيم صاحب جو احوال

ميان محمد ابراھيم سردار محمد  يعقوب خان جو ننڍو ڀاءُ آھي. ھو 4- نومبر سن 1874ع ۾ ڄائو ھو. بمبئي يونيورسٽي جو مئٽرڪيوليشن امتحان پاس ڪيو ھئائين. 4 جنوري 1901ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو. ھو پنهنجي ڀاءُ سردار محمد يعقوب خان سان گڏ رھي سنڌ ۾ توڙي  بمبئي ۾ پليگ ۽ ٻين سرڪاري ڪمن ۾ آزمودو حاصل ڪري پاڻ کي اھڙو لائق ڪيائين جو سرڪار مھرباني ڪري ھن کي ھڪدم آزمائشي طرح مختيارڪار ڪيو. ڊپارٽمينٽل امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ 13 جون سن 1902ع  تي انهيءَ عھدي تي پڪو ڪيو ويو. سن 1906ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. 1912ع جي مئي مھيني جي 22 تاريخ مرحوم شيخ صادق علي جي جاءِ تي رياست خيرپور جو وزير مقرر ٿيو ۽ سن 1919ع ۾ مير صاحب مير امام بخش سان ناسازيءَ جي ڪري موڪل وٺي وزيري ڇڏي ويو. ھن صاحب پنهنجي وزيريءَ جي عرصي ۾ گھڻا وڌيڪ سڌاري جا ڪم ڪيا. شھر ۾ ھن ڪي نيون سڙڪون ۽ عمارتون ۽ مسجدون ٺھرايون، جي شھر جو سينگار  آھن. رياست جي ٻاھران آيلن عملدارن جي رھڻ لاءِ چڱيون جايون ٺھرايائين جتي ھو معقول مسواڙ ڏئي آسودا ٿا گذارين. اڳي ڪچيون جايون به مشڪل سان مسواڙ تي ملنديون ھيون. لوهه جو ڪارخانو به چڱو چالو ڪيائين، جنهن ۾ رياست جا غريب يتيم ڇوڪرا ۽  وڏي ميعاد وارا قيدي ڪم پيا ڪن. ۽ ولايتي نموني جا لوهه جا ڪم ٿا ٿين، جن لاءِ اڳي رياست کي ھزارين رپيا خرچي ٻاھر ماڻھو موڪلڻا ٿيندا ھئا. ھاڻي ته پاڻ ٻاھرين ڪارخانن جي سامان ٺھرائڻ لاءِ آرڊر ايندا آھن. ڪوري خانن ۾ نوان آڏاڻا جاري ڪرايا ويا. آبادي جي ڪم ۾ به ترقي ٿي جو عمدو اناج، ٻج لاءِ ٻاھران گھرائي ھارين کي ڏبو ھو ۽ خيرپور جي ويجھو ھڪڙو فارم کوليو ويو آھي، جنهن ۾ چڱيون چڱيون جنسون آزمائش لاءِ پوکجن ٿيون ۽ زميندار اھي اچي ڏسن ٿا. بٽائي جو بندوبست اھڙو سڌريل رکيائين جو تغلب جو امڪان ڪونهي. واھن مان خاص ڪري ميرواهه جو ھيڊ ريگيوليٽر  تمام جلد ٺھرايائين، جنهن ڪري پھرئين ئي سال ۾ خلق کي چڱو فائدو پھتو. گھڻيون مھاڙيون شڪار گاھن کان آزاد ٿي آبادي ھيٺ آيون. ملٽري کاتي ۾ به گھڻو سڌارو ٿيو ڪيڊٽ ڪور جو بندوبست ڪيائين، جيم خانو قائم ڪيائين، زناني اسپتال چڱي جوڙايائين، بجلي جي بتين ۽ پکن جو عام بندوبست ڪيائين، جو اڪثر سرڪاري جاين ۾ جاري ٿيو. انگريزي اسڪول جو درجو وڌائي ھاءِ اسڪول ڪرايائين. ھن جي ڏينهن ۾ انجمن حمايت اسلام لاھور کي ھزار رپيا امداد مليو ۽ سن 1919ع ۾ آل انڊين محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس خيرپور ۾ ٿي، جنهن جو بندوبست تمام عمدو ھو ۽ ھندستان جي جدا جدا ڀاڱن مان ماڻھو آيل ھئا.

ميان محمد ابراھيم خان کي چار پٽ آھن، محمد اسلم، محمد اعظم، محمد اڪرم، محمد آسام، سندس وڏو پٽ ڪراچي ڪاليج ۾ پڙھندو آھي ۽ انهيءَ کان ننڍو ھاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪيوليشن لاءِ پڙھي ٿو ۽ خيرپور ڪيڊٽ ڪور جو ڪپتان ھو.

5- شيخ محمد قادر صاحب جو احوال

شيخ محمد قادر صاحب تاريخ 12 جون سن 1976ع جي تولد ٿيو ھو. ھو اصل سورت شھر جو ويٺل آھي، بمبئي  يونيورسٽيءَ ۾ بي. اي ۽ ايل ايل بي امتحان پاس ڪيائين ۽ 27 تاريخ اپريل 1901ع ۾ سرڪاري نوڪري شروع ڪيائين 7 سن 1911ع تائين لوڻ جي کاتي، پوليٽيڪل کاتي ۽ روينيو کاتي ۾ ننڍيون نوڪريون ڪيائين ۽ ائڪٽنگ ڊپٽي ڪلڪٽر به ٿيو. جولاءِ 1904ع ۾ بدلي ٿي سنڌ ۾ آيو ۽ اتي پھرين مختيارڪار، پوءِ ڪمشنر صاحب جو مير منشي ۽ پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ پوءِ نيٽو  اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو. جون سن 1912ع ۾ موڪل تي ويو. سن 1915ع ۾ بمبئي سرڪار جو اورينٽل ٽرانسليٽر مقرر ٿيو ۽ اتان 15 جولاءِ سن 1920ع ۾ رياست خيرپور جو وزير مقرر ٿي آيو، جنگ ۾ خدمتگذاري لاءِ ھن کي ايم بي اي جو لقب مليو. يعني ميمبر آف برٽش ايمپائر.

رياست ۾ مير صاحب به نئون والي ٿيو ۽ وزير به نئون ٿيو، جنهن کي مير صاحب پسند ڪري پاڻ وٽ آندو آھي. ٻئي تعليم يافته ، ۽ ھوشيار ۽ آزمودگار آھن. اڳيئي  حڪومت جي سڌارڻ جو ڪم ھٿ ۾ کنيو اٿن ۽ ڪي سڌارا ڪيا اٿن، جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي. وڌيڪ سڌارا ھي به ٿيا آھن.

سن 1921ع جي مارچ جي پھرين تاريخ ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جو بندوبست پھريون دفعو رياست ۾ جاري ڪيو ويو، ۽ انهيءَ ڪم لاءِ رجسٽرار جو عھدو مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عھديدار کي حيدرآباد ڏي روانو ڪيو ويو  ته خان بهادر عظيم خان اسسٽنٽ رجسٽرار اِن سنڌ جي نظر ھيٺ ڪم سکي اچي. پھرين ڪوآپريٽو سوسائٽي 19 مارچ جي ٺري ۾ قائم ڪئي وئي ۽ سگھو ئي پوءِ خيرپور ۾ به قائم ڪئي وئي ۽ پوءِ سال جي اندر ٽيهه ٻيون سوسائٽيون به جاري ٿيون.

خيرپور ۾ ورھين کان پيئڻ جي پاڻيءَ جو گھڻو اھنج ھو. انهيءَ جي دور ڪرڻ لاءِ ھاڻوڪي وزير صاحب جي ڏينهن ۾ نلڪن جاري ڪرڻ جو بندوبست جاري ڪيو ويو آھي، جنهن تي  ساليانو خرچ اٽڪل پنج ھزار رپيا ٿيندو.

اصل ماڙي شاخ 16 ميل ھئي جا پوري طرح پاڻي پھچائي نه سگھندي  ھئي، جنهن جي يارھن ميلن ۾ ڦڙيٽائي ساڍا ارڙھن ميل ناپٽ ڪڍي ساري زمين کي آباد ڪيو ويو آھي، جن ٻنهي ڀاڱن کي گڏي علي نواز واهه سڏڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جي ڊيگهه اٽڪل 30 ميل ٿيندي، علي نواز واهه تي خرچ اٽڪل ھڪ لک رپيا ٿيو آھي.

آبادي وڌائڻ لاءِ واھن جون گھڻيون نيون شاخون ڪڍيون ويون آھن، جن جي ڊگھائي اٽڪل پنجويهه ميل ٿيندي.

صاحبزادي مير فيض محمد خان جي تعليم ۽ سنڀال لاءِ ولايت مان ھڪڙي فرنيچ ليڊي ميڊ مئازل ڊفلو نالي گھرائي ويئي آھي، جنهن کي اٽڪل ھڪ ھزار رپيا  پگھار ۽ کاڌو  وغيره لاءِ ملي ٿو.

سيشن ۽ ڊسٽرڪٽ جج جي جاءِ نئي کولي ويئي، جنهن تي مسٽر امداد علي قاضي بئرسٽر، جو اڳي  حيدرآباد ضلعي جو سب جج ھو، تنهن کي رکيو ويو آھي. مير واھ ڊويزن جي لاءِ به ھڪڙو ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ نئون مقرر ڪيو ويو آھي.

مير الھداد خان جي وفات ڪري پنج جاگيرون موٽائي ورتيون ويون ۽ سندس پس ماندن کي مناسب گذران لاءِ ھڪڙي جاگير ۽ پينشن مقرر ڪيل آھي.  گذريل سال کان اٽڪل اٺ ھزار ايڪڙ زمين وڌيڪ آبادي ھيٺ آئي. اميد ڪجي ٿي ته اڳتي به ٻيا سڌاري جا ڪم ڪندا رھندا، جنهن ڪري ملڪ جي توڙي اُتي جي ماڻھن جي حالت بهتر ٿيندي ويندي.


[]  انهن منشين مان منشي اُتم چند سان منهنجي گھڻي معرفت ھئي، خاص ڪري ان وقت جڏھن ھو گوشه نشين ٿيو. مون کي به شعر جو شوق ھو ۽ ھن کي به، ھڪ ٻئي کي پنهنجو شعر ڏيکاريندا ھئاسين. ھن جي صحبت مون کي گھڻي پسند ھئي، ھو ڏاڍو قابل ۽ ھوشيار ماڻھو ھو. جيڪو ھندو ماڻھو پارسي ۽ عربي ۾ اھڙو قابل ٿورو ھوندو، خاص ڪري سنڌ ۾.

[]  مرحوم قادر داد خان سان منهنجي گھڻي قدر واقفيت ھئي جو ھو گھڻا ڏينهن منهنجي مامي مرزا علي محمد بيگ، ڊپٽي ڪليڪٽر ھيٺ مختيارڪار ٿي رھيو ھو. جڏھن کان نوشھري ڊويزن مان وزير مقرر ٿي ويو، تڏھن آئون سندس جاءِ تي نوشھري ۾ مقرر ٿيس. اگرچه سندس ھوندي منهنجو خيرپور وڃڻ نه ٿيو تڏھن به ٻين گھڻن ھنڌن تي گڏيا ھئاسون ۽ ھڪ ٻئي سان سرڪاري ۽ خانگي ڪمن ۾ صلاح مصلحت وٺندا ھئاسين. اسان جو پاڻ ۾ اھڙو دوستيءَ جو رشتو ھو جو مير فيض محمد خان جي ساڻس  ناسازي ٿيڻ تي جڏھن مير صاحب مون کي وزير ٿيڻ لاءِ چيو، تڏھن منهنجي ناڪار ڪرڻ جو ھڪڙو سبب اھو به ھو.

[]  سردار محمد يعقوب منهنجو عزيز  ھو، ھن طرح ته سندس ھمشيره منهنجي گھر ۾ ھئي، پر انهيءَ کان اڳي ننڍي ھوندي کان اسان جي پاڻ ۾ دوستي ھئي. بلڪه سندس والد جو منهنجي والد سان گھڻو رستو ھو. شاديءَ وقت اسين ئي مختيارڪار ھئاسين، تنهن کان پوءِ ته اڳي کان زياده واقفيت ۽ گھرائي ٿي. حقيقت ڪري ھو نهايت چڱو  ۽ نيڪ ۽ چڱي دل وارو ماڻھو، خلق جو خير خواهه، قابل، ھوشيار، چالاڪ ۽ ايماندار ماڻھو  ھو، جنهن ڪري ھو وسرڻ جو ناھي.

[]  مرحوم شيخ صادق علي صاحب منهنجو ننڍي ھوندي جو سنگتي ھو. اسين ٻئي ھاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ گڏ پڙھياسين ۽ مئٽرڪيوليشن امتحان ۾ به گڏ ھئاسين پوءِ ھن وڃي نوڪري ڪئي ۽ آئون ڪاليج ۾ داخل ٿيس. نوڪريءَ ۾ به اڪثر پيا گڏبا ھئاسين ۽ ھڪ ٻئي سان صلاح مصلحت ڪندا ھئاسين، پاڻ جيڪب آباد ۾ ڊپٽي ڪلڪٽر ھو، تڏھن مون وڃي کانئس اھا چارج ورتي. سندس ھوندي به  منهنجو خيرپور ۾ وڃڻ ٿيو ھو ۽ ھڪ ٻه ڏينهن اتي گڏ گذاريا ھئاسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org